باب چاليهون
حاجي بابا پنهنجي ڪار گذاريءَ جو بيان پنهنجن
بالادستن کي ڏئي ٿو، ۽ پاڻ کي ڏکويلن جو مددگار
ثابت ڪري ٿو
اها مڙهي جنهن کي ارمني بوليءَ ۾ ايچميازن نالو
مليل هو ۽ جنهن کي ترڪ ۽ ايراني اچ ڪليسا يا ٽي
ديولون سڏيندا هئا، سا هڪڙي وڏي ۽ آباد مڪان ۾
بيٺل آهي، جنهن کي آراڪسز نديءَ ۽ ڪيترين ننڍين
نهرن جو پاڻي اچي ٿو. اها اگري داغ جي مٿانهين جبل
جي پاڙ ۾ آهي. يوسف کان مون کي معلوم ٿيو ته
انهيءَ جبل کي عيسائي ماڻهو، خاص ارمني گهڻي عزت
ڏيندا آهن، جو ڄاڻندا آهن ته انهيءَ جي برف سان
ڍڪيل چوٽيءَ تي حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي اچي
بيٺي هئي، اها مڙهي ۽ ديول، جي ساري ايشيا کنڊ ۾
دولت ۽ مال جي ڪري مشهور آهن، تن جي چوڌاري وڏيون
ڀتيون ڏنل آهن ۽ انهن ۾ مضبوط ۽ ڳرا دروازا پيل
آهن. ارمني مذهب وارن جو بزرگ يا مجتهد پنهنجن
زيردست نائبن ۽ پادرين سميت اتي رهندو آهي، ۽ انهن
مان ايشيا ۾ ارمني ديولن جا پادري مقرر ڪري موڪلبا
آهن. انهيءَ بزرگ کي ايران ۾ ”خليفي“ جو لقب ڏيندا
آهن، ۽ ملڪي توڙي مذهبي حڪومت جو مهندار سمجهبو
آهي. اهو ساڳيو لقب مسلمان اڳي بغداد ۽ ٻين هنڌن
جي بادشاهن کي ڏيندا هئا. عيسائي انهن کي بطريق يا
بزرگ جي نالي سان سڏيندا آهن، ۽ انهن جي ديولن ۾
تمام گهڻا ارمني ماڻهو دنيا جي جدا جدا ڀاڱن مان
مقرر ڪيل موسمن تي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. اسان
انهيءَ ڏانهن رخ رکيو. مڙهيءَ جي چوڌاري سردار ۽
نسقچي باشي جا اڇا تنبو ڏنگي ونگي صورت ۾ لڳل
ڏٺاسين، انهن چوڌاريءَ تائين پهچڻ کان اڳي اسان
ٻڌو ته انهن ٻنهي عملدارن مڙهي جي اندر پنهنجي
جاءِ ڪئي آهي، ۽ خليفي جا مهمان آهن.
منهنجي جوان اردلي دليخن خوشيءَ مان چيو ته ”اسين
انهن ڪافرن جي پٺين کي باهه ڏيئي ساڙينداسين، ۽ هن
جو شراب مئو پي پنهنجا ٿڪ ڀڃنداسين.“ مون چيس ته
”تون شراب جو ذڪر ٿو ڪرين؟ ائين ته تون پاڻ ڪافر
ٿي پوندين.“
هن ورندي ڏني ته ”انهيءَ جي حرڪت ڪانهي. جڏهن
سردار پاڻ عيسائين وانگي شراب پئي ٿو، تڏهن مون
پيتو ته ڇا ٿيو.“
جڏهن رڙهي مڙهيءَ کي ويجها ٿياسين، تڏهن مون يوسف
کي پاڻ وٽ سڏي چيو ته ”جڏهن توکي سڏ ٿئي تڏهن تيار
رهجئين، جو تنهنجي فائدي جي لاءِ متان ڪو قسم کڻان
ته تون انهيءَ جي تصديق ڏين.“
مون خاص طرح تاڪيد ڪيومانس ته ”جيڪا خذمتگذاري تو
ڪئي آهي، تنهن جو جڏهن تون بيان ڪرين، تڏهن جيترو
ٿي سگهئي اوترو سچ کان پري ڀڄجئين ۽ جيڪي خوف ۽
ڪشالا ڪڍيا هجنئي يا نه ڪڍيا هجنئي، سي ٻڌائجئين ۽
سردار جي فائدي لاءِ ۽ شاهه جي حڪومت جي لاءِ جيڪي
رقمون خرچ ڪيون ويون هجن، تن جو مفصل بيان ٺاهي
ٻڌائجئين. انهي رستي اميد آهي ته تنهنجو حساب صفا
ٿيندو، ۽ توکي پنهنجي زال ملندي، جنهن لاءِ گهڻي
مشڪلات کان پوءِ تون سڀني رقمن جي ملڻ جي رسيد ڏيڻ
کڻي قبول ڪجئين.
پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪري وڏي در واري ڪمان، جا مڙهيءَ
جي پهرئين ايوان جي سامهون آهن، تنهن مان اسين
اندر لنگهياسين. انهيءَ ۾ سردار ۽ نسقچي باشي جا
نوڪر ويٺل هئا ۽ سندن سامان پيل هو. هيڏي هوڏي
ٻڌلن گهوڙن جا رسا ۽ ڪلا ڏسڻ ۾ آيا ۽ جدا جدا ڪنڊن
۽ زينن ۽ گهوڙن جي ٽپڙن جي وچ ۾ سئيس به ويٺا هئا.
هڪڙي ڪنڊ وري خلاصي خچرن جي لاءِ هئي، جتان انهن
جي گهنڊڻين جو آواز، ۽ سندن سنڀاليندڙن جو هل لڳو
لڳ پئي آيو. ٻئي ايوان ۾ خاص نوڪرن جا گهوڙا هئا،
۽ هو پاڻ انهن جي ٻن پاسن وارين ڪوٺين ۾ رهيا پيا
هئا.
اسين پهرئين ايوان ۾ لهي پياسين، ۽ بروقت مون
پنهنجي بالادست نسقچي باشي جي رهڻ جي جاءِ جي پڇا
ڪئي.مون کي چيائون ته هو سردار وٽ آهي. پوءِ ته
مون کي انهيءَ سواريءَ جي پوشاڪ ۾ جتيءَ ۽ مٽيءَ
سوڌو انهن جي اڳيان وٺي هليا.
ائين ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هنن اها ارمني مڙهي سڄي ئي
پنهنجي حوالي ڪري ڇڏي هئي، ۽ خليفي کان سندس عهدو
۽ اختياري به کسي ورتا هئائون، ڇا لاءِ جو هو خود
انهن جي جاين ۾ لهي پيا هئا، ۽ ويچارا پادري نماڻا
ٿيو جهاتيون کائيندا وتيا، ڄڻ ته خود پنهنجي جاين
۾ حقدار ٿي رهڻ کا پئي ڊنا ۽ شرمندا ٿيا. ٻنهي
ايراني عهديدارن جا خاص گهوڙا ديول جي ڀتين سان لڳ
ٻڌل هئا. انهن جي سک جي گهڻي سڀنال ٿي، ۽ ارمني
ماڻهن جي اوتري به ڪانه هئي.
نسقچي باشي يا مک جلاد جي هلت چلت جو بيان اسان
مٿي ڏنو آهي. اڳتي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي سردار جي هلت
چلت جو به بيان هتي ڏجي ٿو: اهڙو بدشڪل ۽ قباحت
جهڙو ٻيو ڪو ماڻهو ٿورو هوندو، هن جون اکيون جي
ظاهري طرح ڪاري شيشي جي ٽڪرن جهڙيون هيون، سي چڙهڻ
مهل ڏاڍيءَ هيبت سان ٿي چمڪيون، ڄڻ ته پنهنجن خانن
مان نڪري ٿيون اچن، ۽ جڏهن اهڙي حالت ٿيندي هئي،
تڏهن هميشه اهڙي قسم جي مرڪ منهن تي ڏسڻ ۾ ايندي
هيس. جا ڏسي بادشاهي شاعر چوندو هو ته ”حسن خان جو
منهن اگري داغ جبل جهڙو آهي، جنهن جي ويجهو هو
رهندو، جڏهن سندس چوٽيءَ تي ڪڪر هوندا آهن ۽ هيٺ
ميدان تي اس هوندي آهي، تڏهن طوفان جي اچڻ جي پڪ
هوندي آهي.“ پيريءَ جي ڪري سندس ڳلن تي به اونها
گهنج هئا، جي سندس ڇٽي ڏاڙهي لڪائي نٿي سگهي.
جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي گهاٽي ڪري ڏيکارڻ لاءِ گهڻا
مٿا هڻندو هو. ساڳئي دشمن هن جا سڀ ڏند به سواءِ
هڪڙي جي کسي ورتا هئا، جو هڪڙو سندس وات مان نڪري
بيهندو هو، ۽ انهيءَ ساڳئي دشمن سندس گهنڊيدار وار
به گهڻن هنڌن تان کوهي ڇڏيا هئا، جيڪي بچيا هئا سي
هيڏي هوڏي ڇٽا پکڙيا پئا هئا، ڄڻ ته ماٿريءَ جي
ڪنارن تي سڙيل جهنگ بيٺو آهي. بلڪ خبر نه ٿي پئي
ته منجهس ٻڪر جي خاصيت زياده زور هئي، يا چيتي جي
پر اها پڪ آهي ته ڪنهن ٻئي انسان جي شڪل جانور سان
اهڙي مشابهت رکندڙ نه هئي، جهڙي هن جي هئي، هن جي
چال به هن جي شڪل سان موافق هئي، ڇالاءِ جو هن جي
شهوت پرستيءَ کي ڪنهن به انساني يا خدائي قاعدي جي
روڪ ڪانه هئي. ۽ جڏهن هن جي نفساني خواهش جاڳندي
هئي، تڏهن هن جي زبردستي ۽ ظلم جي حد ئي ڪانه
هوندي هئي. انهيءَ هوندي به هن ۾ اهڙيون ئي گهڻيون
خاصيتون هيون، جن ڪري سندس زيردست ساڻس ڏاڍا ٺهيل
هوندا هئا. هو سخي ۽ جرائت ڀريو هو، ڏاڍو تيزفهم
۽سياڻو هو ۽ ساهه سان توڙي سندس فرمان روائن ۽
اميرن سان اهڙيءَ تجويز سان هلندو هو جو هو گهڻو
مان ڏندا هئس ۽ منجهس اعتبار جھمائيندا هئا. هو
شاهي تجمل سان رهندو هو، مهمان نوازيءَ جي لاءِ
مشهور ۽ مسلماني شريعيت جا حڪم لڪ چوريءَ به نه
ڀڃندو هو، صاف دل ۽ سچو هوندو هٿو، زيردستن تي
مهربان هوندو هو، ايران ۾ هن جهڙو بهادريءَ سان
شراب پيئندڙ ٻيو ڪونه هو، سواءِ سندس هاڻوڪي
سنگتيءَ نسقچي باشي جي، جنهن ڄڻ ته هميشه ٺيڪو
کنيو هو ته جيسين شاهه ڪاوڙبو نه تيسين جيڪي شراب
جون سانداريون هٿ لڳنديون، سي پيو کپائيندو.
انهن ٻن بزرگن اڳيان مون کي پنهنجن ٻن يا ٽن مک
خدمتگارن سميت وٺي هلي بيهاريائون. آءٌ جاءِ جي
ڪنڊ وٺي بيهي رهيس، جيسين ڪ مون سان ڳالهايائون.
نسقچي باشيءَ چيو ته ”حاجي، تون ڀلي آئين،
منهنجيءَ جان جو قسم اٿئي، ٻڌاءَ ته گهڻا روسي
ماريا اٿيئي؟ ڏيکار، ڪا سسي به آندي اٿيئي؟“ اتي
وري سردار وارو ورتس، ۽ چوڻ لڳو ته ”تو ڇا ڪيو
آهي، سرحد تي ڪهڙا روسي آهن؟ ۽ ڪڏهن هنن تي هلي
پونداسين.“
دستوري نياز ۽ تواضع ڪرڻ کان پوءِ، مون جواب ڏنو
ته ”آغا، هائو، جيڪي مون کان ٿي سگهيو آهي سو مون
ڪيو آهي. اسين ڏاڍيءَ سڀاڳيءَ گهڙيءَ ۾ روانا
ٿياسين، ڇا لاءِ جو جنهن ڳالهه معلوم ڪرڻ جي اوهان
جي مرضي هئي سا آءٌ ٻڌائي سگهندس. صاف آهي ته
سردار ۽ منهنجي بالا عملدار جا طالع زور آهن، جو
مون جهڙو ڪين جهڙو غلام انهن کي ڪمائتو ٿي سگهي
ٿو.“
سردار چيو ته ”اها سچي ڳالهه آهي ته چڱا طالع خراب
ناهن، پر اسان کي پنهنجي ترارين تي به گهڻو ڀروسو
ٿو رهي.“ پوءِ نسقچي باشيءَ جي منهن ڏي ڏسي
مرڪيائين، ۽ اکيون ڦرڙايائين.
سندس سنگتيءَ چيو ته ”هائو، هائو تراريون باروت،
ڀالا ۽ تپاچا، اهي اسان جا نجومي آهن. منهنجي لاءِ
ڀاڳي گهڙي اها آهي، جڏهن ڪنهن ڪافر جي گردن جي ٽڪر
منهنجي هٿ لڳندو. باقي آءٌ پاڻ ته قزبلباش آهيان ۽
ٻيو ڪي ڪين ٿو گهران: چڱو گهوڙو، تکي ترار، هٿ ۾
ڀالو، ۽ اڳيان ڪشادو ميدان ۽ مٿس گهڻا روسي، بس،
اهي ٿو گهران.“
سردار چيو ته ”چڱي شراب بابت به ڪي چئين ٿو؟ آءٌ
ڀانيان ٿو ته اهو به اهڙي چڱي شيءِ آهي جهڙيون اهي
ٻيون، جن جا نالا ورتئي. اسين خليفي کي سڏي چئون
ٿا ته حاجيءَ کي پنهنجي ڪنهن عمدي شراب جو پيالو
پياري.“ پوءِ مون ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”پر
پهرين ته اسان کي ٻڌاءِ ته تو ڇا ڏٺو ۽ ٻڌو آهي”
روسي ڪٿي لٿل آهن، مڙيئي ڪيترا آهن، هنن کي ڪي
توبو آهن. سندن سرڪردو ڪير آهي. سندن قزاق ڪٿي
آهن، گرجين جي ڪا خبر پئي. روسي سپه سالار ڪٿي
آهي، ليسجي ڇا پيا ڪن، ۽ باغي اسماعيل خان ڪٿي
آهي؟ ٻڌاءِ، اهو سڀ احوال اسان کي ٻڌاءِ.“ پوءِ
پنبهنجي منشيءَ ڏي منهن ڪري چيائين ته ”مرزا، جيڪي
هي چوي سو تون لکندو وڃ.“
تڏهن آءٌ سنئون ٿي بيٺس ۽ ڏاهن جهڙو منهن بنائي
هيٺيون بيان ڪرڻ لڳس: ”سردار صاحب جي جان جو قسم
آهي، نسقچي باشي صاحب جي نمڪ جو قسم آهي ته روسي
ڪي به ڪين اهن. ايرنين جي مقابلي ۾ هو رڳا ڪتا
آهن. مون جو پنهنجن اکين سان ڏٺو سو چئي سگهان ٿو
ته هڪڙو ايراني نالو ڀالو هٿ ۾ کڻي اهڙا ڏهه کن
مردود ماري وجهندو.“
منهنجو بالا عملدار منهنجي ڳالهه تي خوش ٿي چوڻ
لڳو: ”شاباس، نرشير! آءٌ هميشه ڄاڻندو هوس ته تو ۾
ڪي مڙيئي آهي. اصفهاني کي اڪيلو ڇڏي ڏجي ته هو
ضرور هوشياري ۽ چالاڪي ڏيکاريندو.“
مون وري چيو ته ”سرحد تي ٿورا روسي آهن. پنج، ڇهه،
ست يا اٺ سئو، گهڻو مٿو ته هڪڙو ٻه هزار، پر اها
ته پڪ آهي ته ٽن کان گهڻو نه آهن. وٽن ڪي ڏهه
ويهه، يا ٽيهه توبون آهن. باقي قزاق پوچ آهن.
(ڪوڪين آهن). اها ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي جو اڃا هنن
جي ٿوري ئي ضرورت ٿئي ٿي ته هو جتي ڪٿي پنهنجن
ٿلهن ڀالن سان موجود آهن، جي جنگي هٿيار نه پيا
ڀانئجن پر ڏاندن هڪلڻ جا لڪڻ پيا ڀانئجن. سچ آهي
ته هو مارين ٿا، پر يابن (ٽٽن) تي چڙهيل آهن جي
اسان جن گهوڙن کي ڪڏهن پڄي ڪين سگهندا. جن مان
هڪڙو هڪڙو ٽيهن، چاليهن، پنجاهن تومانن جهڙو آهي.
جيسين هو پنهنجا ٽٽون ڊوڙائڻ لڳندا، تيسين هي
نظرکان ئي نڪري ويندا.“
جلادن جي عملدار چيو ته ”قزاقن ۽ سندن گهوڙن بابت
ڇو ٿو مفت وقت وڃائين؟ اصل چؤ ته ڀولرا رڇن تي
چڙهيل آهن. اهي ڪافر ڪنهن جي هٿ هيٺ آهن؟“
مون چيو ته ”انهيءَ کي ديلي ميار (چريو ميجر) ٿا
چون، ڇا لاءِ جو هو ڪڏهن به ڀڄي ڪين ويندو. انهيءَ
جون ڏاڍيون ڳالهيون ٿا ڪن. چون ٿا ته سردار صاحب
جي حمائل يا ننڍڙو قرآن وٽس آهي، جو هو سڀڪنهن کي
پنهنجي فتح جي نشاني ڪري فخر سان ڏيکاريندو وتي.“
سردار چيو ته ”اهو سچ آهي، پر سال انهن سڃن ڪتن
آڻي مون کي ورايو هو، جڏهن هتان اٽڪل پنجن فرسنگن
تي منهنجي منزل هئي ۽ مون کي رڳو ايترو وقت مليو
جو فقط پهراڻ ۽ سٿڻ ۾ اگهاڙيءَ پٺيءَ واري گهوڙي
تي ڀڄي جند ڇڏايم. برابر انهن منهنجو تنبو اچي
لٽيو ۽ ٻين شين سان گڏ منهنجو قرآن به کڻي ويا. پر
آءٌ اهو حساب وٺندو سان. مون ڏيکاريو اٿن ته
گاوميشلو ۾ آءٌ ڇا ڪري ٿو سگهان ۽ اسان کي اڃا
سندن پين جي قبرن تي گهڻو ئي ڪي وڌيڪ ڪرڻو آهي.
ڪيتريون توبون چيئي ته وٽن آهن؟“
مون چيو ته ”چار يا پنج يا ڇهه.“
مرزا جنهن غاليچي جي ڪنڊ تي ويٺي لکيو، تنهن چيو
ته مون اڃا اڳهڻو ويهه يا ٽيهه ليکون، ڪهڙو عدد
برابر آهي؟“
سردار چڙ مان اکيون ڳاڙهيون ڪري چيو ته ”تون ڇو ٿو
اسان کي ڪوڙ ٻڌائين. جي اسان کي معلوم ٿيو، ته ڪا
ڳالهه ڪوڙي ڪئي اٿي ته حضرت علي رضه جي سر جو قسم،
توکي خبر پوندي ته اسان جي ڏاڙهين تي کلڻ سولو
ناهي.“
مون چيو ته ”تڏهن سچي ڳالهه اها آهي ته اها خبر
مون پاڻ نه لڌي آهي. سردارصاحب ۽ منهنجي آغا جي
چڱي قسمت هئي جو مون کي هڪڙو جوان ارمني هٿ اچي
ويو، جنهن جي معرفت مون کي بلڪل پوري خبر ملي
سگهي. انهيءَ اسان جي پاران پنهنجي حياتي ڪوڙي
ڪئي، جو مون سردار جي پاران انجام ڪيس تي انهيءَ
جو انجام ملندئي.“
سردار هڪل ڪري چيو ته ”منهنجي پاران انعام! اهو
ڪهڙو ارمني آهي؟ ڪهڙو ارمني انعام جي لائق هوندو؟“
اتي مون يوسف جو سڄو احوال شروع کان وٺي پڇاڙيءَ
تائين ڪري ٻڌايو. انهيءَ جي عام طرح بيان ڪرڻ مان
مون کي اميد هئي ته سردار کي قياس پوندو ۽ منهنجي
ڳالهه مڃيندو ۽ هن ارمني جوان تان ڪاوڙ لهنديس، ۽
هن کي حقدار سمجهي پنهنجي زال موٽائي ڏيندو.
جڏهن مون ڳالهه ڪري بس ڪئي، تڏهن هن ٻيو ڪي ڪين
ڪڇيو، رڳو جيڪي مسلمان حاضر هئا تن الله، لااله
الاالله جون ٻوليون پئي واتان ڪڍيون. ۽ سردار
پنهنجون اکيون ڦيرائي ۽ وات چٻو ڪري، نيٺ چوڻ لڳو
ته ”ارمنيءَ ڏاڍي ڪرامت ڪئي آهي.“ پوءِ پنهنجي
نوڪرن کي چيائين ته ڪلياڻ (حقو) کڻي اچو.
ٻه ٽي وڏيون ڦوڪون ڦري چوڻ لڳو ته ”ارمني ڪٿي آهي؟
خليفي کي به حڪم ڏيو ته اسان جي اڳيان اچي.“ تڏهن
يوسف کي ڌڪا ڏئي اندر وٺي آيا، جهڙيءَ طرح ڪ
انهيءَ قوم جي ڪنهن غريب ماڻهوءَ کي ڪنهن ايراني
وڏي ماڻهوءَ وٽ آڻڻ جو دستور آهي. هو سڄي مجلس جي
اڳيان اچي بيٺو. اهڙو خوبصورت ۽ مردانو ٿي ڏٺو، جو
جيڪي ماڻهو حاضر هئا سي هن جي ڦڙتائي ڏسي حيران ٿي
ويا، خاص سردار کي وڻيو، جنهن منجهس اکيون کڻي
وڌيون ۽ منهن ڦيرائي نسقچي باشيءَ ڏي ڪري اشارا
ڏيڻ لڳو، جن مان ايرانين کي ڏاڍي پسندي معلوم
ٿيندي آهي.
خليفو ڳرو ۽ سادو سودو ماڻهو هو ۽ گلابي رنگ جو
چهرو هوس، ۽ خوش مزاج ٿي ڏٺو. ڪارو ٽوپ پيوس هوس
جو خاص ارمني پادري ڍڪيندا آهن. اهو به سگهوئي
پنهنجن ٻن ٽن پادرين سان گڏ اچي حاضر ٿيو.
سردار ۽ سندس سنگتيءَ جي اڳيان ٿورو بيٺو ته هنن
ويهڻ لاءِ چيس. تنهن تي هو ويٺو، پر دستوري نياز
جا جملا ڳالهائي ۽ پنهنجا هٿ پير ڍڪي پوءِ ويٺو،
جيئن اهڙن وقتن تي رواج آهي.
تنهن کان پوءِ سردار خليفي ڏي منهن ڪري چيو ته
”اها ڳالهه ظاهر آهي ته اسين مسلمان ايران جي زمين
۾ ڪتن کان گهٽ ليڪڻ ۾ اٿا اچون. ارمني ماڻهو اسان
جن حرمن ۾ دخل ٿا ڪن، اسان جن اکين اڳيان اسان جون
زالون ۽ ٻانهيون چورايو ٿا وڃن ۽ ٻين ماڻهن کي
سڏيو اسان جون پين جون قبرون پليت ٿا ڪن. خليفا،
هي ڪهڙو حال آهي؟ اهو الله جو ڪم آهي يا تنهنجو؟“
خليفي تي جو هيءَ اوچتي ٽوڪ ٿي، سو بتال ٿي ويو ۽
ڊپ ۽ مونجهه کان سندس پيشاني پگهر سان ڀرجي ويئي.
آزمودي مان هن کي معلوم ٿيو هو ته اهڙي قسم جي ٽوڪ
جي پٺيان اڪثر ڳرو ڏنڊ پوندو آهي، تنهنڪري اڳيئي
پنهنجي بچاءَ جي تياري ڪرڻ لڳو.
هن ورندي ڏيئي چيو ته ”سائين هي ڇا ٿا چؤ؟ اسين
ڪير آهيون، ڪنهن جا ڪتا آهيون جو اهڙو خراب ڪم
ڪنداسين، جهڙا اوهان چيا. اسين شاهه جي رعيت
آهيون. اوهين اسان کي پناهه ڏيڻ وارا آهيو ۽ ارمني
ماڻهو اوهان جي ڇانو ۾ سکيا ويٺا آهن. اهو ڪهڙو
ماڻهو آهي، جنهن اسان جي منهن ۾ ڇائي وڌي آهي؟“
سردار يوسف ڏي آڱر کڻي چيو ته ”اجهو، اهو هي آهي.
ٻڌاءِ ڙي، ته تو منهنجي ٻانهي چورائي آهي يا نه؟“
جوان چيو ته ”جيڪڏهن آءٌ ڪنهن به ماڻهوءَ کان ڪنهن
به شيءِ وٺڻ جو ڏوهاري هجان، سواءِ پنهنجي حق جي،
ته اجهو آءٌ انهيءَ جي عيوض پنهنجي ساهه ڏيڻ لاءِ
تيار بيٺوآهيان، جنهن کاڻ کي اوهان جي محلات جي
دريءَ مان اڇلائي منهنجي ڀاڪر ۾ وڌو، سا اوهان جي
ٻانهيءَ ٿيڻ کان اڳي منهنجي نڪاح ٻڌي زال هئي.
اسين ٻيئي شاهه جي رعيت آهيون ۽ اوهان کي نيڪ روشن
آهي ته انهن کي غلام ڪري سگهجي ٿو يا نه. سچ اهي
ته اسين ارمني آهيون، پر آخر اسان کي انسانن جهڙو
ننگ شرم آهي. سڄي ايران کي خبر آآهيون،
پر آخر اسان کي انسانن جهڙو ننگ شرم آهي. مان
اڇلائي منهنجي ڀاڪر ۾ وڌو، سا اوهان جي ٻانهيءَ
ٿيڻ کان اڳي هي ته اسان جي عالم پناهه شاهه
ڪڏهن ڪنهن غريب رعيت جي حرم ۾ به زور زبردستي ڪانه
ڪئي آهي. جڏهن اها پڪ هيم، تڏهن سردار صاحب کي
ڪيئن اهڙو خيال اچي سگهندو ته اهڙي ساڳي پناهه
اسان کي اوهان جي حڪومت مان نه ملي سگهندي؟ تنهن
اوهان کي چيو هو ته هوءَ گرجڻ ٻانهي آهي، تنهن ڪوڙ
ڳالهايو هو ۽ اوهان سان ٺڳي ڪئي هئائين. جيڪڏهن
اوهان کي خبر پوي ها ته اها اوهان جي هڪڙي غريب
هاريءَ جي زال آهي، ته اوهين ڪڏهن به هن کي پاڻ وٽ
نه رکو ها.“
هن جوان جي هيتري چوڻ تي خليفي ڊڄي هن کي ڪاوڙ مان
بس ڪرڻ لاءِ چيو. پر سردار جو ههڙي بي ڊپي همٿ ڀري
ٻولي اڳي ڪڏهن ڪانه ٻڌي هئي، سو ڪاوڙيو ته ڪين،
اٽلندو خوش ڏسڻ ۾ آيو ۽ حيرت سان هن جوان ۾ اکيون
وجهي اهڙو محو ٿي ويو، جو اها ڳالهه ئي سري ويس ته
ڪهڙي ڪم لاءِ هن کي پاڻ وٽ گهرايو هئائين، اوچتو
پنهنجي اڳين ڪاوڙ ڦٽي ڪري، ٻيون ڳالهيون ڇڏي هن
کي چوڻ لڳو ته ”بس، بس، پنهنجي زال وٺي وڃ، وڌيڪ
نه چؤ، تو حمامملو ۾ اسان جي خذمتگذاري ڪئي آهي،
تنهنڪري تون اسان جي نوڪريءَ ۾ رهندين ۽ خاص
منهنجي حاضريءَ ۾ هوندي. وڃ، منهنجو نوڪرن جو
جمعدار توکي پنهنجا ڪم سمجهائيندو، ۽ جڏهن پنهنجي
عهدي جي پوشاڪ ڍڪي رهين، تڏهن وري اسان وٽ اچجئين.
هاڻ وڃ، ياد رکج ته جي اڳتي چڱيءَ طرح هلندين ته
آءٌ توتي مهربان رهندس.“
هي ٻڌي يوسف وڏيءَ دل سان ڊوڙي وڃي سندس پيرن تي
ڪريو، ۽ سندس دامن چميائين ۽ سجهيس نه ٿي ته ڪهڙن
لفظن ۾ هن جي شڪر گذاري ادا ڪري، ۽ اهڙيءَ اوچتيءَ
خوش نصيبيءَ جي ڪري ڪهڙي شڪل بنائي.
اتي جيڪي حاضر هئا، تن سڀني کي حيراني وٺي ويئي.
نسقچي باشي به ڪلها چورڻ ۽ وڏيون اوٻاسيون ڏيڻ
لڳو. خليفي جي دل مان ته ڄڻ ڏاڍو بار لهي ويو، سو
بت جا عضوا ڊگها ڪرڻ لڳو ۽ جيڪي پگهر جا ڦڙا سندس
ڀرن تي چمڪيا، سي گم ٿي ويا ۽ سندس چهرو وري خوش
ڏسڻ ۾ آيو. سڀني سردار کي انهيءَ رحمدليءَ سخاوت
لاءِ مبارڪون ڏنيون ۽ هن کي نوشيروان عادل سان
مشاهبت ڏنائون. چؤطرف بارڪ الله، ماشا الله جي رڙ
نڪري ويئي ۽ هن جي مروت ۽ ڪشاده دليءَ جو هل ٻاهر
پکڙي پيو، ۽ سڄيءَ منزلگاهه ۾ انهيءَ جو چؤپچو هلڻ
لڳي. هتي آءٌ اهو بيان نه ڪندس ته سردار جا خيال
سچ پچ ڪهڙا هئا، پر جيڪي هن جا چڱا واقف هئا، تن
سڀني جي اها راءِ هئي ته هن هي جيڪي ڪيو سو نيڪي ۽
مروت جي ڪري نه ڪيو. |