سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :17

آءٌ ڪريل زال جي مدد لاءِ ڊوڙيس ۽ انهيءَ جي پوشاڪ مان مون سمجهيو ته هو ارمني آهي. هن کي ڏاڍي ضرب رسي هئي ۽ ماندي ٿي ويئي هئي. سندس ٻاهريون برقعو اڳيئي لهي پيو هو ۽ اندريون برقعو جو ارمني زالن جي منهن جو هيٺيون ڀاڱو ڍڪيل رکندو آهي. تنهن کي هڪدم مون ڇڪي لاٿو، انهيءَ لاءِ ته هوا هڻانس، پر هن جي شڪل اهڙي سهڻي ۽ موهيندڙ هئي جو مون کي حيرت وٺي ويئي. آءٌ هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهلي ويٺس. هوءَ پندرهن ورهين جي ٿي ڏٺي. هن جي ڏسڻ کان منهنجي اندر ۾ جيڪو عشق ۽ خوشي ۽ انتظار جو جوش پيدا ٿيو، سو مون کي وسرڻ جو ناهي. آءٌ ڏاڍي شوق ۽ محبت سان مٿس لڙڪي ۽ منجهس اکيون وجهي ويهي رهيس. منهنجي دل ۾ هڪڙي نئين قسم جو سوز پيدا ٿيو، سڀ ٻيون ڳالهيون مون کي وسري ويون، آءٌ ڀانيان ٿو ته جي هوءَ ستت ئي اکيون نه پٽي ها ۽ حياتيءَ جون نشانيون ظاهر نه ڪري ها، ته جيڪر آءٌ عمر تائين منجهس اکيون وجهو انهيءَ هنڌ ويٺو رهان ها. جيڪي اکر هن پهرين پهرين ڳالهايا سي منهنجي ساهه ۾ چٻي ويا، پر جڏهن سهي ڪيائين ته ڪهڙي هنڌ آهيان، تڏهن ايترو روئڻ ۽ زاريون ڪرڻ لڳي جو منهنجون ته متيون ئي منجهي ويئون. پر نيٺ ٿورو ٿورو ڪري هن بس ڪئي، ۽ جڏهن سمجهائين ته آءٌ سندس قوم ۽ مذهب جو آهيان، ۽ سندس بچائڻ وارو به آهيان، تڏهن مون ڏي ٻئي خيال سان نهارڻ لڳي، آءٌ پنهنجي دل ۾ خوش ٿيس ته آءٌ جو مٿس موهجي ويو آهيان، تنهن تي هوءَ ڪاوڙي ناهي. پر هڪڙي ڳالهه جو هن کي ارمان نه ٿي لٿو، ۽ مون کي انهيءَ جا طعنا پئي هنيائين. اها هيءَ ته مون هن جو برقعو لاٿو هو، انهيءَ لاءِ هن مون کي معافي نه ٿي ڏني. اها اجازت دستور موجب خود مڙس کي به مشڪل ملندي آهي، ۽ اها ارمني زالن جي نظر ۾ حيا اشرافت جي وڏي نشاني آهي. مون ڄڻ ته ڏاڍي بيحيائي ڪئي هئي جو هن جو منهن ڏٺو هوم. اهو منهنجو وڏو قصور هو. مون گهڻو ئي چيس ته جيڪڏهن آءٌ تنهنجو وات ۽ نڪ انهي هيٺين ڪپڙي جي بندش کان نه ڇڏايان ها، ۽ ڌڪي اچڻ ڪري جيڪا بيهوشي ٿي هئي تنهن ۾ جيڪڏهن توکي تازي هوا نه ملي ها ته گهٽجي مري وڃين ها. ڪنهن به طرح هن کي خاطري نه پئي ٿي ته سندس حالت ڏاڍي نازڪ آهي. انهيءَ هوندي به رڳي هيٺين حجت ٻين سڀني کان هن تي زياده اثر واري ٿي. جي سندس ڪا بي آبروئي ٿي هئي ته به رڳو مون اها ڏٺي نه ڪنهن ٻي ماڻهوءَ ۽ مون پاڪ صليب جو ۽ حضرت گريگري اولياءَ جو قسم کڻي چيو ته ”جيسين آءٌ جيئرو هوندس، تيسين ٻئي ڪنهن سان اها ڳالهه نه ڪندس.“ تڏهن مس مس تسلي ٿيس. تنهن کان پوءِ مون چيو ته ”هاڻ مون کي پنهنجو احوال ٻڌاءِ ۽ چؤ ته اهو ڪير شخص هو جنهن جي هٿان توکي ڇڏائي مون پاڻ کي اهڙو چڱي نصيب وارو ڪيو.“

هن چيو ته ”انهيءَ ماڻهوءَ جي مون کي رڳي ايتري خبر آهي ته هو ايراني آهي. مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هوس، مون کي کڻي وڃڻ مان آءٌ ڀانيان ٿي ته هن جو انهيءَ کان سواءِ ٻيو مطلب ڪونه هو ته هو مون کي ٻانهي ڪري وڪڻي.“ ٿورا ڏينهن ٿيندا ته هڪڙو ايراني رسالي ۽ گرجين جي وچ ۾ لڙائي ٿي هئي، جنهن ۾ گرجين شڪست کاڌي ۽ منجهانئن ڪي قيدي ٿي پيا، جن کي هنن فتحيابيءَ جي نشاني ڪري ايران ڏي کنيو. انهيءَ ويڙهه کان ٿورا ڏينهن اڳي ايراني لشڪر اچي اسان جي ڳوٺ والاريو هو، ۽ آءٌ سمجهان ٿي ته انهيءَ شخص تجويز ڪري مون کي کنيو، انهيءَ ارادي سان ته مون کي گرجي قيدياڻيءَ ڪري نيڪال ڪري. انهي ڏينهن آءٌ صبح جو اٿي، ڳوٺ جي کوهه ڏي دلو کڻي پاڻي ڀرڻ وئي هيس. اتي هي ڪنهن ڀڳل ڀت جي پٺيان لڪو بيٺو هو، سو اوچتو مون تي ڪاهي آيو ۽ پنهنجو چاڪو ڏيکاري، مون کي دڙڪو ڏنائين ته جي هل ڪندينءَ ۽ ماٺ ڪري منهنجي پٺيان نه ايندينءَ، ته ڪهي ڇڏيندوسئين، ائين چئي مون کي پنهنجي پٺيان گهوڙي تي چاڙهي ڊوڙائيندا روانا ٿياسين. مون کي اميد هئي ته اهي زالون ڳوٺ ۾ وڃي هل وجهنديون، ۽ ڪو اچي مون کي ڇڏائيندو، پر اسين جهٽ ۾ نظر کان غائب ٿي وياسين، ڇا لاءِ جو ٽڪرين ۽ ماٿرين منجهان ڏاڍي ڇوهه مان پئي وياسين ۽ جهنگ مان اهڙي هنڌان پئي وياسين، جتي ماڻهن جي آمدرفت ڪانه هئي. نيٺ توکي پري کان ٽڪر جي چوٽيءَ تي ڏسي، مون کي دل جي همت آئي ۽ جيتوڻيڪ هن ايراني مون کي گهڻائي دڙڪا ڏنا ته به مون وٺي رڙيون ڪيون، جنهن تي تون آئين. اڳتي جي ته توکي خبر آهي.“

هن اڃا اها ڳالهه ڪري بس ڪئي ته اسان پري کان ڪيترائي ماڻهو ايندا ڏٺا. انهن مان هڪڙو گهوڙي تي هو ۽ ٻيا پيادا هئا. اهي اسان ڏي ڪاهيندا آيا. جڏهن اهي ويجها آيا ۽ انهي خوبصورت ڇوڪريءَ اهي ڏٺا، تڏهن هوءَ خوش ٿي، جو سندس منهن ڏسڻ جهڙو هو. رڙ ڪري چوڻ لڳي ته ”اوجهو، منهنجو پيءُ ۽ منهنجا ڀاءُ، اووانيز، ۽ اگوپ ۽ اراتون ۽ منهنجو چاچو.“

اڃا هو وٽس آيا ته ڏاڍي سڪ مان هنن کي کڻي ڀاڪر وڌائين، مون کي پنهنجي خوف اچي ورايو ته متان انهن ۾ ڪو اهڙو جوان هجي، جنهن سان هن جي ڪا ٻئي قسم جي محبت هجي، پر نه، اهي رڳا سندس مائٽ هئا. انهن ٻڌايس ته ”انهن ساهيلين ساري ڳوٺ کي تنهنجي پڪڙجڻ جي خبر ٻڌائي، ۽ اڃا اسين پوکن ڏي نه ويا هئاسين ۽ پنهنجو گهوڙو به گهر بيٺو هو، جنهن تي هڪدم بابو ٽپ ڏيئي چڙهيو، جنهن سوار توکي کنيو هو تنهن جا تازا پير کڻي رستو وٺيو آياسين. رستو ڇڏي پير گم ٿي ويا، وري ٻين هنڌن تي ڏسڻ ۾ آيا، ائين ڪندي هڪڙي بيٺل پوک مان لنگهي، هڪڙي اڀ ڪپريءَ ٽڪريءَ تي آياسين، ۽ نيٺ مٿانهين چوٽيءَ تان اسان هن کي هڪڙيءَ ماٿريءَ ۾ لهندو ڏٺو، ۽ اهو هنڌ گهڻو ڪري اهو هو، جتي اسان توکي اچي ڏٺو آهي.“

هن چيو ته ”برابر ائين آهي، خدا جو شڪرانو آهي ۽ حضرت گريگريءَ جي مهرباني، جنهن مون کي ڇڏايو.“ پوءِ البت حجاب ۽ ڊپ سان مون ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”هن مون کي ڇڏايو.“ تنهن تي سڀني جون اکيون مون ڏي کنيون. سندس پيءُ پير مرد مون کان پڇيو ته ”تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“

مون چيو ته ”آءٌ گاوميشلو ڳوٺ جي پرئي مڙس، ڪوجا پيٽروس جو پٽ آهيان.“

هن چيو ته ”او، اهو منهنجو دوست ۽ پاڙيسري آهي، پر آءٌ ته توکي نٿو سڃاڻان. شايد تون انهيءَجو اهو پٽ آهين، جو ٽن ديولن واري ڳوٺ ۾ پادري ٿيڻ لاءِ تعليم وٺندو هو، ۽ جو اوهان جي ڪٽنب جي مدد لاءِ آيو هو.“

مون چيو ته ”هائو.“ تڏهن هن چيو ته”تون ڀلي آئين، شل تنهنجو خانو آباد هجي. تو اسان جي ڌيءَ بچائي آهي ۽ اسين هميشه لاءِ تنهنجا احسانمند آهيون. گهيٽي ڪهي خوشي ڪرڻ جو ضرور آَهي ته اهو وقت هنيئر آهي. اسين ۽ اسان جا سڀ ڪٽنب توکي پنهنجن مٿن تي کڻي هلنداسين، اسين تنهنجا پير چمنداسين ۽ تنهنجي ڀرن تي هٿ گهمائينداسين، جو تو اسان جي مريم کي بچايو آهي ۽ هڪڙي مسلمان وٽ ٻانهي ٿي گذارڻ کان هن جي جند ڇڏائي آهي.“

تنهن کان پوءِ هن جي ڀائرن ۽ چاچن مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ مون سان مهرباني جون ڳالهوين ڪيائون. بجر ڳوٺ ۾ هلڻ جي لاءِ مون کي ايترو زور ڪيائون جو آءٌ نهڪر ڪري نه سگهيس ۽ مريم کي ڏسڻ جي سڪ کان مون هن جي دعوت قبول ڪئي ۽ سڀ گڏجي اٿي هلياسين.

جبل تان لهندي مون کي مريم جو ڳوٺ ڏيکاريائون، جو وڻن جي وچ ۾ هڪڙيءَ ڪوسيءَ ڪنڊ ۾ بيٺل هو، ۽ اڀرندي کان سواءِ ٻئي سڀڪنهن هوا کان بچيل هو. اهو اڀرندي جي واءُ اتي قلزم يا ڪاسپين سمنڊ کان ايندو آهي، ڏاڍو ٿڌو ۽ فرحت جهڙو هوندو آهي. انهيءَ جي پريان وري پيمبڪي ندي هئي، جا هڪڙي خوبصورت ماٿريءَ مان ور وڪڙ ڏيو پئي وهي، جنهن ۾ ڏاڍي ساوڪ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. انهيءَ کان پري وري اسان ڪلرا ڪليسا جي ڪاري مڙهي پئي ڏٺي، جا روسين جي هن ڀر واري سرحد تي پوئين منزلگاهه آهي ۽ هڪڙيءَ ڪاريءَ اڀ ڪپريءَ تي آسپاس واري سائي ملڪ جي وچ ۾ چوٽي مٿي ڪيو بيٺي آهي.

Text Box: باب ستٽيهون
 

ڳوٺ جي ويجهو، اسان سڀني ماڻهن کي، خاص زالن ۽ ٻارن کي ڏٺو ته اسان کي ٽڪريءَ تان لهندو ڏسي انهي انتظار ۾ بيٺا آهن ته مريم لڌي يا نه، ۽ جڏهن صحيح سلامت ڏٺائون تڏهن نهايت گهڻو خوش ٿيا. هن جي کڄي وڃڻ ۽ وري آزاد ٿيڻ جي ڳالهه انهيءَ دم هنن کي ڪري ٻڌائڻ ۾ آئي، ۽ اها هڪڙن کان ٻين تائين ايترو جلد ۽ ايتري مبالغي سان کڄي ويئي جو آخر وڃي انهيءَ تي بيٺي ته هن کي ڪو راڪاس کڻي ويو هو، جنهن جو مٿو لوهه جو هو، چنبا ۽ پير رڪ جا هئا، ۽ پٺن تي ڇلر هئس، ۽ اهڙي هڪڙي جانور تي چڙهيل هو جو ٽپ ٽپ تي زمين ڏاريندو ويو ۽ ٽڪرن جي مٿان اهڙو جلد هلندو ۽ آواز ڪندو ويو جهڙو توبن جا ٺڪاءُ ٿيندا آهن. انهيءَ ۾ وري هيءَ ڳالهه به وڌائون ته اوچتو هڪڙو ملائڪ، هڪڙي ڪڙمي ڇوڪر جي صورت ۾ هڪڙي وڏي جبل جي چوٽيءَ تان هڪڙي ڪڪڙ ۾ لٿو، ۽ هٿ ۾ جا باهه جي ترار هيس، تنهن کان گهوڙي ٽاهه کاڌو ۽ مريم زمين تي ڪري پئي ۽ راڪاس گهوڙي سميت سڙي خاڪ ٿي ويو، ڇا لاءِ جو جڏهن هن جو ڊپ لٿو ۽ هوءَ هوش ۾ آئي، تڏهن اهي هن کي وري ڏسڻ ۾ آيا. منهنجي نالي اشارو ڪري چوڻ لڳا ته اهو همت ڀريو ڪڙمي ڇوڪر هيءُ آهي، ۽ ساري ڳوٺ جو ڌيان مون ڏي ٿيو، پر ڪم نصيبيءَ جي ڳالهه اها ته اڃا هنن مون کي پير ڪيو پئي پوڄيو ته هڪڙو جوان، جنهن کي مون گهڻائي ڀيرا جبل ۾ ڍور چاريندو ڏٺو هو، تنهن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ چوڻ لڳو ته ”هي ملائڪ ناهي، هي گاوميشلو واري ڪوجا پيٽراس جو پٽ يوسف آهي.“ انهيءَ به طرح آءٌ وري به ملاڪ مان بشر ٿيس. انهيءَ هوندي هر ڪنهن مون کي ڏاڍو مان ٿي ڏنو ۽ جيڪا مدد مون ڏني هئي، تنهن لاءِ مريم جا مائٽ منهنجي شڪر گذاري ڪرڻ کان ٿڪائي ڪين ٿي، پر انهي وچ ۾ عشق منهنجي دل ۾ مچ مچائڻ لڳو. هاڻي ته مريم کي آءٌ برقعي کان سواءِ ڏسي نٿي سگهيس، منهنجي حياتيءَ جي خوشيءَ جو وقت لنگهي ويو، پر منهنجي آئيندي جي قسمت تي مهر هڻي ويو. پاڻ کي چيم ته ”آءٌ پنهنجي محبوب کان ڪنهن طرح به ڌار نه ٿيندس، اسان ٻنهي جا نصيب گڏجي هڪ ٿي پيا آهن: خدا اسان ٻنهي کي پنهنجي قدرت سان آڻي ملايو آهي، ۽ وري ڌار به خدا جي قدرت ۽ نصيبن جو نوشتو ڪندو. پوءِ ڀلي ته هن جي هٿ آڻڻ ۾ مون کي ايرانين وانگي ظلم زبردستي ڪري هن کي کڻي وڃڻو ٿئي. انهي کانپوءِ آءٌ مريم ڪڏهن ڪڏهن پيا گڏبا هئاسين، جيتوڻيڪ زبان سان ٿورو ڳالهائيندا هئاسين پر اکين سان گهڻوئي ڪي چوندا هئاسين، ۽ مون کي پڪ ٿي ته جهڙي منهنجي هن سان دل هئي تهڙي هن جي مون سان هئي. گهڻو ئي پئي گهريم ته جيڪر وري به ويهه ڀيرار هن سان گڏجان ۽ ايرانين سان وڙهان ته من پنهنجي محبت ۽ سڪ ثابت ڪري ڏيکاريان، پر وري مون کي اها ڳالهه ياد پئي ته آءٌ فقط هڪڙو ارمني آهيان ۽ هڪڙي ذليل ۽ ڌڪاريل قوم مان آهيان، مون کي جيڪا ڪرامت ٿي سگهندي سا اها ته آءٌ بگهڙ کي پنهنجي پيءُ جي ڌڻين کان پاسي رکيو ايندس، ۽ ليٽرن کي پنهنجن ٻنين مان هڪالي ڪڍندس.

اهو سڄو ڏينهن آءٌ جيئڪلو ڳوٺ ۾ رهيس، جتي انجام موجب هنن گهيٽو ڪٺو ۽ چانورن جي وڏي ديڳ چاڙهيائون، ٻئي ڏينهن آءٌ پنهنجن مائٽن ۾ موٽي آيس، جي منهنجي غير حاضريءَ ڪري ڊڄي ويا هئا ۽ منهنجي بهادريءَ جو قصو ٻڌي حيران ٿي ويا هئا.

مون کي ته مريم جي محبت اهڙو ماري وڌو هو جو ٻي ڳالهه ڪا به ڪانه ٿي سجهيم، تنهنڪري مون ارادو ڪيو ته پنهنجي حال جي خبر پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڏيان، انهن کي چيم ته ”هاڻ آءٌ وڏو ٿيو آهيان ۽ پنهنجي منهن هلڻ ۽ خيال ڪرڻ جهڙو آهيان. خدا جي  فضل ۽ اوهان جي مهربانيءَ سان، منهنجن بازن ۾ قوت آهي ۽ پنهنجي قوت لاءِ ڪمائي ڪري ٿو سگهان. منهنجي مرضي آهي ته شادي ڪريان ۽ خدا تعالى اڳئي منهنجي لاءِ رستو گهڙي ڇڏيو آهي.“ پوءِ مريم جي نالي چيومان، ته ”انهيءَ جي ٻانهن سندن مائٽن کان منهنجي لاءِ وٺو.“ ۽ پڇاڙيءَ ۾ بابي جو هٿ چميم ۽ مان کي ڀاڪر وڌم.

هنن ورندي ڏني ته ”هنن تڪليف جي ڏينهن ۾ شادي ڪرڻ ڏاڍي ويچار جي ڳالهه آهي ۽ اسين غريب آهيون، شادي  جي خرچ کڻڻ جهڙا نه آهيون. ٻيو نه ته به ڪپڙا، منڊي، بتيون، مٺائي لال برقعو، هنڌ، هنڌ جي چادر، اهي سڀ شيون خريد ڪرڻيون ٿينديون. تنهن کان سواءِ ڳائڻ وڄائڻ وارن کي ڏبو ۽ مانيءَ جي مجلس ڪبي. انهن سڀني ڪمن جي پورائي لاءِ پيسو ڪٿان ايندو.“

مون چيو ته ”اهو سچ آهي ته پئسو گهرجي ۽ انهيءَ کان سواءِ شادي ٿي ڪين سگهندي، تنهن کان سواءِ پيسي خرچڻ ڪري اسان جي ڪٽنب جو نالو به ٿيندو ۽ ڪنوار ڏانهن منهنجي محبت به ثابت ٿيندي. پر آءٌ قرض کڻي سگهان ٿو. ايران ۾ توڙي ٽن ديولن واري ڳوٺ ۾ منهنجا دوست گهڻا آهن، آءٌ ڀانئيان ٿو ته هڪڙي نه ٻئي کان شاديءَ جي خرچ جيترا پيسا اڌار وٺي سگهندس. پوءِ ڪشالي سان پورهيو ڪندس ۽ صرفو ڪري بچائيندس، ۽ ٿورو ٿورو ڪري قرض لاهي ڇڏيندس. يا ته ڪنهن سوداگر وٽ وڃي نوڪري ڪندس، جو پنهنجي ڌنڌي ۾ مون کي ڀائيوار ڪري سگهندو، رڳو جي هڪڙو سفر قسطنطنيه يا استرا خان ڏي ڪيم ته به گنج ٿي پوندا، ۽ سڀڪنهن قرضيءَ کان وياج سميت رقم پهچائي ڏيندس.“

مطلب ته مون ايترو گهڻو چيومان جو هو لاچار ٿي مريم جي مائٽن سان ضروري گفتگو ڪرڻ لڳا، ۽ اهو ٺهراءُ ڪيائون ته ٿورن ڏينهن ۾ منهنجو پيءُ ۽ منهنجو چاچو، جو پادري هو ۽ هڪڙو ڳوٺ جو پريو مڙس، گڏجي گاوميشلو ۾ وڃي مريم جي ٻانهن گهرندا. انهيءَ وچ ۾ آئون پاڻ هڪڙي نه ٻئي عذر تي ڏهاڙي اوڏي ڀڳو بيٺو هوس ۽ ڪيترائي ڀيرا مريم کي ٻڌايو هوم ته اسان هيءَ رٿ ڪئي آهي، تنهن جي تو کي ۽ تنهنجن مائٽن کي اڳئي خبر هجي.

جڏهن منهنجو پيءُ ۽ انهيءَ جا ساٿي اتي ويا، تڏهن مريم جي مائٽن هنن جي گهڻي آڌر ڀاءُ ڪئي. شاديءَ بابت ذڪر ڪرڻ کان پوءِ اهڙي وقت جو وجهه وٺي شراب گهڻو پيٽن ۽ پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪيائون ته شادي جي شرطن ٺهرائن ۽ نامزدگي يا مڱڻي جي رسم بجا آڻڻ کان پوءِ سگهو ئي شادي ڪبي.

انهيءَ کان 3 ڏينهن پوءِ، منهنجي ماءُ اسان جي ڳوٺ جون ٻه ٻيون ٻڍيون زالون ۽ منهنجي چاچي پادري کي ۽ مون کي پاڻ سان وٺي مڱڻي ڪرڻ لاءِ جيئڪلو ڳوٺ ڏي هلي. هنن جي مرحبا اڳي کان به گهڻو ڪيائون، پوءِ ٻنهي طرفن جي زالن پاڻ ۾ ويهي شاديءَ جا شرط شروط مقرر ڪيا.

منهنجي ماءُ چيو ته ”منهنجو پٽ ڪئنار جا ٻه وڳا ڏيندو، جن ۾ ٻه چولا هوندا، هڪڙو لال ريشم جو ۽ هڪڙو آسماني سٽ جو، ٻه سٿڻو، هڪڙي پٽ جي ۽ ٻي پٽن واري سٽ جي، ٻه ڇيٽ جا جبا جي بت تي ڦهڪي بيهندا، ٻه برقعا، هڪڙو اڇي سٽ جو ۽ ٻيو پٽاپٽي نيلي رنگ جو، ٻه جتيون، هڪ سائي چم جي وڏين کڙين سان ۽ ٻي ڀوري رنگ جي ويٺل هڏي جي کڙين سان نعل لڳل تنهن کانسواءِ هڪڙو ڇاپي وارو ململ جو رومال ۽ مٿي جي ٻڌڻ لاءِ سربند يا پٽيون. انهيءَ ڏاج کان سواءِ ريزڪي خرچ لاءِ پنجاهه چانديءَ جي سڪي جا پياسٽر ۽ ڳچيءَ جي لاءِ هڪڙي زنجيري ڏيندو، جنهن ۾ ايران جو هڪڙو سونو تومان پيو لڙڪندو.

ٿوريءَ گفتگو کانپوءِ منهنجي زال جي مائٽن اها ڳالهه قبول ڪئي پر هڪڙي ٻڍي زال جا هڪڙي ايراني خاندان ۾ نوڪرياڻي هئي، تنهن هڪڙو شرط وڌيڪ گهريو. اهو هي هو ته گهوٽ کي گهرجي ته شير بها يا کير بخشاڻيءَ جا پئسا ڏئي، جيئن سڄي ايران ۾ دستور آهي. اسان جي طرف وارن چيو ته آرمينن ۾ انهيءَ جو رواج ڪونهي، ٻيءَ ڌر چيو ته اهو رواج آهي. مطلب ته انهيءَ تي ڏاڍي ريڙ پيڙ هلي، نيٺ مون پنهنجي ماءُ کي چيو ته ”وڌيڪ اٽڪ نه وجهه، ڏهه پياسٽر  وڌيڪ کڻي ڏي.“ انهيءَ تي هو راضي ٿيا، ۽ ٻئي ڌريون راضي ٿي اٿيون.

اهو قصو سارو زالن ۾ هليو، تنهن کانپوءِ مون کي ۽ چاچي کي اندر سڏيائون ته مڱڻي جي رسم جي پورائي ڪن. مون کي تاڪيد ڪيائون ته جيسين سڳڻ ساٺ هلن تيسين متان کلين، بلڪه مرڪجئين به نه، نه ته جي پهرينءَ ئي ملاقات تي ڪا اهڙي اجائي ڳالهه ٿي ته پوءِ شادي سڀاڳي نه ٿيندي.

جڏهن اسين اندر وياسين تڏهن منهنجي ماءُ زمين تي ويٺي هئي ۽ پاسي ۾ سندس ٻه ٻڍيون زالون ويٺيون هيون ۽ انهن جي سامهون ڪنوار جي ماءُ ٻين زالن سان ويٺي هئي، مريم به اندر آئي. تڏهن امان منهنجي ڏنل پتل جي منڊي ڏنيس، جا هن پنهنجي آڱر ۾ کڻي وڌي. تنهن کان پوءِ پادريءَ کي شراب ڏنائون. جڏهن اهو هن خوب طرح نوش جان ڪيو، تڏهن چيائون ته هاڻ اسان جو مڱڻو ٿي رهيو ۽ سڀني اسان کي مبارڪون ڏنيون. جيتوڻيڪ مون کي پنهنجي مڱينديءَ سان ڳالهائڻ نه ٿي ڏنائون، تڏهن به آئون نهايت گهڻو خوش ٿيس ۽ دستور موجب هر ڪنهن کي چمي ڏيندو ويس، ۽ سڀئي اسان کي ايتريون دعائون ڪرڻ لڳا، جو ڪنهن به ٻئي جوڙي کي نصيب نه ٿيون هونديون.

جڏهن منهنجي ماءُ پنهنجي طرف وارن ماڻهن سان موٽي پنهنجي ڳوٺ آئي، تڏهن آئون ڏاڍي هيج مان شاديءَ جي تياري ڪرڻ لڳس ۽ اهڙو خيال ئي ڪو نه هوم ته انهيءَ ۾ ڪا روڪ يا ڀڃڪڙي پوندي. جڏهن مون ڏٺو ته بابو هڪڙي ڳوٿري هٿ ۾جهلي، جنهن جاءِ ۾ اسان جي گهرجا ڀاتي ويٺا ها، تنهن ۾ لنگهي آيو. مون کي حيرت لڳي ويئي. چوڻ لڳو ته ”اجهي پيسا. گاوميشلو جو ڪد خدا آخر پنهنجي پٽ لاءِ اهڙو بندوبست ڪري سگهي ٿو، جهڙو ڪو سکر ماڻهو هن ملڪ ۾ ڪري سگهندو. يوسف، منهنجا پٽ، هي ڏهه تومان وٺ، وڃي پنهنجي زال جا ڪپڙا خريد ڪر.“

اهو ٻڌي مون گوڏا کوڙي بابي جو هٿ چميو، ۽ دعا گهري مانس.

منهنجي چاچي پادريءَ کي هيءَ سخا تي ڏاڍو جوش آيو، تنهن چيو ته ”ابا، هان وٺ! ديول جو کاتو غريباڻو آهي  انهيءَ جو پادري انهيءَ کان به وڌيڪ غريب آهي. پر اجهي هي ويهن رپين جون عباسيون اٿئي. اهي شاديءَ جي شين تي خرچجئين.“ ٻيا جيڪي حاضر هئا، تن به ٿورو گهڻو مون کي ڏنو. انهيءَ رستي مون کي قرض کڻڻ جو ضرور ڪو نه ٿيو ۽ ايترو پيسو پاڻ وٽ موجود ڏٺم، جنهن مان هڪدم پنهنجي خريداري ڪري ٿي سگهيس. جن مون سان ايتري ڀلائي ڪئي هئي، تن جي مون شڪر گذاري ڪئي. ايترو پئسو منهنجي ڳنڍ ۾ ڪو نه آيو هو، تنهنڪري خبر ئي نه ٿي پيم ته ڪيئن هلان چلان. حد کان وڌي بي صبر ٿيس. ڀانيم ته هڪدم ايران ڏي ڪپڙن وٺڻ لاءِ روانو ٿيان. ڇا لا جو انهيءَ شهر کان سواءِ ٻي ڪا به جاءِ آسپاس ڪا نه هئي، جتي ڪا بازار هجي. پر خريداريءَ ڪرڻ کان آئون غير واقف هوس، خاص زنانن ڪپڙن خريد ڪرڻ کان تنهن ڪري اها رٿ ٿي ته امان اسان جي پنهنجي گڏهه تي چڙهي هلي ۽ آءٌ پٺيانئس پيادو هليو هلان. ايران ۾ امان جو ڪو واقف هو جو ارمني هو، ۽ جنهن جي گهر ۾ هڪڙي ٻه رات ٽڪي سگهاسين ٿي، باقي رستي ۾ ڪنهن گهمندڙ قوم جي تنبن ۾ سمهي سگهون ٿا، جو رواج موجب هو مسافرن جي مهمانيءَ ڪرڻ لاءِ ٻڌل هئا.

اسين اتان نڪتاسين، امان گڏهه تي ۽ آئون پيادو، مون کي پنهنجي ترار پاسي سان ٻڌل هئي ۽ بندوق ڪلهي تي هئي. اسان جي پٺيان اڌ ڳوٺ جا ماڻهو دعائون ڪندا پئي آيا.

جڏهن ايران جي ٽڪرين تي پهتاسين، تڏهن اسان کي اڇن تنبن جي هڪڙي وڏي منزل گاهه ڏسڻ ۾ آئي.انهن مان هڪڙو تنبو، جو سردار جو هو، سو تمام وڏوهو. اسان کي هڪڙو سوار گڏيو، تنهن خبر ڪئي ته ايران جو سردار هڪڙي وڏي رسالي سان اتي لٿل آهي، انهيءَ لاءِ ته ايران تي ڪاهڻ لاءِ جيڪي روسين ۽ گرجين جا لشڪر جلد اتان لنگهڻا آهن، تن جو سماءُ رکي.

اها خبر ٻڌي، اسان کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. امان چيو ته موٽي هلون ۽ شادي کڻي مهمل ڪريون، پر مون کي محبت تار هئي، سو ٿو اهڙي صلاح ٻڌان؟ مون چيو ته تڪڙا نڪري هلون ۽ وري سگها موٽي اچون. پهرئين ڏينهن اسان ايترو پنڌ ڪيو جو پري کان ايران جا دونهان پئي ڏٺاسين. رات هڪڙي ٽڪر جي نڪ تي گذارياسين، جتان ارارات جو وڏو جبل سامهون پئي ڏٺو، جڏهن پريندي انهيءَ تي نظر پئي سين، تڏهن منهنجي ڇاتيءَ تي صليب جي نشاني آڱر سان ڪڍيسين ۽ حضرت گريگري کان دعا گهري آرام سان سمهي پياسين. گهمندڙ قومون رستي کان پري نڪري ويون هيون، تنهنڪري انهن وٽ ٽڪي نه سگهياسين. نڪا هنن جي پناهه هٿ ڪرڻ جي اميد رکي سين پر جڏهن رات جو ننڊ ڪري صبح جو تازا ٿي اٿاسين، تڏهن وري پنڌ پياسين ۽ صحيح سلامت وڃي ايران ۾ پهتاسين.

امان جو جيڪو واقف هو، سو اسان کي مهرباني سان پيش آيو. ٻئي ڏينهن هو گڏجي شاديءَ جو ڪپڙو گندي بازار مان وٺڻ ويا ۽ آءٌ بازار جي چونڪ ۾ گهمندو رهيس ۽ سڀ ڪنهن شيءِ تي وات پٽيو ٿي بيٺس. جيڪي ماڻهو اتي اچي گڏ ٿيا هئا، تن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيس. سردار دشمن جي برخلاف جيڪي رٿو رٿيون هيون، تن جون گهڻيون ئي افواهون ٻڌم. پڪ هئي ته سگهو ئي ڪا وڏي چڙهي ٿيڻي آهي، ڇا لاءِ جو باروتخانن ۾ تمام گهڻن ماڻهن پئي مايو ۽ اهڙيون ناس ڪرڻ جون ڪلون پئي ٺاهيائون جن جي ايران ۾ اڳي اصل خبر ئي ڪا نه هئي ۽ جي روسي باغين پاڻ اچي ٺاهڻ شروع ڪيون هيون. آءٌ پنهنجن خيالن ۾ اهڙو محو هوس ۽ جيڪا خوشي سگهو ئي حاصل ٿيڻي هيم. تنهنجي ايتري ڳڻتي هيم، جو جيڪي ٻڌم تنهن تي ڪو به خيال ڪو نه ڏٺم. منهنجي دل ۾ آيو ته جي اسان جي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ملڪ ۾ جنگ اچي لڳي ته پوءِ ٽن ديولن واري ڳوٺ جي نيڪ مرد جي معرفت، سردار جي پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين پر جڏهن خيال ڪري ڏٺم ته رستو ڇڏي ور ڪري اوڏي هلڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو، تڏهن اهو ارادو ڇڏي ڏنم ۽ تڪڙ ڪري پنهنجي ترار ۽ بندوق تي ڀروسو رکيم ۽ ڪاهه ڪرڻ وارن جي ڪابه پرواهه ڪا نه رکيم.

جنهن رستي کان اسين آياسين، تنهن سڳائي رستي آئون ۽ امان وري ڳوٺ ڏي موٽياسين، پر اهڙو تڪڙو پنڌ نه ڪيوسين، ڇا لاءِ جو گڏهه تي جيڪي شيون خريد ڪيون هيونسين تنهن جو بار هو ۽ مون پنهنجن هٿيارن کانسواءِ ٻيو به گهڻو بار پاڻ سان کنيو هو. سردار جي منزل اڃا به انهيءَ ساڳئي هنڌ هئي، ۽ اسين ڪنهن روڪ يا اٽڪ کان سواءِ هليا وياسين ۽ وڃي انهيءَ ٽڪريءَ تي پهتاسين، جتان گاوميشلو جو ڳوٺ پئي ڏٺو.

پري کان تنبو ڏسي پهرين امان بيهي رهي. مون کان پڇڻ لڳي ته ”يوسف، اهو ڇا آهي؟ تنبو ٿوڏسجي!“ منهنجي مغز ۾ شاديءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به خيال ڪو نه هو، تنهنڪري جواب ڏنم ته ”هائو، آءٌ ڏسان ٿو، شايد هو منهنجي شاديءَ جي مجلس جي تياري پيا ڪن“.

امان چيو ته ”تنهنجي شادي ٺهي، تنهنجو هوش جاءِ ناهي. مون کي يقين آهي ته اهي يا روسي آهن يا ايراني، ٻنهي حالتن ۾ اسان جي لاءِ خرابي آهي“.

اسين ڏاڍي انتظار ۾ پنهنجي گهر ڏي ڪاهيندا وياسين. ويجهو وياسين ته ڏٺوسين ته جيڪي امان ٿي چيو سو برابر آهي. روسين جو ٿورو پيادو لشڪر جنهن ۾ پنجاهه ماڻهو هئا، سو هڪڙي پنجاهه باشيءَ يا پنجاهه ماڻهن جي سرڪردي هيٺ انهيءَ وقت اچي ڳوٺ ۾ لٿو هو. ٻيو لشڪر اسان کان هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي هو، ۽ انهيءَ پاسي هلندو آيو. ڳوٺ جي هرهڪ گهر ۾ ٿورا ٿورا ماڻهو رهائي ويا هئا ۽ اسان جي گهر جو سڀ کان چڱو هو ۽ نيڪ مرد جو هو، سو لشڪر جي سرڪردي يا ڪپتان پاڻ ورتو.

هي حال ڏسي اسان کي ڪهڙو خوف ٿيو، سو آسانيءَ سان خيال ۾ اچي سگهندو، خاص منهنجي ڪهڙي نه حالت بڇڙي هوندي، جڏهن خيال ڪيو هوندم ته منهنجي شادي في الحال مهمل ٿي ۽ وري يا نصيب، جڏهن ڪي ٿئي. انهيءَ وچ ۾ خبر ناهي ته اسان تي ڪهڙي مصيبت ايندي، شايد اگهاڙا ننگا، نڌڻڪا ۽ خانه بدوش ٿيو ڀڄندا وتنداسين. منهنجو مغز ئي جاءِ نه هو ۽ ڀڄي جيئڪلو ۾ پنهنجي دوستن کي حال ڏيڻ جو ارادو ڪيم، ته من ڪا دل کي تسلي ڏين. هنن جو ڳوٺ ڪاهه ڪندڙن جي رستي کان گهڻو ٻاهر هو، تنهن ڪري انهن وٽ اڃا ڪو لشڪر ڪو نه آيو هو، پر جڏهن هنن ٻڌو ته اسان واري پاسي ڇا ٿي گذريو آهي، تڏهن هن کي به اسان جهڙو ڊپ ڊاءُ ٿيڻ لڳو. مون ويچاريءَ مريم کي ڏٺو سهيٿي، پر ملڪ جي رسم موجب هن سان ظاهر ظهور ڳالهائڻو ڪينهوم، پر عشق کي تجويزون اينديون آهن، انهن سان اسان پاڻ ۾ پڪو انجام ڪيو ۽ پاڪ صليب جو قسم کڻي ڪهڙي به حال ۾ هڪ ٻئي سان ايماندار ۽ وفادار رهڻ ۽ نيٺ هڪٻئي سان ملڻ جو ارادو ڪيوسين.

انهيءَ کان پوءِ هڪٻئي سان گهڻائي ڀيرا پئي ملياسين، پر شادي نه ٿيڻ جي ڪري ايتري نااميدي ٿيم، جو ڪاوڙ کان ديواني ٿيڻ تي هوس. صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو ته سگهو ئي ڪا وڏي آفت نازل ٿيڻي آهي. هڪڙي نه ٻئي ڏينهن ٻنهي طرفن جو لشڪر پاڻ ۾ مقابلو ڪندو، پوءِ منهنجي شاديءَ جي خوشيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو! ههڙي حالت ۾ اهڙي ضروري رسم جي ادائي ڪرڻ گويا تقدير تي کلڻو آهي ۽ پنهنجي لاءِ آئندي جي بدنصيبي تيار ڪرڻي آهي. انهيءَ هوندي به مون کي عشق جي باهه ساڙي ڇڏيو هو ۽ ڪهڙي به حال ۾ شادي ڪرڻ جي مون کي اهڙي تڪڙ هئي، جو جي عذاب روڪي نه ٿي سگهيس، سي صبر ڪري ئي سٺم.

انهيءَ هوندي به اسانجي موٽي اچڻ کان پوءِ ٻه هفتا گذري ويا ته به ڪي به ڪين ٿيو. روسي جيڪي اسانوٽ مهمان ٿي اچي رهيا هئا، تن سان چڱي طرح پئي هلياسين ته هنن ماٺ ۾ پئي گذاريو. جهڙا ايراني ماڻهو ساڳيءَ حالت ۾ تڪليف ڏين ها، انهن کان گهڻو گهٽ تڪليف ٿي ڏني، تنهن ڪري اسين هنن سان گهائل مائل ٿي وياسين. هو اسان وانگي عيسائي مذهب جا به هئا، ۽ صليب جو نشان ڪم آڻيندا هئا. اسان جي ديول ۾ عبادت ڪندا هئا، سوئر جو گوشت کائيندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا.انهن سڀني ڳالهين ڪري اسان جي وچ ۾ محبت ۽ همدردي وڌندي پئي. هنن جو ڪپتان يا سرڪردو ڏاڍولائقن ڀريو جوان ماڻهو هو ۽ پنهنجي خوش خلقيءَ سان ماڻهن کي خوش رکندو آيو، جنهن ڪري اسان کي هن سان پنهنجن خانگي ڪمن بابت گفتگو ڪرڻ جي همت پئي آئي. منهنجي شاديِءَ جي به سڄي ڳالهه هن اهڙي طرح ڪن ڏيئي ٻڌي، جو آءٌ هن کي عمر جي لاءِ پنهنجو دوست سمجهڻ لڳس.

چوڻ لڳو ته ”ڇو نه ٿي تنهنجي شادي هينئر ئي ٿئي، انهن کي ڪهڙي روڪ آهي؟ اسين اوهان کي بچائينداسين، اوهان کي جنهن شيءِ جي گهرج هوندي ۽ جيڪي اسين ڏيئي سگهنداسين سو به ڏينداسين. ايراني اڃا چرڻ پرڻ جي ڪا نه ٿا ڪن، اسان جي لشڪرکي به جيسين ٽفلس مان مدد اچي، تيسين اهو اڳتي نه هلندو. تنهنڪري تون پاڻ اسان جي غير حاضريءَ کان اسان جي هوندي گهڻي خوشيءَ ۽ آرام سان شادي ڪري سگهندين.“

انهيءَ کان سواءِ هن انجام ڪيو ته آءٌ ڪنوار کي گرجستان جي ٿوري زري به سوکڙي ڪري ڏيندس ۽ تنهنجي سر گشت ڪرڻ لاءِ پنهنجو مدو ڪارا داغي گهوڙو به ڏيندس. هن انهيءَ بابت ايترو گهڻو زور ڪيو، جو نيٺ منهنجن ۽ منهنجي زال جي مائٽن خواهش ڪئي ته شادي وڌيڪ نه ترسائين ۽ هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيائون. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ايترو زور لائي ها ۽ ايترو پنهنجو واسطو ڌيکاري ها، ته مون کي ضرور هن جي بي ايمانيءَ يا دغا جو شڪ پوي ها ۽ مٿس حسد به پيدا ٿئي ها پر اهو ڪپتان اهڙو بدشڪل ۽ ڪوجهو هو، جو مريم جي نسبت ۾ مون کي منجهس ڪنهن به طرح جو ڪو شڪ نه پوي ها، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن هوءَ هن کي ڏسي مٿس موهجي ها ته شايد ڪنهن باندر تي به موهجي سگهي ها. هن جي منهن تي اڇا ڪوڙهه جا داغ هئا ۽ مٿي تي وار اهڙا شوخ، ٿلها ۽ کنڊريل هئس، جهڙا سئا يا سيڙهه جا ڪنڊا، ۽ رنگ به ڪکائون هون. هن جون اکيون ڄڻ ته مٿي ۾ گول اونها ٽنگ هئا، جي ڳلن وارن هڏين جي ٽڪرين جي پٺيان ٿيل هئا. هن جو نڪ هڪڙو ٿورو گوشت جو ٽڪر هو، جنهن جي هيٺان ڄڻ ته آر سان ٻه ٽنگ ڪڍي ڇڏيا هئائون ۽ هن جي کاڏي اهڙي پئي چمڪي جهڙو شيشو ۽مٿس وار جو نالو ئي ڪو نه هو.هيٺ ڀرو هن جي مٿئين چپ تي ٿورا وار هئا، جي هيٺيئن جي به نسبت وڏا ڏسڻ ۾ ئي آيا، سي به اهڙا تيل لڳل ۽ ڪارا ڪيل هئا، جهڙا هن جا جوتا، جي پير ۾ پيل هئس.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org