پل جي پاٽ ۾ پهچي اسان آرام ورتو ته مون اوهان جي
گهوڙن جي پيرن جو آواز ٻڌو. جيتوڻيڪ ٿڪل هوس ته به
مٿا هڻي ڪنڌيءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي، ڦٽل ديول ۾ وڃي
لڪس،جتي اوهان پهرين مون کي اچي ڏٺو. اتان مون
ڏاڍي انتظار سان اوهان کي چتائي ويٺي ڏٺو. ڄاتم ته
سردار اوهان کي اسان جي پٺيان موڪليو آهي. هاڻ
هيتري ڪيئي کان پوءِ، منهنجو عرض آهي ته جي اوهين
اسان کي پناهه ڏيندؤ ۽ اسان کي گهر وڃڻ جي موڪل
ڏيندؤ. اوهين ڪير به آهيو، ۽ ڪهڙي به ڪم جي پٺيان
آهيو، ته به نيٺ انسان آهيو. خدا تعالى اوهان کي
هن مهبانيءَ جي عيوض هزار دفعا گهڻو اجر ڏيندو ۽
جيتوڻيڪ اسين اوهان جي قوم ۽ مذهب جا نه آهيو ته
به خدا جي دربار مان سوال پني سگهون ٿا، جو جڏهن
ههڙي چڱي ڪم لاءِ آهي، تڏهن ضرور قبول پوندو.
باب اٺٽيهون
مٿئين ڳالهه جو باقي رهيل ڀاڱو ۽ انهيءَ مان جيڪو
ٺهراءَ علي بابا ڪري ٿو
اتي ارمني جوان پنهنجو قصو پورو ڪيو، جيڪي چيو
هئائين، تنهن تي مون کي ڏاڍي حيرت لڳي. منهنجي
موڪل سان هو پنهنجي زال کي ملڻ ويو ۽ انجام ڪيائين
ته انهيءَ دم وري اچي خبر ٿو ڏيان ته هوءَ هاڻ
ڪيئن آهي آرام ڪرڻ کانپوءِ سندس ڪهڙو حال آهي.
جڏهن هو ويو، تڏهن مون دل ۾ چيو ته ”هيترو وقت
منهنجي اڳيان هن ڪوڙ ڪيئن پئي ڳالهايو هوندو، ڇا
لاءِ ته رت وهائيندڙ زال حاضر آهي، جنهن مان ثابت
آهي ته جيڪي پئي چيو اٿس، سو سچ آهي. پر جي آءٌ
کڻي ڇڏيانس ته هليو وڃي ۽ سردار اها ڳالهه کڻي ٻڌي
ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو؟ پڪ آهي ته پنهنجي
جڳهه به وڃائيندس ۽ شايد پنهنجا ڪن به. نه، رحم
ڪرڻ مون کي ٺهي نٿو ڇا لاءِ جو جي ٺهي ته پوءِ مون
کي ج پوءِ منهنجو
ڪهڙو حال ٿيندو؟ پڪ اهي ته پنهنجي جڳهه به
وڃائيندس ۽ شايد
لاد نقسچي ٿيڻ گهرجي. اهڙي وقت تي جيڪي لقمان حڪيم
چيو آهي، تنهن تي آءٌ عمل ڪندس ته ”جي تون شينهن
آهين ته سڄو سارو شينهن ٿي، ڇا لاءِ جو پوءِ ٻين
جانورن کي پڪ هوندي ته تو تي ڪيترو ڀروسو رکن. پر
جي تون شينهن جي کل ڍڪيندي ۽ انهيءَ ۾ ڊگها ڪن لڪل
ڏسڻ ۾ آيا، ته پوءِ ظاهر ظهور گڏهه وانگي هلڻ ڪري
جهڙو توسان جيڪر هلت ڪن، تنهن کان خراب طرح سان
هلت ڪندا.“
انهيءَ طرح دل ۾ پئي ويچار ڪيم ته هن کي ڇڏي ڏيان
يا نه، ۽ شينهن ۽ گڏهه جي حالت جي وچ ۾ پئي ٻڏان
چڙهان ڪيم ته يوسف موٽي آيو. مونکي چيائين ته
”مريم آرام وٺي تازي ۽ بهتر ٿي آهي، پر گهڻي رت
وڃڻ ڪري ضعيف آهي ۽ سخت ڌڪن لڳڻ ڪري خاص ٽنگ واري
ڌڪ جي ڪري اڃا هلڻ جهڙي ناهي. تنهنڪري ڪن ڏينهن
تائين هوءَ چري نه سگهندي. پر جي سردار اسان جي
پٺيان پيو ته پوءِ لاچار وڃڻُ ٿيندوسين ۽ زور
کانسواءِ اسان کي روڪي ڪو نه سگهندو. هيستائين هن
کي ايتري طاقت ڪانه هئي، جو گاوميشلو ۾ جو مون کان
ڌار ٿي هئي، تنهن کان وٺي اڄ تائين جيڪي مٿس ٿي
گذريو هو، سو مون کي ڪُري ٻڌائي. رڳو هينئر اهو سڀ
احوال مون کي ٻڌايو اٿس.
هن جي ڳالهه مان معلوم ٿو ٿئي ته جنهن گهڙيءَهوءَ
شادي واري ڪوٺيءَ مان رڳو برقعي سان نڪتي،
انهيءِءَ گهڙي هڪي ايرانيءَ کڻي جهليس، جنهن وڄ جي
چمڪاٽ ۾ معلوم ڪيو ته هوءَ جوان ۽ خوبصورت آهي.
پوءِ هن کي ڳچ پنڌ تي کڻي ويو ۽ بيهي رهيو. اتي
ٻئي هڪڙي اچي مدد ڏيئي گهوڙي تي چاڙهيس، پوءِ هو
زور اسان هن کي وٺي هليا ويا. انهيءَ ٻنهي ماڻهن
هنن کي آبران جي منزلگاهه تي نيو ۽ سردار وٽ
ٻانهيڪري وڪڻڻ جي ڪيائون. سردار اها وٺڻ قبول ڪئي۽
حڪم ڪيائين ته هن کي ايران ۾ سندس حرمسراءِ ۾ وڃي
داخل ڪن ۽ خدمتگاريءَ ۾ رکنس، جڏهن سردار جي
خوفناڪ حالت ۽ سندس ضعيفي بيماري ڏٺي، تڏهن مريم
کي پڪ ٿي ته مون ڏي گهڻو خيال ڪو نه رکندو، ڇا
لاءِ جو ٻڌو هئائين ته جيڪي بدنصيب زالون انهيءَ
طرح سندس چنبي ۾ ٿيون پون، تن سان پنهنجي نفد کي
خوش ڪرڻ لاءِ ظلم جي هلٿ ٿو ڪري. هن پنهنجي نالي
هيئن ته
چيو ته آئون پاڻ کي جو پرڻيل زال سڏائيندي هيس ۽
پنهنجي مڙس جو نالو به وٺندي هيس، تنهنڪري اميد
هيم ته مسلمانن جي گهرن ۾ مون کي گهڻي آبرو ملندي
۽ ٿيو به ائين، جو ٻين ٻانهين وانگي آءٌ ڪم ڪار
پيئي ندي هيس ۽ ڪنهن جو مون ڏي ڪو خاص ڌيان نه
ٿيندو هو پر ڪمبختيءَ جي ڪري آءٌ پنهنجو ڳجهه گهڻي
تائين لڪائي نه سگهيس، هڪڙي ايرانڻ هئي، جنهن پاڻ
کي منهنجي ساهيڙي ٿي سڏايو، تنهن سان مون پنهنجو
حال ڪيو. انهيءَ لاءِ ته منهن کي مون تي ڪو قياس
پوي، مون کي آزاد ٿيڻ ۾ ڪا مدد ڪري. پر هوءَ ڏاڍي
دغاباز نڪري پيئي. هن پنهنجي سرخروئي لاءِ سردار
کي وڃي اها ڳالهه ٻڌائي ۽ سردار وري مون کي هڪدم
گهرائي چيو ته تون پنهنجي وات سان اها ڳالهه ڪري
ٻڌاءِ انهيءَ رستي مون پنهنجي بيعقلي ظاهر ڪري
وڌي، تنهنڪري هن جو مون ڏي خيال ٿيو ۽ مون کي
چوائي موڪليائين ته تيار رهجئين آءٌ وٽ ايندس. هي
ٻڌي مون کي ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو. دل ۾ پئي ويچار ڪيم
ته ڪهڙي طرح ڀڄي پنهنجي جند ڇڏايان پر سڀ رستا بند
ڏٺم. اڳي ڪڏهن مون کي اهو خيال دل ۾ نه آيو هو ته
جنهن ٽڪريءَ ڏي اسان جي جاءِ جون دريون کليل هيون،
تنهن ڏي نهاريان، پر هاڻ دل ۾ آيم ته هن ظالم جي
هٿ چرهڻ کان بهتر آهي ته پاڻ کي هيٺ اڇلائي وجهان.
پل تي آءٌ تو کي ڏسي خوش ٿيس، تنهن کان ٻه ٽي ڪلاڪ
پوءِ مون کي سردار جو اهو پيغام رسيو ته تيار ٿي
ويهه. تڏهن دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيم ته پاڻ کي هيٺ
اڇلائي وجها. پوءِ يا ته هڪدفعي وري به تو سان
ملان، يا ته انهيءَ ڪوشش ۾ مري وڃان. جڏهن تڪڙ ۾
پردو لاهي ڇڏيم، تڏهن ڪيتريون ئي زالون اندر گهڙي
آيون، انهيءَ لاءِ ته مون کي وٺي گرم حمام ۾
وهنجارڻ لاءِ وڃن ۽ پوءِ نوان ڪپڙا ڍڪائي سردار وٽ
وٺي وڃن. مون هڪ نه ٻئي بهاني سان هنن کي جاءِ مان
ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ٻيو ڀيرو پردو کڻي پاڻ کي کڻي
هيٺ اڇلايم.“
جڏهن يوسف پنهنجي ۽ زال جي ڪشالن جي ڳالهه ڪري
پوري ڪئي، تڏهن اها ڳڻتي ٿيس ته آءٌ الائجي ڇا
ڪندس ۽ ڏاڍيءَ نيرازيءَ سان مون کي منٿ ڪرڻ لڳو،
انهيءَ لاءِ ته آءٌ پنهنجي صلاح به ڏيانس ۽ مدد به
ڪريانس.
ڏينهن گهڻو چڙهي آيو هو ۽ منهنجا ماڻهو اڳي ئي
گهوڙن تي تيارٿيو بيٺا هئا، انهيءَ لاءِ ته هلي
دشمن جو سماءُ لهون. منهنجو گهوڙو مون لاءِ جهليو
بيٺا هئا ته مون کي اوچتو دل ۾ هڪڙو خيال آيو،
جنهن ڪري هن جوان ارمني ۽ سندس زال جي نسبت ۾
مشڪلات حل ٿي ٿي.
مون هن کي پاڻ وٽ سڏي چيو ته ”جيڪا ڳالهه تو ڪري
ٻڌائي، تنهن جي ٻڌڻ کانپوءِ تو کي آزاد ڇڏي ڏيڻ
ناممڪن آهي. تون پاڻ چوين ٿو ته سردار جي حرمسراءِ
مان زال ڀڄائي نڪتو آهين. شايد تو کي خبر ناهي ته
اهو ڏوهه اهڙو آهي جو مسلمانن جي ملڪ ۾ انهيءَ جي
لاءِ موت جي سزا آهي، ڇا لاءِ جو اسان وٽ حرم پاڪ
جاءِ سمجهيل آهي. گهرجي به ائين ته دير کانسواءِ
اوهان ٻنهي کي ورائي ايران ڏي موڪلي ڏجي، پر آءٌ
ائين ڪين ڪندس، بشرطيڪ تون قبول ڪرين ته هن چڙهي ۾
اسان سان شامل ٿيندين ۽ انهيءَ ملڪ جي جن ڀاڱن جو
تون چڱيءَ طرح واقف آهين، تنهن ۾ اسان جو سونهون
ٿي هلندين“. تنهن کان پوءِ مون هن کي سمجهايو ته
آءٌ ڪهڙي عهدي تي آهيان ۽ ڪهڙي مطلب جي پٺيان آيو
آهيان. مون چيس ته ”جيڪڏهن تون اسان جي ڪم ۾
سچوٿيندين ته تون انعام جو حقدار چئبين ۽ پوءِ آءٌ
پنهنجي بالادست توڙي سردار کي تنهنجي حق ۾ چڱي
سفارش ڪندس ۽ انشاءَالله تو کي آزاد ڪرائيندس.
انهيءَ وچ ۾ ڀلي تنهنجي زال هن ڳوٺ جي اشراف ماڻهن
وٽ امن امان ۾ رهي، جيسين پاڻ موٽي اينداسين،
تيسين اميد آهي ته هوءَ بلڪل چڱي ڀلي ٿيندي.“
هيءَ ڳالهه ٻڌي هن جوان منهنجو هٿ وٺي چميو ۽ جيڪي
چيو هوم، سو قبول ڪيائين. پوءِ هٿيار ٻڌي اسان سان
هلڻ جي لاءِ تيار ٿيو. مون موڪل ڏنيس ته ڀلي جيڪو
بندوبست ڪيو اٿون سو وڃي پنهنجي زال کي ٻڌائي
دلجاءِ ڏئي ۽ خاطري ڪرائي ته سگهوئي هڪٻئي سان
ملندا. هن وري به منهنجي شڪر گذاري ڪئي ۽ هرڻ
وانگي ڇالون ڏيئي جهٽ ۾ پهرينءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ
تي بيهي رهيو، ايتري ۾ اسين اڃا مس چڙهڻ لڳا
هئاسين.
باب اوڻيتاليهون
يوسف ارمني پاڻ کي حاجي بابا جي اعتبار جو لائق
ثابت ڪري ٿو
اسين گرجستان جي سرحد ڏي هلياسين ۽ جبلن تي اهڙا
چارا ڏيئي هلياسين، جتان گهڻي آمد رفت نه ٿيندي
هئي، جن سان هلڻ ۾ يوسف اسان کي ڏاڍي مدد ڪئي، جو
هو سڀ ڪنهن حد نشان جو واقف هو ۽ سڀني جاين جي ڏسڻ
جي اهڙي خبر هيس، جو اسان کي حيرت وٺي ٿي ويئي. هن
کي خود پنهنجي ڳوٺ ڏي هلڻ جو انتظار ڪو نه ڏسڻ ۾
آيو، بلڪه هن مون کي پڪ ڏني ته جي اجازت هجيس ها
ته به جيڪر اوڏي نه وڃي ها، ڇالاءِ جو هن چيو ته
”آءٌ قسم کڻي ڳوٺان نڪتو آهيان ته آءٌ وري پنهنجي
زال سان گڏجي موٽي آيس ته ايندس نه ته اصل نه
ايندس.“
روسين جي ڪاهي اچڻ جي خبر جيڪا سردار وٽ آئي هئي،
سا ڪوڙي نڪتي، ڇا لاءِ جو اسان ڏٺو ته هو پيمبڪي
نديءَ جي ڪناري تي حماملو جي ڳوٺ ۾ ٿا پيا هئا ۽
ڪارا ڪليسا جي قلعي جي پناهه هين. اسين انهيءَ
مٿئين ڳوٺ کان پري نه هئاسين، جڏهن ويجها وياسين،
تڏهن مون کي اهو انتظار ٿيو ته دشمن جي تعداد ۽
ارادي جي پوري خبر لهان. پنهنجي ارمني سنگتيءَ جي
قسمت تي ويچار ڪندي، مون کي هيءُ خيال آيو ته آءٌ
يا هن جوان کي بچائيندس، يا وڃائيندس ۽ هن جهڙو
وجهه وري ٻيو ڪو نه ملندو. حماملو ڏي هلندو، جيڪا
خبر اسان کي گهرجي سا جي هو آڻيندو ته پوءِ هن کي
معافي توڙي سندس زال وٺي ڏيڻ ۾ مون کي ڪا روڪ ڪا
نه ٿيندي. پر جي هو دغابازي ڪندو ته آءٌ به هن کي
سردار جي حوالي ڪندس ۽ ڀڳل غلام وري کيس هٿ ڪري
ڏيڻ جي لاءِ کانئس انعام گهرندس.
مون هن کي پاڻ وٽ سڏي اها رٿ ٻڌائي مانس. جهٽ ۾
سڀني ڳالهين جو ويچار ڪري هڪدم منهنجي ڳالهه قبول
ڪيائين. ان وري نئين سر ڪمر ٻڌي ۽ پنهنجي قبا جي
دامن ڪمربند ۾ هنئي، ٽوپي ٽنڊ تي ڪري رکيائين ۽
پنهنجي ڊگهي بندوق پٺن تي کڻي لڙڪايائين ۽ جبل جي
پاسي تان تير وانگي تکو لهڻ لڳو ۽ سگهوئي وڃي جهنگ
۾ گهڙيو، جتي اسان جي نظر کان گم ٿي ويو.
منهنجي هڪڙي جوان اردلي جهن کي دليخن چوندا هئا،
تنهن چيو ته ”اهو وڃڻ کي ويو ۽ اسين وري سندس شۡل
ڪونه ڏسنداسون.“
مون چيو ته ”ڇوڪين موٽندو؟ سندس اول اسان وٽ آهي.
جيتوڻيڪ ارمني آهي ته به پنهنجي زال ڪين ڇڏيندو.“
هن چيو ته ”هائو، هو ارمني آهي، مگر عيسائي به
آهي. روسي به عيسائي آهن. اسان کي خبر آهي ته جڏهن
هي ڪافر پاڻ ۾ گڏجن ٿا تڏهن مري کپي ويندا، پر
موٽي مسلمانن وٽ نه ايندا. هرگز نه، جي هو پاڻ کڻي
حضرت يوسف جهڙو پاڪ هجي ۽ سندس زال بيبي زليخا
جهڙي هجي، ته به هن منهنجي گهوڙي جي شرط آهي ته
اسين وري هن کي نه ڏسنداسين.“
ٻيو هڪڙو پير مرد سوار، جو اُسن ۾ گهڻو رليو هو،
جنهنڪري منهن ئي سانورو ٿي ويو هوس، ۽ انهيءَ ۾
هزار گهنج پئجي ويا هئس ۽ جنهن جي ڏاڙهي، مڇون ۽
ڀرون سڀ جهنگ جهڙا گهاٽا هئا، تنهن هن کي ورندي
ڏيئي چيو ته ”يار، ڪوڙا ٺاهه نه ٺاهي، ڇا لاءِ
پنهنجو وات مفت بڇڙو ٿو ڪرين؟ گهوڙو تنهنجو ناهي،
سرڪاري آهي، تنهن تي ٿو شرط هڻين.
دلخين چيو ته ”سرڪاري شيءِ به منهنجي، ۽ منهنجي ته
اڳيئي منهنجي.“
انهيءَ طرح آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو پاڻ ۾ هيڏي هوڏي
جون ڳالهيون ڪندا وياسين، ٿوري وقت کان پوءِ،
ارادو ڪيوسين ته ڊاٻو ڪريون ۽ هڪڙو گاهه جو ميدان
ڏسي اوڏي رخ رکيوسين، ۽ اتي وڃي لهي پياسين. اسان
مان هرڪو هيڏي هوڏي پنهنجي گهوڙي جا ٽپڙ ۽ پنهنجا
ڪوٽ زمين تي وڇائي، پاٿاري ڪري ويهي رهيو، ۽ اسان
جا گهوڙا گاهه ۾ ٻڌا ويا ۽ اتي بيٺي چريا. مون
سڀني کي ٻڌايو ته جيڪڏهن يوسف اڄ شام تائين پيدا
نه ٿيو ته رات اتي گذارينداسين، ۽ انهيءَ تياريءَ
لاءِ اسان جي بگهڙ جهڙن جوانن مان ٻه ڄڻا ڪنهن
دنبي يا ڪڪڙن يا رات جي کاڌي جي لاءِ ٻيءِ ڪنهن
شيءِ جي هٿ ڪرڻ واسطي ويا. هڪڙي ڪلاڪ کان پوءِ
هڪڙو دنبو کڻي آيا، جو نديءَ جي پاسي ۾، هڪڙي
چرندڙ ڌڻ مان هٿ ڪيو هئائون۔ جهٽ ۾ انهيءَ کي کڻي
ڪٺائون، ۽ سيخ ڪرڻ لڳس. جهنگ مان ٻه ڪاٺيون انگڙن
يا ٻسانگين سان وڍي آيا، ۽ آڻي زمين ۾ کوڙيائون
هڪڙي ڊگهي ڪاٺي سيخ جي بدران دنبي مان لنگهائي
وئي، انهن انگڙن تي کڻي رکيائون، انهيءَ جي هيٺان
باهه کڻي ٻاريائون، ۽ پاڻ مان به هڪڙي کي اتي
ڇڏيائون ته ذري ذري ويٺو دنبي کي اٿلائي. سگهوئي
دنبو سيخ ڍڙهيل ئي آڻي پنهنجي اڳيان رکيائون. پوءِ
سڀ ڏاڍيءَ اشتها سان اچي لڳيس، ۽ منهنجي درجي جي
نظر تي گز وارو ڀاڱو مون کي کائڻ لاءِ آڻي ڏنائون.
اتي سج به لهي ويو، پر يوسف جو پتو ئي نه پئي پيو.
پوءِ اسين سمهڻ لڳاسين ۽ هڪڙي ٻن کي چيوسين ته
پهرو به پيا ڏين ۽ گهوڙن جي به پيا سنڀال ڪن. اڌ
رات کان ڪلاڪ کن پوءِ، جڏهن چنڊ لهڻ تي هو ته پري
کان سڏ ٻڌوسين. انهي کان پوءِ وري ٻيا سڏ ٻڌاسين،
جي ويا چٽا ٿيندا ۽ ويجها پوندا. اسين سڀ اٿي ويهي
رهياسين، ۽ پڪ ٿين ته اجهو ٿو ارمني اچي. اسان به
سڏ جو جواب ڏنس. پووءِ ته سگهوئي ظاهر ٿيو. هو
ڏاڍو ٿڪجي پيو. هو ته به ايتري طاقت هيس، جو وڃڻ
کان وٺي پنهنجو سڀ احوال اسان کي ڪري ٻڌايائين.
خبر ڪيائين ته ”جڏهن آئون حماملو ۾ ويس، تڏهن اتي
ڪن روسي سپاهين مون کي سڃاڻي ورتو، جي اسان جي ڳوٺ
تي ايرانين جي ڪاهه کان بچي ڀڳا هئا. اهي مون کي
اندر قلعي ۾ وٺي ويا، ۽ مون سان مهربانيءَ جي هلت
ڪيائون. لشڪر جي سرڪردي وٽ مون کي وٺي ويا، جنهن
مون کي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان پڇيو ته ”تون ڪهڙي
مطلب تي آيو آهين؟“ پر مون ترت پنهنجي زال ڳولڻ جو
عذر ڏنو، تنهن سڀ مشڪلات حل ڪئي. تنهن کان سواءِ
اسان جو ڳوٺ، اسان جو گهر گهاٽ، اسان جو مال متاع،
اسان جا مٽ مائٽ چٽ ٿي ويا هئا، انهن بابت ايتري
ته گفتگو هلي جو منهنجي سچي ارادي ۾ مطلب جو ڪنهن
کي شڪ ڪونه گذريو. پوءِ وري مون ڏاڍيءَ تجويز سان
ڪي ڳالهيون هنن کان پڇيون، ۽ صلاحون ڏنيون.
تنهنڪري دشمن جي منزل ۽ تعداد بابت جيڪا خبرچار
مون کي گهربل هئي سا به هن کان مون کي ملي. ۽
ايتري حقيقت به مون کي ڏنائون ته آئيندي ڪهڙي
بندوبست ۽ تجويز ڪرڻ جو امڪان آهي. تنهن کان پوءِ
قلعي جي دروازن بند ٿيڻ کان اڳي لڪ ڇپ ۾ کسڪي
نڪتس، ۽ سواءِ ڪنهن روڪ جي وري اچي جبل تي چڙهيس.“
پوءِ يوسف کي مون موڪل ڏني ته وڃي ماني کائي سمهي.
پڪ ٿيم ته هن جي ڳالهه سچي آهي ۽ هو سچو ۽ اعتبار
رکڻ جو لائق آهي، تنهنڪري مون پنهنجن ماڻهن کي حڪم
ڏنو ته وري ايران ڏي موٽي هلڻ لاءِ تيار رهو. يوسف
کي چيم ته ”جڏهن تون پنڌ ڪري ٿڪجين، تڏهن ور سان
هڪڙي نه ٻئي سوار جي پٺيان ٻيلهه چڙهي ويهجئين.“
انهيءَ طرح جبلن مان لنگهندا، ويجها پيچرا ڏئي،
اشترڪ جي ڳوٺ وٽ آياسين. اتي ترسي پياسين ته پاڻ
به آرام وٺون ۽ گهوڙن کي به ساهي ڏيون، ۽ سردار
توڙي نسقچي باشيءَ جي منزلن جي به خبر رکون. ۽
پوءِ هن جوان ارمنيءَ کي موڪل ڏنم ته تيتري ۾ وڃي
پنهنجي زال کي ملي اچي. هو ويو ۽ وري ڏاڍي سرهي
منهن سان موٽي آيو، ڇا لاءِ جو هن جي زال ڇٽي چڱي
ڀلي ٿي هئي، تن جو ڏاڍو شڪر گذار هو.
سردار ۽ نسقچي باشي ايران کان منزل کڻي ويا هئا ۽
هاڻ ارمني بزرگ جي رهڻ جي هنڌ کي ويجها لٿل هئا.
انهيءَ پاسي اسين به يوسف کي پاڻ سان گڏ وٺي روانا
ٿياسين. |