سندس رسالي ۾ جيڪي اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ غزل
آهن، تن کي ’ريختو‘ نالو ڏنو ويو آهي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي موزون غزلن کي به ڪافي جو نالو ڏيئي،
ٻين ڪافين ۾ ملايو ويو آهي. سڀ غزل ٻه ٺپي ڪافي جي
نموني تي آهن.
سچل سائين ڪافي کي پنهنجي پيغام جو ذريعو بڻايو.
هو پاڻ راڳ جو ڄاڻو هو، انڪري سندس ڪافين ۾
بيپناهه موسيقيت آهي. هو وڏو عالم ۽ زبانن جو ڄاڻو
هو، انڪري لفظن جي استعمال، بيهڪ ۽ انهن جي
معنيٰ مطلب تي حاوي هو. پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي ۾
ڪافين کي جيڪا مقبوليت حاصل هئي، ان کي هن وسيع
اتحاد ۽ ڀائيچاري لاءِ استعمال ڪيو، ۽ نيڪ جذبن،
صحيح خيالن ۽ اخلاق ۽ شائستگي سان ڀرپور ڪافين جو
وڏو ذخيرو ڇڏيو اٿس جيڪو اڄ به اسان لاءِ متاع
عزيز آهي.
حضرت سچل سائين جي ڪافين جا ڪي نمونا پيش ڪجن ٿا.
(الف) جيئن ڪافيءَ جي ٿل جو دستور آهي، تيئن ٿل ۾
هڪڙي مصري ڏئي پوءِ مصرع ۾ ٻه ٺپ آندا اٿس ۽
سڀڪنهن مصرع جي ٻئي ٺپ جو قافيو، ٿل سان ملايو
اٿس. مثال طور ڀيروي سر جي هڪ ڪافي:
ٿل- هو اسان وٽ يار تون، آهت اسان جو حال هي.
4- درد مند جي در پيهي آ، دوست دل خوشحال ڪر،
ساهه سر صدقي ڪريان، ڇا ملڪ ۽ ٻيو مال هي.
6-ناپري پاڻئون ڪريو، ڪي دوست دلداريون ڏيو،
هو سدائين ساڻ مون، آهي ’سچو‘ جو سوال هي.
(ب) جيئن غزل ٺاهڻ جو دستور آهي تيئن ٿل ۾ ٻه
مصرعون هم قافيه ڏيئي، پوءِ هر هڪ مصرع جي ٻئي ٺپ
کي ٿل سان هم قافيه رکندو آيو آهي، مثال طور سُر
بروو جي هڪ ڪافيءَ جا ڪجهه بند ملاحظه ڪريو:
ٿل- تون آهين صاحب صورت، جو هي آهي غلام تنهنجو
آهي ذوق شوق سهڻا، مون کي مدام تنهنجو.
1-جي آهن اصل اوهان جا، سي نا وسارجو، ميان!
مون تي آهي مقرر، سائين سلام تنهنجو.
5- تون آهين اصل اسان جو، آهيون اسين سي تنهنجا،
آهي قبول ڪٌلي، ’سچو‘ ڪلام تنهنجو.
(ج) ٻه ٺپي ڪافي جي دستور موجب، ٿل ۾ ٻه مصرعون
هم قافيه آڻي پوءِ هر هڪ مصرع جا ٻئي ٺپ، ٿل سان
هم قافيه رکيا اٿس. آسا جي ڪافي مثال طور عرض آهي:
ٿل- جي مون پڇوڙي جيڏيون، آهي برهه بيقراري،
بخشش الاهي آهي، ناهي ڪسب اختياري.
1.آهي ني عاشقن کي، سوريءَ مٿي سواري،
هڪ درد دل ۾ تن جي، ٻي خلق جي خواري.
4. محبوب جون اصل کون، ڪجليون آهن قهاري،
آهي اصل انهن کي، هيءَ سڌ ’سچل‘ جي ساري.
(د) ٽه ٺپي ڪافي جو مثال سر ڪسوري مان ڏجي ٿو:
ٿل- آءٌ ڪانگا ڪا پرينءَ جي ڳالهه ڪر،
واعدو ڪيئي ڪالهه، سو بر حال ڪر.
1.
ڪئن ڏٺو تو دوست منهنجو ديس ۾،
خوش ڏٺو هوءِ يار ڪهڙي ويس ۾،
سا خبر مون سان سڄي في الحال ڪر.
5- دوست اڳيان جي وڃي حاضر ٿئين،
زاغ! زاريءَ مون اهي نياپا نئين،
سائين لڳ سارو ’سچوءَ‘ جو سوال ڪر.
’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ جي مؤلف، مرحوم محمد صديق
ميمڻ صحيح لکيو آهي ته ” هنوقت تائين، جيتريقدر
سنڌي ڪلامن جي تحقيقات ٿي سگهي آهي، تنهن موجب
چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ اڄڪلهه ڪافين جا جيڪي نمونا
ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ اچن پيا، تن جو بانيڪار سچل سرمست
ئي هو، ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر،
ايترن نمونن ۽ ايتري انداز ۾ ڪافيون نه ٺاهيون
هيون.“
(روز نامه ’نجات‘، سکر -2/3-8-1976ع)
سچل جو قاصد- ڪانگ
ڪانگل آيم ڪالهه، وٺي سنيها سڄڻان،
محبت ريءَ مقال، ڪا نه ڪيائين ڪڏهين.
رب العالمين جي مخلوق ۾ پکي به شامل آهن، ڪي کنڀين
جي خوبصورتيءَ سببان ۽ ڪي وري مڌو آواز جي ڪري،
انسان لاءِ ڪشش جو باعث آهن. پکين جا ٻه قسم آهن:
هڪ پالتو پکي ۽ ٻيا جهنگلي يا شڪاري پکي. انسان جو
ٻنهي سان لاڳاپو پئي رهيو آهي. پالتو پکين کي
وندر يا خوراڪ خاطر، ۽ جهنگلي پکين کي شڪار لاءِ
استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪي پکي روايتي طور قاصد
جو ڪم ڏيندا آهن. اهڙن پکين ۾ ڪبوتر ۽ طوطو، اسان
جي افسانوي ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. پر اسان جي
ڪلاسيڪي شاعرن ڪانگ (ڪانوَ) کي پنهنجو قاصد بڻايو
۽ محبوب سان پيغامن جي ذريعي دل جو حال اوريو ۽
درد سور سليو.
ڪانگ کي محبوب ڏانهن قاصد ڪري موڪلڻ جي روايت هندي
شاعري ۾ اچي ٿي ۽ شاهه
لطيف
۽ سچل سرمست انهيءَ روايت کي پنهنجي شاعريءَ ۾
قبول ڪري، سنڌي شاعري ۾ هڪ وڌيڪ ۽ عام فهم علامت
کي رواج ڏنو آهي.
ظاهري طور، ڪانوَ ۾ ڪا به خوبي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي.
سندس جسماني بناوت، رنگ ۽ آواز ۽ پڻ رهڻ ۽ کائڻ
جون عادتون ڪراهت آميز ۽ غليظ آهن. هندوستان جي ڪن
علائقن ۾ ڪبوتر کي سيد پکي ۽ ڪانو کي چمار يا
ڀنگي چيو ويندو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته ڪانو ڍونڍ
۽ غلاظت کائيندو آهي. طبعي طور گندگيءَ ڏانهن
مائل هوندو آهي ۽ لوڀي پڻ. هڪ واري تڙيوس ته ڪان
ڪان ڪري وري اچيو پاسو وٺندو جيسين اها چيز کڻي
وڃي جنهن تي سندس نظر هوندي آهي. ڍونڍ کان علاوه
جيت،آنا ۽ کيکڙا ۽ خول واري مڇي به کائي ٿو.
وڻن تي يا ٻئي ڪنهن اوچي مقام تي رهندڙ پکين جي
آڪهه مان، ڪانگ جي آڪهه تمام وڏي ٿئي ٿي ۽ هو
نيوزيلينڊ کان سواءِ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ رهن ٿا.
جبلن تي رهندڙ ڪانوَ کي ٽاڪرو ڪانوَ سڏيندا آهن
جيڪو وڌيڪ وزندار ٿئي ٿو البته ان جو آواز گهگهو
ٿئي ٿو ۽ اڪٽر سياري جي موسم ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
ڪانون جا آکيرا ويڪرا، ڳورا ۽ کهرا ٿين ٿا.
ڪانويلي چئن کان ڇهن آنن تائين آنا لاهي ٿي.
ادب ۽ ڪانگ
سنڌي ادب ۾ ڪانوَ جي نسبت سان گهڻيئي چوڻيون
رواج ۾ آهن، جيڪي سنڌي معاشري ۾ ريتن رسمن وانگر
اهميت رکن ٿيون. مثال طور اجائي ڳالهه ڪرڻ، گوڙ
ڪرڻ يا معمولي ڳالهه تي جهيڙو ڪرڻ جي موقعي تي چيو
ويندو آهي ته ڪانوَ وانگر اجائي ڪان ڪان مچائي
اٿو. هلڪڙائي، غير سنجيدگي، ٽرڙائپ جي حالت ۾
چوندا آهيون ته ڪانوَ وانگر وات ڦاڙيو ويٺو آهي.
ڪانوَ کي گرمي جو اثر ڪو نه ٿو ٿئي، ان ڪري ٽاڪ
منجهند جو به گهڻو ئي شور ۽ غل ڪندو آهي. ان ڪري
چوندا آهيون
ته گرمي ايتري جو ڪانو جي به اک پئي نڪري.
ڪانوَ فطري طور حرفتي ۽ بيچين پکي آهي. جيترو گهڻو
گوڙ، ايترو وڌيڪ کيس مزو ايندو. ان ڪري ولر مڙي،
هڪ هنڌ گڏ ٿي ويٺا ڪان ڪان ڪندا. انهيءَ ڪري چوندا
آهيون ته فلاڻي کي ڪانوَ وانگر لڙ ۾ مزو ٿو اچي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪانوَ بابت گهڻيون ئي چوڻيون آهن پر
اسان کي اهو بيان ڪرڻو آهي ته شاهه لطيف يا سچل
سرمست توڙي ٻين قديم شاعرن ڪانگ کي قاصد ڇو
بڻايو.
انهي انتخاب ۽ پسند لاءِ شايد ڪانوَ جون ڪي اهڙيون
خوبيون آهن جيڪي ٻين پکين ۾ ڪين آهن. جهڙوڪ هو تيز
۽ سڌو اڏامي ٿو ۽ ٻن نقطن جي وچ ۾ سڌو مفاصلو گهٽ
۾ گهٽ مفاصلو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هوائي
جهازن ۾ مفاصلو ماپڻ لاءِ، ”ڪرو-فلائيٽ- ڊسٽنس“ کي
معياري مفاصلو سمجهيو ويندو آهي.
ازانسواءِ ڪانوَ سخت جان آهي. عمر به ڊگهي ٿئيس.
ذهين ۽ زيرڪ ۽ حساس ايترو آهي جو خفيف اشاري تي
اڏامي ويندو. اوهان ڏانهنس ڏسندا ته نظر جو مطلب
سمجهي، ان موجب فوري رد عمل ظاهر ڪندو.
انهن وصفن جي ڪري ۽ پڻ انهيءَ حقيقت جي مد نظر
ته
ڪانگ سنڌ ۾ گهڻو آهي ۽ عوام سان ان جو گهڻو ميل
ميلاپ ٿئي ٿو، سنڌ جي صوفي شاعرن ڪبوتر ۽ طوطي يا
فارسي روايت موجب ’باد صبا‘ جي مقابلي ۾، ڪانوَ کي
پنهنجي عجيبن لاءِ قاصد بڻايو.
شاهه لطيف ڪانوَ کي قاصد بڻائي محبوب ڏي موڪليو ۽
نياپن جي ڏيوٺ ڪئي. اها ماجرا سر پورب ۾ مذڪور
آهي. سر پورب جا ٻه داستان آهن ۽ پهرين داستان ۾
ڪانگ جو ذڪر آيل آهي جيڪو 34
بيتن
۽ هڪ چار سٽي وائي تي مشتمل آهي.
شاهه لطيف پنهنجي قاصد ڪانگ جا سڀ پَر سُون سان
مڙهائڻ گهري ٿو ۽ چوي ٿو ته هٿن سان هنيو ڪڍي ٿو
ڏيانءِ جيڪو ولايت وڃي، عجيبن اڳيان کاءُ ته جيئن
پرين
چون
ته هينئن قربان ڪير ٿو ٿئي.
انهيءَ کان علاوه ڀٽائي بزرگ، ڪانگل ۾ ”بوءِ بهار
جي، مشڪ کٿوريءَ مڻ“ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
ڪتو جي ڪانءُ، پريان سندي پار جو،
انهيءَ مٿان آنءُ، ڪوڙئين قرباني ٿيان.
ڪانگ جي ايترين خوبين ۽ سندس خدمتن سببان مٿس
ڪروڙين دفعا قربان ٿيڻ جي اعلان جي باوجود سندس
بدفطرت هجڻ سببان، شاهه سائين، کيس مشڪوڪ نظر سان
ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
سو ڪانگ مَ قاصد ڪر، جو سدا ڍونڍي ڍونڍ کي،
ڪه ڪندو پنهنجي پيٽ جي، ڪه ويندو دوست در،
جنهن جي ٻوليائي ٻرٻر، سو نياپا نيئي رهيو!
ڏاهو پکي
سچل سائين سرمالڪوس ۾ ڪانگل کي قاصد ڪري کيس عرض
ايلاز ڪيا آهن ته وڃي معشوق جي در تي ڪر نشون ڪري،
هن کي ريجهائي ۽ وٽائنس ڪو محبت ڀريو نامو کڻي
اچي. سچل کيس جواهرن ۽ لعلن جا لب ٿو آڇي- چوي ٿو:
موتين ۽ لعلن سان، ڀينر کنڀ ڀريانس،
پيرين دوست ڌريانس، جو آه نياپا ڏيندڙ نيهن جا.
سچل سائين سهڻي
سان
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪانگ جي ذريعي کي نهايت
معتبر سمجهي ٿو ڇو ته هو ڪانگ کي ’ڏاهو‘ سمجهي ٿو.
ڪانو جي ڏاهپ جو تصور ۽ ان بابت ڪئين ڪهاڻيون عهد
قديم کان مشهور آهن؛ جيئن ته حضرت آدم جا ٻه پٽ
هابيل ۽ قابيل جڏهن پاڻ ۾ وڙهيا ۽ قابيل قتل ڪيو
ويو ته روايتن موجب ڪانون کي هڪ مئل ڪانو دفن
ڪندي ۽ گڏجي روڄ ۽ سوز ڪندي ڏسي، هابيل پنهنجي
مقتول ڀاءُ قابيل جو ميت زمين کوٽي دفن ڪيو هو.
اجتماعيت ۽ برادريءَ جو نظام
اسان جي صوفي شاعرن اتحاد جي سبق ڏيڻ لاءِ ڪونجن
جي قطارن جو مثال ڏنو آهي. پر پکين ۾ ڪانوَ پڻ
اجتماعيت جا وڏا علمبردار آهن. هو شهرن ۾ ته ڪو نه
رهن البته پيٽ قوت لاءِ صبح سويرو اچي پنهنجي حد ۾
حاضر ٿين- شهر، قصبا ۽ محلا پاڻ ۾ ورهايل اٿن.
هڪ ڪانوَ ٻئي جي حد ۾ ڪو نه ويندو، البته سج لٿي
مهل سڀ گڏجي وڃي هڪ هنڌ جهوڪ (پڙاؤ) ڪندا. اهو
عجيب منطر مون استاد حاميءَ جي ڳوٺ سوهو قناصرا ۾
هڪ سانجهيءَ جو ڏٺو هو.
اهڙي طرح سال يا ششماهيءَ ۾ سندن وڏو اجتماع ٿئي
ٿو. نواب شاهه ضلعي ۾ پنواڙي ٻيلو ته ڄڻڪ ڪانون
لاءِ ئي هوندو آهي جتي لکلين ڪانگ اچي گڏ ٿيندا
آهن. ازانسوءِ ڪانوَ مرڻ جي وقت ۽ آل (ڪانو جي
ٻچي) ڄمڻ وقت، مٿن پريشاني جو ڄڻڪ پهاڙ اچي ڪرندو
آهي ۽ ڪلاڪ کن گڏجي ڏاڍو شور غل ڪندا آهن ڇو ته
کين دشمن جي حملي جو احساس ٿيندو آهي. انهن موقعن
تي، هر ڪاري چيز ۽ مٿي ڪوڙيل ٻارن توڙي وڏن جي ٺوڙ
تي مستيءَ ۽ بدحواسي سان ٺونگا هڻندا آهن.
سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ”ڪانو ڪراڙڪتي تي، اعتبار نه
ڪر ستي تي“. انهن ٽنهي عناصر جي ڊرپوڪ هجڻ يا وري
وڌيڪ حساس ۽ محتاط هجڻ سببان، اهو پهاڪو ٺاهيو ويو
آهي.
سچل سائين سر مالڪوس (ع) جي ستن داستانن ۾، 143
بيتن ۽ 63 ڪافين جي ذريعي ڪانگل، محبون جي نياپن ۽
پنهنجي
۽
سرتين جي ڪيفيتن جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي. ڀٽائي
بزرگ ته اڳيئي اها ماجرا بيان ڪئي هئي پر سچل جي
ڪلام ۾ زبان جي خوبي، محاورن، ضرب المثلن، تشبيهن
۽ سڀکان وڌيڪ انداز بيان جي لطافت ۽ محبوبن جي
پيغام جي نوعيت نروار ٿيڻ سببان، هڪ نئين ڳالهه
پيدا ٿي پيئي آهي، جيڪا ٻين ڪلاسڪي شاعرن جي ڪلام
۾ نظر نٿي اچي.
ڪانگ جو اچڻ
سچل سائين سرمالڪوس جي شرعات ئي ڪانگل جي اچڻ سان
ڪري ٿو جنهن ڏاهي نيهن ڀريو نامو سڄڻن وٽان آندو
آهي. سچل سائين چوي ٿو:
لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي:
”آندو اٿم پاڻ سان، نيهن ڀريو نامو،
توڏي ساريو سڄڻان، ڪيم راتيان روانو،
پڙهي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!“
ڏاهي ڏار چڙهي ڪري جيڪي وات واکاڻيون ڪيون سي
عجيب هيون؛ اُهي ٻڌي روح رڄ ڪيو ۽ سرتين کي چپ
چپات لڳي ۽ ”ڪي جو چيائين چهنب سان، تنهن لڇ ڏاڍي
لائي“ ۽ ” اندر کي آئي، ڄڻ ڄر
ڄيري سندڙي“. ڏاهو وڏيءَ ويل صبح جو لام تي چڙهي،
راز رتيون پڌريون ٿو ڪري. اهو راز هن طرح آهي:
سنيها جي سڄڻان ، سي ساري ڏنائين،
ائين اتائين، ته ”پاڻ نه آڻج وچ ۾“.
عشق جو عروج ۽ محبت جو معراج ان حالت ۾ ممڪن آهي
جڏهن عاشق ’پاڻ‘ وچ ۾ نه آڻي. انهيءَ کان علاوه –
پني ۾ پيغام، ڪي لکي مڪا سڄڻين،
سي نه سمجهن عام، جي آهن مجهه اشارتان.
سچل سائين چويٿو ته اهو نامو سارو نينهن هو ۽ رات
برابر ڏينهن مونکي گوندر گذري- ۽ اهو پسي آئون
بيخود ٿيس سرتيون. انهيءَ پرزي ۾ ساجن
سلامن
جون لس لڙهان لکيون. اهو پرزو مان پاڻ پڙهان ٿو ۽
ٻين کي نه ٿو ٻڌايان ڇو ته ڪتابت قريب جي ترار
کنئون تکي آهي:
پرزو پڙهڻ
آئيو، اٿي ملان مسيت سنجهاءُ
سندو سورن ساءُ، آيس سڀڪنهن سٽ مون.
ڇو ته جو نامن منجهه لکيو، سا هئي ڄيري جي ڄر،
تنهنڪري جنهن اهو ورق واچيو ٿي، سو ڄڻ دردن جي
درياه ۾ غرق ٿي ٿيو.
خط و ڪتابت جو مضمون
هاڻي عاشق معشوق جي خط و ڪتابت نقل ٿا ڪريون. ڏسو
هڪ ٻئي کي ڇا ٿا چون-
لکي خط منجان، هي پريان سندي پار ڏي،
ته ”منهنجون لک حجان، توسان آهن تو جيئن“.
محبوبن جواب ۾ چيو:
آيو رات رقم، مون ڏي محبوبن جو
ته ”دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن
تون
نه وسارئين“
ڏاهو جواب کڻي ٿو وڃي ته:
لکيو موٽي مون، ڪاغذ قريبن ڏي،
”اٿم تون هي تون، ٻئي جو ناهم آسرو“
پريان جي پار ڏانهن نئون لکيو آيو ته:
حبيبن ڏانهن هيئن، اديون لکجي آئيو،
ته” تون مونسان جيئن، آئون تئين توسان آهيان.“
عجيبن جو هر هڪ رقعو راز وارو آهي، جنهن جي هر سٽ
پڙهڻ مان عاشق تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي:
سندو راز رقعو، آيو جو عجيبن ڏنهن،
سا سٽ پڙهندي سرتيون، ڳالهائڻ چُڪو،
عاشق جي ارواح کي، ڄڻ لڳو تيز تُڪو،
مون ڏي محب مڪو،ڄڻ ساٿي سلامن جو.
ان ڪري سهڻي کي سچل سائين التجا ٿو ڪري ته سڪ جا
سنيهڙا ڏئي ڏهاڙي ڏاهي کي مون ڏي موڪل:
سنيها ساري، منهنجا چوي محبوب کي:
”پرين تنهنجي پار جي مدت مون ماري،
منج ڏهاڙي مون مڻين، اهو ڏاهو ڏياري،
مر سگهڙو سنڀاري، ڏئي سڪ سنيهڙا“.
قاصد جو قدر
شاهه لطيف ته پريان سندي پار جي ڪتي ۽ ڪانوَ مٿان
قربان
ٿئي ٿو ۽ ڪانوَ جا سڀ پر سون ۽ مڙهڻ چاهي ٿو، پر
سچل سرمست
پريان
جي پارون ڏهاڙي پيغام پهچائڻ واري ڏاهي لاءِ ڪجهه
وڌيڪ ٿو سوچي.
چوي
ٿو ته:
سڀ کنڀ ڪريان تنهنجا ساڻ جواهر جڙاءُ عطر کٿوري
اوتيان ٻيا ماڻڪ تو مٿاءُ
يا وري چوي ٿو ته:
کٿوري ۾ کنڀ،لويان لاکيڻي سڀيئي.
---- -----
پکيئڙا پويانءِ، لڙهان موتين سنديون،
آءُ اڏامي اوڏڙو، تا جهوليءَ ۾ جهوليانءِ،
سڀئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ
پويان سارو سمهويانءِ؛هڪ هڪ ڪري هٿن سان-
- -
مالهان موتين جون وجهان، پکيءَ کي پوئي،
پيرين سونا گهنگهرو، تا ٿئي سوايو سوئي.
---- -----
پکيءَ سندا پر ڪريان مرصع موتين
- -
ڪنڍيون ڪندن سان وجهان، پکيءَ کي پوئي.
---- -----
آءُ ڪانگل ڪائين، تا توتي عطر اوتيان
سچل سائين ڪانوَ جون ڪي عادتون به بيان ڪيون آهن.
جهڙوڪ وڏي صبح جو لام چڙهي لنوڻ، وڳوڙجي ويهڻ،
کنڀن کي کوڙڻ، منهن ٽوڙڻ، پر ٽوڙڻ، چهنب سان چڪيون
ڏيڻ،
ٽام مٿي ٽرڻ، لامين ۾ لڪڻ، ڇانڀ مٿي چڙهڻ.
قريبن
قاصد کي خوني خط ٿي ڏنا، جن جي ڪتابت
ترار کئنون تکي هئي ۽ ان کي سربستا قصا به سيکاريا ٿي ويا. ان
ڪري خود ڪانگ جو هنياءُ ڦسي ٿي پيو:
هن ڀانيو نامو، پر شعلو هئڙو شوق جو،
جند سارو جامو، تنهن جو سڀ سڙي پيو.
سچل سائين ڪانگ جي ڪنهن به بد فطري ڳالهه جو اظهار
ڪو نه ڪيو آهي پر انديشو ظاهر ٿو ڪري ته متان
پرينءَ جا نازڪ نياپا پڌرا نه ڪري ۽ سنديون راز
رتيون نروار نه ڪري. پر انهيءَ خدشي جي باوجود،
سچل سائين ڏاهي کي عجيبن ڏانهن موڪلي ٿو ته اتي سڀ
خبر
ڪري ته :
”هت عاشق کي اوهان بنا، هينئڙي منجهه حشر،
ٿو اوتي اکڙين مون، باراني بحر،
هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مري وڃي.“
۽ ان مان آس ٿو رکي
ته:
هوت ڪڏهن هت
ايندو؟ ڪهه ڪانگا ڪل ڏي ڪا!
چئه ڪي ويهندو هتهين، ڪي ساڻ نماڻي نيندو؟
هيڪند اچي هوت مون، هن ٿڪيءَ سان ٿيندو،
پاڻ پنهنجو سپرين، ساڻ غريب گڏيندو،
پکا پاڄاڻين کي، اوڏا يار اڏيندو،
هوت پنهنجا هٿڙا،هن ڏکيءَ کي ڏيندو،
سنگت پنهنجيءَ سپرين، ’سچوءَ‘ کي به سڏيندو.
(روزنامه’نوائي انقلاب‘ سکر؛ 27، 28 ۽ 31-8-1976ع) |