سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :15

Text Box:  

باب چوٽيهون

حاجي بابا پنهنجي عهدي جي ڪم هلائڻ ۾ ايراني زبردستي ۽ حڪومت جو نمونو ڏيکاري ٿو

شاهه سلطانيه ڏي آهستي آهستي هلندو آهي ۽ نيٺ چوڏهن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ ٺهرايل سڀاڳي گهڙيءَ ۾ هلي اتي پهتو ۽ آرڙهه واري محلات ۾ داخل ٿيو، جا ٿورن ڏينهن کان اتي جوڙائي وئي آهي. اها قديم ڦٽل شهر جي ويجهو هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي جڙيل آهي ۽ انهيءَ مان هيٺيون سڄو ميدان پيو ڏسجي، جنهن تي انهي وقت تي منزلگاهه جا اڇا تنبو لڳل ڏسڻ ۾ پئي آيا. اهي ڏسي مون کي پنهنجو نسقچيءَ جو عهدو وڏو پئي معلوم ٿيو جو جنهن وقت آءٌ ترڪمانن جي تنبن ۾ رهندو هوس، تنهن وقت کي خراب حالت سان پنهنجي هاڻوڪي حالت جو مقابلو ٿي ڪيم. پاڻ کي چيم ته ”آءٌ هاڻي وري به ڪنهن حال ۾ آهيان. اڳي آءٌ پاڻ مارون کائيندو هوس، هاڻ ٻين کي مارون ٿو ڏيان. ننڍي هوندي اصفهان ۾ منهنجو استاد مون کي پڙهائيندو هو ۽ صرف نحو سمجهائيندو هو، ۽ آءٌ ڪين پيو سمجهندو هوس، پر هاڻ مون پاڻ ۾ معروف ۽ مجهول يا فاعل ۽ مفعول جو چڱو مثال ڏٺو. خدا ڪري ته مون کي وري پاڻ جهڙن انسانن سان مهربانيءَ ۽ مروت ڪرڻ جو چڱو وجهه ملي.“

مون اڃا اهي خيال پئي پچايا ته شير علي مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته ”اسان جو نصيب مٿي اڏاڻو آهي، تون مون سان گڏ هلندين ۽ انشاء الله اسين سڀ ڪم لاهي ڇڏينداسين. توکي خبر هجي ته شاهه جي منزل لاءِ جيڪا سرسات گهربل آهي، سا گهڻو ڪري پاسي وارن ڳوٺن مان اچڻي آهي، ڀانئجي ٿو ته ڪج سوار جو ڳوٺ جو هن ڳوٺ ۽ همدان جي وچ ۾ آهي تنهن اڃان پنهنجو حصو نه موڪليو آهي ۽ عذر اهو ڪيو اٿس ته ٿورا ڏينهن ٿيندا جو هڪڙي شهزادو پنهنجي عملي سميت شڪار لاءِ ڪيترائي ڏينهن اُتي اچي منزل ڪئي ۽ ماڻهن جو گهر گهاٽ کائي چٽ ڪري ويو. هاڻي مون کي حڪم ٿيو آهي ته اتي وڃي جانچ ڪريان ۽ اتي جي ڪد خدا يا پريئي مڙس کي ڳوٺ جي ٻين سکرن سان گڏ پنهنجي سردار جي اڳيان آڻي حاضر ڪريان. تون منهنجو دوست آهين، تنهنڪري مون کي موڪل ڏني اٿن ته توکي به پاڻ سان وٺي وڃان، جيتوڻيڪ ٻيا نسقچي ڪرڪن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان جو وارو ٿو وڃي. سو تون تيار ٿي ته شام جي نماز کان پوءِ هلون، ڇا لاءِ جو سڀاڻي صبح جو منهنجو ارادو آهي ته اتي هلي رسون.“

آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس جو ڏٺم ته اهڙو جلد وري مون کي پنهنجي چالاڪي ڏيکارڻي پئي ۽ جيتوڻيڪ مون کي ٿوري به خبر نه هئي ته شير علي ڪهڙيون تجويزون ڪندو. تڏهن به مون کي سمجهيو ٿي ته اسان جهڙا وقت جا يار پنهنجي عقلمنديءَ جي وسيلي انهيءَ مان گهڻوئي ڪي ڪمائي سگهندا. مون چيو ته ”جي شهزادو اهڙي سڃ ڪري ويو هوندو ته اسان جي لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيو هوندائين، ته پوءِ چئبو ته اسان جو طالع خراب آهي. هڪڙي شاعر جو قول آهي ته ”گدرو ڪهڙو به خراب ٿيندو، ته به کل هونديس ۽ جيتوڻيڪ ڪو ظالم ڪيا ڏاڙهي پاڙؤن کڻي پٽي ڇڏيندو ته به کاڏي ته ضرور هوندي، جنهن تي اها بيٺل هئي.“ اهي خيال پچائيندو آءٌ پنهنجي گهوڙي وٽ ويس، جو ٻين نسقچين جي اڳياڙيون پڇاڙيون ڪڍيونمانس، تڏهن پاڻ سان انهي جي مقابلي ڪرڻ کان آءٌ رهي نه سگهيس. چيومانس ته ٻيلي هاڻ تون آزاد آهين، چڪ هڻين، لتون هڻين، جيڪا مستي وڻئي سا ڪر. دل ۾ چيم ته ايراني به جڏهن پنهنجي ڌڻيءَ جي ڊپ کان آزاد ٿيندو آهي، تڏهن ائين ئي ڪندو آهي.

سج لٿي آءٌ ۽ شير علي هڪڙو ڇوڪر ساڻ وٺي انهيءَ کي پنهنجي سامان واري خچر تي ويهاري منزلگاهه مان روانا ٿياسين. خچرن تي اسان جا هنڌ ۽ اسان جي گهوڙن جا رسا ۽ جهليون هيون، جنهن وقت کان وٺي سپاهگيري ۾ مشغول ٿيس، تنهن وقت کان وٺي مون پنهنجي نالي سان بيگ جو لقب لاڳو ڪيو، ۽ هن چڙهي ۾ به پنهنجي وڏائي ڏيکارڻ لاءِ مون ڪنهن کان چانديءَ جي هڪڙي ڪلنگي گهوڙي جي مٿي لاءِ ۽ ڪنهن کان چانديءَ جو چڙهيل هڪڙو تپاچو پنهنجي ڪم لاءِ اڌارو ورتو هو ۽ انهن سان اهو انجام ڪيو هوم ته جي فتحيابي ٿي ته تنهنجي لاءِ ڪا سوغات آڻيندس.

اسان سڄي رات پنڌ ڪيو، رڳو ٻه ڪلاڪ رستي تي هڪڙي ڳوٺ ۾ ننڊ ڪئيسين، صبح جو جڏهن زالن وٿاڻن مان مال ٿي ڪاهيو ۽ مڙسن ٻني ٻاري جي ڪم تي وڃڻ کان اڳي حقا پئي ڇڪيا، تڏهن اسين ڪج سوار ۾ پهتاسين. اسان کي ويجهو ايندو ڏسي ڳوٺ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي، زالن ڳالهائڻ بند ڪري پنهنجا منهن کڻي لڪايا ۽ مڙس پنهنجن جاين تان ٽپ ڏيئي اٿيا. جڏهن ويجها وياسين تڏهن شير علي بيگ جيڪا پنهنجي شڪل بنائي سا جي پڙهندڙ ڏسن ها ته چڱو هو. اهڙي کڻي آڪڙ ڪيائين جو ڦوڪجي ڦوڪجي اسان جي سردار نسقچي باشي جيڏو ٿي پيو ۽ وڏي عملدار وارو حڪم رکي پڇائين ته ”ڳوٺ جو ڪد خدا يا نيڪ مرد ڪٿي آهي؟“ هڪڙو نماڻو ماڻهو، اڇي ڏاڙهي سان نڪري آيو ۽ چيائين ته ”آغا السلام عليڪم، اهو آءٌ تنهنجو غلام آهيان. شل تنهنجا قدم مبارڪ هجن ۽ تنهنجو پاڇو گهٽ نه هجي.“ پوءِ اسين بسم الله چئي گهوڙن تان لهي پياسين ۽ هنن اسان کي لهڻ ۾ مدد ڏني. هڪڙي گهوڙي جو مٿو جهلي، ٻئي رڪاب ورتو ۽ ٽئين بغل ۾ هٿ وڌو. انهيءَ طرح اسين پاڻ کي جيترو ڳرو ڪري سگهياسين اوترو ڳرو ڪري ۽ وڏن ماڻهن وانگر پٺا مٿي ڪري لٿاسين: ڪد خدا جي گهر وٽ هڪڙو ننڍو غاليچو کڻي وڇايو هئائون، اتي اسان کي وٺي هلي ويهاريائون ۽ ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو اسان جي پٺيان لڳا آيا. اسين اتي ترسياسين، جيسين ڪ اندر اسان جي لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪيائون. ڪد خدا پاڻ اسان جا جوتا ڇڪي لاٿا ۽ مهمانن جي جيڪا ٻي خدمت ڪرڻ ۾ ايندي آهي، سا به هن پاڻ ڪئي. شير علي اها سڀ خدمت ڪرڻ پئي ڏني، جيئن ته سندس ڪا حقداري هجي، پوءِ حقي جون وڏيون ڦوڪون ڀري، وڏي سڏ مهماندار کي چوڻ لڳو ته ”تون جو ڪج سوار جو ڪد خدا آهين، تنهن کي خبر آهي ته آءٌ شاهه جي طرفان آيو آهيان. آءٌ وري به چوان ٿو ته شاهه جي طرفان آيو آهيان ۽ پڇان ٿو ته ڪهڙي سبب هن ڳوٺ سلطانيه ۾ شاهي منزل جي لاءِ سرسات جو حصو نه ڏنو آهي ۽ انهي لاءِ ٻه مهينا اڳي همدان جي حاڪم فرمان جاري به ڪيو هو. انهيءَ جو مون کي جواب ڏي ۽ پنهنجو منهن اڇو ڪر.“

ڪد خدا جو جواب ڏنو ته”هائو اکين سان، جيڪي اڳي چيو اٿم سو وري به هاڻي چوندس.“ ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن ڏي اشارو ڪري چوڻ لڳو ته هي جيڪي ماڻهو حاضر آهن سي ڄاڻن ٿا ته آءٌ سچ ٿو چوان، جي ڪوڙ ڳالهايان ته شل اصل چٽ انڌو ٿيان. نسقچي صاحب آءٌ عرض ٿو ڪريان ته ”تون ماشاءَ الله چڱو ماڻهو آهين ۽ عقلمند ۽ هوشيار تيز فهم آهين ۽ مسلمان ۽ خدا ترس ماڻهو آهين. آءٌ سچ کان سواءِ ڪي به ڪين چوندس. جيڪا حقيقت آهي سان ڪريان ٿو، اوهان کي جيئن وڻي تيئن ڪجو.“ شير علي چيو ته ”چڱو، چڱو، جو آءٌ بادشاهه جو نوڪر آهيان. انهي کي جيڪي وڻندو سو ڪندو، توکي انهي ڳالهه جو ڌيان رکڻ کپي.“

ڪد خدا چيو ته ”سائين اوهين مالڪ آهيو، مگر اوهين مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ته ڪن ڏئي ٻڌو: اٽڪل ٽي مهينا ٿيندا جڏهن ڪڻڪ اڃا هڪڙي گز جيڏي هئي ۽ ڇيلن ۽ گهيٽن ملڪ ۾ پئي ٻيڪيو، تڏهن شهزادي خراب قلي مرزا جو نوڪر اسان وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته شهزادو سڀاڻي هن ڳوٺ ۾ اچي منزل ڪندو جو اتي گهڻا آهن. هن حڪم ڏنو ته ڳوٺ ۾ جيڪي چڱا چڱا گهر هجن سي شهزادي ۽ سندس عملي لاءِ تيار ڪري ڇڏجن، ۽ هر قسم جي سرسات آڻي حاضر ڪجي. هن خبر پوڻ شرط سڄي ڳوٺ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. جڏهن اسان ڏٺو ته شهزادي جي نوڪر کي منٿن آزين ڪرڻ يا رشوت ڏيڻ سان به هن آفت کان ڇٽي نه سگهنداسين، تڏهن پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيوسون ته پنهنجا گهر ڇڏي وڃي جبل ۾ رهون، جيسين ڪ اهو مصيبت جو ڏينهن لنگهي وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن غريب ڪڙمين جي حالت ڏسو ها جو جيڪي به دنيا ۾ هن جي هٿ ۾ هو سو لاچار ٿي اٿي هليا. تڏهن اوهان جي دل ڏڪي وڃي ها ۽ اوهان جو جگر پاش پاش ٿي وڃي ها.“

شير علي چيو ته ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ شاهه جون ديهون ويران ٿي ويون آهن ۽ جيڪي انهن کي ڇڏي ويران ڪري ڀڄي ويا آهن، تن تي رحم ۽ قياس ڪريان؟ نه، نه. جيڪڏهن شاهه کي انهيءَ جي خبر پوي ها ته انهن سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏي ها.“

ٻڍي دهقاني چيو ته ”مهرباني ڪري سڄي ڳالهه ٻڌي وڃو ۽ ٿورو تحمل ڪريو. اسين پنهنجا ڪم جهڙا وسيلا ڍورن ڍڳن تي رکي جبل ڏي وياسين ۽ اتي هڪڙي ماٿر ۾ هڪ وهندڙ واهيءَ جي ويجهو رهي پياسين. پٺ تي رڳيون ٽي بيمار ڪراڙيون زالون رهيون ۽ ٻيون ڳوٺ جون ٻليون.“

منهنجي سنگتيءَ مون ڏي منهن ڪري چيو ته ”حاجي، ٻڌين ٿو؟ جيڪا قيمتي شيءِ هئي سا هو پاڻ سان کڻي ويا، رڳو ٺلهيون ڀتيون ۽ پنهنجون ڪراڙيون زالون شهزادي جي لاءِ ڇڏي ويا.“ پوءِ وڏيري کي چيائين ته ”چڱو، ڳالهه ڪر!“

وڏيري چيو ته ”اسان وقت بوقت جاسوس پئي موڪليا ته خبر وٺي اچن ته اتي ڇا ٿو هلي ۽ اسين پاڻ جبلن جي ٽڪرين ۽ چوٽين تي رهيا پيا هئاسين. ٻئي ڏينهن ٻن پهرن ڌاري سرڪاري ماڻهو ڳوٺ ۾ اچي لٿا ۽ جڏهن ڏٺائون ته ڳوٺ جا ماڻهو سڀ ڀڄي ويا آهن. تڏهن ڏاڍا نااميد ٿيا ۽ ڪاوڙيا. شهزادي جا نوڪر گهر گهر ڪري گهميا ۽ زور سان در پٽڻ لڳا. هن کي رڳي هڪڙي ڳالهه نسورو ڪيو جو هڪڙي ڪراڙي زال همت جهلي هنڌ مان نڪري، هنن کي اهڙا طعنا مهڻا ڏنا جو ڪوبه دل جهلي هنن کي سامهون ٿي نه سگهيو. شهزادي لاچار ٿي سرسات پاسي واري شهر مان گهرائي ورتي، ۽ منهنجي گهر ۾ لهي پيو. جتي ڪٿي ڪو ان ڏٺائون، اتان اهو هٿ ڪيائون، اسان جا هر ڦار ڪاٺيون ڪري باهه ۾ ساڙيائون، ۽ جڏهن اهي پورا ٿيا تڏهن در دريون پٽي ٻارڙن لڳا. آخر جاءِ جون ڪامون ۽ پٽيون به نه ڇڏيائون. هنن پنهنجا گهوڙا وڃي بيٺلن ڪڻڪن ۾ ٻڌا ۽ ڪيتري ڪڻڪ لڻي کڻي به ويا. مطلب ته اسين بلڪل ناس ٿي ويا آهيون. اسان وٽ نڪو پيسو رهيو آهي، نڪو ڪپڙو، نڪو ڍور، نڪو گهر، نڪو کاڌو، خدا ۽ اوهان کان سواءِ اسان جي ڪا ئي به ٻي پناهه ڪانهي.“

اتي بيگ ٽپ ڏئي پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ پرئي مڙس جي ڏاڙهي جهٽ ڏيئي کڻي ورتائين ۽ چوڻ لڳس ته ”ٻڍا، هنن اڇن ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي توکي شرم نٿو اچي؟ اڃا تو هينئر چيو ته جيڪي ڪم جهڙا وسيلا هئا سي پاڻ سان کڻي جبل ۾ ويو، هاڻ ٿو ڍونگ ڪري چئين ته اسين ناس ٿي ويا آهيون. ائين ڪڏهن ڪين ٿي سگهندو. اسين هيترو پنڌ ڪري تو وٽ پاڻ کي خوار خراب ڪرڻ ڪين آيا آهيون، جي تون ڀائيندو هجين ته اسان پنهنجون ڏاڙهيون بازار ۾ کلائڻ لاءِ انهن آنديون آهن، اسين انهن ماڻهن مان آهيون جي هڪڙيءَ اک پٽي ۽ ٻي پوري سمهندا آهن، جيڪا به لومڙي پنهنجي ٻر مان لڪي نڪري ٿي، تنهن جي اسان کي خبر پوي ٿي، جي تون پاڻ کي ٻلو سمجهندو هوندين ته اسين ٻلن جا به ڏاڏا آهيون، جي تو اسان کي ٺڳيو ته ڄاڻيو ته تنهنجي ڏاڙهي اسان جيءَ کان گهڻي ڊگهي هوندي، ۽ تون اسان کان گهڻو ملڪ گهميو آهين.“

ڪد خدا چيو ته ”نه توبهه، خدا پناهه رکي، جي مون کي ڪو اوهان کي ٺڳڻ جو خيال هوندو. منهنجي ڪهڙي مجال جو اهڙو خيال ڪري سگهان؟ اسين شاهه جي رعيت آهيون، جيڪي اسان وٽ آهي، سو هن جي ملڪ آهي. پر اسان سان ڦر ٿي آهي، اسان جي کل ئي لاهي ويا آهن. وڃي اوهين پنهنجن اکين سان ڏسو. اسان جون ٻنيون ڏسو. اسان جا ڀانڊا ڏسو. اسان وٽ اَن جو زرو ئي ڪونهي. نڪو ٻنين ۾، نڪو گهرن ۾.“

شير علي چيو ته ”چڱو، کل لهڻ يا نه لهڻ، اَن هئڻ يا نه هئڻ سان اسان جو ڪم ئي ڪونهي، اسان کي رڳو هڪڙو رستو وٺڻو ۽ هڪڙو اکر چوڻو آهي: اهو هي ته شاهه جي حڪم جي بجا آوري ڪبي. جيڪا سرسات اوهان کي ڏيڻي آهي سا جنس ۾ ڏيو يا پيسن ۾، نه ته تون ۽ ٻيا تنهنجا چڱا مڙس سڀ اسان سان گڏجي سلطانيه ۾ هلون، جتي اوهان کي سرڪاري عملدار پاڻيهي قابو ڪندا.“

ايتري چوڻ کان پوءِ ڪد خدا ۽ ڳوٺ جي سکرن جي وچ ۾ گهڻي تائين سس ڦس ۽ صلاح مشروت هلي. سڀ وڃي هڪ ڪنڊ ۾ سوڙهيا ٿيا هئا ۽ اسانکي ڇڏي ڏنائون، جو دم جهليو بي پرواهي سان حقو پئي ڇڪيوسون.

نيٺ هنن پنهنجي مشورت جو نتيجو اسان کي ٻڌايو ۽ هاڻ وري ٻيءَ طرح جي رٿ رٿيائون، ڇا لاءِ ته وڏيري اچي منهنجو پاسو ورتو، ۽ مون کي چٽون ٻڌڻ لڳو ۽ ٻيو هڪڙو ٻيو مرد وري شير علي بيگ کي وڃي لڳو. وڏيرو مون وٽ ڏاڍيءَ دوستيءَ ۽ خير خواهيءَ جو دم هڻڻ، ۽ دستور موجب خوشامد ڪرڻ لڳو، چوڻ لڳو ته ”تو جهڙو انسان خدا جي ساري مخلوقات ۾ ڪونه هوندو. خدا جو قسم، تون منهنجي ٻين ڳوٺ وارن جي دل ۾ بيهي ويو آهين، ۽ اسان جي تو سان دل ٻجهي ويئي آهي. تو کان سواءِ ٻيو ڪوبه اسان کي هنن مشڪلاتن مان ڪونه ڇڏائيندو. ”جيسين هن پڻ ڳالهايو، تيسين آءٌ ماٺ ڪيو ويٺو هوس ۽ پنهنجي جيڪي سان پئي راند ڪيم، پر جڏهن هو ٿورو گهڻو ماٺ ڪرڻ لڳو ۽ حقڪي ڏيڻو هو سو آڇيائني، تڏهن سو مون البت ڏانهس ڌيان ڏنو. هن چيو ته ”اسان سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري هن ڳالهه تي ٺهراءُ ڪيو آهي، ته جيڪي اسان وٽ اصل ڪينهي سو موڪلڻ ته ناشندني آهي ۽ انهيءَ جو خيال ته اصل ڇڏي ڏيڻ گهرجي. باقي جي اسان کي فائدي پهچائڻ لاءِ ڪي اوهان کي ڪرڻو هجي ته انهيءَ جي ڏيڻ لاءِ اسين تيار آهيون.“

مون چيو ته اهو ته ٺهيو پر، رڳو مون هڪڙي جو ته خيال ڪرڻو ناهي. هتي ته اسين رڳا ٻه ڄڻا آهيون، پر اوهان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي عملدار کي به ته خوش ڪرڻو آهي ۽ جي اوهين پهرين انهيءَ جو خيال نه ڪندؤ ته اوهان جو سڀ پورهيو ۽ خرچ اجايو ٿيندو، ۽ جي اوهين هن جي هٿ جي تري سڻڀي ڪري گهرندؤ ته انهيءَ لاءِ گيهه جا مڻ گهربا، نه مثقال،(1) انهن جي پڪ ڄاڻجو.“

ڪد خدا چيو ”جيڪي اسان وٽ آهن سو اسين جو ڏيون.“

مون چيو ته ”يار ٻڌين ٿو، جيسين نقد پيسا هتي کڙڪائي نه ڏيندين، تيسين ٻيا تنهنجا عذر سڀ اجايا آهن، جي پيسو هٿ ۾ هوندئي ته بادشاهه جو ڇٽ به سندس مٿي تان لهرائي ڪري سگهندين، پر پيسن کان سواءِ آءٌ پڪ ٿو ڏيائين ته رڳو موچڙا ملندئي.“

ڪد خدا چيو ته ”او پيسو! پيسو. اسين ڪٿان آڻينداسين؟ اسان جن زالن کي جڏهن ڪو سڪو هٿ لڳندو آهي، تڏهن انهيءَ ۾ ٽنگ ڪري انهي کي زيور وانگي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي ڇڏينديون آهن، جيڪڏهن اسين سخت پورهيو ڪري ڪي پنجاهي تومان ڪڍي سگهندا آهيون ته اهي زمين ۾ پوري ڇڏيندا آهيون ۽ انهيءَ ڪري اسان کي ايترو انتظار رهندو آهي جو ڪوهه نور جهڙي هيري رکڻ ڪري به نه ٿيندو هوندو.“ تنهن کان پوءِ هو مون کي ويجهو اچي ڪن ۾ گهڻي نياز سان چوڻ لڳو ته ”تون آخر مسلمان آهين، گڏهه ناهين، توکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته جي نٽائي سگهنداسين ته شينهن جي وات ۾ وينداسين. مون کي ٻڌاءِ ته هي تنهنجو سنگتي ڪيتري تي راضي ٿيندو؟ پنج تومان ۽ هڪڙي گلابي شلوار آڇيانس؟“ ڏينداسين، پر ٿورن ڏينهن کان محصول اهڙو ڳرو ٿي پيو آهي جو پنهنجن زالن ٻارن کان سواءِ حقيقت ڪري اسان وٽ ٻيو ڪي به ڪين وڃي رهيو آهي.

مون چيو ته ”مون کي ڪهڙي خبر ته هو ڪيتري تي راضي ٿيندو. مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته هن ۾ رحم جو ذرو به ڪونهي. تون پنجن مان ڏهه تومان ڪر ۽ سٿڻ جي بدران ڪوٽ ڏي ته آءٌ ڪوشش ڪري هن کي قبول ڪرايان.“

پير مرد چيو ته ”او، اهو تمام گهڻو آهي. اسان جي سڄي ڳوٺ مان ئي ايترو ڪين نڪري سگهندو، تون هنن کي پنجن تومانن ۽ سٿڻ تي راضي ڪراءِ ته پوءِ شڪر گذاريءَ ۾ توکي اهڙي سوکڙي ڏينداسين جو عجب لڳندئي.“

اتي اسان جي گفتگو بس ٿي ۽ جهڙو مون کي انتظار هو ته پنهنجي سنگتي جو حال احوال وٺان، تهڙو هن کي ڪد خدا سان منهنجي سس پس جي نتيجي معلوم ڪرڻ جو هو. هڪٻئي کي حال ڏيڻ سان معلوم ٿيو ته ٻنهي ٻڍن دهقانين کي اها ڳڻتي هئي ته اسان ڇا ڇا وٺڻ ٿا گهرون. مون شير علي کي چيو ته ”تنهنجي نالي مون هن کي چيو آهي ته هي شخص ايترو سون کائي هضم ڪري ويندو، جيترو شتر مرغ لوهه به نه کائي ويندو هوندو، ۽ تنهن کان سواءِ اهڙو مغرور آهي جو ڏهاڪن کان گهٽ جي ڳالهه ته ٻڌندوئي ڪين آهي.“

شير علي چيو ته ”شاباس، چڱو چيو اٿئيس. ۽ مون وري پنهنجي گراهڪ کي چيو آهي ته جيسين هن منهنجي سنگتيءَ کي چڱي رقم نه ڏيندو، تيسين هو اوهان ۾ الائجي ڪهڙا گهوڙا وجهندا، جيتوڻيڪ اوهين ماٺ ڪري ويهندو ۽ غريب ڏسڻ ۾ ايندؤ.“

نيٺ ٿوري دير کان پوءِ هو سڀ ماڻهو وري اسان وٽ آيا. ڪد خدا صوفن ۽ ناسپاتين ۽ ماکيءَ جو هڪڙو مرتبان ۽ ٿورو تازو پنير نذرانو ڪري کڻي آيو ۽ دستوري عرض ڪرڻ سان منهنجي سنگتيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن اهي شيون اسان جي اڳيان پکيڙي رکيائون تڏهن ڪد خدا آهستي پنجن تومانن ۽ شلوار جي آڇ ڪئي، ۽ پنهنجي ڳوٺ وارن جي ڪمبختي ۽ مصيبت جو ذڪر اهڙن لفظن ۾ ڪيائين جو ٻئي ڪنهن جو هانو جيڪر ڳري وڃي ها، پر شير علي تي انهن جو اثر ڪوبه ڪونه ٿيو.

اسان هڪدم پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو ته اهو نذرانو موٽائي ڇڏيون ۽ چيوسين ته هي اسان جي اڳيان کڻي وڃو. هي ٻڌي هنن ويچارن غريبن جو ساهه ئي سڪي ويو ۽ پنهنجن ميون وغيره جون ٿالهيون هٿن تي کڻي، ڏک ۽ ارمان ۾ موٽي هليا ويا.

اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ هو وري موٽي آيا. ڪد خدا اڳئي خبر وٺي پڪ ڪئي هئي ته جي ڏهه تومان ۽ ڪوٽ ڏيندا ته سندن تحفو قبول پوندو. جڏهن اسان انهي ميوي مان ڪجهه کاڌو، تڏهن شير علي تومان کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ ڪوٽ به کنيائين. ۽ مون کي وري هاڻ اهو انتظار رهيو ته ڏسان ته اها ڪهڙي شيءِ ٿي مليم، جنهن ڪري عجب ۾ پئجي ويندس. پر نيٺ مليو ڪي به ڪين. جيتوڻيڪ ڪد خدا ذري ذري مون کي اکين جي اشارن سان خوش پي رکيو.

نيٺ بي صبر ٿي پڇيومانس ته ”اها شيءِ ڪٿي آهي، ڪهڙي آهي ۽ ڪيتري جي آهي؟“ هن چيو ته اچي ٿي، ٿورو صبر ڪر، اڃا تيار نه ٿي آهي.“ نيٺ ٿوريءَ دير کان پوءِ اها ساڳي شلوار جا شير علي رد ڪئي هئي، سا وڏي ٺاهه ٺوهه سان هڪڙي مجمعي ۾ رکي منهنجي اڳيان آڻي رکيائون، ۽ گهڻي نياز ۽ ادب سان انهيءَ جي قبول ڪرڻ لاءِ مون کي عرض ڪيائون.

مون چيو ته ”هي ڇا آهي؟“ جيڪي منهنجي اڳيان بيٺا هئا انهن ڏي منهن ڪري چيو ته ”اي بيشرمو اوهان کي خبر ڪانهي ته آءٌ جلاد آهيان ۽ اوهان جي پٺين کي ساڙي سگهان ٿو، ۽ اوهان کي ايترو عذاب ڏيئي سگهان ٿو جيترو اڳي ڪڏهن نه چکيو هوندو. هن ڪني شلوار آڻي ڏيڻ مان اوهان جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪا اوهان جي بيحيا وڏن جي جوڙيل ۽ پيڙهين لٿل آهي، سا ٿا مون کي ڏيو؟ اوهين بيوقوف هوندؤ جي ڄاڻندا هوندو ته آءٌ هن ڪني اڳريءَ جي لاءِ اوهان جو طرف وٺندس ۽ اوهان جون تڪليفون لهرائيندس.، هي پنهنجي شلوار مون وٽان کڻي وڃو، نه ته پاڻهي ڏسندو ته نسقچي ڇا ڪري ٿو سگهي.“

انهيءَ تي هو اها کڻي وڃڻ تي هئا ته شير علي بيگ هنن کي روڪيو، چيائين ته ”ڀلا مون کي اها شلوار ته ڏيکار.“ پوءِ اها کڻي پنهنجن اکين ۾ سج جي وچ ۾ جهلي ۽ آزمودگار بزارين وانگي انهي کي چڪاسي ڏسي چوڻ لڳو ته ”واهه، هي چڱي آهي، منجهس عيب ڪونهي. ٺهيو هي مون کي آئي. ڀلائي اوهان جي. شل اوهان جي گهر ۾ برڪت پوي!“

هي ڏسي سڀ ڪنهن کي حيرت وٺي ويئي، ڪنهن کي به اعتراض آڻڻ جي همت نه ٿي. انهي طرح مون کي جو گهڻي فائدي جي اميد هئي، تنهن کي اهو ٿورو انعام به نصيب نه ٿيو. پر ايترو آزمود سو حاصل ڪيم، ته اڳتي پنهنجن ملڪ ڀائين سان ڪهڙيءَ طرح هلت ڪجي ۽ جيڪو پاڻ کي دوست سڏائي، تنهن تي ڪيترو ڀروسو رکجي.


(1)   ايران ۾ مڻ ۾ ساڍا ست پائونڊ آهن، ۽ مثقال ۾ چويهه گرين.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org