حرم جي اندروني ڪارخاني جي مون کي رڳو پنهنجي گهر
جي ننڍپڻ وارن ڏينهن جي خبر هوندي هئي، تنهنڪري
زينب حڪيم جي گهر ۾ جيڪي ڏينهن گذاريا هئا، تن جو
جڏهن بيان ڪري ٻڌايائين، تڏهن مون کي ڏاڍو عجب لڳو
۽ وڌيڪ احوال معلوم ٿيڻ تي خوشي پئي ٿيم. هن چيو
ته ”بيبيءَ يا خانم کان سواءِ اسين ٻيون حرم ۾ پنج
ڄڻيون آهيون: هڪڙي شيرين گرجياڻي آهي: ٻي نورجهان
شيدياڻي آهي، ٽي فاطمه بورچياڻي آهي، چوٿين ڪراڙي
ليلى جمعدارڻ آهي، ۽ آءٌ خانم جي خذمتگار آهيان،
سندس حقو ٺاهيندي آهيان، قهوو جوڙي ڏيندي آهيان،
ماني کڻي ايندي آهيان، حمام ڏي ساڻس گڏجي ويندي
آهيان، ڪپڙا لهڙائيندي ۽ پارائيندي آهيانس ۽ ڪپڙا
جوڙيندي به آهيانس، تماڪ به پکيڙيندي سڪائيندي
ڇاڻيندي ۽ سنهو ڪندي آهيان، ۽ هر وقت سندس اڳيان
بيٺي هوندي آهيان. شيرين ڪنجيدار آهي. هوءَ اسان
جي ڌڻي ۽ ڌياڻيءَ ٻنهي جي ڪپڙن جي بلڪ سڄي گهر جي
ڪپڙن جي سنڀال ڪندي آهي. خرچ پکي تي نظر ڪندي آهي،
گهر جي ڪم لاءِ ان ۽ ٻيو کاڌي جو سامان موجود ڪري
رکندي آهي، چيني، چاندي ۽ ٻين قسمن جا ٿانون جي
سنڀال به هن جي ذمي آهي. مطلب ته گهر جي اندر جيڪا
شيءِ قميتي يا نازڪ آهي، تنهن جي هوءَ سنڀاليندڙ
آهي. نورجهان شيدياڻي فراش يا غاليچن وڇائڻ جو ڪم
ڪندي آهي، ڪنو ڪم سڀ هن جي حوالي آهي، جيئن ته
غاليچا وڇائڻ، جايون ٻهارڻ، ايوان ۾ ڇڻڪار ڪرڻ.
بورچياڻيءَ کي مدد ڪرڻ، ڳنڍڙيون کڻڻ پائڻ، نياپو
نڙو آڻڻ نيڻ. مطلب ته سڀني جي سڏ تي حاضر آهي.
باقي ليلى، سا وري ننڍين ٻانهين جي مٿان جمعدار
آهي، اها ٻاهر جي ڪم تي رکيل آهي، ۽ خانم کي ٻين
حرمن سان جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيندو آهي سو به ڪندي
آهي ۽ شايد حڪيم جي ڪمن تي چارپو به ڪندي هوندي.
جهڙو اسان جو حال آهي تهڙا اسان جا ڏينهن چڙ ۽
تڪرار ۾ گذرندا آهن، پر تڏهن به اسان مان ٻه ڄڻيون
هميشه پاڻ ۾ گهاٽيون ساهيليون ٿي رهنديون آهن ۽
انهن جي ٻين سان نه پوندي آهي. جيئن ته هاڻي آءٌ
هن گرجياڻيءَ سان ظاهر ظهور لڙائي ڪندي آهيان:
ٿورا ڏينهن ٿيندا ته انهيءَ سهي ڪيو ته هاڻ نصيب
مون کان منهن مٽيو آهي، تنهنڪري تجويز ڪري هنن
هڪڙي درويش کان ڪو تعويذ ورتو. اڃا ورتائين مس ته
ٻئي ڏينهن خانم هن کي هڪڙي نئين صدري انعام ڏني،
انهيءَ ڪري مون کي ايتري ريس ٿي جو مون به انهي
درويش کي وڃي لالچائي چيو ته اهڙو ڪو تعويذ ڏئيم
جو مون کي ڪو چڱو مڙس ملي وڃي. انهيءَ ساڳئي ڏينهن
شام جو مون توکي بالاخاني تي ڏٺو. خيال ڪر ته ڪهڙي
نه خوش ٿي هونديس. پر انهيءَ ڪري منهنجي ۽ شيرين
جي وچ ۾ حسد گهڻو وڌيو ۽ هڪ ٻئي کي گهڻو ڌڪارڻ
لڳيون سين ۽ هاڻ ته هڪٻئي جون جاني دشمن آهيون. پر
انهيءَ هوندي به امڪان آهي ته وري پاڻ ۾ پرچي پئون
۽ ٺهي وڃون. نورجهان سان هاڻي منهنجي گهڻ گهرائي ۽
گهڻ ڀلائي آهي، ۽ منهنجي چوڻ تي هوءَ منهنجي دشمن
جي برخلاف خانم کي ڳالهيون وڃو ٻڌائي ۽ چغليون
هڻي. ٿورا ڏينهن ٿيندا جو شاهه جي حرم وارن بيبين
مان ڪنهن ٿوري عمدي مٺائي ۽ بڪلاوه، يا مٺي ماني
جا حرم سرا ۾ جوڙي هئائون، سا اسان جي خانم ڏي
موڪلي هئي، انهي جو گهڻو ڀاڱو ڪوئا کائي ويا ۽
اسان آڻي هلايو ته گرجياڻيءَ کائي وئي آهي. تنهن
تي هن کي پيرن تي لڪڻ لڳا، جي نورجهان هنيس. مون
خانم جو هڪڙو عمدو پاڻي پيئڻ جو پيالو ڀڃي وڌو،
انهيءَ جي چٽي به شرين تي پئي، جنهن لاچار اهڙو
ٻيو ڀري ڏنو. مونکي خبر آهي ته هو منهنجي برخلاف
منصوبا پئي ڪري، ڇا لاءِ جو هميشه ليلى سان گڏ
صلاح مصلحت ڪندي آهي ۽ ليلى هن وقت اسان جي ڌياڻي
وٽ برک آهي. آءٌ ايتري خبرداري ڪندي آهيان ته جيڪي
هن جي هٿان مون وٽ ايندو آهي، سو نڪي کان نڪي
پيان، ۽ مون ڏي به هوءَ ساڳي طرح بدگمان آهي. ائين
ڪين آهي ته اسان جي دشمني ايتري حد تي وئي آهي جو
هڪٻئي کي زهر ڏيون، پر اهڙيون اڳ ڳڻتيون سڀنيءَ
حرمن ۾ ڪبيون آهن. انهيءَ عرصي ۾ اسين رڳو هڪڙو
دفعو پاڻ ۾ هٿين پيون آهيون. هن ٿڪون اڇلائي مون
کي چڙ ڏياري ۽ چيائين ته ”لعنت به شيطان“. ائين
چوڻ توکي خبر آهي ته يزيدي قوم لاءِ وڏي بي آبروئي
آهي، تنهن تي مون وڃي وارن ۾ هٿ وڌس ۽ پارسيءَ ۾
جيڪي گاريون سکي هيس، سي ڏنيون مانس ۽ چڳن جون
چڳون پٽي ڇڏيومانس. ليلى اسان کي اچي ڇڏايو پر
انهي کي به مون گهٽ وڌ ڳالهايو، ۽ اسان هڪٻين کي
پئي اجايو سجايو ڳالهايو، جيسين ڪرڙيون ڪري اسين
ٿڪجي پيونسين ۽ اسان جون نڙيون ويهي ويون. انهيءَ
ويڙهه کان پوءِ اسان جو ڇوهه گهٽجي ويو آهي، پر هن
جي دشمني گهٽي ڪين آهي، ڇالاءِ جو هوءَ اڃا تائين
به هر طرح اڻ بڻت ڪندي اچي ۽ دشمني ڏيکاريندي
اچي.“
انهيءَ طرح زينب پرهه ڦٽيءَ تائين مون کي ڳالهيون
ٻڌائي پئي خوش ڪيو ۽ جڏهن مؤذن جي ٻانگ مسجد مان
ٻڌي سين تڏهن ڌار ٿيڻ مناسب ڄاتوسين. پر تنهن کان
اڳي ئي هڪٻئي سان پڪو انجام ڪيوسين ته جڏهن وجهه
پيو ملندو تڏهن پيا گڏباسين. پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪري
ڇڏيوسين ته جڏهن ڪڏهن هوءَ ڪا تجويز ڪري گڏجڻ جو
موقعو هٿ ڪندي، تڏهن اڱڻ ۾ جو هڪڙو وڻ بيٺل هو
تنهن جي ٽاريءَ ۾ پنهنجو برقعو ٽنگي ڇڏيندي، جو
منهنجي بالاخاني مان ڏسڻ ۾ پيو ايندو هو، ۽ جڏهن
اهو برقعو اتي نه هوندو تڏهن آءٌ سمجهند ته انهيءَ
رات اسان جي ملاقات ڪين ٿي سگهندي.
باب پنجويهون
عاشق معشوق پاڻ ۾ گڏجن ٿا ۽ خوش ٿين ٿا ۽ حاجي
بابا ڳائي ٿو
ٻئي ڏينهن شام جو آءٌ بالاخاني تي چڙهيس ۽ اها
اميد هيم ته ملاقات جي نشاني ڏسندس پر افسوس ته
برقعو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ۽ آءٌ نااميد ٿي ويهي رهيس.
تماڪ ۽ ان جي صفا ڪرڻ جو سامان اتي ڏسڻ ۾ ڪونه
آيو، ۽ هيٺ به چپ چپات لڳي پئي هئي. بلڪ حڪيم جي
زال جو نه بند ٿيندڙ آواز جو هاڻي مون کي تمام
وڻندو هو، سو به ڪونه ٿو. رڳو جتي جي گسڻ جو آواز
ڪڏهن ڪڏهن پئي آيو جو مون ڄاتو ته ڪراڙي ليلى جي
هلڻ جو آهي. انهيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي گهر جي
ڀاتيءَ جي نشاني معلوم ڪانه ٿئي ٿي. پري کان
بادشاهه جي لشڪري باجي جو آواز ۽ نوبتن نغارن جو
واڄو ۽ ڪرنا جو ڪڙۡو مون کي ٻڌڻ پئي آيو جنهن مان
سج لهڻ جي خلق کي خبر پي پئي. شام جي نماز لاءِ
مؤذنن جي جدا جدا آوازن ۾ ٻانگ به پئي ٻڌيم ۽
پوليس جو دهل به پئي ٻڌم، جنهن سان ماڻهن کي حڪم
ٿي ڏنائون ته پنهنجا دڪان بند ڪري گهر هليا وڃو.
شاهي محلات جي ٺهلن تي پهري وارن جي پڪار به رکيو
رکيو پئي آئي. رات اچي پئي هئي ته به حڪيم جي حرم
۾ اڃا ماٺ لڳي پئي هئي.
مون پنهنجي دل ۾ چيو ته هن جو سبب ڪهڙو هوندو؟ جي
هو حمام ڏي ويا آهن ته هيستائين اتي ڪين رهيا
هوندا. تنهن کان سواءِ حمام زالن لاءِ رڳو صبح جي
وقت کلندا آهن. ضرور ڪو بيمار هوندو، يا ڪا شادي
هوندي، يا ڪو ڄم يا موت ٿيو هوندو، يا شايد حڪيم
کي ڪا سزا ملي هوندي. مطلب ته انهن خيالن ۾ مون
پنهنجو مٿو پئي کپايو ته اوچتو هن جي در تي ڏاڍو
کڙڪو ٿيو ۽ ان جي کلڻ سان جتين جي شپڙ شپڙ ٻڌڻ ۾
آئي ۽ انهيءَ سان گڏ گهڻين ئي زالن جو گڏيل آواز
به آيو، جن مان خانم جو جهيڙي ڪرڻ جهڙو آواز صاف
ٻڌڻ ۾ آيو ڪيترائي شمعدان هيڏي پئي آيا ويا، جن جي
سوجهري تي زالن جون شڪليون ڏسڻ ۾ پئي آيون جو هنن
برقعا لاهي ڇڏيا هئا ۽ انهن ۾ مون پنهنجي زينب جي
شڪل سڃاتي. مون چيو ته اڃا پيو جاچيندس ته من
ملاقات نصيب ٿئيم. ۽ نيٺ ٿيو به ائين ستت ئي زينب
اچي نڪتي. هوءَ ڏاڍي خبرداريءَ سان لڪي لڪي مون وٽ
آئي، ۽ چيائين ته ”اڄ رات پاڻ گڏ گذاري ڪين
سگهنداسون جو ڪن سبب ڪري منهنجو هتي حاضر رهڻ
ضروري آهي. باقي اميد آهي ته ٻئي ڪنهن وقت تجويز
ڪري آءٌ ضرور اينديس.“ مختصر طرح هن مون کي ٻڌايو
ته سندس ڌياڻيءَ جي ڀيڻ جا شاهه جي حرم ۾ هئي، سا
اوچتي بيمار ٿي پئي ۽ هڪدم مري به ويئي. شڪ هو ته
سندس ڪنهن پهاڄ زهر ڏئي ماريو هوس، تنهن تي خانم
ويئي هئي ۽ پنهنجون سڀ زالون پاڻ سان وٺي وئي هئي،
انهيءَ لاءِ ته اوسارڻ ۽ ماتم ڪرڻ جو هل گهڻو ڪري،
جيئن اهڙن وقتن تي ٿيندو آهي. پوءِ ٻن پهرن کان
وٺي ايتريون رڙيون ۽ دانهون ڪيائون جو نڙي ويهي
وين. ۽ خانم ته پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا، جو
رواجي دستور جي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ڪيو، ڇا لاءِ
جو تمام عمدي صدري پيل هيس ۽ انهيءَ جي رڳي هڪ ٻه
اوٽي اکيلي هئائين. لاش ٻئي ڏينهن دفن ٿيڻو هو،
تنهن ڪري هن کي وري صبح جو سوير اتي حاضر رهڻو ۽
اوسارڻو هو. انهيءَ ڪم لاءِ زينب کي هڪڙي ڪاري
رومال ۽ کائڻ لاءِ مٺائي ملڻ جي اميد هئي. اهو
احوال مون کي بڌائي پوءِ زينب هلي وئي ۽ پڪو انجام
ڏيئي ويئي ته سڀاڻي رات جو توکي ملنديس ۽ هو نشاني
ياد ڪري رکج.
ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان مون ڏٺو ته نشاني اڳي ئي
ٽنگي پئي آهي. مون کي ڏاڍي حيرت لڳي. هيٺ زينب به
ڏٺيم جنهن مون کي لهي اچڻ لاءِ اشارا پئي ڪيا. مون
به نڪا ڪئي هم، نڪا ڪئي تم، جهٽ ۾ بالاخاني تان
جنهن ڏاڪڻ جي رستي هو چڙهي ايندي هئي، تنهن تان
آءٌ هيٺ لهي ويس، پاڻ کي حرم جي اصل وچ ۾ ڏٺم. مون
کي پاڻيهي اچي ڊپ ٿيو جو ڄاتم ته آءٌ اهڙي هنڌ
آهيان جتي ڪو مڙس ماڻهو موچڙن کائڻ کان سواءِ اچي
سگهندو، پر پنهنجي محبوب جي مرڪڻ ۽ بي ڊپي حالت جي
ڏڍ تي هليو ويس. مون کي چوڻ لڳي ته ”حاجي، هليو
آءٌ ڊپ ڪونه ڪر، زينب کان سواءِ هتي ٻيو ڪوبه
ڪونهي. جي نصيب يار هوندو ته اڄ سڄو ڏينهن پاڻ مزا
ماڻينداسين.“ مون چيو ته ”تو هي ڪهڙو معجزو ڪيو
آهي؟ خانم ڪٿي آهي ۽ ٻيون زالون ڪيڏي ويون آهن؟ ۽
جي اهي هتي ناهن ته خود حڪيم کان آءٌ ڪيئن جند
ڇڏائي سگهندس؟“ هن چيو ته ”ٻيو ڪوبه ڊپ نه ڪر. مون
سڀ در بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪو آيو، ته به توکي انهن
جي کولڻ کان اڳي ڀڄي وڃڻ جو وقت ملندو، پر ڪنهن جي
اچڻ جو امڪان ڪونهي. سڀ زالون مرڻي يا معرڪي تي
ويون آهن. باقي مرزا احمق جي ٻئي پاسي دفع ٿيڻ
لاءِ خانم پورو بندوبست ڪيو آهي، ڇالاءِ جو آءٌ
گهر ۾ اڪيلي رهڻي هيس. هن کي اختيار ناهي ته گهر
کان ٽن ميلن جي اندر همت جهلي اچي سگهي.“ ٻيو
چيائين ته ”عجب ۾ نه پوءُ توکي خبر هجي ته پنهنجو
بخت بالا آهي ۽ جنهن گهڙيءَ پاڻ هڪٻئي کي ڏٺو سا
ڏاڍي ڪا سڀاڳي هئي، سڀڪا شيءِ اسان جي خواهش موافق
آهي. منهنجي دشمن گرجياڻيءَ خانم کي چيو ته ”ليلى
کي مرڻي تي اوسارڻ ۽ روئڻ انهيءَ جو هئڻ ضروري
آهي، ۽ منهنجي نالي چيائينس ته هيءَ ڪردڻ آهي،
تنهن کي ايران جي رسمن جي پوري خبر ناهي تنهن کي
ڇڏي هن کي هلائڻ گهرجي.“ اهو سڀ انهيءَ لئي ڪيو ته
مون کان ڪارو رومال ۽ ٻيون فائدي جهڙيون ڳالهيون
کسائي تنهنڪري هو مون کي گهر ۾ ڇڏي ويا ۽ ڪلاڪ کن
ٿيندو جو هو سڀ هن فوتڻ جي گهر هليا ويا آهن. آءٌ
ڪوڙ ڪري ڏاڍي ڪاوڙي ۽ منهنجي بدران ليلى کي وٺي
وڃڻ جي برخلاف گهڻو ئي ڪم چيم، پر خدا جو شڪرانو
جو پاڻ اچي گڏياسين. هاڻي اسان کي مزا ماڻڻ
گهرجن.“
ائين چئي هو بورچيخاني ۾ ويئي، انهيءَ لاءِ ته
منهنجي لاءِ هڪڙي مجمعي ۾ رات جي ماني کڻي اچي،
انهيءَ وچ ۾ مون حرم جو اندريون ڀاڱو چڪاسي ڏٺو،
جنهن جي ڇڙن ماڻهن کي اڪثر خبر نه هوندي آهي.
پهريائين آءٌ خود خانم جي ڪمري ۾ ويس. انهيءَ جو
در باغ ۾ ٿي کليو ۽ انهيءَ ۾ رڱيل شيشا پيل هئا، ۽
هڪڙي ڪنڊ ۾ انهيءَ بيبي جي ويهڻ جي جاءِ هئي جتي
هڪڙو ٿلهو غاليچو ٻيڻو ڪري وڇايل هو ۽ هڪڙو وڏو
نرم وهاڻو رکيل هو، جنهن کي ڪيمخاب جو پوش هو ۽
پاسن کان ٻه ٽئونر يا جهاٻا هئس ۽ انهيءَ جي مٿان
وري ململ جو سنهڙو پوش هو. انهيءَ هنڌ کي ويجهو
هڪڙي آرسي رکيل هئي، جنهن ۾ عجيب غريب شيون پيل
هوين. اکين جي لاءِ سرميداڻي ۽ سرائي هئي، چيني
ڳاڙهو اٽو مهن کي لائڻ جو هو، ٻه بازوبند هئا جن ۾
تعويذ هئا، هڪڙو جهومر يا ٽڪڙو جو وارن ۾ وجهڻ ۽
پيشانيءَ تي لڙڪائڻ جو زيور آهي سو پيل هو، چاڪون،
قينچي ۽ ٻيون به شيون پيل هيون. هڪڙي ستار ۽ دف به
ويجهو پيو هو. سندس هنڌ ٿوري پنڌ تي ويڙهيو، هڪڙي
نيلي ۽ سفيد ڪپڙي جي لوغبند ۾ ٻڌو پيو هو، ڀتين تي
ڪيتريون ئي تصويرون چونڪن کان سواءِ لڳل هيون،
جاءِ جي چوٽيءَ تي جو ڄارو هو تنهن تي ڪيترن ئي
قسمن جا شيشا ۽ رڪابيون وغيره رکيل هيون. هڪڙيءَ
ڪنڊ ۾ شيرازي شراب جون ڪيتريون ئي ٻاٽليون ڏسڻ ۾
پئي آيون. انهيءَ مان هڪڙي جنهن جي منهن ۾ گل پيل
هو سا بيبي انهي ڏينهن صبح جو کولي وپرائي هئي،
شايد انهي لاءِ جو ماتمداري تي ٿي ويئي، تنهنڪري
پنهنجي طبيعت کي تقويت ڏيو وڃي.
دل ۾ چيم ته هن گهر ۾ شريعت جي حڪم جي گهڻي پرواهه
ڪانهي. اڳتي ڪو بزرگ يا خدا پرست ماڻهو منهن ۾
ملول ڏٺم ته انهيءَ جي پاڻيهي قدرداني ڪندس. اسان
جو حڪيم جو پاڻ کي پڪو مسلمان ٿو سڏائي سو هن مان
ظاهر آهي ته ٻاهر ٿڌي پاڻي ۾ شربت جا پيالا ٿو
پئي، ۽ گهر ۾ انهن جي عيوض هيترو سارو شراب رکيو
ويٺو آهي.
جيسين آءٌ ٻيون جايون ڏسي رهيس، جي نوڪرياڻين جون
هيون، تيسين زينب ماني تيار ڪري آئي ۽ آڻي خانم جي
جاءِ ۾ رکيائين. اسين گڏجي انهن ساڳئي وهاڻي کي
ٽيڪ ڏيئي ويهي رهياسين. جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو
آهي. جيڪو طعام تيار ڪري آئي هئي، ۽ ڪباب ٿيل گوشت
ٻيءَ رڪابيءَ ۾ رکيل هو. انهيءَ جا ٽڪر ٽڪر وڍي
اڦراٽن تي رکيا هئائين، هڪڙي مزي جهڙي اصفهاني
گدري جون وڏيون ڦاڪون هيون، ڪي شفتالو ۽ ناسپاتيون
به هيون، ڏينهن جي کاڌي مان بچيل تريل آنا هئا.
هڪڙي پيالي ۾ ڌؤنرو ۽ ٻن قسمن جا شربت هئا، پنير،
بصر ۽ ٿوم به هئي. انهن کان سواءِ ٿوري عمدي مٺائي
۽ هڪڙو پيالو تازيءَ ماکيءَ جو به هو.
مون پنهنجون مڇون مروٽي ۽ کاڌي جون لذيذ شيون
پنهنجي اڳيان ڏسي چيو ته ”پنهنجي ماءُ جو سنهن
اٿئي، ٻڌاءِ ته سهي ته ههڙو جلد، ۽ هيترو سامان
ڪيئن گڏ ڪري سگهيئين؟ هي ته شاهه جي لائق ناشتو ٿي
پيو آهي.“ هن چيو ته ”انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪر،
پرمانيءَ کي لڳي وڃ. منهنجي ڌياڻيءَ پنهنجو ناشتو
اڃا رات پئي هئي ته تيار ڪرايو هو، پر صبح جو وري
ڳڻتي آيس ته ماني وڃي مرڻي واري هنڌ کائيندي.
انهيءَ ڪريمون کي ڪي به ڪرڻو ناهي. اچ ته ويهي
کائون ۽ مزا ماڻيون.“
ان موجب اسين مانيءَ کي لڳي وياسون ۽ ذرو نه
ڇڏيوسون، جو اسان کان پوءِ ڪي ٻيا اچي کائن هٿن.
ڌوئڻ کان پوءِ شراب آڻي پنهنجي اڳيان رکيوسون ۽
ٻنهي پيالا ڀري پيتا ۽ سمجهوسون ته اسان جهڙو بخت
وارو انسان دنيا ۾ ڪو ٿورو هوندو.
آءٌ ايتريقدر خوش ٿيس جو جهٽ ۾ پاسي کان پيل ستار
کڻي ۽ اڳي پوءِ جا سڀ وهم وساري، انهي کي پنهنجي
آواز سان ملائي ”حافظ“ جو غزل ڳائڻ لڳس. جو ننڍي
هوندي ياد ڪري ڇڏيو هوم، ۽ حمام خاني ۾ ماڻهن کي
ٻڌائي خوش ڪندو هوس.
هر وقت خوش ڪه دست دهد معتنم شمار،
ڪس را وقوف نيست ڪه انجام ڪار چيست؟
پيوند عمر بسته بموئيست هوشدار،
غمخوار خويش باش غم روزگار چيست؟
راز درون پرده زرندان مست پرس،
اي مدعي، نزاع تو با پرده دار چيست؟
مستور و مست مهدو چو از يڪه قبيله اند،
مادل بعشوه ڪي دهيم اختيار چيست؟
سهو و خطائي بنده چو گيرند اعتبار،
معني عفو و رحمت پروردگار چيست؟
زاهد شراب ڪوثر و ”حافظ“ پياله خواست،
تا درميانه خواستئه ڪردگار چيست؟
هن پارسي غزل جو مختصر مطلب هي آهي ته عيش ڪرڻ ۽
باغ بهار ۾ محبت ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ چڱي
آهي! ساقيءَ کي چؤ ته اچ، انتظار ڪرڻ جو ڪهڙو سبب
آهي. ۽ آب حيات ۽ بهشت جي معنيَ سواءِ شراب ۽ نهر
جي ڪناري جي ٻي ڪانهي. جيڪو خوشيءَ جو وقت هٿ لڳي
سو غنيمت ڄاڻجي. الاجي آخر ڇا ٿيڻو آهي. حياتي رڳو
وار ۾ ٻڌل آهي، پنهنجي ڳڻتي ڪر، زماني جي نه ڪر.
پردي کان اندر جي خبر مست رندن کي آهي. پردي
جهليندڙن کي ڪانهي. عاشق ۽ معشوق جڏهن ٻئي هڪڙي
جنس جا آهن، تڏهن اسين ڪنهن کي پنهنجي دل ڏيون.
بندي جي گناهه جو جي حساب ٿيو ته پوءِ خدا تعالى
جي بخشش جي، وري ڪهڙي معنى آهي. زاهد ڪوثر جو شراب
ٿو گهري؟ حافظ هتي جي شراب جو پيالو. هاڻي ڏسجي ته
خدا تعالى جي ڪهڙي خواهش آهي؟
هي ٻڌي زينب نهايت گهڻي خوش ٿي، اڳي ڪڏهن اهڙو مزي
جهڙو راڳ ڪونه ٻڌو هئائين. اها ڳالهه به وسري ويس
ته اسين ٻيئي ڏکن جا ماريل هئاسين، جوهوءَ ٻانهي
هئي ۽ آءٌ هڪڙو سڃو سکڻو ماڻهو هوس. اسان سچ پچ
ائين ٿي سمجهيو ته جيڪي اسان جي آسپاس آهي، سو سڀ
اسان جو آهي ۽ شراب ۽ عشق اهي ٻئي هميشه تائين پيا
جٽاءُ ڪندا.
اهڙا ڪيترائي ٻيا راڳ ڳائي ۽ شراب جا پيالا خالي
ڪري، نيٺ سهي ڪيم ته منهنجو شعر به اچي کٽو آهي ۽
ٻاٽلي به خالي ٿي وئي آهي. اڃا به وقت گهڻو پيو
هو. تڏهن مون چيو ته ”زينب، تو ڪڏهن کان انجام پئي
ڪيو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو احوال ٻڌائيندينءَ،
سو هاڻ چڱو وجهه آهي، هتي ڪو ٻيو ماڻهو اهڙو جلد
اچڻ وارو ڪونهي. پنهنجي رات جي گڏجڻ جي پڪ ناهي،
تنهنڪري جيڪو ڪلاڪ کن تون پنهنجو قصو ٻڌائيندين،
اهو چئبو ته سجايو ويو.“ هن اها ڳالهه گهڻي خوشي
سان قبول ڪئي، ۽ هيٺين موجب ڳالهه شروع ڪيائين.
باب ڇوويهون
ڪُردي ٻانهي زينب جي تاريخ
ڪردستان ۾ هڪڙو سردار اوڪوس آغا نالي مشهور آهي،
انهيءَ جي آءٌ ڌيءَ آهيان. مون کي پوري خبر ناهي
ته منهنجي ماءُ ڪير هئي. مون ٻڌو آهي ته ڪرند شهر
۾ لڪ چوريءَ جي ملاقات مان آءٌ پيدا ٿيس
پر ڪردن ۾ اهڙيون ڳجهيون ڳالهيون لڪائي ڇڏيندا آهن
۽ ڪنهن کي انهن جي ظاهر ڪرڻ جي همت نه ٿيندي آهي.
تنهنڪري آءٌ خاطري ڪري نه سگهيس ته منهنجي پيدا
ٿيڻ جي نسبت ۾ جيڪي افواهه هئا سي سچا هئا يا
ڪوڙا، پر ايتري پڪ اٿم ته مون ڪنهن کي ماءُ ڪري نه
سمجهيو، پر ٻين زالن جي وچ ۾ پلجي وڏي ٿيس ۽
منهنجو سنگتي هڪڙو وڇيرو هو، جو گهر ۾ اسان سان گڏ
رهندو هو. اهو انهيءَ ساڳئي تنبوءَ ۾ ڄائو هو جنهن
۾ منهنجي پيءُ جون زالون رهنديون هيون. انهن جي
ماءُ نج عربي بڻ جي گهوڙي هئي ۽ انهيءَ کي جانور
ڪين ڄاڻندا هئا، پر گهرجي ٻين ڀاتين وانگر شمار
ڪندا هئا. حقيقت ڪري بابو پنهنجن زالن کان وڌيڪ
انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو. تنبوءَ ۾ جيڪو گرم ڀاڱو
هوندو هو، اتي هو بيهاربو هو ۽ ڪپڙا به مٿس چڱا
چڱا وجهندا هئا ۽ مسافريءَ وقت به پهرين انهيءَ جي
پوئواري ٿيندي هئي. جڏهن اها گهوڙي مئي، تڏهن سڄي
منزلگاهه ۾ روڄ پئجي ويو. وڇيرو پلجي وڏو ٿيو ۽
نيٺ جنگ ۾ منهنجي پيءُ جو جنگي گهوڙو ثابت ٿيو ۽
اڃا تائين اهو سڄي ڪردستان جو فخر آهي، پر جي بابو
انهن وهٽن سان گهٽ محبت رکي ها ته چڱو هو، جو
انهيءَ ڪري آءٌ ٻانهي نه ٿيان ها ۽ اڄ تائين آزاد
زال هجان ها، ڇا لاءِ جو مون تي جيڪي مصيبتون آيون
۽ زماني جون گردشون گذريون، سي انهيءَ گهوڙي جي
هئڻ ڪري. انهن جو بيان هاڻ ڏيان ٿي:
توکي خبر هجي ته جيتوڻيڪ ڪرد چون ٿا ته اسين ڪنهن
به حڪم هيٺ ناهيون، انهي هوندي به اسانجا وڏا
ترڪستان وارن ڪردستان جي جبلن جي انهيءَ ڀاڱي ۾
مال چاريندا ۽ تنبو هڻندا هئا، جو بغداد جي پاشا
جي حڪومت ۾ هو، ڪجهه وقت تائين منهنجو پيءُ به
ائين ڪندو هو. جڏهن ڪڏهن انهيءَ حاڪم کي جنگ ڪرڻي
ٿيندي هئي، تڏهن اڪثر هو اسان جي قومن کان گهوڙي
سوارن جي مدد گهرندو هو، جي ساري ايشيا ۾ مشهور
هوندا هئا ۽ هميشه جنگ ۾ سورهيائي ڏيکاريندا هئا.
منهنجو پيءُ پنهنجي زور ۽ همت ۽ چابڪ سواريءَ جي
ڪري پاشا کي ڏاڍو پسند هو، ۽ اهڙن وقتن تي اڪثر هن
کي سڏيندو هو. جڏهن گهوڙي تي چڙهندو هو تڏهن ڏاڍو
قداور ۽ شاندار ڏسڻ ۾ ايندو هو، ۽ جڏهن سندس
ٽوپيءَ جو پٺيون پاسو سندس منهن تي ڇانو ڪري
بيهندو هو، تڏهن هو ڏاڍو دهشت وارو ڏسبو هو. هن
ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو هو، تنهنڪري هن کي اها
عزت مليل هئي ته پنهنجي نيزي تي وارن جو مچو کڻندو
هو. پر شاندار ۽ تعريف جوڳو تڏهن ڏسڻ ۾ ايندو هو،
جڏهن زرهه ڍڪيندو هو. جڏهن هن جي هيٺان گهوڙو پيو
ڪڏندو هو ۽ هو هزارن سوارن جي وچ ۾ چمڪندڙ زرهه
منجهه مور کنڀڻ جي ڪلنگين سان ۽ سج جي روشنائي ۾
چمڪندڙ ڀالن سان پاشا کي گڏجڻ لاءِ اٿي هلندو هو،
تڏهن منهنجي نظر ۾ هن جي شڪل اهڙي حشمت واري ڏسڻ ۾
ايندي هئي جو وري عمر ۾ وسرڻ جهڙي ناهي. انهيءَ
چڙهيءَ جي نتيجي مان اسان جي ڪمبختي شروع ٿي. جڏهن
وهابي بغداد جي حد اندر ڪاهي آيا، تڏهن پاشا ڪردن
کي مدد لاءِ سڏڻ جو ضرور سمجهيو. هو تمام گهڻو
لشڪر ساڻ ڪري جنگ جي ميدان تي نڪري ٻاهر ٿيو ۽
هڪدم دشمن تي ڪاهي اٿي هليو. هڪڙي راتاهي ۾ اتفاق
سان منهنجي پيءُ کي عرب شيخ جو پٽ منهن پئجي ويو،
جو وهابين جو سردار هو ۽ جنهن کي هن ماري وڌو.
پوءِ هن جا هٿيار لاهي ۽ هن جي گهوڙيءَ تي پاڻ
چڙهي اٿي هليو. هن کي خبر هئي ته ڏاڍي قيمتي شيءِ
مون کي هٿ لڳي آهي، تنهنڪري هن گهوڙيءَ جي تمام
گهڻي سنڀال ڪئي، ۽ ترڪن جي حاڪم کان پنهنجي چڱي
نصيب لڪائڻ جي ارادي سان هن اها گهوڙي پنهنجي
منزلگاهه ڏي ڏياري موڪلي ته متان ترڪي حاڪم کي
انهيءَ جي خبر پوي ۽ اها جو زور سان کسي وڃن. هن
پنهنجن مائٽن ڏي چوائي موڪليو ته انهيءَ کي ڏاڍيءَ
خبرداريءَ سان لڪائي بهارجو ۽ حرم واري تنبوءَ ۾
ٻڌجوس.، پر هن جون اڳڪٿيون سڀ اجايون ٿيون، ڇا
لاءِ جو هن جيڪا پهلوانيءَ ڏيکاري هئي سا ۽ ٻيو
انهيءَ سان تعلق رکندڙ احوال سگهوئي سڀ ڪنهن کي
معلوم ٿي ويو، پر پاشا هن کي مان ڏيندو هو، ۽
گهوڙي به رواجي سمجهڻ ۾ ٿي آئي، تنهنڪري هن وڌيڪ
پڇا ڪانه ڪئي. پر جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ سگهوئي
جڏهن وهابين کي صحرا ڏي ڀڄائي ڇڏيائون، ۽ ڪرد وري
پنهنجن جبلن ڏي هليا ويا، تڏهن اوچتو ئي اوچتو
هڪڙي ڏينهن صبح جو پاشا جا ڪي مکيه عملدار اسان وٽ
اچي نڪتا، يعني مير آخور يا طويلن جو عملدار، جنهن
سان ڏهه ٻيا جوان هئا، جي هٿيارن پنوهارن سان تکن
گهوڙن تي چڙهيل هئا. سڀڪو هڪدم هنن جي آڌر ڀاءُ
ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو. هن جا گهوڙا نيئي تمام ويجهي
چراگاهه ۾ ٻڌائون، ۽ انهن جي اڳيان ججهو گاهه وجهي
ڇڏيائون. سوارن کي ڏاڍيءَ آبروءَ سان وٺي وڃي مڙسن
واري تنبوءَ ۾ ويهاريائون ۽ اتي قهوو پياريائون ۽
حقا ڇڪارايائون، ۽ پلاءُ تيار ڪرڻ لاءِ باهه تي
چاورن جي هڪڙي وڏي ديگ کڻيچاڙهيائون. ٻه ڇيلا
انهيءَ دم ڪهي وڌائون، جن مان زالن مزي جهڙو ٻوڙ
رڌو ۽ ڍير مانين جو پچايائون. مطلب ته جيڪي اسان
کان ٿي سگهيو سو، ۽ جيڪي حق مهمانداريءَ جا
گهمندڙن قومن تي آهن، سي سڀ بجا آنداسين.
جڏهن منهنجي پيءُ کي هنن جي ويجهي اچڻ جي خبر پئي،
بلڪ جڏهن اڃا هن کي پري کان ايندو ڏٺائون تڏهن هنن
هڪدم سهي ڪيو ته هو ڪهڙي ڪم لاءِ ٿا اچن. هن
پنهنجي وڏي پٽ کي حڪم ڏنو ته جهٽ ۾ گهوڙيءَ تي
چڙهي پاسي واريءَ ماٿريءَ ۾ وڃي رهه، جيسين ڪ وري
توکي اطلاع ڏجي. اسان جا تنبو نئين ڪناري تي هڪڙي
صف ۾ کڻي هنيائون، جنهنڪري اسان کي اها سولائي هئي
ته ضرورت مهل لڪي نئين جي پيٽ ۾ هليا وڃون، جتي
پاڻي پئي وهيو. انهن مٿانهن جبلن ۾ وڃي لڪون جي
اسان جي ويجها هئا، جن جا ڳجها ۽ ڏکيا پنڌ پيچرا
اسان کي سجهيا پئي.
|