ارسلان سلطان پڇيس ته ”تون ڪير آهين، ۽ ڪهڙو ڪم
ڪندو آهين؟“ قيديءَ جهڪي آواز سان جواب ڏنو ته
”آءٌ اوهان صاحبن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته آءٌ
ڪي به ڪين آهيان. هڪڙو غريب ماڻهو آهيان.“
سوال: ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟
جواب: حضور، آءٌ شاعر آهيان، جيڪي فرمايو
سو ڪريان.
ترڪمانن مان هڪڙي بدمزاج شخص هڪل ڪري چيس
ته ”شاعر! اهو ڪهڙي ڪم ايندو؟“ ارسلان سلطان ڪاوڙ
۾ چيو ته ”ڪنهن ڪم نه ايندو ڏهه تومان
به نه لهندو. شاعر هميشه غريب مفلس هوندا آهن ۽
جيڪي ٻين کان ڇڏائي سگهندا آهن، انهيءَ تي گذران
ڪندا آهن. شاعر کي ڪير پيسا ڏئي ڇڏائيندو؟“ پوءِ
ارسلان سلطان هن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”جي تون
اهڙو غريب آهين ته توکي اهي قيمتي ڪپڙا ڪٿا آيا؟“
هن ورندي ڏني ته ”شيراز جي شاهزادي جي لاءِ هڪڙو
مدح جو قصيدو لکيو هوم، تنهن مون کي هڪڙي خلعت
انعام ڏني هئي، هي انهيءَ جو ڀاڱو آهي.“ تنهن تي
اهي ڪپڙا هن کان لهرائي ورتائون ۽ انهن جي عيوض ۾
هڪڙي رڍ جي کل جي پوستين ڏيئي في الحال روانو
ڪيائونس پوءِ هو بندرو شخص آيو.
سردار پڇيس ته ”تون ڪير آهين ۽ ڌنڌو ڪهڙو
اٿئي؟“
هن جواب ڏنو ته ”آءٌ هڪڙو غريب قاضي
آهيان.“
سردار چيس ته ”جي تون غريب آهين ته عمدي
هنڌ تي ڪيئن ستو پيو هئين؟ ڪتي جا پيءُ، جي تون
ڪوڙ ڳالهائيندين ته اسين سسي لاهينداسين. سچ چئو
ته تون پيسي وارو آهين نه؟ سڀ قاضي دولتمند آهن ۽
جيڪو کين گهڻي رشوت ڏيندو آهي، انهيءَ جي فائدي ۾
فيصلو ڪندا آهن.“ قيديءَ چيو ته ”حضور، آءٌ گلادون
جو قاضي آهيان. حاڪم مون کي اصفهان ۾ موڪليو آهي
ته جا ديهه منهنجي حوالي ۾ هئي تنهن جو محصول حساب
ڪري ڏيان. ”ارسلان چيو ته ”محصول جا پيسا ڪٿي
آهن؟“ قاضيءَ ورندي ڏني ته ”آءٌ هتي ائين چوڻ لاءِ
آيس ته مون کي ڪو پيسو ڏيڻو ڪونهي، جو منهنجي
گذريل سال جو سڀ فصل مڪڙ چٽ ڪري ويا ۽ پاڻي به گهٽ
هو.“ اتي جماعت مان
هڪڙي چيو ته
”پوءِ نيٺ هن شخص مان ڪيترو نڪرندو؟“ سردار چيو ته
”جهجوئي نڪرندو. جي سچ پچ هو چڱو قاضي هوندو، ڇا
لاءِ ته انهيءَ صورت ۾ ڪڙمي ماڻهو خواهشمند هوندا
ته هي موٽي وٽن وڃي. پر جي نه، ته پوءِ هڪڙو دينار
به نه لهي. هن کي رکنداسين، شايد هي ڪنهن سوداگر
کان به وڌيڪ لهي. پر ڏسون ته هي ٻيو ڪيتري ۾ آهي.“ تنهن کان پوءِ هنن انهيءَ شوخ چشم ماڻهوءَ
کي آندو ۽ ارسلان سلطان دستور موجب پڇيس ته ”تون
ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟“
هن شوخيءَ سان جواب ڏنو ته ”آءٌ فراش
آهيان.؟“ هي ٻڌي، سڄيءَ جماعت رڙ ڪري چيو ته
”فراش، فراش! هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“ وري هن منجهان
هڪڙي چيو ته ”اهڙي عمدي هنڌ تي ڪيئن ٿي ستين؟“ هن
ورندي ڏني ته ”اهو منهنجو نه هو. اهو منهنجي رئيس
جو هو.“ تڏهن سڀني هل ڪري چيو ته ”ڪوڙ ٿو ڳالهائي،
ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هي سوداگر آهي. تون سوداگر آهين،
قبول ڪر نه ته قتل ٿا ڪريونءِ.“
هن ويچاري گهڻوئي چيو ته آءٌ رڳو فرش
وڄائيندڙ آهيان، پر ڪنهن اعتبار ڪين ڪيس ۽ چوڌاري
ايترا ڌڪ لڳي ويس، جو نيٺ لاچار ٿي دانهن ڪري
چيائين ته ”هائو، هائو، آءٌ سوداگر آهيان.“ پر، مون هن جي مهانڊي ۽ شباهت مان سمجهيو
ٿي ته هو سوداگر ڪين هو، ۽ جيڪي پاڻ قبول ٿي
ڪيائين سو هو. مون پنهنجن سنگتين کي خاطري ڏني ته
انهيءَ مان اوهان جو ڪوبه ڪارجه نه سرندو ۽ صلاح
ڏني مان، ته ڇڏي ڏيانس. پر انهيءَ دم اٽلندو
منهنجي سر تي هزارن گارين ۽ لعنتن جو وسڪارو ٿيو ۽
مون کي چيائون ته ”جي تون پنهنجين هم وطن ماڻهن جي
طرفداري ڪندين ته توسان اهڙي ساڳي جٺ ڪئي ويندي ۽
توکي وري به قيدي يا غلام ٿيڻو پوندو.“ لاچار مون
کڻي ماٺ ڪئي، سوچيم ته هنن بدمعاشن کي جيڪي وڻي،
سو ڀلي ڪن.
ماڻهو چورائڻ جو آَزمودو جو هنن ورتو هو
سو جڏهن اهڙو بدقسمت ثابت ٿيو، تڏهن هو پنهنجن هن
چڙهيءَ تي البت رنج ٿيا ۽ پاڻ ۾ مختلف رايا ڏيڻ
لڳا ته ”ههڙن نڪمن قيدين کي ڇا ڪجي؟“ ڪن جي راءِ
هئي ته قاضيءَ کي رکجي. شاعر ۽ فراش کي ماري ڇڏجي.
ڪن چيو ته قاضيءَ کي فديي جي رقم ڪڍڻ لاءِ سلامت
رکجي ۽ فراش کي غلام ڪجي، پر شاعر جي نسبت ۾ سڀني
جي راءِ هئي ته مارجيس.
مون کي هن ويچاري جي لاءِ ڏاڍو ارمان ٿيو
۽ مٿس گهڻو رحم آيو، ڇا لاءِ جو حقيقت ڪري هن جي
هلت چلت ۽ ادب اخلاق مان هو ڪو سکر ماڻهو ٿي ڏٺو،
جيتوڻيڪ غريبيءَ جو عذر ڏنو هئائين. جڏهن ڏٺم ته
هن جي لاءِ هي تمام سختي ڪندا، تڏهن مون هنن کي
چيو ته ”هي اوهين ڪهڙي بي عقلي ٿا ڪريو جو شاعر کي
ٿا قتل ڪريو؟ اهو ته ڄڻ ڪڪڙ کي سونن آنن سميت ٿا
ڪهو: اوهان کي خبر ڪانهي ڇا ته ڪڏهن ڪڏهن شاعر
پيسن وارا ٿيندا آهن ۽ جي چاهين ته ڪنهن به وقت
دولتمند ٿي سگهن ٿا، ڇا لاءِ جو هنن جي دولت سندن
مغز ۾ آهي. اوهان انهيءَ بادشاهه جي ڳالهه نه ٻڌي
آهي جنهن هڪڙي مشهور شاعر کي هر هڪ بيت لاءِ سون
جو هڪڙو مثقال
ڏنو هو. هاڻوڪي بادشاهه جي به اهڙي ساڳي ڳالهه نٿا
ڪن ۽ ڪهڙو شڪ ته هي پاڻ بادشاهه جو شاعر يا ملڪ
الشعراءِ هجي.“
تڏهن ترڪمانن مان هڪڙي چيو ته ”ائين آهي
ڇا؟ تڏهن ڇڏيوس ته هينئر ئي اسان جي لاءِ شعر
ٺاهي، پوءِ جي سندس هر هڪ بيت مثقال پيدا نه ڪري
ته پوءِ کڻي مارجيس.“
اتي سڄي جماعت فائدي جي لالچ تي خوش ٿي
شاعر کي چيو ته ”شعر ٺاهه، جي نه ٺاهيندين ته زبان
ڪپي ڇڏينداسونءِ.“
نيٺ
اهو ٺهراءُ ٿيو ته ٽيئي قيدي جيئرا رکجن ۽ لٽ جي
مال ورهائڻ کان پوءِ قبچاق جي ميدان تي موٽي هلي
گڏ ٿجي.
تنهن کان پوءِ ارسلان اسان سڀني کي سڏي گڏ
ڪيو ۽ هر هڪ جيڪي چورايو هو، سو سڀن کي ڪڍي پيش
ڪرڻو هو: ڪن چانديءَ جون ڳوٿريون آنديون ۽ ڪن سون
جون. رڳو ناڻو به هنن نه آندو هو، پر حقي جي نڙن
جا سون جا منهن، چانديءَ جو ڪونرو ڪارو ريشمي
زنانو پائجامو، شالون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اسان
جي اڳيان آندائون. جڏهن منهنجو وارو آيو، تڏهن مون
تمام ڳري تومانن جي ڳوٿري ڪڍي آڻي ڏني. اهڙي ڳري
ٻئي ڪنهن ڪين آندي هئي. اها ڏسي سڄي جماعت منهنجي
تعريف ڪرڻ ۽ مون کي آفرين ڏيڻ لڳي. سڀني مون کي
چيو ته ”شاباس، حاجي! هاڻي هي چڱو ترڪمان ٿيو آهي:
اسين پاڻ به جيڪر هن کان وڌيڪ هوشياري نه ڏيکاري
سگهون. ”خصوصن منهنجو رئيس ته منهنجي واکاڻ مان
ڍاپيو ئي نه ٿي. چوڻ لڳو ته ”پٽ، حاجي، مون کي
پنهنجي جان جو قسم آهي، پنهنجي پيءُ جي سر جو قسم
آهي ته تو ڏاڍو بهادريءَ جو ڪم ڪيو آهي. آءٌ
پنهنجي هڪڙي ٻانهي توکي پرڻائيندس. تون اڳتي اسان
سان ئي گڏ رهندين. توکي خلاصو پنهنجو تنبو ملندو ۽
ويهه رڍون به. اسين شاديءَ جي مجلس ڪنداسين ۽
پنهنجن منزلگاهه جي سڀني رفيقن ۽ شريڪن کي ماني
کارائينداسين.“
اهي ڳالهيون منهنجي دل ۾ ڏاڍيون ڄمي ويون
۽ انهيءَ ڪري پاڻ منهنجو ارادو پڪو ٿيو ته جيڪو
پهريون ئي وجهه ملندم، انهيءَ تي ڀڄي ويندس. پر
انهيءَ وچ ۾ مون کي لٽ جي مال جي ورهاڱي جي گهڻي
ڳڻتي هئي جو اميد هئم ته انهيءَ جو مون کي وڏو حصو
ملندو. پر، افسوس جو هنن مون کي رڳو هڪڙو دينار
ڏنو. گهڻيون ئي دانهون ڪيم، گهڻيون ئي منٿون ڪيم،
پر جواب رڳو اهوئي مليو ته ”جي وڌيڪ ڪڇندين ته سسي
ڏاري ٻه اڌ ڪري ڇڏينداسونءِ.“ تنهنڪري لاچار ٿي
ماٺ ڪري پنهنجن اصلوڪن پنجاهن مهرن تي راضي ٿي
ويهي رهيس، ۽ منهنجا سنگتي، سي پنهنجن حصن تي پاڻ
۾ پئي وڙهيا. نيٺ اچي منجهن جهيڙو جهڳڙو متو ۽ ذري
گهٽ خونريزي ٿي هئي. پر اوچتو انهن مان هڪڙي جي دل
۾ خيال اچي پيو، تنهن چيو ته ”اسان وٽ هڪڙو قاضي
آهي، پاڻ ۾ وڙهون ڇو؟ اهو اسان جو تڪرار فيصل
ڪندو.“
پوءِ هڪدم انهيءَ ويچاري قاضيءَ کي آڻي وچ
۾ ويهاريائون ۽ مال بابت قاعدي موجب تقسيم ڪرڻ
لاءِ چيائونس. اهو مال جنهن جو ڀاڱو اصل سندس
ملڪيت به هو ۽ انهيءَ فيصلي ڪرڻ لاءِ اجوري طرح ڪي
به ڪين ڏنائونس.
باب ستون
حاجي بابا جي همدردي ۽ شاعر عسڪر جو احوال
جنهن رستي کان اسين آيا هواسين، انهيءَ
ساڳي رستي کان اسين موٽي وياسين، پر اهڙو تکو پنڌ
نه ڪيوسين، ڇا لاءِ جو اسان سان قيدي هئا. اهي
ڪڏهن پيادا ٿي هليا ۽ ڪڏهن گهوڙن تي.
شاعر جي ظاهري صورت اهڙي هئي جنهن تي پرند
ئي مون کي گهڻو قياس ٿي آيو ۽ سندس مصيبت ۾ ساڻس
گهڻي همدردي ٿي. آءٌ پاڻ به ٿورو گهڻو پڙهيل هوس،
تنهن ڪري شايد خود نمائيءَ جي خيال سان ارادو ٿيم
ته هڪڙي علم واري ماڻهوءَ جو مصيبت ۾ حامي ۽
مددگار ٿيان. ظاهري ته هن جي طرفداري ڪانه ٿي ڪيم،
تنهنڪري تجويز اهڙي ڪيم جو هنن مون کي هن جي مٿان
چاري يا نگهبان مقرر ڪيو. عذر اهو ڏنم ته آءٌ هن
کي زور ڪري شعر ٺهرائيندس. اسين ٻئي جو پاڻ ۾
همزبان هئاسين. سو پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪٻئي کي سڀ
احوال ڏئي وٺي سگهياسين ٿي، ۽ ڪنهن جو به اسان ۾
شڪ ڪونه ٿي پيو. مون پنهنجي سڄي حقيقت هن کي
ٻڌائيم ۽ چيومانس ته ”منهنجو ارادو آهي ته ڀڄي
وڃان. ”اها به خاطري ڏني مانس ته ”جيترو هن کان ٿي
سگهيو اوترو سندس فائدي لاءِ ڪوشش ڪندس.“ جتي هن
کي سختيءَ جو ڊپ هو، اتي هيتري مهرباني ۽ مروت ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو. جڏهن مون ۾ اعتبار ڄميس تڏهن
آزادگيءَ سان هن مون کي پنهنجو سڄو احوال ٻڌايو.
جيڪو مون کي اڳي شڪ هو سو برابر نڪتو ته هو ڪو
معتبر ماڻهو آهي، ڇا لاءِ جو هو سچ پچ ملڪ
الشعراعه بادشاهي شاعر هو. هن کي بادشاهه ڪنهن ڪم
لاءِ شيراز ڏي موڪليو هو ۽ هو اتان موٽيو هو، ۽
طهران ڏي ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن هو اصفهان ۾ پهتو
ته اچي اسان جي بند ۾ پيو. لوڻ واري رڻ مان
لنگهندي، سفر جي تڪليف ٽارڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ
پهرين مون هن کي پنهنجو قصو ٻڌايو، ۽ کيس چيم ته
مون کي پنهنجو احوال ٻڌائي، جو هُن هن طرح بيان
ڪيو:
آءٌ ڪرمان ۾ ڄائو هوس ۽ منهنجو نالو عسڪر
آهي. منهنجو پيءُ گهڻي وقت تائين انهي شهر جو حاڪم
هو. جڏهن آغا محمد شاهه خواجسراءِ تخت تي هو، ۽
جيتوڻيڪ بابي جي حڪومت کسڻ لاءِ گهڻائي خرابيءَ
جهڙا منصوبا برپا ٿيا هئا ته به هن جي لياقت ۽
قابليت ايتري هئي جود شمن مٿس غالب ٿي نه سگهيا.
گهڻن ئي وقتن تي اهڙو ڊپ هو ته هن جون اکيون
نڪرنديون، پر هو پنهنجي چالاڪيءَ ۽ تيزفهميءَ سان
انهن کي بچايو آيو. نيٺ اهڙو نصيب وارو ٿيو جو
هاڻوڪي شاهه جي راڄ ۾ عزت آبرو سان پنهنجي بستري ۾
وفات ڪري ويو. هن جي سڀ ملڪيت جا اٽڪل ڏهن هزارن
تومانن جيتري هئي، سا ورثي ۾ مون کي ملي. ننڍي
هوندي اها ڳالهه مشهور ٿي وئي ته مون کي پڙهڻ جو
ڏاڍو شوق آهي ته آءٌ جڏهن سورهن ورهين جي ڄمار کي
پهتس ته تمام عمدا اکر لکڻ لڳس. ”ديوان حافظ“ به
سڄو مون کي ياد هو، ۽ پنهنجي شعر ٺاهڻ جو به مون
کي اهڙي استعمال ٿي ويئي جو ڄڻ ته ڳالهائيندو ئي
شعر ۾ هوس. اهڙو ڪو مضمون ڪونه ڇڏيم جنهن تي ڪو
شعر نه چيم. ”ليلي مجنون“ جي قصي تي مثنوي لکيم.
جڏهن ڪنهن بلبل جي ٻولي ٻڌندو هوس تڏهن سندس واتان
گل جي عشق ۾ شعر چوندو هوس ۽ جتي به ڪنهن مجلس ۾
ويندو هوس، اتي هڪڙو نه ٻيو شعر چئي ٻڌايندو هوس.
انهيءَ وقت ڌاري بادشاهه جي جنگ صادق خان سان پئي
هلي، جنهن باغي ٿي فساد مچايو هو. هڪڙي لڙائي ٿي
گذري هئي، جنهن ۾ شاهه پاڻ لشڪر جو مهندار هو، ۽
فساديءَ شڪست کاڌي هئي. مون هڪدم بادشاهه جي تعريف
۾ قصيدو لکيو. جنگ جو جيڪو بيان ڏنم، تنهن ۾ رستم
آندم جو جنگ جي ميدان جي مٿان هڪڙي ڪڪر ۾ لڪو بيٺو
هو، ۽ پئي چيائين ته آءٌ ڪهڙو نه نصيب وارو آهيان
جو هيٺ زمين تي بيهڻ جي بدران هتي مٿي آيو آهيان،
ڇالاءِ جو جي هيٺ هجان ها ته بادشاهه جي ڌڪن کان
ڪين ڇٽان ها. وري پنهنجي خوش طبعي به ڏيکاريم،
جنهن ڪري منهنجي گهڻي تعريف ٿي جو چيم ته صادق خان
سندس لشڪر کي شڪست کائڻ ڪري پشيمان نه ٿيڻ گهرجي،
پاڻ فخر ڪرڻ گهرجي جو بادشاهه مهرباني فرمائي
پنهنجي عالي همت سان سندن سسيون چاڙهي مٿي آسمان
تي پهچايون آهن. انهيءَ ۾ مون سسين جي هڪڙي ٺل ڏي
اشارو ڏنو جو بادشاهه جي حڪم سان دشمن جي ماريلن
ماڻهن جي سسين مان سرن جي بدران جوڙيو ويو هو. اهي
منهنجا شعر بادشاهه کي ٻڌايا ويا ۽ هن مون کي اهڙو
عزت جهڙو انعام ڏنو جو سڀڪنهن شاعر کي نه ملندو
آهي. اهو هي هو جو هن دربار ڪري سڀني جي روبرو
منهنجو وات سون جي مهرن سان ڀرايو هئائين. انهيءَ
کان پوءِ منهنجي ترقي ٿيڻ لڳي، ۽ مون تي اهو ڪم
رکيو ويو ته دربار ۾ هر وقت حاضر رهان ۽ شعر لکان.
پنهنجي هوشياريءَ ڏيکارڻ لاءِ مون بادشاهه کي اها
ڳالهه ڏيکاري ته جهڙيءَ طرح اڳئين زماني ۾ اسان جي
وڏي شاعر ”فردوسي“ ”شاهنامو“ يا بادشاهن جي تاريخ
جو ڪتاب لکيو هو، تهڙيءَ طرح کيس به اهڙو شاعر رکڻ
گهرجي، جو اوهان جي راڄ جي تاريخ مشهور ڪري،
ڇالاءِ جو اوهان ايران جي سڀني بادشاهن کان وڏا
آهيو. مون اهوبه عرض ڪيو ته مون کي اجازت ملي ته
آءٌ شهنشاهه نامو لکان. بادشاهه مهرباني ڪري اها
ڳالهه منظور ڪئي. دربار ۾ جيڪي منهنجا دشمن هئا تن
مان هڪڙو معتمد الدوله خزانه جو امير هو، تنهنجي
مرضي هئي ته ناحق مون تي ٻارهن هزارن تومانن جي
چٽي وڌي. پر بادشاهه اهو عذر پئي ڏنو ته هي هن وقت
جو پهريون شاعر آهي، تنهن کي نه چئجي. هڪڙي ڏينهن
اتفاق سان ڪنهن وڏيءَ مجلس ۾ سلطان محمود غزنوي جي
سزا جو ذڪر اچي نڪتو ته هن ”فردوسيءَ“ کي
”شاهنامي“ جي هڪ هڪ بيت لاءِ سون جو هڪ مثقال ڏنو
هو، منهنجي مرضي هئي ته مون کي جيڪي چوڻو هو سو
بادشاهه جي ڪن تي پوي، تنهن ڪري مون چيو ته اسان
جي هاڻوڪي بادشاهه سلامت جي سزا محمود بادشاهه جي
برابر آهي، برابر ڇا بلڪه وڌيڪ آهي: هن ڪري جو هن
ايران جي هڪڙي مشهور شاعر کي سخا ڏيکاري هئي ۽
اسان جي هاڻوڪي بادشاهه مون جهڙي مسڪين کي اهڙي ئي
سخا ڏيکاري آهي.
”سڄي مجلس مون کان پڇا ڪرڻ لڳي ته ڪڏهن ۽
ڪيئن بادشاهه توکي اهڙو انعام ڏنو!“ مون چيو ته
پهرين ته جڏهن منهنجو پيءُ مري ويو تڏهن هو ڏهن
هزارن تومانن جي مالي ڇڏي ويو. بادشاهه جي اجازت
سان اها مون کي ورثي ۾ ملي. جي سندس مرضي ٿئي ها
ته اها پاڻ هٿ ڪري سگهي ها. اهي ٿيا ڏهه هزار
تومان. تنهن کان پوءِ وري خزاني جي امير مون کي
ٻارهن هزار ڏنڊ وجهائڻ ٿي گهريا، پر بادشاهه سلامت
اهي منظور نه ڪيا، اهي ٿيا ٻارهن هزار ٻيا. انهيءَ
کانسواءِ جنهن وقت کان آءٌ بادشاهه جي نوڪري ۾
رهيو آهيان، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين پگهار پئي
مليو اٿم، جنهن تي گذران پي ڪيو اٿم. انهيءَ طرح
مون واري سڄي رقم پوري ٺهي آئي. ”تنهن کان پوءِ
دعائون گهرڻ لڳس ته ”شل حضور بادشاهه سدائين سلامت
هجي! شل سندس پاڇو گهٽ نه هجي! شل هو پنهنجن سڀني
دشمنن کي ماري مات ڪري!“ اهي سڀئي ڳالهيون بادشاهه
جي ڪنن تائين وڃي پهتيون. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون
کي هڪڙي خلعت انعام ۾ ملي، جنهن ۾ هڪڙو زريءَ جو
گڊلو هو، چيلهه جي لاءِ هڪڙي شال هئي، ٻي هڪڙي شال
مٿي کي ٻڌڻ جي لاءِ هئي ۽ هڪڙي زريءَ جي قبا پشمي
ڪنارين سان هئي. تنهن کانسواءِ مون کي ”ملڪ
الشعرا“ جو لقب به عطا ٿيو ۽ انهي لاءِ هڪڙو شاهي
فرمان به مليو، جو دستور موجب مون ٽي ڏينهن ساندهه
پنهنجي ٽوپي ۾ وجهي کنيو، جنهن تي مون کي پنهنجن
دوستن کان مبارڪون مليون ۽ ايتري عزت آبرو ملي
جيتري اڳي ڪڏهن مون کي نه ملي هئي، مون هڪڙو شعر
لکيو جنهن مان ٻه معنائون ٿي نڪتيون: هڪڙيءَ ۾ ته
خزاني جي امير جي هجو هئي، جو هن مون کي تڪليف
رسائي هئي، ۽ ٻي هن کي خوش ڪرڻ ۽ چٽ ٻڌڻ جي هئي،
ڇا لاءِ جو اهو سڄو شعر ذو معني هو. جيڪا هن
پنهنجي اڻ ڄاڻائي ڪري تعريف ٿي سمجهي سا گلا هئي
جيڪا هن پنهنجي مدح ٿي سمجهي، سا سندس هجو هئي.
انهيءَ ۾ مون زور ڪري وڏا وڏا عربي لفظ وڌا هئا،
سي هن ڄاتا ته سندس تعريف جا آهن ۽ اهو شڪ ڪونه
پيس ته در حقيقت انهيءَ ۾ کيس گاريون ڏنيون ويون
هيون. مون پنهنجو مطلب اهڙي تجويز سان لڪايو هو جو
منهنجي سمجهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه انهيءَ کي سمجهي
نه سگهي ها. آءٌ رڳو شعر گوئي ۾ هوشيار نه هوس، پر
هنر ۽ ڪاريگري ۾ به ڀڙ هوس. ڪيتريون ئي نيون نيون
شيون منهنجون رٿيل ۽ ٺاهيل هيون، جن جي شاهي دربار
۾ گهڻي تعريف ٿيندي هئي.
مون هڪڙو چڪر يا ڦيٿو ٺاهيو، جنهن ۾ جي
هڪڙي ننڍڙي شئي کڻي اٽڪائجي ته هميشه تائين پئي
ڦري. مون جدا جدا رنگن جا ڪاغذ جوڙيا. هڪڙي نئين
قسم جي مس جوڙيم ۽ اڃا ڪپڙي آڻڻ کي ويجهو هوس ته
حضور بادشاهه مون کي منع ڪئي ۽ فرمايو ته ”عسڪر،
تون رڳو شعر جوڙ، مون کي جڏهن ڪپڙي جي گهرج ٿيندي
تڏهن منهنجا سوداگر پاڻهين اهو يورپ مان آڻيندا.“
مون سندس حڪم کڻي مڃيو. انهيءَ کان پوءِ جيڪا
نوروز جي عيد اچڻ واري هئي، جنهن تي دستور موجب هر
ڪنهن درباري نوڪر کي انعام ڏيڻ ضرور آهي، انهيءَ
تي مون ڏند کوٽڻي تي هڪڙو تمام چڱو شعر لکيو ۽ اها
هڪڙيءَ خوبصورت دٻليءَ ۾ وجهي بادشاهه کي ڏني. اهو
شعر بادشاهه کي اهڙو پسند آيو جو عيد جي سڳوري
ڏينهن جڏهن عام دربار ٿي، تڏهن دربار جي خاص اميرن
کي حڪم ڏنو ته مون کي وات تي چمي ڏين. جو مون اهڙو
عمدو شعر چيو آهي. انهيءَ شعر ۾ مون بادشاهه جي
ڏندن کي موتين سان مشابهت ڏني ۽ ڏند کوٽڻيءَ کي
موتي ڪڍڻ واري ٽوپي سان. سندس جھاڙين کي ڳيڻوٺي
وارن ڪنارن
سان جن جي ويجهو اڪثر موتي لڀندا آهن، ۽ ڊگهي
ڏاڙهي ۽ مڇون جي وات جي چوڌاري بيٺل آهن، تن کي
سمنڊ جي لهرين سان، جيڪي دربار ۾ حاضر هئا تن
انهيءَ نازڪ خياليءَ جي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ چوڻ لڳا
ته ”فردوسي“ منهنجي اڳيان ڪي به ڪين آهي. انهيءَ
طرح بادشاهه مون تي نهايت گهڻو مهربان هو. هن جي
مرضي هئي ته منهنجي عزت به وڌي ۽ دولت به هٿ اچي،
تنهن ڪري حڪم ڏنائين ته جيڪا خلعت هر سال سندس پٽ
فارس جي شاهزادي ڏي ويندي آهي. سا آءٌ کڻي وڃان.
جڏهن آءٌ اها کڻي شيراز ۾ پهتس، تڏهن منهنجي گهڻي
آڌر ڀاءُ ٿي ۽ تمام گهڻا انعام اڪرام ۽ تحفا مون
کي مليا. تنهن کانسواءِ رستي ۾ ڳوٺن مان گهڻيون ئي
رقمون گڏ ڪيون هيم. اهي سڀئي هن راتوڪي واقعي ۾
مون کان کسجي ويون ۽ هينئر اهڙو سڃو سکڻو ٿيو
آهيان جهڙو ڏسين ٿو. جيڪڏهن تون ڪا تجويز ڪري مون
کي هتان ڀڄي نڪرڻ ۾ مدد نه ڪندين ته آءٌ اتي قيد ۾
مري ويندس. امڪان آهي ته بادشاهه کي منهنجي آزاد
ڪرائڻ جي ڳڻتي هجي، ليڪن اها پڪ آهي ته ڇڏائڻ لاءِ
فديه ۾ هڪڙي پائي به ڪين ڏيندو. خزاني جو امير
منهنجو دوست ۽ خير خواهه ڪين آهي، ۽ وزيراعظم کي
به چيو هوم ته هيتري عقل هوندي توکي ساعت ڪوڪ ڪرڻ
به نه ٿي اچي، انهيءَ جي چڙڻ جي سمجهه ته کڻي ڇڏ،
سو ائين چوڻ ڪري آءٌ ڀانيان ٿو ته اهوبه مون تي
ڪاوڙيل هوندو ۽ منهنجي نقصان ۾ رنج نه ٿيندو. جي
پيسا فديو ڏئي آءٌ پنهنجي جند ڇڏيان سي هنن
بدمعاشن کسي ورتا آهن، هاڻي ايترا ٻيا پيسا آءٌ
ڪٿان آڻيان؟ اها منهنجي ڪم بختي هئي جو ههڙي مصيبت
۾ اچي پيو آهيان، تنهن ڪري مون کي ڪرڪڻ نه گهرجي،
پر تون هم مذهب مسلمان آهين ۽ عليءَ جي محبت اٿئي
۽ عمر ڏانهن بعض اٿئي، تنهن ڪري ڀلائي ڪري مون کي
هن ڏک جي حالت ۾ مدد ڪر.“
باب اٺون
حاجي بابا ترڪمانن وٽان ڀڄي نڪري
ٿو، مڇيءَ وانگي تئيءَ مان نڪري باهه ۾ پوي ٿو
جڏهن شاعر پنهنجو احوال پورو ڪيو، تڏهن
مون خاطري ڏنيس ته جيڪي مون کان ٿي سگهيو سو
تنهنجي لاءِ ڪندس. پر مون صلاح ڏنيس ته في الحال
صبر ڪر جو اڃا مون پنهنجي ئي جند ڇڏائڻ جي رٿ قائم
نه ڪئي آهي. سو ساڳئي وقت ۾ توکي بچائڻ لاءِ مون
کي وڏي مشڪلات نظر ٿي اچي. چيومانس ته جيسين اسين
برپٽ ۾ آهيون، تيسين ترڪمانن جي نظر کان پاسي ٿيڻ
ناممڪن آهي: هنن جا گهوڙا اهڙا چڱا آهن جهڙو
منهنجو آهي، ۽ هو مون کان وڌيڪ هن ملڪ جا واقف
آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هنن کان ڀڄي وڃڻ چريائي آهي،
تنهن ڪري جانچ پيا ڪنداسين ته من ڪڏهن ڪو ڀڄي وڃڻ
جو وجهه ملي.
لوڻ واري رڻ جي حدن تي اچي پهتا هئاسين ۽
جيڪو شاهي رستو طهران کان مشهد ڏي ٿو وڃي، سو
لنگهڻ تي هئاسين ۽ دامغان جي اڀرندي ڏي اٽڪل ويهن
فرسنگن تي هئاسين، ته ارسلان سلطان ڊاٻو ڪيو ۽ اهو
ٺهراءُ ڪيائين ته رستي جي ڪناري سان جيڪي کڏون
آهن، تن ۾ هڪڙو ڏينهن لڪي ويهي رهون ته من نصيبن
سان ڪو قافلو اچي اتان لنگهي ته انهيءَ کي ڦريون.
ٻئي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ مهل هڪڙو جاسوس پاسي واريءَ
ٽڪريءَ تي بيهاري ڇڏيائون. تنهن ڊوڙي اچي خبر ڪئي
ته دامغان جي پاسي کان هڪڙو ڌوڙيو اٿيو آهي ۽ جيڪو
رستو مشهد ڏي ٿو وڃي سو وٺيو اسان ڏي ٿو اچي.
|