سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :3

مرد ماڻهن اهو ڏينهن حقي ڇڪڻ ۽ پنهنجي بهادريءَ جي بيان ڪرڻ ۾ گذاريو، زالن ڳائڻ ۽ دف وڄائڻ ۾ گذاريو، باقي آءٌ ۽ رئيس پنهنجي مصيبت ۽ ڪم بختيءَ جي خيالن ۾ غرق هئاسين. مون تي جا اها تازي خاص مهرباني ڏيکارڻ ۾ آئي هئي. تنهن تي مون پئي ويچار ڪيو. نيٺ دل کي اهو ڏڍ آيم ته منهنجي حالت ڪا تمام خراب ۽ بلڪل نااميديءَ جهڙي ناهي. پنهنجي رئيس کي به همٿائڻ ۽ خوش رهڻ لاءِ گهڻيئي ڪوشش ڪيم، پر هن تي ڪوبه اثر نه ٿيو. هن پنهنجي ڪم بختيءَ تي افسوس ۽ ارمان ڪرڻ کان بس نٿي ڪئي. مون ياد ڏياريس ته الله ڪريم آهي، انهيءَ تي سڀ ڪنهن نيڪ مسلمان جو ڀروسو آهي. پر هن جو جواب اهو هو ته ”الله ڪريم، الله ڪريم، تنهنجي لاءِ تمام چڱو آهي، جو تنهنجي ڪابه شيءِ ڪانه ٿي وڃي، پر آءٌ ته انهيءَ وچ ۾ ناس ٿي ويس.“ هن کي جيڪا ڳڻتي هئي سا اها ته کلن تي جنهن فائدي جي اميد رکي هئائين سا پوري نه ٿيس، ۽ پائيءَ پائيءَ جو حساب پئي ڪيائين ته ڪل ڪيترو مون کي نقصان پيو آهي. سگهو ئي اسان ٻنهي کي جدا ٿيڻو هو. ٻئي ڏينهن هن کي پنجاهه اٺن جي مهار ڏيئي جبلن ڏي موڪليائون، ۽ سردار اهو دڙڪو ڏنس ته جي ڪو اٺ ويو آهي ته تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍڻ ۾ ايندا ۽ جي ڪو مئو ته انهيءَ جو ملهه به توتي رکيو ويندو، جڏهن سگهو ئي ڪي پيسا ڏئي توکي ڇڏائي ويند.ا پنهنجي پڇاڙيءَ جي محبت ۽ نمڪ حلاليءَ ڏيکارڻ لاءِ مون هن کي هڪڙي پلاڻ تي ويهاريو، ۽ ساريءَ خلق جي آڏو پاسي واري چشمي مان پاڻي آڻي، جيڪو صابڻ پاڪين سان گڏ پنهنجي اڳوڻيءَ ملڪيت مان بچائي رکيو هوم، تنهن سان سندس مٿو ڪوڙيم. اها جا چالاڪي ۽ هنرمندي ڏيکاريم، تنهن مان سمجهيم ته آئيندي لاءِ مون کي گهڻو فائدو پهچندو. جنهن به ماڻهوءَ کي مٿي تي وار هئا، تنهن کي مٿي ڪوڙائڻ جي ضرورت معلوم ٿي. ۽ منهنجي ناموس سگهوئي سردار جي ڪنن تائين وڃي پهتي، جنهن هڪدم مون کي سڏائي حڪم ڏنو ته ويهي منهنجي سنوارت ڪر. ستت ئي آءٌ پنهنجي ڪرت ڪرڻ لڳس. هن جو مٿو تمام وڏو هو ۽ مٿس گهڻائي ترارن جا ڌڪ لڳل هئا ۽ اهڙو کهرو ۽ کڙٻڙ وارو هئو، جهڙو مٿي ذڪر ڪيلن ڪتن جو. هي ماڻهو شايد رڍن جي ان ڪترڻ واريءَ ڪينچيءَ سان پنهنجن وارن وڍائڻ تي هريل هو، ۽ جنهن کي هيستائين ڪنهن جهنگلي حجام پئي چچريو، تنهن کي جڏهن منهنجا هٿ لڳا، تڏهن هن پاڻ کي جيئري بهشت ۾ سمجهيو. هن سواءِ حجاب جي منهنجي هنرمنديءَ تي خوشي ظاهر ڪئي ۽ راضي ٿيو ۽ مٿي تي هٿ گهمائي چوڻ لڳو ته ”تو ٻن منزلن جي تڪليف کل جي اندران ڪوڙي ڇڏي آهي“ ۽ قسم کڻي انجام ڪيائين ته ”آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ٻيو ڪوبه عيوضو ڪيترو به هوندو ته نه وٺندس، ۽ آئيندي توکي خاص پنهنجي جند جو حجام مقرر ٿو ڪريان.“ پڙهندڙن کي خيال ۾ اچي سگهندو ته انهيءَ وقت آءٌ ڪهڙو نه خوش ٿيو هوندس. آءٌ ڏاڍي ادب ۽ شڪر گذاريءَ ڏيکارڻ سان پنهنجي نئين ڌڻيءَ جي پيرن چمڻ لاءِ جهڪيس. دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيم ته ايتري ويساهه ۽ آزادگيءَ ڪري جيڪو پهريون وجهه ملندم تنهن ۾ ڀڄي ويندس. سردار جي خدمت ۾ اهڙي قدر نزديڪ ۽ حاضر رهڻ ڪري آءٌ مٿس قابض پوندو ويس، جيتوڻيڪ اڃا به خبرداريءَ سان مون تي نظرداري ڪندا هئا. منهنجي دل ۾ هنن لاءِ ڏاڍي نفرت هئي ۽ مون هر وقت بند مان نڪرڻ جون امڪان جهڙيون رٿون پئي رٿيون. منهنجي حالت ۾ جيتري تڪليف ۽ ڏکيائي ٻئي ڪنهن کي ٿئي ها، تنهن کان گهٽ مون کي معلوم ٿي ٿي.

باب چوٿون

 

هو تجويز سان پنهنجي رئيس جا پيسا ترڪمانن کان ڇڏائي، پاڻ وٽ رکڻ جي ٿو ڪري

ڀڄي جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪا منهنجي رٿ هئي، تنهن جي پوري ڪرڻ لاءِ منهنجي پهرين مک مراد اها هئي ته پنهنجي اڳوڻي ڌڻيءَ جي پڳ جي تهن ۾ جيڪي پيسا سبيل هئا سي هٿ ڪريان. پر اها زالن واري تنبوءَ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏي هئائون ۽ اتي منهنجي جاءِ نه هئي ۽ شڪ کانسواءِ انهيءَ جي هٿ ڪرڻ ۾ ڏاڍي اٽڪل گهربل هئي. منهنجي حجامڪي هنر جي تعريف پنهنجي منزل گاهه توڙي پاسي وارن ٻين منزل گاهن ۾ پکڙيل هئي. ۽ ماڻهو مون کي گهڻو ڀائيندا هئا، پر جيتوڻيڪ مون کي پڪ هئي ته بانو، يعني منهنجي ڌڻيءَ جي مک زال مون سان اڳئين کان وڌيڪ واقف ٿيڻ لاءِ خواهشمند آهي، ته به جيسين هوءَ يا ڪابه ٻي زال مون کي حجامڪي ڪم لاءِ سڏي نه ٿي سگهي، تيسين رڳو اسان هڪٻئي سان پري کان اکين جي اشارن سان پئي ڳالهايو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن مون سان ڪا مهرباني ٿي ڪئي ۽ مون سندس شڪر گذاري ٿي ڪئي. هنن کي سڌريل ملڪن جي ايتري خبر هئي ته ايران ۾ حجام جراحيءَ جو ڪم به ڄاڻندا آهن ۽ مٿي ڪوڙڻ ۽ حمام ۾ مالش ڪرڻ کانسواءِ سير ڇوڙڻ، ڏند ڪڍڻ ۽ ڀڳل عضوي ڳنڍڻ جو به هنر ڄاڻندا آهن. تنهن ڪري سگهوئي بانوءَ اهو بهانو هٿ ڪري چيو ته مون کي سير ڇوڙائڻي آهي. انهيءَ بهاني ماڻهو موڪلي پڇا ڪرايائين ته اهو ڪم ڪري سگهندين يا نه؟ پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ جو يا پيسن هٿ ڪرڻ جو اهو چڱو وجهه ڄاڻي، مون هڪدم اهو جواب ڏنو ته جي مون کي ڪو چاڪون ڏنو ويندو ته مون کي اميد آهي ته آءٌ اهڙي سير ڇوڙيندس، جو ڪوبه جراح نه ڇوڙي سگهندو. پوءِ ته مون کي چاڪون آڻي ڏنائون ۽ هڪڙو پريو مڙس، جنهن نجوم جي علم ڄاڻڻ جي دعوى ٿي ڪئي، تنهن چيو ته سير ڇوڙائڻ لاءِ سڀاڻي صبح جو وقت چڱو آهي، جو سعد ستارا انهيءَ مهل هڪڙي برج ۾ گڏ ٿيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو مون کي زالن جي تنبوءَ ۾ وٺي آيا، جتي مون ڏٺو ته بانو زمين تي پيل هڪڙي غاليچي تي منهنجي لاءِ منتظر ويٺي هئي، هوءَ اهڙي شڪل جي نه هئي جو مون جهڙي نئين ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪو چڱو اثر پيدا ڪري سگهي. ڇا لاءِ جو هڪڙو ته تمام ٿلهي ۽ ڳري قد جي هئي ۽ اسين ايران ۾ نازڪ ۽ سنهين زالن کي پسند ڪندا آهيون، انهيءَ ڪري مون کي منجهانئس نفرت آئي. ۽ ٻيو ته مون کي ارسلان سلطان جو ايترو خوف رهندو هو جو جيڪڏهن بانوءَ جي محبت حاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪريان ها ته پنهنجا ڪن وڍايان ها. انهيءَ هوندي به هن مون ڏي ڏاڍي مهربانيءَ سان ٿي نهاريو ۽ سندس ساهيلين به ڏاڍيون ڀلايون ٿي ڪيون. هنن مون کي ڪو استاد حڪيم ٿي سمجهيو ۽ سڀني کي پنهنجي نبض ڏيکارڻ جي خواهش پئي ٿي. بانوءَ جي سير ڇوڙڻ جي تياري ڪندي مون تنبوءَ ۾ هيڏي هوڏي نهاريو، انهيءَ اميد تي ته جنهن شئي جو طالبو هوس سا ڏسان. انهيءَ وقت دل ۾ آيم ته ڇو نه جنهن ڪم لاءِ آيو آهيان. تنهن مان ئي پنهنجو مطلب حاصل ڪريان. انهيءَ ارادي سان مون وري به بانوءَ جي نبض ڏسي، وڏي ويچار کان پوءِ چيو ته ”ٻه – ٽي بيماريون گڏجي پيون آهن، تنهن ڪري رت زمين تي هارڻ نه ڏبو، پر ڪنهن ٿانو ۾ گڏ ڪري رکبو ته پوءِ فرصت وقت آءٌ اهو چڪاسي ڏسندس.“ اها عجيب ڳالهه ٻڌي زالن کان دانهن نڪري ويئي ۽ رواجي حڪيمن جي برخلاف منهنجي هلت ڏسي، بانوءَ پاڻ سمجهيو ته هي ڪو قابل جراح آهي. اتي وري هڪ ٻي مشڪلات درپيش آئي: ترڪمانن وٽ تمام ٿورو سامان موجود رهندو آهي، انهن وٽ اهڙو ڪو وڌيڪ ٿانءُ ڪونه هو جو اهڙي ڪم ۾ لڳائن، جنهن ڪري اهو پليد يا نڪمو ٿي پوي. هو پنهنجا سڀ ٿانو سنڀالي ويا، سڀ ڪمائتا ۽ قيمتي ڏسڻ ۾ آين. مون کي به پئي ڊپ ٿيو ته هڪدم پنهنجي مطلب جي ڳالهه تي نه اچان، متان شڪ پئين. ايتري ۾ بانوءَ کي هڪڙو پراڻو چم جو پيالو ياد پيو ۽ هڪڙيءَ زال کي چيائين ته ”تنبوءَ جي ڪنڊ مان ڳولي کڻي آءُ.“

تڏهن مون اهو کڻي تنبوءَ جي در جي اڳيان جهلي، چاڪونءَ سان سيبي جا سوراخ ڏيکارين ۽ چاڪونءَ سان ڪيترائي ٽوپا وڍي چيو مان نه ”هي ڪنهن ڪم جو ناهي، جو انهيءَ مان روشنائي پئي ڏسجي.“ اتي بانوءَ رڙ ڪري چيو ته ”هن ڪراڙي امير جي ٽوپي ڪٿي آهي؟“ سردار جي ٻيءَ زال چيو ته ”اها ته منهنجي آهي، اها آءٌ پنهنجي هني ۾ وجهنديس.“ بانوءَ چڙ ۾ چيو ته ”منهنجي آهي؟ لا اله الا الله – آءٌ هن حرم خاني جي بانو ڪين آهيان ڇا؟ ضرور اها آءٌ رکنديس.“ هن چيو ته ”تون ڪڏهن به ڪين رکي سگهندينءَ“ انهيءَ ڳالهه تي ايترو گوڙ ٿيو ۽ ڌمچر متو، جو مون کي ڊپ ٿيو ته متان ارسلان سلطان ٻڌي وٺي ۽ هنن ٻنهي جي جهيڙي ٽارڻ ۽ فيصلي ڪرڻ لاءِ اها تڪرار واري شيءِ مرڳو پاڻ کڻي هٿ ڪري. پر خوش نصيبيءَ سان هو نجومي اچي وچ ۾ پيو ۽ سردار جي ٻيءَ زال کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ پڪ ٿو ڏيانءِ ته جي هن موقعي تي ڪا بدسڳڻي جهڙي ڳالهه ٿي ته بانوءَ جو خون تنهنجي سر تي آهي.“ تڏهن مس هن کڻي ماٺ ڪئي ۽ ٽوپيءَ جي دعويَ ڇڏيائين. پوءِ مون بانوءَ جي سير ڇوڙڻ جي تياري ڪئي، پر جڏهن هن چاڪون ڏٺو ۽ انهيءَ جي هيٺان رت جهلڻ لاءِ ٽوپي ڏٺي ۽ آس پاس فڪر ۽ انتظار ۾ بيٺل مهانڊا ڏٺائين، تڏهن ڊڄي ويئي ۽ رت ڪڍائڻ کان انڪار ڪيائين. اتي مون کي ڊپ ٿيو ته ٻيلي شڪار ٿو هٿان وڃي، سو ڏاڍي خيال سان سندس نبض ڏسي مون چيو ته ”هن جو انڪار اجايو آهي، ڇالاءِ جو هن جي قسمت ۾ رت ڪڍائڻ لکيل آهي، سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جيڪي ازل کان لکيل آهي، سو ڪنهن به طرح ٽرڻ جو ناهي.“ انهيءَ جو ته ڪنهن جواب ڪونه ڏنو، جڏهن سڀني اها راءِ ڏني ته جيڪي تقدير ۾ لکيل آهي تنهن جي برخلاف جيڪڏهن هوءَ ڪي ڪندي ته اهو گناهه ٿيندو. تڏهن پنهنجي ٻانهن اگهاڙي ڪري ٻاهر ڪڍي. سير ڇوڙيندي جيڪو رت نڪتو، سو قابو ڪيو ويو. جڏهن اهو ڪم لٿو تڏهن مون حڪم ڪيو ته ”اهو رت منزل گاهه کان ٿورو پنڌ پرڀرو کڻي هلجي، ۽ مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه انهيءَ جي نزديڪ نه وڃي، ڇالاءِ جو بت مان رت نڪرڻ کان پوءِ جيڪي انهي کي ٿيندو، تنهن تي سير مان بيمار جو نفعو يا نقصان منحصر آهي.“ آءٌ رات تائين اتي ترسيو ويٺو هوس، جيسين ڪ سڀڪو وڃي سمهي پيو. تنهن کانپوءِ ڏاڍي خبرداريءَ سان ٽوپيءَ جو استر اڊيڙي منجهانئس پنجاهه مهرون ڪڍي، ڏاڍيءَ خوشيءَ مان هڪڙي هنڌ لڪايم، ۽ هڪڙي کڏڙي کڻي، انهيءَ ۾ ٽوپي کڻي پوريم، صبح جو بانوءَ کي ٻڌايم ته تنبن جي آسپاس ڪي بگهڙ گهمندا ڏسي مون کي ڊپ ٿيو ته متان تنهنجي رت کي ڪا خرابي پهچي، تنهن ڪري اها ذري پرزي سميت زمين ۾ پوري ڇڏيم. انهيءَ ڳالهه تي ظاهري ڪري هن ويساهه آندو. اها جيڪا سندس خدمت مون ڪئي، تنهن جي عيوضي ۾ حق ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿ سان هڪڙو سجھو ڇيلو پچائي، منجهس رڌل چانور ۽ ڪشمش وجهي، انهيءَ مان هۡڙي رڪابي ڀري، لوڻ پيل ڏڌ جي پيالي سان گڏ مون ڏي ڏياري موڪلي.  

آءٌ قبول ڪريان ٿو ته جڏهن مون کي پنجاهه مهرون هٿ آيون تڏهن مون کي پنهنجو اڳيون ڌڻي ياد پيو، جنهن هينئر جبلن ۾ اٺن سان ڏکيو وقت پئي گذاريو ۽ آءٌ انهيءَ جي مقابلي ۾ ڏاڍو سکيو هوس. پر ٿورو ٿورو ڪري آءٌ پنهنجي دل ۾ ٻي طرح جا دليل ڊوڙائڻ لڳس. پاڻ کي چيم ته ”جيڪڏهن آءٌ اها اٽڪل نه ويڙهايان ها ته پيسا هميشه لاءِ گم ٿي وڃن ها. مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير انهن پيسن جو حقدار ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اهي پيسا هن کي وري کڻي هٿ اچن ته اهي هن کي انهيءَ ڌنڌي ۾ ڪنهن به ڪم نه اچي سگهن ۽ گهڻو امڪان آهي ته اهي جيڪر زور سان هن کان کسي وٺن. تنهن ڪري في الحال بهتر ائين آهي ته آءٌ اهي پاڻ وٽ رکان. تنهن کانسواءِ اها هن جي قسمت هئي ته پيسا وڃائي، ۽ منهنجي قسمت هئي ته مون کي ملن. انهيء حجت دليل سڀڪا مشڪلات حل ڪئي، ۽ مون پاڻ کي انهن پنجاهه مهرن جي حقي مالڪ سمجهيو، ۽ ڄاتم ته ڪنهن به قاعدي موجب اهي مون کان وٺي ڪونه سگهندو. مگر انهيءَ وچ ۾ مون ڪوشش ڪئي ته ڪباب ٿيل ڇيلو، جو مون کي تازو مليو هو، تنهن جو اڌ هن کي پهچايان. هڪڙو ڌنار ڇوڪرو ان مهل جبلن ڏي ٿي ويو ۽ انهيءَ انجام ڪيو ته آءُ وڃي پهچائيندس ۽ رستي تي منجهانئس ڪي به ڪين کائيندس. جيتوڻيڪ هن جي ڳالهه تي مون کي ويساهه ڪونه آيو ته به مهرن بابت ويچار ڪرڻ کان پوءِ منهنجي اندر کي البت بي آرامي ٿي بيٺي. دل ۾ چيم ته ٻيو ڪي ڪين ڪري سگهندس ته ايترو ته ضرور ڪرڻ گهرجيم ته جيڪو ڏک ۾ منهنجو ساٿي هو. تنهن کي سک ۾ به پاڻ سان ساٿي ڪريان. پر افسوس ته اهو ڇوڪر اڃا منزل گاهه جي حد وارو ڦاٽ مس لنگهيو ته مون پري کان ڏٺومانس ته گوشت کنيو وات ڏي پئي نيائين. پڪ ٿيم ته منهنجي نظرن کان غائب ٿيڻ تائين ذرو پرزو کائي کپائي ڇڏيندو ۽ ڪا هڏي به چوپڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو. هاڻ ان جي پٺيان پوڻ اجايو هو، رڳو هڪڙو پهڻ سو اڇلائي هنيومانس ۽ مٿس لعنت سا وڌيم، پر هن کي انهن مان لڳي ڪابه شيءِ ڪانه.

باب پنجون

 

حاجي بابا پنهنجي بچاءَ ۾ پاڻ چور ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي وطني شهر تي ڪاهه ڪري ٿو

ترڪمانن وٽ رهندي مون کي پورو هڪڙو سال ٿيو هو ته انهيءَ عرصي ۾ مون پنهنجي ڌڻيءَ جو پورو ڀروسو پاڻ تي حاصل ڪري ڇڏيو. هو سڀني قومي ڪمن ۾ ٻين وانگي مون کان به صلاح پڇندو هو. جڏهن هن جو مون تي پورو ويساهه ڄميو، تڏهن هن مون کي به انهيءَ جماعت سان گڏ ايران تي ڪاهه ۽ لٽ ڪرڻ جي لاءِ موڪلي ڏيڻ جو ارادو ڪيو. اهو پاڻ کي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ جو چڱو وجهه هو، تنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا مون هن کان موڪل ٿي گهري ته مون کي پنهنجي همرڪاب هلڻ ڏي. پر هن مون کي اها موڪل نه پئي ڏني ته آءٌ ڪو منزلگاهه جي حدن کان پري وڃان. جي رستا اسان ۽ ايران جي وچ ۾ هئا ۽ رڻن پٽن مان ٿي ويا، تن جو آءُ واقف نه هوس، تنهن ڪري منهنجي ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش اجائي ٿئي ها. مون کان اڳي جيڪي انهيءَ طرف ڀڄي نڪتا هئا، تن مان ته ڪي رستي ۾ مري ويا هئا ۽ ڪي وري پڪڙجي موٽي پنهنجن ڌڻين وٽ آيا هئا، تن سان انهن پاڻ اڳي کان به زياده سختي ڪئي هئي. تنهن ڪري هاڻي آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس ته مون کي انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ وائسڻ جو چڱو وجهه مليو آهي، ڇا لاءِ جو انهن پٽن ۽ بيابانن مان اسان کي لنگهڻو هو. مون دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته جي هن چڙهائيءَ ۾ مون کي ڀڄي نڪرڻ جو وجهه نه مليو ته حرڪت ڪانهي، موٽي اچڻ کان پوءِ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان ڪوبه ڪونه روڪي سگهندو. ترڪمان گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾ ڦرمار ڪندا آهن. انهيءَ وقت جهنگلن ۾ هنن جي گهوڙن جي لاءِ چارو جهجهو ٿو ٿئي ۽ ميدانن ۾ تازو اناج هٿ اچي سگهي ٿو. تنهن ڪري انهن کي ضرور ڪو نه ڪو قافلو ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ منهن ۾ پئجي ويندو آهي. اها موسم پوري ٿيڻ تي هئي. ارسلان سلطان سڀني سردارن کي سڏيو. انهن ۾ اهڙا ٻه سردار هئا جي ڏهن ڏهن ماڻهن جا عملدار هئا، اهڙا به هئا جي سئو سئو ماڻهن جي مٿان هئا. انهن سان اها صلاح مشورت ڪيائين ته ايران جي اصل وچ ۾ حملو ڪجي. انهن جي رٿ اها هئي ته پهرين اصفهان تائين پهچي ۽ رات جي وقت شهر ۾ گهڙي پئجي ۽ جڏهن هئو مئو ٽري، تڏهن جنهن قافلي سراءِ ۾ گهڻا دولتمند سوداگر هجن، انهن کي لٽجي. انهن رڻن پٽن ۾ منهنجو سونهون خود منهنجو رئيس هو، ڇا لاءِ جو انهن جي همعصرن مان هن جهڙو آزمودگار ۽ انهيءَ ملڪ جو واقفڪار ٻيو ڪونه هو. هن پنهنجن سنگتين کي چيو ته اوهان ۾ اهڙو هڪڙو به ماڻهو ڪونهي، جو اصفهان جي بازارن ۽ شاهي رستن جو واقف هجي. منهنجي نالي چيائين ته مون کي پڪ آهي ته جڏهن اسين شهر ۾ گهڙنداسين تڏهن سڀني جي رهنمائي هيءُ ئي ڪندو. ڪيترائي ماڻهو هن جا مخالف ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته اها ڳالهه بلڪل عاقبت انديشيءَ کان دور آهي ته اسين انهيءَ شخص تي ڀروسو رکون، جو خود انهيءَ شهر جو رهاڪو آهي، جنهن تي اسين ڪاهه ڪرڻ وارا آهيون. پڪ آهي ته هي اسان جي هٿان نڪري ويندو. مطلب ته گهڻي بحث کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته اصفهان ۾ آءٌ هنن جو رهنما ٿيان. ٻه ماڻهو منهنجي ٻنهي پاسي مقرر ڪري ڇڏيائون ته شهر لٽڻ مهل جي هي ڀڄڻ جو ارادو ڪري ته هن کي ماري ڇڏجو.

اهو فيصلو ڪري پوءِ ترڪمانن پنهنجن گهوڙن جي نظرداري ڪئي. هڪڙو گهوڙو مون کي ڏنائون جو ٻين گهوڙن کان ٻيڻي دم وارو هو. ٻين ترڪمانن وانگي مون کي به پورو ساز ۽ سامان مليو. رڍ جي کل جي هڪڙي ٽوپي کڻي مٿي تي رکيائون ۽ رڍ جي کل جو ڪوٽ بت تي ڍڪيائون. هڪ ترار، هڪ تيرڪمان، هڪ تيردان ۽ هڪ ڳرو ڀالو، جنهن جو مٿيون ڀاڱو ڌار ٿي سگهيو ٿي ۽ وري ضرورت مهل انهيءَ ۾ لڳي ٿي سگهيو، سي ڏنائون. هڪڙو توبرو ان جو منهنجي گهوڙي تي ٻڌل هو، واڳ ڏور جنهن سان منزل ڪرڻ وقت گهوڙي کي ٻڌندا آهن، تنهن کانسواءِ هڪڙي ڳنڍڙي مانين جي جنهن ۾ ڪيترائي آنا پيل هئا، سا پئي لٽڪي. انهيءَ لاءِ ته جڏهن ضرورت پئي تڏهن ڪم اچي. جنهن وقت کان وٺي آءٌ انهن ترڪمانن ۾ گرفتار ٿي آيو هوس، تنهن وقت کان وٺي تمام سخت تڪليفون برداشت ڪندو آيو آهيان زمين تي سمهڻو پوندو هو، پهڻ يا ٻي ڪابه شئي جا هٿ لڳندي هئي سا مٿي هيٺ رکندو هوس. اهڙيءَ طرح، جو وري مون کي هنڌ جي ضرورت ڪانه ٿي.

اسان جا سنگتي به سڀ انهيءَ طرح تڪليفن برداشت ڪرڻ وارا هئا، جسماني محنت جا ته اسين اهڙا شاقي هئاسين جو دنيا ۾ سڀڪنهن قوم سان مقابلو ڪري ٿي سگهياسين.

منهنجو اڳوڻو رئيس عثمان آغا جو سختيءَ ۾ مصيبت ۾ گرفتار هو، تنهن کي مون دلاسو ڏيئي چيو ته ”تون ڊڄين متان، جيتريقدر مون کان ٿي سگهيو اوتريقدر وجهه ڏسي تنهنجن سنگتين کي پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ چوندس ته ڪو فديو ڏين، ۽ تنهنجي آزاديءَ جي ڪوشش ڪن ۽ توکي هن سخت قيد کان ڇڏائين“.

عثمان آغا افسوس ڪري ورندي ڏني ته ”ادا، ڪوبه منهنجو فديو ڏيئي مون کي نه ڇڏائيندو. منهنجو پٽ آهي پر اهو ته پاڻ خوش ٿيندو، ڇا لاءِ جو منهنجي سڀ ملڪيت انهيءَ جي هٿ چڙهندي. زال آهي سا ته خوشيءَ سان ٻيو مڙس کڻي ڪندي، تنهنڪري مون کي ڪابه اميد ڪانهي. تون رڳو هڪڙي ڀلائي ڪج جو پڇا ڪج ته قسطنطنيه ۾ رڍن جو کلون ڪهڙي اگهه آهن.“

اتي وري به مهرن جو خيال منهنجي دل ۾ اچڻ لڳو، چيم ته جي اهي موٽائي به ڏيانس ۽ وري اهي ڪم به نه اچنس، تنهن کان بهتر ته ائين آهي ته آءٌ پاڻ وٽ رکي ڇڏيان. منهنجي حالت هينئر اهڙي چڱي ٿي آهي جو ضرور آهي ته منهنجي ٿيلهيءَ ۾ ڪي روڪ پيسا پيا ئي پيا هجن، ته من ڪنهن وقت انهن مان مون کي ڪا مدد ملي وڃي. مطلب ته انهن سڀني ڳالهين تي نظر ڪري مون اهي ڪمر واريون مهرون ڪمر ۾ ئي ٻڌل رهڻ ڏنيون. نجومي جڏهن روانگيءَ جو چڱو وقت ڏسي رهيو، تڏهن اسين رات پوڻ سان ئي نڪتاسين. اسان جي جماعت ۾ ارسلان سلطان انهيءَ دستي جو آفيسر مقرر ٿيو ۽ مون سميت مڙئي ويهه ماڻهو ٻيا هئا. اسان جا سنگتي جدا جدا جاين جا هئا، جي اسان جي منزلگاهه جي پاسي ۾ رهندا هئا: سڀ پڪا سوار ۽ بهادر ۽ هٿيار پنوهارن وارا هئا. اهي عمدن عمدن گهوڙن تي چڙهيل هئا، جن جي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتي ايشيا کنڊ ۾ مشهور آهي. جيئن اسين هٿيار ٻڌي چانڊوڪيءَ ۾ سوار ٿي نڪتاسين، تيئن منهنجي خيال ۾ ائين آيو ته اسان جي شڪل هلاڪوءَ جي ٽولي جهڙي آهي، جو هميشه رستن تي ڦرمار پيو ڪندو آهي. مون فقط پنهنجي نسبت خيال ڪري چيو ته تنهنجيءَ سرشت ۾ جنگجوئي ڪانهي. تون ميدان ۾ ڪهڙيءَ طرح پنهنجو تکو گهوڙو ڊوڙائيندين، مگر نيٺ مون پنهنجن سنگتين سان چڱي رهائي. مون کي پڪ آهي ته مون اهڙو پورو ڪم ڪيو جو منهنجي ڌڻيءَ ۽ سندس ساٿين کي يقين ٿيو ته ڪو رستم پهلوان کين هٿ اچي ويو آهي. ليڪن حقيقت ڪري ته اهڙي وقت تي آءٌ ڏڪي ويندو هوس. آءٌ پنهنجي سردار جي بهادريءَ جهڙي رهنمائيءَ تي ڏاڍي عجب ۾ هوس، جو هو اسان کي انهن ڪشادن ميدانن ۽ گهاٽن مان سونهو ٿيو وٺيو ٿي ويو، جن جي مٿان خفچاق جي سرحد وارا جيل بيٺل هئا. خوفناڪ جبلن جون لاهيون چاڙهيون ۽ ورن وڪڙڻ وارا پيچرا اهڙا هئا جو مون جهڙي نوجوان مسافر کي انهن مان ڊپ پئي ٿيو، پر منهنجا سنگتي پنهنجن مضبوط گهوڙن جي ڀروسي تي بلڪل بيپرواهيءَ سان واڳون جهليو سڌا هليا ويا.

جبلن تان لهي، اسين ايران يا فارس جي خشڪ ميدانن تي آياسين. اتي منهنجي رئيس جي هوشياري ۽ ملڪ جي واقفيت معلوم ٿيڻ لڳي. جنهن قلعي جي چوٽي ڏسڻ ۾ ٿي آئي، تنهنجي هن کي خبر ٿي پئي ته ڪهڙي آهي. جهڙيءَ طرح ڪو آزمودگار فرانسيسي جهاز هلائيندڙ سمنڊ تي هلندي، پري کان زمين ڏسي سڃاڻي ته ڪهڙي آهي، پر هن جيڪا هوشياري ٿي ڏيکاري سا هن ڳالهه ۾ ته جانورن جي پيرن جي نشانن ۽ هلڻ جي رستن مان هن ڪن حقيقتن جا نتيجا ٿي ڪڍيا. هو پوريءَ طرح چئي سگهيو ٿي ته ڪهڙي قسم جا واٽهڙو اتان لنگهيا آهن، ڪٿان جا هليل آهن. ڪيڏانهن ٿا وڃن، اهي دوست آهن يا دشمن. بار سان آهن يا بار کان سواءِ، ۽ تخميني روء سندن تعداد ڪيترو آهي.

جيسين اسين ملڪ جي آباد ڀاڱن مان پئي وياسين تيسين ڏاڍي خبرداري ٿي ڪئي سون، جو ڏينهن جو ڊاٻو ٿي ڪيوسون ۽ رات جو تکا ٿي وياسون. انهن خانه بدوش قومن جي پوئين منزلگاهه، جتي اسين وڏي لوڻ واري رڻ کي پهچڻ کان اڳي وياسين، اتي گاهه چارو ۽ کاڌو نئين سر گڏ ڪيوسون. اسين جڏهن انهيءَ کاري رڻ چڙهياسون، تڏهن پنهنجن گهوڙن کي اهڙو تکو هڪليوسون جهڙو هو طاقت آهر هلي سگهيا ٿي. نيٺ اٽڪل هڪ سؤ ويهه فرسنگ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، اسين اصفهان جي پسگردائيءَ ۾ آياسون. هاڻي اها گهڙي اچي پهتي هئي جنهن ۾ اسين پنهنجي سفر جي تڪليفن جو ڦل حاصل ڪريون، ۽ منهنجي همت ۽ جرات جي آزمائش ٿئي. مون جڏهن ڏٺو ته منهنجا سنگتي ڪاهه ڪرڻ جون رٿون پيا ڪن، تڏهن منهنجي دل بلڪل هارجي ويئي.

هنن جي تجويز اها هئي ته شهر جي جن وڻن وارن رستن تي پهرو ڪونه هو، ۽ جن جي مون کي چڱي خبر هئي تن مان هڪڙي منجهان لنگهي شهر ۾ گهڙون، ۽ اڌ رات جو سڌا شاهي قافلي سراءِ تي هلون، جتي پڪ هئي ته گهڻائي سوداگر هوندا، جي انهيءَ موسم ۾ اتي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ خريداري ڪرڻ لاءِ ساڻن گهڻي روڪڙ رهندي آهي. ٺهراءُ اهو هو ته جيڪا روڪڙ ملي سگهي، سا سڀ کڻي وڃون ۽ اهو ڪم اهڙيءَ تيزيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪريون جو جيسين شهر ۾ انهيءَ ڳالهه جو سماءُ پئي، تيسين موٽي پنهنجي منزلگاهه تي ويندا رهون. منهنجي نظر ۾ اها رٿ اهڙي خوفناڪ ۽ ناممڪن هئي جو مون ته پنهنجي راءِ ڏني ته اهڙي ڪوشش ئي نه ڪرڻ گهرجي. پر منهنجي رئيس شوخيءَ سان مون کي چيو ته ”حاجي، اکيون پٽ، هي ٻاراڻي راند ته ناهي. آءٌ قسم ٿو کڻان ته جيڪڏهن تون چڱي هلت نه ڪندين ته آءٌ پنهنجي پيءُ کي به ساڙي ڇڏيندس. اسين اڳي هميشه فتحياب پئي ٿيا آهيون، هن ڀيري به ڇو نه فتحياب ٿينداسين؟“ تنهن کان پوءِ هڪڙي بدمعاش کي به منهنجي پاسي کان هلايائين، ۽ ٻنهي قسم کڻي چيو ته ”جي هيئن يا هونءَ ڪندين ته ترار بدن مان لنگهائي ڏينداسونءِ.“ تنهن کان پوءِ اسين سڀني جي اڳيان ٿياسين، ۽ اصفهان جي پسگردائيءَ جي مون کي جا چڱي واقفيت هئي تنهنڪري آسانيءَ سان ڀڳون ڊٺلن جاين مان لنگهي آباد گهٽين ۾ گهڙياسين، جي انهيءَ وقت رات جو خالي هيون ۽ ماڻهو ئي ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن منزل مقصود تي پهتاسين، تڏهن انهي شهر جي تمام آباد ڀاڱن ۾ به جي ڦٽل ۽ ويران گهر اڪثر ڏسڻ ۾ ايندا آهن، تن مان هڪڙي جي ڪمانن هيٺ اسين ترسي پياسين ۽ گهوڙي تان لهي، انهن کي پڇاڙِون وجهي، ڪلن سان ٻڌي ڇڏيوسين پنهنجن ماڻهن مان ٻه ڄڻا انهن جي نگهبانيءَ لاءِ اتي ڇڏياسين. اڳ ڳڻتي ڪري اصفهان کان پنجن فرسنگهن تي هڪڙي سڃي ماٿري هئي، سا گڏ ٿيڻ جي جاءِ مقرر ڪئي سون. ٺهراءُ ڪيوسون ته جي ضرورت پئي ته ڀڄي اچي اتي ملنداسون. پوءِ پيرين پيادا سڀ گڏجي گوڙ ڪرڻ ڌاران  اڳتي هلياسون ۽ بازاريون، جن ۾ مون کي خبر هئي ته پوليس عملدار پهرو ڏيندا هئا، تن کان لڙي پاسو ڪري، ننڍيون گهٽيون ڏئي قافله سراءِ جي ٻاهرئين در تي پهتاسون. انهي هنڌ هڪڙي جاءِ هئي، جنهن جو انچ انچ مون کي پئي سجهيو، يعني منهنجي پيءُ جو حجامڪو دڪان. اها سڌ هيم ته قافلي سراءِ جي در کي ڪلف آيل هوندو، تنهنڪري جماعت کي اتي ترسڻ لاءِ مون چيو، ۽ هڪڙو پهڻ کڻي در کڙڪائڻ ۽ دربان کي نالو وٺي سڏ ڪرڻ لڳيس. چوڻ لڳيس ته ”علي محمد، علي محمد، در پٽ، قافلو آيو آهي.“

هن ننڊ جي خمار ۾ در پٽن جو ڪوبه خيال نه ڪري، چيو ته ”ڪهڙو قافلو؟“ مون چيو ته ”بغداد کان آيل!“ هن چيو ته ”بغداد کان؟ ڇو، اُهو ته ڪالهه اچي پهتو. تون مون سان، مسخريون ٿو ڪرين ڇا؟“ پاڻ کي دام ۾ ڦاٿل ڏسي مون کي لاچار پنهنجو سچو نالو وٺڻو پيو. چيومانس ته ”ڇو، نٿون سڃاڻين؟ انهي قافلي سان حسن ڪربلائي حجام جو پٽ، حاجي بابا آهي، جو بغداد جي سوداگر عثمان آغا سان هليو ويو هو. مون تنهنجي لاءِ خوشخبري آندي آهي، ان جي عيوض ۾ تو کان ڪو انعام وٺندس.“ تڏهن دربان چيو ته ”ڪير، حاجي؟ جو منهنجي پيءُ جو مٿو ڏاڍو چڱو ڪوڙيندو هو! گهڻن ڏينهن کان هن جي جاءِ خالي آهي. ڀلي آئين، جيءُ آئين.“

انهيءَ تي هو اٿي ٻاهريون دروازو کولڻ لڳو. اڃا در چيڪٽ ڪري کليو ته هڪڙو بندرو ڪراڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کي رڳو سٿڻ پئي هئي، ۽ هڪڙي لوهه جي بتي هٿ ۾ هيس، جنهن ۾ ايترو سوجهرو هو جنهن مان خبر پئي سگهي ٿي ته سراءِ سوداگرن ۽ سوداگري مال سان ڀريل آهي.

اسان جي ٽولي مان هڪڙي هڪدم کڻي هن کي جهليو ۽ اسين ٻيا سڀ اندر ڪاهي پياسون، ۽ پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳاسون. منهنجا سنگتي اهڙي قسم جي ڪاهن ۾ هوشيار هئا، تن کي خبر هئي ته لٽ جو مال ڪهڙي هنڌ آهي، تن سگهو ئي جيڪو سون رپو هٿ اچي سگهيو سو قابو ڪيو، پر هنن جي خاص مطلب اهو هو ته ٻه ٽي تمام دولتمند سوداگر قيد ڪجن ته ٻيا وڏيون وڏيون رقمون فديو ڏيئي انهن کي ڇڏائي وڃن. جيسين قافلي ۾ هل پئجي ويو، تيسين هنن ٽي ڄڻا جهلي وڌا. اهي عمدن هنڌن تي ستل هئا ۽ مٿانئن شالن جون رضايون پيل هئن ۽ سندن وهاڻا زربفت جا هئا. انهيءَ مان هنن سهي ڪيو ته اهي چڱو شڪار آهن. پوءِ هنن کي زور سان کڻي ڀلن گهوڙن تي سوارن جي پٺيان ويهاريائون ۽ سگهوئي سڀئي لٽ جي جاءِ تان نڪري، ٺهرايل گڏ ٿيڻ جي جاءِ تي آيا.

خود قافلي سراءِ جي جن ڪوٺين ۾ گهڻو ڪري تمام دولتمند سوداگر اچي رهندا هئا، تن جي مون کي چڱي خبر هئي ۽ اها به سڌ هيم ته روڪ پيسو ڪٿي هوندو. ان موجب آءٌ آهستي آهستي ڪري هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس. اُها ساڳي جاءِ هئي، جنهن ۾ منهنجو پهريون ڌڻي ٽڪندو هو، ۽ جنهن صندوقڙيءَ ۾ اڪثر پيسا رکندا آهن، سا هٿ ڪري ٻاهر نڪتس. جڏهن صندوقڙي کڻي ڏٺم ته منجهس هڪڙي ڳري ڳوٿري پئي آهي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيس. پوءِ اها کڻي ڪپڙن جي اندران ڇاتيءَ تي لڪايم ۽ جيترو ٿي سگهيو اوترو پاڻ سان کنيو وتيس. جيتوڻيڪ اونداهيءَ جي ڪري پڪ نه پئي ٿيم ته سون آهي يا چاندي جيسين اسين سڀ ڪم لاهي رهياسين، تيسين سـڄي شهر کي خبر پئجي ويئي. قافلي سراءِ ۾ جيڪي به ماڻهو هئا نوڪر، سئيس، خچرن وارا، سي سڀ پهرين ئي هل تي ڇت تي چڙهي وڃي لڪا. تنهن کان پوءِ پاسي وارن گهرن جا رهاڪو ڇلنگيون ڇلنگيون ٿي آيا، پر خيال ۾ نٿي آين ته ڇا ڪريون، تنهن کان پوءِ فوجدار ۽ سندس زيردست عملدار آيا، جي پڻ قافلي سراءِ جي ڇت تي چڙهي ويا، پر هنن هل ۽ گوڙ اچي وڌايو جو رڙيون ڪري چوڻ لڳا ته ”هڻون، جهليون! ماريون!“، پر دشمن کي دفع ڪرڻ جي لاءِ ڪيائون ڪي به ڪين. ڪي بندوقن جا توائي ڌڪ هيڏي هوڏي هنيائون، پر اونداهي ۽ گهمسان جي ڪري اسين لڪي نڪري وياسون ۽ ڪوبه خراب اتفاق ڪونه ٿيو. گوڙ ۾ ڪيترائي ڀيرا منهنجي دل ۾ آيو ته هن خوفناڪ جماعت کي ڇڏي ڏيان ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي پوان جيسين ڪ هو هليا وڃن. مون پاڻ سان هي پهه پچايو ته جي کڻي نڪري جند ڇڏايان ته به منهنجا ڪپڙا مون کي ڦاسائيندا، ۽ جيسين آءٌ بيان ڪريان ته سچ پچ ڪير آهيان، تيسين ته خلق هڻي مون کي ڊڙي رکندي، جو هنن جي ڪاوڙ جا نتيجا ڪيترائي دفعا مون اکين سان ڏٺا هئا. بابي جو دڪان منهنجي اڳيان هو. انهيءَ ساڳيءَ قافله سراءِ ۾ جي سک ۽ خوشيءَ جا ڏينهن گذريا هئم سي مون کي ياد پئي پيا ۽ مون دل ۾ خيال پئي ڪيو ته هاڻي ڪيئن ڪريان ته اوچتو ڪنهن منهنجي ٻانهن اچي جهلي. منهن ورائي ڏسان ته ارسلان سلطان بيٺو آهي ۽ ڪاوڙ مان مون کي چوڻ: ڳو ته ”جيترو اعتبار تو ۾ رکيو اٿم اوترو جي توان پاڻ کي لائق نه ثابت ڪندين ته سسي لاهي رکندوسئين!“ هن کي بهادري ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو ايراني جو انهيءَ وقت اسان جي پاسي کان اچي لنگهيو، تنهن ۾ کڻي هٿ وڌم ۽ هيٺ ڪيرائي چيومانس ته ”جي ماٺ ڪري پاڻ کي قيد ٿيڻ نه ڏيندين ۽ منهنجي پٺيان نه ايندين، ته هڻي ماري رکندوسئين.“ هو دستور موجب گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳو، ۽ روئي چوڻ لڳو ته ”حضرت امام حسين رضه جي واسطي، پنهنجي پيءُ جي روح جي صدقي، حضرت عمر رضه جي نيت مون کي ڇڏي ڏي.“ هن جي آواز مان هڪدم سهي ڪيم ته اهو ٻيو ڪونه آهي، خود منهنجو پيءُ آهي. ڏيئي جي سوجهري ۾ هن جو منهن مون کي ڏسڻ ۾ آيو جو مون سڃاتو. ظاهر هو ته هل ٻڌي هو پنهنجي دڪان ڏي ڀڳو هو، انهيءَ لاءِ ته اتي جيڪا سندس ملڪيت پيل هئي سا بچائي. اها ملڪيت ٻي وڌيڪ ڪانه هئي فقط پنج ڇهه ٽوال، پاڪين جي ٿيلهي، صابڻ ۽ هڪڙي فراشي هئي. جنهن وقت بابي کي سڃاتم، تنهن وقت سندس ڏاڙهيءَ مان هٿ ڪڍي ورتم، جنهن کي هيستائين قابو جهليو بيٺو هوس، ۽ جيڪا دستوري عزت آبرو اسين ايراني پنهنجي پيءُ کي ڏيندا آهيون، ان موجب هيڪر آءٌ سندس هٿ چمان ها ۽ سندس اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهان ها. پر جي آءٌ ائين ڪريان ها ته پاڻ کي مارايان ها، تنهن ڪري لاچار ٿي آءٌ پئي ساڻس هٿين پيس، ۽ پنهنجي سچائي ڏيکارڻ لاءِ ڪوڙ ڪري هن کي ڌڪ پئي هنيم، سچ پچ ڌڪن جو وسڪارو خچر جي هڪڙي هني تي پي ڪيم، جو انهيءَ هنڌ پيل هو جتي بابو پيل هو. انهيءَ مهل ٻڌم ته بابي چپن ۾ ئي پئي چيو ته ”افسوس، جي منهنجو پٽ حاجي هتي هجي ها ته هيئن مون کي ڪين خراب ڪرڻ ڏيئي ها؟“ انهي جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو هڪدم هن کي ڇڏي ڏنو ۽ ترڪي ٻوليءَ ۾ پاسي ۾ بيٺلن ترڪمانن کي چيم ته ”هي اسان جي ڪم جو ناهي، هي رڳو حجام آهي.“ انهيءَ طرح سواءِ ڪنهن ڏيک جي آءٌ ويڙهه جي جاءِ ڇڏي، سوار ٿي گهوڙو ڊوڙائي شهر منجهان هليو ويس.

باب ڇهون

 

ترڪمانن جي ٽي قيدي ورتا هئا انهن ۽ لٽ جي مال بابت

جڏهن اسين ٺهرايل گڏ ٿيڻ واريءَ جاءِ تي پهتاسين، تڏهن گهوڙن تان لهي پياسين ۽ انهن کي آرام ڏيڻ ۽ رات جي تڪليفن کان پنهنجي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اسين اهو سارو ڏينهن اتي رهي پياسين. اسان جي ٽولي مان هڪڙي شخص واٽ هلندي هڪڙو گهٽو چورايو هو، سو سگهوئي ڪباب لاءِ تيار ڪيو ويو. پوءِ انهيءَ جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري بندوق جي گز تي چاڙهي، هلڪي باهه تي کڻي رکيائون جا جهنگ جي جهڙين تهڙين ڪاٺين سان ٻاريائون ۽ منجهس ڇيڻا ۽ لڏ کڻي وڌائون. انهيءَ طرح گوشت گرم ڪري، اسين سڀئي ڏاڍيءَ اشتها سان انهيءَ کي کائي وياسين.

تنهن کان پوءِ اسان کي اهو خيال ٿيو ته ڏسون ته اسان جا قيدي ڪيتري رقم پيدا ڪرڻ وارا آهن. انهن مان هڪڙو ته ڊگهو ۽ سنهو اٽڪل پنجاهه ورهين عمر جو ماڻهو هو، اک تيز هيس ۽ ڳلن ۾ بيمارن وانگي کڏون هيس ۽ ڏاڙهي ڇڊي هيس. پٽ جي سٿڻ پيل هئس، ۽ شال جي سدري پيل هئس، ٻيو بندرو وچوليءَ عمر جو هو، گلابي چهرو هوس، ڪارو پهراڻ هوس، جنهن کي سندس ڇاتيءَ تي بٽڻ لڳل هئا. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڪو منصف يا قاضي هو، ٽيون هڪڙو مضبوط گهڻن وارن وارو، شوخ چشم، همٿ ڀريو ڏٽو مٽو هو. انهيءَ جهلجڻ ۾ گهڻا مٿا هڻايا هئا، تنهن ڪري هن کي ٻين کان وڌيڪ خبرداريءَ سان ٻڌو هوائون.

جڏهن اسان ماني کائي بس ڪئي ۽ اوبر قيدين کي وراهي ڏني سون. تڏهن هنن کي پنهنجي روبرو سڏيوسون ۽ پڇيوسون ته ”ڪير آهيو ۽ ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“ ڊگهو سنهو ماڻهو جو ڏسڻ ۾ پيسي وارو ٿي آيو ۽ جنهن ۾ ترڪمانن گهڻي اميد رکي هئي، تنهنجو پهرين امتحان ورتائون. اسان جي سڄيءَ جماعت ۾ رڳو آءٌ ئي هوس جو پارسي ڳالهائي ڄاڻندو هوس، تنهن ڪري سامهان ٿي بيٺس.


(1)  سڀني فرقن جا مسلمان مٿي جي ٽِپر ڪوڙائيندا اهن. ايران ۾ ته فقط ٻنهي ڪنن جي پاسي ٻه وارن جا مچا زلفن وانگي ڇڏيندا آهن، ۽ ترڪستان ۾ وري هڪڙووارن جو مچو ڇڏيندا آهن.

(1)  ترڪن ۽ ايرانين جي وچ ۾ زالن جي خوبصورتيءَ بنسبت اهو فرق اهي ته ترڪ ٿلهائيءَ کي پسند ڪندا آهن، ۽ ايراني وري عورتن ۾ هي خاصيتون پسند ڪندا آهن، جي يورپ جا سڌريل ماڻهو پسند ڪندا آهن.

(1)  هڪ فرسنگ ساڍن ٽن ميلن جي برابر آهي.

(1)  مشرقي ملڪن ۾ گهوڙي سوارن کي اڪثر هڪڙو لوهه جو ڪلو ۽ هڪڙو رسو ٻڌڻ لاءِ ساڻ رهندو آهي. رسو گهوڙي جي اڳئين ٽنگ ۾ وجهي، لوهه جو ڪلو پهڻ سان زمين ۾ کوڙي انهيءَ سان ٻڌي ڇڏيندا آهن.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org