سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :2

ديباچو

هيءُ ڪتاب اصل انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪپتان جيمس مورير صاحب جو لکيل هو. جو ايران جو مشهور سياح هو. هو انگريزي ايلچين يا وڪيلن سان گڏ وقت بوقت ايران ۾ پئي آيو. ۽ سڄا ويهه ورهيه ايران ۾ گذاريائين ۽ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن جو گشت ڪيائين. هن ڪتاب ۾ هن انهيءَ وقت جو مفصل احوال ڏنو آهي. جڏهن فتح علي شاهه قاچار ايران جو بادشاهه هو ۽ يورپ جي گهڻن ملڪن جا وڪيل ايران جي دربار ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ واپار ۽ آمدورفت جا عهدناما ڪندا هئا. هن ايران جو ملڪي، مالي، قومي ۽ اخلاقي، سمورو احوال ڏنو آهي ۽ جيڪي ماڻهو هن ۾ ڏنا اٿس، سي سڀ سچا ماڻهو هئا، مگر هنن جا نالا بدلائي قصي ۾ آندا اٿس. هن صاحب ايران جي ماڻهن جا عيب ثواب سڀ ظاهر ڪري ڏيکاريا آهن، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته انهيءَ وقت کان پوءِ گهڻن ڳالهين ۾ سڌارو ٿيو آهي ۽ اڄ ايران جي حالت ٻي آهي. اگرچ گهڻيون قديم رسمون اڃا تائين اهي ساڳيون جاري آهن.

جن ڏينهن ۾ فتح علي شاهه ايران جو بادشاهه هو، تن ڏينهن ۾ سنڌ جا حاڪم مير صاحب هئا، ۽ چار ڀائر گاديءَ تي هئا. انهن جا وڪيل ايران ڏي ويندا هئا ۽ ايران جا ماڻهو علم ۽ هنر وارا، توڙي واپاري سنڌ ۾ ايندا هئا انهيءَ طرح گهڻيون رسمون سنڌ ۾ به جاري ٿيون. جي اڃا تائين هلنديون اچن، بلڪه ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح انهيءَ وقت جا اڃا تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم پيا اچن.

جڏهن مورير صاحب جو هيءَ ڪتاب سن 1823ع ۾، پهرين لنڊن ۾ ڇپيو هو، تڏهن ماڻهن کي تمام گهڻو پسند آيو ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ انهيءَ جو ترجمو ٿيو. هندستان ۾ به  اردو ۽ ڪن ٻين ٻولين ۾ انهيءَ جو ترجمو ٿيو آهي. ٿورا ڏينهن ٿيندا جو هڪڙي معزز دوست مون کي صلاح ڏني ته انهيءَ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪجي ته چڱو آهي. ان موجب مون هيءَ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جي پڙهڻ مان ٻه ٽي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا: هڪڙو ته هيءُ، قصي جو ڪتاب آهي ۽ اسڪولن جي شاگردن خواهه ماڻهن جي لاءِ دل جي وندر ٿيندو، ٻيو ته اصل مصنف جيڪي عيب ثواب ڏيکاريا آهن، سي ڏسي اسين پنهنجو به سڌارو ڪري سگهون ٿا ۽ ٽيون ته قصي مان اها چڱي نصيحت ڪڍي سگهجي ٿي ته ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ گهڻيئي تڪليفون ۽ مصيبتون پيش اچن ٿيون. مگر ماڻهوءَ کي گهرجي ته همت نه هاري، پر محنت ڪري هر حالت ۾ ڏاهپ ۽ سياڻپ سان وقت گذاريندو اچي ته اميد آهي ته نيٺ هو وڃي سک حاصل ڪندو، جيئن حاجي بابا، هڪڙي حجام جو پٽ ٿي نيٺ وڃي ايران جي بادشاه جو امير ٿيو.

اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هيءُ ڪتاب گهڻو پسند ايندو. هيءُ ڪتاب وڏو هو، تنهنڪري انهيءَ جا ٻه ڀاڱا ڪري ڇاپجن ٿا.

Text Box:  

باب پهريون

 

حاجي بابا جو حسب نسب ۽ تعليم

Text Box: 12

منهنجي پيءُ جو نالو حسن ڪربلائي هو. اهو اصفهان جي تمام مشهور حجامن مان هڪڙو هو. هو اڃا سترهن ورهين جو هو ته هڪڙي قنديل فروش جي ڌيءُ سان شادي ڪيائين، جو سندس دڪان جي پاسي ۾ رهندو هو. پر اها شادي سڀاڳي نه ٿي، ڇا لاءِ جو انهيءَ زال مان اولاد ڪونه ٿيس. تنهن ڪري انهيءَ تان خيال لاهي ڇڏيائين. هو حجامڪي هنر ۾ اهڙو هوشيار هو جو نه رڳو نالو ڪڍيائين، پر ايترا گراهڪ پيدا ڪيائين، خاص سوداگرن مان، جو ويهن ورهين جي ڪمائيءَ کان پوءِ هو ٻي زال پرڻجڻ جي همت ساري سگهيو، ۽ هڪڙي دولتمند صراف جي ڌيءُ جو سڱ ورتائين. انهيءَ عرصي ۾ بابي هن جي اهڙي چڱي سنوارت ڪئي هئي، جو هن سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي بابي جي ڳالهه مڃي ۽ کيس کڻي پنهنجي ڌيءُ ڏني. هينئر بابي ارادو ڪيو ته ڪجهه وقت تائين پهرين زال جي رنج ۽ ريس کان جند به ڇڏائي ۽ پنهنجي سهري کي به پاڻ مان خوش ۽ راضي ڪري، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ اهو کوٽن سڪن هلائڻ ۾ هوشيار هو ته به خدا پرست هئڻ جي دعويَ ڪندو هو. انهيءَ ڪري هن ڪربلا ۾ وڃي حضرت امام حسين رضه جي روضي جي زيارت ڪرڻ لاءِ سفر اختيار ڪيو. هن پاڻ سان پنهنجي نئين زال به کنئي ۽ رستي ۾ انهيءَ مون کي ڄڻيو. انهيءَ مسافريءَ کان اڳي اڪثر بابي کي فقط حسن حجام سڏيندا هئا، پر انهيءَ کان پوءِ هن کي ”ڪربلائيءَ“ جو لقب حاصل ٿيو. آءٌ جو ماءُ جو کاريل هوس، تنهن کي ماڻهو امان جي خوش ڪرڻ لاءِ ”حاجي“ سڏڻ لڳا. اهو نالو سڄي ڄمار مون سان لاڳو ٿيندو آيو آهي، ڇالاءِ جو حقيقت ڪري اهو آبرو جهڙو لقب ڏيندا رڳو انهن کي آهن. جي حج پڙهي ايندا آهن ۽ نبي ڪريم ﷺ جن جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪندا آهن.

        جڏهن بابو سفر تي ٿي ويو تڏهن پنهنجو ڪم پنهنجي وڏي شاگرد جي حوالي ڪري ويو هو، ۽ جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن اهو وري اچي هٿ ڪيائين ۽ انهيءَ ۾ پاڻ وڌيڪ ڪشالو ڪرڻ لڳو. حج ڪرڻ جي ڪري ديندار مسلمان جي، جا اڪثر ناموس نڪرندي آهي، اها ٻڌي گهڻائي قاضي، ملا توڙي سوداگر سندس دڪان تي آمدرفت ڪرڻ لڳا. منهنجي مائٽن جو ارادو هو ته آءٌ  پنهنجو ڌنڌو سکان. تنهن ڪري شايد نماز سيکارڻ کان وڌيڪ مون کي ٻي ڪابه تعليم نه ملي ها، پر پاسي واريءَ مسجد ۾ جو هڪڙو ملو مڪتب پڙهائيندو هو ۽ جنهن جي بابو پنهنجي دينداريءَ جي ناموس قائم رکڻ لاءِ محض خدا جي واٽ ۾ هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو سنوارت ڪندو هو، انهيءَ جو مون ڏي ڌيان ٿيو. انهيءَ بزرگ بابي جي احسان لاهڻ لاءِ مون کي پڙهڻ لکڻ سيکاريو، ۽ ان جي سنڀال هيٺ مون اهڙو سڌارو ڪيو، جو ٻن ورهين جي عرصي ۾ آءٌ قرآن ته پڙهي ويندو هوس، پر چڱا موچارا اکر به لکي سگهندو هوس. جڏهن مڪتب ۾ نه هوس تڏهن بابي جي دڪان تي ڪم ڪار ڪندو هوس، جتي پنهنجي ڪرت به ٿورو ٿورو ڪري سکيس. جڏهن گهڻا گراهڪ اچي سوڙها ٿيندا هئا، تڏهن مون کي موڪل ملندي هئي ته خچرن ۽ اٺن وارن جا مٿا ڪوڙيان، ۽ انهيءَ سيکڙائٽ هئڻ واري وقت ۾ به هو مون کي گهڻا پئسا ڏيندا هئا.

جڏهن سورهن ورهين جو ٿيس، تڏهن ماڻهو مشڪل چئي سگهندا هئا ته آءٌ استاد حجام آهيان يا شاگرد. مٿي ڪوڙڻ، ڪن صفا ڪرڻ ۽ ڏاڙهيءَ ڪترڻ کانسواءِ مون حمام جي هنر ۾ به چڱو نالو ڪڍيو. هندستان، ڪشمير ۽ ترڪستان ۾ زورن ڏيڻ ۽ مالش ڪرڻ جا جي رستا آهن، سي مون کان وڌيڪ ٻيو ڪونه ڄاڻندو هو، ٻيو ڪوبه مون وانگي بت جي سنڌن مان ٺڪاءُ ڪڍائي، ۽ هٿن هڻڻ سان آواز ڪڍائي نه سگهندو هو.

پنهنجي استاد جو آءٌ هن لاءِ به شڪرگذار آهيان جو پنهنجي ملڪ جي شاعرن جو شعر به ايترو ياد ڪري ڇڏيو هوم، جو گفتگو ڪرڻ مهل چهر لاءِ ”سعديءَ“، ”حافظ“ ۽ ٻين شاعرن جا شعر شاهديءَ ۾ آڻيندو هوس، انهيءَ هوشياريءَ توڙي مٺي آواز جي ڪري جن جن ماڻهن جي سنوارت آءٌ ڪندو هوس، يا جن کي زور ڏيندو هوس، سي مون کي دل گهريو سنگتي سمجهندا هئا: مطلب ته سواءِ مبالغي جي چئي سگهجي ٿو ته شوقين ۽ خوش طبع ماڻهن جي نظر ۾ ”حاجي بابا“ تمام پسند هو.

منهنجي پيءُ جو دڪان شاهي ڪاروانسراءِ جي ويجهو هو، تنهن ڪري انهيءَ ۾ شهر جي ٻين دڪانن کان وڌيڪ رجاعت هوندي هئي ۽ شهر جا توڙي ٻاهر جا سوداگر گهڻو ايندا هئا، اڪثر رواجي اجوري کان وڌيڪ اهي سندس اميدن ڀرئي پٽ جي مزي جهڙيءَ گفتگو ۽ خوش طبعيءَ جي خوشيءَ ۾ پيسا ڏيندا هئا. انهن مان هڪڙي بغداد جي سوداگر کي آءٌ گهڻو وڻندو هوس. اهو هميشه بابي جهڙي آزمودگار ماڻهوءَ کي ڇڏي به مون کي زور ڪري پنهنجي سنوارت لاءِ چوندو هو. هو مون کي ترڪي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ لاءِ چوندو هو. جنهن مان آءٌ ٿورو گهڻو واقف ٿي ويو هوس. جي جدا جدا شهر هن ڏٺا هئا تن جو عجيب غريب احوال جو هن مون کي ٻڌايو، تنهن ڪري منهنجي دل ۾ اچي شوق پيدا ٿيو ته آءٌ به ڪي ملڪ گهمي ڏسان. انهيءَ سوداگر کي انهيءَ وقت ۾ هڪڙي حسابدان منشيءَ جي ضرورت هئي، ۽ آءٌ جو حجامڪو ڪم به ڄاڻندو هوس ۽ لکي پڙهي به سگهندو هوس، تنهن ڪري هن مون کي اهڙن فائدي وارن شرطن تي آڇ ڪئي. مون اها جاءِ کڻي قبول ڪئي، ۽ هڪدم بابي کي وڃي پنهنجي ارادي جي خبر ڪيم. بابي جي ته مرضي نه هئي ته آءٌ کانئس جدا ٿيان. تنهن مون کي نصيحت ڪئي ته يقين جهڙو ڌنڌو ڦٽو ڪري اهو نه وٺ، جنهن ۾ فائدي جي پڪ ڪانهي ۽ خوف جو ڊپ آهي. پر جڏهن انهيءَ سوداگر جا فائدي جهڙا شرط ٻڌائين ۽ اها ڳالهه به ناممڪن نه سمجهيائين ته ڪنهن وقت آءٌ پاڻ به سوداگر ٿي پوان، تنهن ڪري درجي بدرجي منهنجي دل ڀڃڻ کان بس ڪيائين، ۽ نيٺ منهنجي حق ۾ دعا گهري مون کي موڪل ڏنائين ۽ نين پاڪين جي هڪڙي ڀاني به وٺي ڏنائين.

منهنجي آئندي جي بهتريءَ جو سک ڪري، منهنجي ماءُ کي منهنجي جدا ٿيڻ ۽ منهنجي سلامتيءَ جي خوف هئڻ جو ڏک ۽ انتظار گهٽ ڪين ٿيو. هن چيو ته هي جو پريندي ئي هڪڙي سنيءَ جي نوڪريءَ ۾ ٿو گهڙي، تنهن مان هن کي خير ڪونه ٿيندو.پر تڏهن به پنهنجي مادري محبت ڏيکارڻ لاءِ، هن مون کي ڪوڪين يا سوڪ مانيءَ جي ٽڪرن جي هڪڙي ڳوٿري ۽ قيمتي مرهم جي هڪڙي ننڍي دٻلي ڏني، جنهن بابت مون کي چيائين ته اها ڀڳل هڏين ۽ اندر جي بيمارين کي ڇٽائي ٿي. اهوبه مون کي تاڪيد ڪيائين ته گهر کان رواني ٿيڻ وقت دروازي ڏي منهن ڪري ٻاهر نڪر جيئن، انهيءَ لاءِ ته اهڙن بدسوڻ وارين حالتن ۾ سفر تي وڃڻ ڪري وري خير سان صحيح سلامت گهر اچين.   

باب ٻيو

 

مسافريءَ تي نڪرڻ، ترڪمان سان ملڻ ۽ قيد ٿيڻ

منهنجورئيس، عثمان آغا، هاڻي مشهد ڏي ٿي ويو، انهي لاءِ ته بخارا جي گهٽن جو کلون خريد ڪري، ۽ پوءِ ارادو هوس ته اهي قسطنطنيه ۾ نئي وڪڻي. اهو شخص جنهن سان گڏ مون کي سفر ڪرڻو پيو، سو قد جو بندرو هو، مٿو وڏو هوس، نڪ ڊگهو ۽ نرم هوس، ۽ ڏاڙهي ڪاري ۽ گهاٽي هيس. هو ديندار مسلمان هو، عبادت ۾ تمام پورو هو. صبح جو جڏهن تمام سخت سيءُ هوندو هو ته به ضرور جوراب لاهي پير ڌوئيندو هو ته ڀلي وضو پوريءَ طرح ادا ٿئي. تنهن کانسواءِ شيعن کي ڏاڍو ڌڪاريندو هو، پر جيسين ايران ۾ رهيو، تيسين اهو خيال دل جو دل ۾ رکيائين ۽ ظاهر ڪونه ڪيائين. هن کي فائدي ڪڍڻ جي ڏاڍي هٻڇ هئي، ۽ جيسين پنهنجا پيسا حفاظت سان لڪائي نه رکندو هو تيسين ننڊ نه ڪندو هو. تماڪ گهڻو ڇڪيندو هو، کائيندو ججهو هو ۽ لڪ چوريءَ ۾ شراب به پيئندو هو، مگر جيڪي ظاهر ظهور شراب نوشي ڪندا هئا تن کي پٽيندو هو ۽ آخرت جي عذابن جا دڙڪا ڏيندو هو.


(1)  پڙهندڙ کي اڳيئي خبر هوندي ته مسلمانن جا ٻه مخالف فرقا آهن: هڪڙا سني ۽ ٻيا شيعا، ترڪ سني آهن ۽ ايراني شيعا آهن. سنينجي اعتقاد موجب حضرت ابوبڪر رضه،حضرت عمررضه ۽ حضرت عثمان رضه، حضرت محمد ﷺ جن جا حقي خليفا هئا. شيعا وري چون ٿا ته اهي غاصب هئا ۽ حضرت علي ڪرم الله وجہ جو نبي

بهار جي موسم ۾ قافلي جي گڏ ٿيڻ جو ٺهراءُ ٿيل هو، تنهن ڪري اسان روانگيءَ جي تياري ڪئي. منهنجي رئيس پنهنجي سواريءَ لاءِ هڪڙو مضبوط چڱي پنڌ وارو خچر خريد ڪيو، مون کي هڪڙو گهوڙو وٺي ڏنائين، جنهن تي آءٌ پاڻ چڙهندو به هوس ۽ پاڻ سان گڏ ڪلياڻ يا حقو، آتشدان، چم جي ٻاٽلي، اڱر ۽ پنهنجن ڪپڙن جي ڳنڍڙي به کڻندو هوس. اسان جو بورچي هڪڙو شيدي غلام هو، جو غاليچا به وڇائيندو هو، وهٽن تي بار لٽيندو هو ۽ انهن تان اهو لاهيندو به هو. اهو وري ٻئي خچر تي چڙهندو هو، جنهن تي هنڌ، غاليچا ۽ رڌڻ جا ٿانو لڏبا هئا. ٽئي خچر تي وري ٻه صندوقون کڄنديون هيون، جن ۾ منهنجي رئيس جا ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري اسباب پيل هو. بس اهواسان جو سامان هو.

رواني ٿيڻ جي اڳئين ڏينهن عثمان آغا پڪائي ۽ اڳ ڳڻي ڪري پنهنجي ڳريءَ پڳ جي ڪپهه وارن پچن ۾ پنجاهه مهرون سبي ڇڏيون، پر اها خبر رڳو هن کي ۽ مون کي هئي. اهي پيسا اتفاقي ضرورت مهل ڪم اچڻ لاءِ کنيل هئا، باقي ٻي سندس روڪ رقم جنهن سان سوداگريءَ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، سا ننڍين اڇين چم جي ڳوٿرين ۾ سبي صندوقن جي بنهه وچ ۾ رکي ڇڏي هئائين.  جڏهن قافلو رواني ٿيڻ تي هو تڏهن منجهس مڙيئي پنج سئو ماڻهو هئا ۽ ٻه سو اٺ هئا، جن مان گهڻن تي سوداگري مال لڏيل هو، جوا يران وڃڻو هو. انهن وهٽن سان اٽڪل ڏيڍ سئو ماڻهو هئا، جن مان گهڻن تي سوداگري منال لڏيل هو، جو ايران وڃڻو هو. انهن وهٽن سان اٽڪل ڏيڍ سئو ماڻهو هئا، جن مان ڪي سوداگر هئا ۽ ڪي سندن نوڪر ۽ ٻيا قافلي جا سونها هئا. انهن کانسواءِ ڪي ٿورا رزوار به هئا، جي مشهد ۾ امام رضا رضه جي روضي جي زيارت ڪرڻ لاءِ اچي قافلي سان گڏيا هئا، جنهن ڪري قافلي کي هڪڙو شرف حاصل ٿيو ۽ سڀئي ماڻهو انهيءَ مان فائدي وٺڻ لاءِ خوش هئا، ڇا لاءِ جو دستور آهي ته جي ماڻهو اهڙي سڳوري ڪم لاءِ سفر ڪندا آهن،  انهن کي ماڻهو گهڻو مان ڏيندا آهن

اهڙن وقتن تي سڀڪو ماڻهو هٿيار ساڻ کڻندو آهي، ۽ منهنجو رئيس جنهن جو اصل کان بندوق جي ٺڪاءَ تي مٿو ڦرندو هو ۽ اگهاڙي ترار ڏسي سندس منهن ئي زردو ٿي ويندو هو، تنهن پنهنجي پٺيان هڪڙي ڊگهي بندوق کڻي لڙڪائي ۽ چيلهه سان هڪڙي ڏنگي ترار کڻي ٻڌائين. ۽ ٻه وڏا تپاچا ڪمربند ۾ کڻي ٽنبيائين. باقي سندس بت جو ڀاڱو ڪارتوسن جي پيٽين ۽ باروت جي هنباچن، گزن ۽ ٻين شين سان ڍڪيو پيو هو. منهنجي بت تي به مٿي کان پيرن تائين هٿيار جڙيل هئا، بلڪ رئيس کان وڌيڪ هڪڙو وڏو ڀالو به مون کي مليو هو. شيدي غلام کي هڪڙي اڌ ڀڳل ترار ۽ جامڪيءَ جي خاني کانسواءِ هڪڙي بندوق به هئي.

پرهه ڦٽيءَ مهل اصفهان جي اتر واري پاسي کان اسين نڪتاسين. اسان جي اڳيان چاوُش پئي هليا، جي رڙيون ڪندا ۽ ٽامي جا نغارا وڄائيندا خلق کي اسان جي روانگيءَ جي خبر ڏيندا هليا. اسين سگهو ئي پنهنجن همسفر سنگتين جا واقف ٿي وياسين، جن سڀني کي هٿيار هئا، ليڪن اهڙيءَ جنگ جي تياريءَ هوندي به ڏاڍا صلح پسند ماڻهو ٿي ڏٺا. منهنجي لاءِ اهو هڪڙو نئون تماشو هو، تنهن ڪري خوشيءَ مان پنهنجو گهوڙو ٽپائيندو ڪڏائيندو پئي ويس. انهيءَ تي منهنجي رئيس کي البت غصو ٿي لڳو، جنهن چڙ مان مون کي چيو ته ”ڌيان ڪر، متان اهڙي اجائي چابڪ سواري ڏيکاري گهوڙي کي ٿڪائي وجهين ۽ اهو پڇاڙيءَ تائين مسافريءَ ۾ هلي نه سگهي.“ سگهوئي قافلي وارا مون کي پسند ڪرڻ لڳا ۽ انهن مان گهڻن جي ته آءٌ پهرين منزل کان پوءِ سنوارت به ڪرڻ لڳس. باقي پنهنجي رئيس کي سو پڪ آهي ته آءٌ آسودو رکيو آيس. ڇا لاءِ جو خچر جي سواريءَ کان پوءِ هن جو بت جو ٿڪجي ڪڙهجي پوندو هو، تنهن کي آءٌ پنهنجن هٿن سان ڏاڍا زور ڏيندو هوس ۽ مالش ڪندو هوس، جو اهو هنر مون حمام خاني ۾ حاصل ڪيو هو. اسين ڪنهن به اٽڪ کانسواءِ طهران تائين آياسين ۽ اتي ڏهه ڏينهن رهي پياسين. انهيءَ لاءِ ته خچرن کي ڪاهرائي اچن ۽ اسان قافلي وارن جو تعداد وڌي، سفر جو خوفناڪ ڀاڱو اڃا اچڻو هو، ڇا لاءِ جو ترڪمانن جي قوم جنهن جي ايران جي بادشاهه سان جنگ پئي هلي، سا انهن ڏينهن ۾ رستن تي ڦر مار ڪندي وتندي هئي ۽ تازو هڪڙي قافلي تي ڪاهه ڪري انهيءَ کي لٽيو هئائون ۽ ماڻهن کي قيد ڪيو هئائون، ترڪمانن جو اهڙو هيبتانڪ احوال ٻڌي، اسان جا گهڻا رفيق مشهد ڏي وڃڻ کان پئي ڊنا، خاص ڪري منهنجو رئيس، پر هن جو ٻڌو هو ته قسطنطنيه ۾ کلن جو تمام چڱو اگهه آهي، سو انهيءَ فائدي جي لالچ تي ٻيا سڀ خيال ۽ خوف خطرا وساري ڇڏيا.

هڪڙي چاوُش اڳيئي طهران ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ زيارت ڪندڙ ماڻهو پئي گڏ ڪيا.ا نهيءَ لاءِ ته جڏهن قافلو اتي پهچي تڏهن انهيءَ ۾ اچي داخل ٿين. سو اڃا اسان اتي اچي منهن ڪڍيو ته انهيءَ اسان کي چيو ته ”گهڻا ماڻهو شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿيا ويٺا آهن ۽ انهن جي ڀرتي ۽ مدد ڪري اوهان کي خوش ۽ احسانمند ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو گهڻا خوف درپيش آهن.“ اهو شخص طهران ۽ مشهد جي وچ ۾ مشهور هو ۽ همٿ ۽ مردانگيءَ جي ڪري نالو ڪڍيو هئائين. جو هڪڙي ڀيري رستي تي ڪنهن مئل ترڪمان جي سسي لاهي آندي هئائين. هو ڊگهي قد ۽ موڪرن ڪلهن وارو هو، اس ۾ رلڻ ڪرڻ ڪري منهن سانورو ٿي ويو هوس ۽ ٻچي ڏاڙهي هيس، رڳو کاڏيءَ جي چهنب تي ٻه ٽي بج هئس. انهيءَ ڪري هن جي شڪل ڏاڍي خوفناڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. وري ڇاتي ۽ ڪلها زرهه سان ڍڪيل هئس، مٿي تي هود هوس. ڏنگي ترار چيلهه سان ٻڌل هئس، تپاچا ڪمر ۾ هئس، سپر پٺن تي هيس ۽ هڪڙو ڊگهو ڀالو هٿ ۾ هوس. انهيءَ صورت ۾ ائين پئي معلوم ٿيو ته هو ڪنهن به خوف کان ڊڄڻ جو نه آهي. هن پنهنجي پهلوانيءَ جي ايتري ٻٽاڪ ٿي هنئي، ۽ ترڪمانن جي نسبت ۾ اهڙي حقارت سان ڳالهه ٿي ڪيائين جو منهنجي رئيس پڪو ارادو ڪيو ته سفر ۾ انهيءَ جي خاص حفاظت ۽ نگهبانيءَ هيٺ رهي. نوروز جي عيد(1) کان هڪ هفتو پوءِ قافلو ڪوچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز جماعت سان پڙهڻ کان پوءِ اسين شاهه عبدالعظيم جي ڳوٺ ۾ وياسين. جتان ٻئي ڏينهن سڄو قافلو اڳتي هلڻ وارو هو.

اسين آهستي آهستي منزلون ڪندا، خشڪ ۽ غير آباد ملڪ مان لنگهي اڳڀرا ٿياسين ۽ انهيءَ وچ ۾ ڪابه اهڙي شئي ڪانه ڏٺيسين جنهن مان اکيون خوش ٿين. يا دل سرهي ٿئي. جڏهن ڪنهن ڳوٺ کي ويجها ٿي وياسين يا رستي تي ڪن واٽهڙن کي ٿي گڏياسين، تڏهن اسان جي اڳواڻن وڏي آواز سان دستور موجب سلام ڪري خدا ۽ حضرت رسول ڪريم ﷺ جون کين دعائون ٿي ڪيون ۽ هنن جي پاسي کان جي نغارا پئي لڙڪيا تن تي هنن چم جا ڏونڪا ٿي هنيا. اسان جي گفتگو گهڻو ڪري ترڪمانن بابت ٿي هلي، ۽ جيتوڻيڪ اسان سڀني کي پڪ هئي ته هو جاني دشمن آهن تڏهن به اسان انهيءَ اميد تي پاڻ کي زور ڪري دلاسو دڙو ڏنو ته اسين پاڻ ۾ گهڻا آهيون ۽ ٺاهه ٺاهه ٺوهه به چڱو اٿئون، هو اسان کي ڇا ڪري سگهندا، ۽ ذري ذري پئي چيوسين ته ”انشاءَ اﷲ اهي ڪهڙي ڏيهه جا ڪتا آهن، جو اسان تي ڪاهي اچڻ جو خيال ڪندا؟“ سڀ ڪنهن پنهنجي بهادريءَ جي ٻٽاڪ پئي هنئي، سڀني کان وڌيڪ منهنجو رئيس جنهن جا ڏند ڊپ کان پئي کڙڪيا، تنهن ٻٽاڪ هڻي پئي چيو ته جڏهن ڪو اسان تي اهڙو حملو ٿيو، تڏهن آءُ هيئن ڪ هيئن ڪندس. جنهن ڪنهن سندس اهي ٻوليون ٻڌيون هونديون تنهن ائين پئي چيو هوندو ته هن سڄي عمر ترڪمانن سان وڙهڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ٿي ڪيو. چاوش جو هن جون ٻٽاڪون ٻڌيون ۽ هن کي جا پنهنجي طمع ۽ ريس هئي ته سڀني کان وڌيڪ همٿ ڀريو ليکجان. تنهن رڙ ڪري چيو ته ”جيسين ترڪمانن کي اکين سان ڪونه ڏسندو، تيسين ڪوبه هنن بابت ڪجهه چئي نه سگهندو، ۽ پنهنجون مڇون مروٽي، ڪنن تائين ڇڪي، چوڻ لڳو ته ”انهن جي چنبن مان ڪو به ماڻهو شيرافگن کانسواءِ صحيح سلامت نه نڪتو. سعديءَ جو قول سچو آهي جو چيو اٿس ته جيتوڻيڪ جوان مڙس کي ٻانهن جي سگهه ۽ هاٿيءَ جو زور هوندو ته به جنگ جي ڏينهن ڊپ کان گهوڙن جون پڇاڙيون ڇنائيندو.“

پر عثمان آغا کي جو پنهنجي سلامتيءَ جي ايتري اميد هئي ۽ پڪ هيس ته جي ڪو اهڙو حملو ٿيو ته مون کي جوکو ڪونهي، تنهن جو سبب اهو هو جو هو سني هو (1) ۽ انهي ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي ٽوپيءَ جي چوڌاري سائي ڪپڙي جو ٽڪر ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ کي مير يا سيد، يعني نبيءَ جي اولاد مان سڏائڻ لڳو. پر حقيقت ڪري انهيءَ سان اهڙي نسبت هيس، جهڙي انهيءَ خچر سان هيس جنهن تي پاڻ چڙهيل هو.

انهيءَ ريت ڪيترائي ڏينهن سفر ڪندا وياسين ته اوچتو چاوُش خوف جهڙن لفظن ۾ اسان کي ٻڌايو ته هاڻ انهن هنڌن تي آيا آهيون، جتي ترڪمان اڪثر قافلن تي ڪاهڻ لاءِ لڪي ويهندا آهن. حڪم ڪيائين ته سڀئي سوڙها ٿي گڏجي هلو، ۽ چيائين ته جي اسان تي ڪو حملو ٿئي ته خوب چوٽ ڏيڻ لاءِ تيار رهو. منهنجي رئيس پهرين ته پنهنجي بندوق، ترار ۽ تپاچا بار وارن خچرن جي هڪڙي پاسي ٻڌي ڇڏڻ جو خيال ڪيو. پوءِ پيٽ جي سور جي دانهن ڪيائين ۽ ويڙهه ۾ شامل ٿيڻ جو پهريون ارادو ڇڏي، پاڻ کي پنهنجي چغي ۾ ويڙهيائين. منهن بڇڙو کڻي ڪيائين ۽ تسبيح کڻي استغفر الله جو وظيفو پڙهڻ لڳو. يعني اي خدا بخش ڪر! انهيءَ طرح تيار ٿي قسمت تي کڻي توڪل رکيائين. ظاهري ڪري هن بچاءَ جو وڏو ڀروسو چاوُش تي رکيو. جنهن کي خوف کان بيپرواهه رهڻ جو هڪڙو سبب هيءُ به هو، ته کيس ٻانهن تي گهڻائي تعويذ ۽ طلسم ٻڌل هئا. جن جي نسبت ۽ يقين سان ظاهر ڪيائين ته اهي ڪنهن به وقت ترڪمان جو تيز ٽاري ڇڏيندا.

هي شخص، جو ماڻهن ۾ گويا ٻه منهين ترار هو، ۽ هڪ ٻه ٻيا قافلن جا همٿ ڀريا ماڻهو ٿورو پنڌ اڳتي اڳواڻ ٿي هليا ۽ ذري ذري ماڻهن کي همٿائڻ لاءِ گهوڙا ٽپائيندا، ڀالا ڦيرائيندا ۽ هوا ۾ هڻندا پئي ويا.

نيٺ جنهن ڳالهه کان اسين ڊناسين ٿي، سا اچي مٿي تي بيٺي. اسان بندوقن جا ڪي ٺڪاءَ ٻڌا، ۽ پوءِ اسان ڏاڍيون رڙيون ۽ هڪلون ٻڌيون. اسين سڀ ڊپ کان بيهي رهياسين. جهڙا ماڻهو تهڙا جانور، ڄڻ ته سڀني کي اچي دل ۾ اها ڳالهه پئي، ته جيئن نه ڪن ننڍڙن پکين جو ولر کان باز ڏسندو آهي، تيئن اسين سڀ اچي سوڙها ٿياسين. پر جڏهن ڏٺوسين ته ترڪمانن جي هڪڙي ڇلنگي اسان تي اصل ڪاهيو ٿي اچي، تڏهن هڪدم ٻي حالت ٿي وئي: هڪڙا ته ڀڄي ويا، ۽ ٻيا جن مان منهنجو رئيس به هو تن جو ته حوصلو ئي خطا ٿي ويو ۽ ڊپ کان چوڻ لڳا ته  اسين مرون ٿا، اسين اجهو مئاسين. ”خچرن وارن وهٽن تان بار لاهي انهن کي هڪلي ڇڏيوسين. دشمنن ايندي سان تيرن جو هڪڙو دس هنيو، جنهن هنن کي سوڀارو ڪيو ۽ اسين سندن شڪار ٿي پياسين. چاوُش جو هيستائين اهڙن گهڻن جهيڙن مان بچيو ٿي آيو، سو هن ڀيري پهرئين لڙائي ۾ اٿي ڀڳو، ۽ اسان وري نڪو سندس منهن ڏٺو نڪا وري سندس ڪا ڳالهه ٻڌي، ڪاهه ڪندڙ ستت ئي اچي سامان تي پيا، جو اوڏيءَ مهل ميدان تي پکڙيو پيو هو.

منهنجي رئيس پاڻ کي سامان جي ٻن پنڊين جي وچ ۾ لڪايو هو، پر هڪڙي قداور ۽ خوفناڪ ترڪمان وڃي هٿ ڪيس. پهريائين ته انهيءَ سمجهيو ته هيءَ به ڪا سامان جي ڳٺڙي آهي، تنهن کڻي پٺن ڀر اٿلايس. پوءِ ته اتي پئي هن خوف کان نيچائي سان آزيون نيازيون ڪيون. هن پهرين ته انهيءَ ترڪمان کي خوش ڪرڻ لاءِ حضرت عمر رضه جي تعريف ڪئي ۽ حضرت علي ڪرم اﷲ وجہ کي گهٽ وڌ ڳالهايو، پر حاصل ڪي به ڪين ٿيس، هو بيرحم ماڻهو مڙڻ جو ئي ڪين هو! هن رڳوسائي رنگ جي ڪري سندس پڳڙي وٽس ڇڏي، باقي ٻيا سڀ وسلا پهراڻ ۽ سٿڻ کانسواءِ کانئس کسي ورتائين. پوءِ هو منجهي رئيس جي اڳيان مٿين پوشاڪ ڍڪي چغو وجهي بيهي رهيو. منهنجا ڪپڙا  ڪنهن ڪم جا نه هئا، تنهن ڪري هنن منهنجو نالو نه ورتو ۽ منهنجي پاڪين جي ڀاني مون وٽ ئي رهجي ويئي. جنهن ڪري آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس.

جڏهن ترڪمان ڦر لٽ ڪري رهيا هئا، تڏهن پاڻ ۾ قيدي ورهائڻ لڳاِ اسان جون کڻي اکيون ٻڌائون ۽ هڪڙي هڪڙي کي سوار جي پٺيان گهوڙي تي کڻي رکيائون. انهيءَ طرح سارو ڏينهن سفر ڪري رات جو هڪڙي ويران ماٿريءَ ۾ اچي ڊاٻو ڪيوسين. ٻئي ڏينهن اسان جون اکيون کوليائون، تڏهن ڏٺوسون ته اهڙن رستن تي نه آهيون، جن جي رڳو ترڪمانن کي خبر هئي.

جابلو ملڪ جي سڃن ڀاڱن مان لنگهي نيٺ هڪڙي وڏي ميدان تي آياسين، جو ايڏو ڪشادو هو جو ڄڻ ته زمين جي هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين هو، ۽ انهيءَ تي اسان جي دشمنن جا بيشمار ڪارا تنبو لڳا پيا هئا ۽ رڍن جا ڌڻ ۽ وهٽن جا ولر بيٺا هئا.

باب ٽيون

 

حاجي بابا ڪنهنجي ور ٿو چڙهي ۽ سندس پاڪي ڪيئن کيس ڀاڳ ٿي لائي

ترڪمانن قيدين جو ورهاڱو ڪيو هو، تنهن مان ايتري چڱائي سا ٿي جو عثمان ۽ آءٌ ٻيئي هڪڙي ڌڻيءَ جي قبضي ۾ آياسين ۽ اهو شخص ڏاڍو بيقياس ۽ چور هو، جنهن جو مٿي مون ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ جو نالو ارسلان سلطان هو، يعني شينهن سردار ۽ اهو لشڪر جي هڪڙي وڏي ڀاڱي جو سپهه سالار هو، جنهن جي منزل گاهه تي اسين جبلن مان هيٺ ميدان لهڻ بعد اچي پهتاسين. انهن جا تنبو هڪڙي اونهي جبل جي ڦاٽ جي ڪناري تي لڳل هئا ۽ انهيءَ ڦاٽ جي تري ۾ هڪڙي پاڻيءَ جي نهر پئي وهي، جا پاسي وارين ٽڪرين جي قطار مان ٿي نڪتي، ۽ جيستائين نظر پئي پهتي تيستائين چوڌاري گاهه جي ساوڪ لڳي پئي هئي ۽ تمام گهڻو مال پئي اتي چنو، اسان جا ٻيا ڪم نصيب سنگتي جي ورهاڱي ۾ ترڪمانن جي جدا جدا قومن کي مليا هئا، سي ملڪ جي پرانهن ڀاڱن ۾ رهندا هئا، ۽ اهي هنن کي به پاڻ سان وٺي ويا.

        جڏهن اسين انهيءَ منزل گاهه تي پهتاسين، تڏهن اتي جا سڀ ماڻهو اسان کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ جيسين انهن اسان جي ڌڻيءَ کي فتح منديءَ جون مبارڪون پئي ڏنيون ۽ وڏي آواز سان مرحبا پئي ڪئي، تيسين هنن جا ڪتا به رڍن جي ڌڻن سان هئا، سي اسان کي ڌاريو سمجهي اسان تي ڀونڪڻ لڳا ۽ ذري گهٽ اسان کي ڏاڙهيو ڦاڙهيو هئائون. هيستائين ته منهنجي رئيس کي سائي پٽڪي جي ڪري ٿوري گهڻي عزت آبرو پئي ملي، پر سردار جي مک زال جنهن کي بانو چوندا هئا، تنهن کي ڏسڻ شرط اچي اهو شوق ٿيو ته اهو سائو ڪپڙو هٿ ڪريان. تنهن ڪري منهنجي رئيس کي مٿي تي سواءِ ڪپهه پيل ٽوپيءَ جي ٻيو ڪي ڪين رهيو ۽ هن جا پيسا به انهيءَ ٽوپيءَ ۾ پيل هئا. انهيءَ ٽوپيءَ جي لاءِ وري سردار جي ٻي هڪڙي زال خواهش ڏيکاري، جو چيائين ته اها اٺ جي پلاڻ ۾ وجهڻ لاءِ چڱي آهي، جو پلاڻ منهنجي اٺ جا پٺا ئي ڦٽي ڇڏيا آهن. تنهن جهٽ ڏيئي اها ٽوپي لاهي، اندر اسان واري تنبوءَ جي ڪنڊ ۾ ٻئي ريزڪي سامان ۾ کڻي اڇلائي. منهنجي رئيس گهڻئي ڪوشش ڪئي ته اها سندس رهي کهي دولت کانئس نه کسجي وڃي، پر انهيءَ مان فائدو ڪونه ٿيو. انهيءَ جي بدران هن کي رڍ جي کل جي هڪڙي ٽوپي ملي، جا اصل ڪنهن ڪمبخت ماڻهوءَ جي هئي. اهو ماڻهو به اسان وانگي اتي قيدي اچي ٿيو هو، ۽ تازو ڏک عذاب ۾ مري ويو هو.

        منهنجي رئيس کي جڏهن انهيءَ مئي ماڻهوءَ جي ٽوپي ملي، تڏهن ستت ئي انهي جي جڳهه به مليس، جا جبلن تي اٺن چارڻ جي هئي. رئيس تمام ٿلهو ۽ ڳرو مڙس هو، تنهن ڪري هنن کي اهو خطرو ڪونه هو ته هو ڀڄي ويندو. باقي مون کي سو حڪم نه هو ته تنبو ڇڏي پري ٿيان. في الحال مون تي اهو ڪم رکيائون ته جن کلين ۾ ڌئونرو پيل هو، تن کي مکڻ ڪڍڻ لاءِ لوڏيان ۽ ولوڙيان.

        انهيءَ چڙهائيءَ جي فتحيابي ملهائڻ لاءِ منزل گاهه جي سردار سڀني ماڻهن کي مانيءَ جي دعوت ڏني. هڪڙي وڏي ديڳ چانورن جي کڻي باهه تي چاڙهيائون، ۽ ٻه گهيٽا سڄا سارا کڻي ڪباب ڪيائون. اسان جي سردار جا جيڪي عزيز خويش آسپاس وارن تنبن مان آيا هئا ۽ جي گهڻو ڪري گذريل چڙهائيءَ ۾ شريڪ ٿيا هئا، سي سڀ هڪڙي تنبوءَ ۾ گڏ ٿيا، ۽ زالون وري ٻئي تنبوءَ ۾ گڏ ٿيون. جڏهن چانور ۽ ڪباب مڙسن کي ڏيئي بس ڪيائون، تڏهن زالن وٽ کڻي ويا. جڏهن انهن به کائي بس ڪئي، تڏهن ڌڻار ڇوڪرن کي ڏنائون. جڏهن انهن به کائي ڍئو ڪيو، تڏهن هڏا ۽ ٻي جيڪا اوبر ٿالهين ۾ بچي هئي، سا اسان کي ۽ ڪتن کي آڻي ڏنائون. پر اسان کي جو گرفتار ٿيڻ جي وقت کان وٺي ماني ڪانه ملي هئي. سو آءٌ ته گرنهن لاءِ اکيون وجهيو ويٺو هوس، ائين ڪندي زالن مان هڪڙيءَ لڪي اشارو ڏئي، مون کي سڏيو، ۽ تنبوءَ جي پٺيان پردي ۾ ويهاري چانورن جي هڪڙي ٿالهي دنب جي ٽڪر سميت مون کي کائڻ لاءِ ڏنائين. چيائين ته سردار جي وڏيءَ زال کي توتي قياس آيو آهي تنهن موڪليو آهي. پوءِ هوءَ مون کي دلاسا دڙا ڏئي تڪڙي هلي وئي ۽ منهنجي شڪر گذاري ٻڌڻ تائين به نه ترسي.


(1)  چاؤش قافلن جا اهي عملدار آهن، جن جو ڪم آهي زيارت ڪندڙن لاءِ رهڻ جون جايون هٿ ڪرڻ، سيڌي سامان جا اگهه ٺهرائڻ، سرسات موجود ڪرڻ، ڪوچ ڪرڻ جو وقت ٺهرائڻ، تڪرار فيصل ڪرڻ ۽ نماز جي وقت جي خبرڏيڻ وغيره.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org