لبن جي لالي
سچل سائين جي محبوب جي نرم لبن جي لالي، لعل ۽
ياقوت موت ۽ هيري
کي
شرمائي ٿي ۽ انهيءَ تجليءَ سببان دل ديواني ٿي پوي
ٿي . چوي ٿو :
سرخ لبان هن لعل رماني، يا ياقوت يساني ،
موتي منهن آڳون شرمندي، هيري ٿئي حيراني .
جهلڪ جهلڪ رخسار سهڻي دا، پرتو نور پيشاني ،
’سچل‘ ويک تجلا تنهن دا ، هوئي دل ديواني !
سچل جو معشوق لعلن ۽ ياقوتن جو وڻجارو آهي. جڏهن
هو لبن تي سرخي لڳائي ٿو ته هزارين گل کڙيو پون ٿا
۽ اهو سارو عجائب ڏسي، برگ دوپهري شرمندا ٿين ٿا .
سچل سائين پاڻ به انهيءَ لاليءَ کان متاثر ٿئي ٿو
۽ محفوظ پڻ. انڪر ي سهڻي کي دعا ٿو ڪري ته هو
هميشہ باغ هوندو. سچل سائين اهو بيان ڪهڙي طرح ڪيو
آهي، سو ملاخطه ڪيو :
يار ميڏا هي ياقوتين دا، وت لعلين دا وڻجارا“
سرخي لعل لبان تي لاتس، ڄڻ کليا گل هزارا ،
برگ دوپهري ٿيا شرمندا ، ويک عجائب سارا ،
سهڻا شال هميشہ هووي، ’سچل‘ باغ بهارا ،
هٿن جي ميندي-
سهڻو جڏهن ٻنهي هٿن تي ميندي لائي، ٻانهون لوڏي
اچي ٿو ته ڄڻڪ سندس ٻئي هٿ خون آلوده آهن ۽ انهن
جي وچ۾ سرخ ٽٻڪا آهن:
ميندي لا هٿان ڪون آندا، سهڻا ٻانهن لُڏاڪي ،
ڄاتو سي مشتاقان ڪون وت ، آيا آپ ڪُهاڪي “
ڏونهين دستان خون انهان دي ، وچون سرخ ٻڙاڪي ،
سڀڪون اڻ ڏکالڻ لڳا ، ’سچل‘ هس الاڪي .
محبوب جي چال-
سچل سائين جي رومانوي شاعريءَ ۾ جمال ۽ جلال، ٻنهي
ڪيفيتن جو اظهار ملي ٿو –سهڻي جي خير سان اچڻ جو
بيان هن طرح ڪري ٿو :
سهڻا يار
خرامان
آيا ، ناز غرور غماز ڪَنون
،
لڪ کڙي شهباز تي شڪري، چشمان دي پرواز ڪنون ،
دهشت جهل نا سگهي
بازان، ڇپ کڙي آواز ڪنون ،
عشق دي آيت پڙهي عشاقان، حسن والي ابياض ڪنون،
’سچل‘ ڪون اِهي سڌان پيان، ساريان شهر دراز ڪنون،
سچل سائين جي رومانوي شاعري جي بيان ڪيل ڪجهه
مثالن مان، سنڌي ٻوليءَ جي وڏي سرمايه، اظهار بيان
جي سونهن ۽ قدرت، لفظن جي انتخاب ۽ سٽا، ڪلام جي اثر ۽ تخيل جي پاڪائيءَ جا مثالي
نمونا ملن ٿا. هو خالق ۽ مخلوق ۾ عينيت جو قائل هو
. سندس ڪلام جي خصوصيت هيءَ آهي ته هو مدهوشيءَ ۾
هوش جون ڳالهيون ڪندو رهي ٿو ۽ هوش ۾ مدوهوشيءَ جا
راڳ آلاپيندو ٿو رهي. پر ٻنهي ڪيفيتن ۾ ساڳي ڳالهه
چئي ٿو يعني ’يسمع يبصر‘ آهي هڪائي . يا وري سارنگ
۾ چيو اٿس :
مون ۾ آهين تون ، تو ۾ آهيان مان ؛
بجلي بادل سان ، آهي جئن سپرين !
(’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد، 8 سيپٽمبر ، 1976ع)
سچل جو ساٿ ڪير ڏي؟
سکر سونهاري مان بدلي ٿي. ڪراچي وڃڻ لاءِ تياري
ڪري رهيو هيس ته پراڻن ڪاغذن ۾ روزنامه ’مهراڻ‘
جي پنجين مارچ 1971ع جي اشاعت جو هڪ ٽڪرو نظر آيو
جيڪو مراسلات جو ڪالم هو. ان ۾ درگاهه سچل سرمست،
شاهه درازا جي سجاه نشين پير خواجه عبدالحق
فاروقي شڪايت ڪئي هئي ته ”1958ع ۾ زرعي سڌارن جي وقت درگاهه شريف وٽ پنجٽيهه سو ايڪڙ زرعي
زمين (جاگير) هئي، جنهن مان درگاه شريف ۽ سجاده
نشين جي پوين جو خرچ هلندو هو. حڪومت جاگير کي
پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ وقت وعدو ڪيو هو ته انهيءَ جي
بدلي ۾، سجاده نشين کي پنج سالانه امدادون
ڏنيون وينديون، تازو اوقاف کاتي مون کي اطلاع ڏنو
ويو ته مون کي، منهنجي وڏن جي جاگير مان پنج سئو ايڪڙ زمين ڏني ويندي، پر
افسوس آهي ته اڃا تائين ان باري ۾ ڪجهه به نه ڪيو
ويو آهي.“
هيءَ خبر پڙهي ۽ هيءُ احوال معلوم ڪري مون کي ڏاڍو
ڏک ٿيو. حقيقت اها آهي ته سچل سائين جا پويان
جاگيرن ۽ سندن ’پوين‘ جي خرچ جون شڪايتون ڪن ۽ اهي
به سرعام! انهيءَ ڳالهه عالم کي حيرت ۾ وڌو هوندو
ڇو ته سچل سائين ته برسر عام جيڪا ڳالهه ڪئي هئي
سا ٻي طرح جي هئي. هن ترڪ دنيا جي تبليغ ڪئي؛
’پاڻ‘ وڃائڻ، اندر اجارڻ ۽ توڪل جون ڳالهيون ڪيون
هيون.
تيرهن صدين جو ورثو
درازان جو فاروقي خاندان تيرهن صدين کان سنڌ ۾
آباد آهي. هن خاندان ۾ گهڻيئي بزرگ ۽ عارف پيدا
ٿيا، جن تي سنڌ ۽ هند ته ڇا پر دنيا کي فخر ڪرڻ
گهرجي. اهي نه فقط علم جا صاحب هئا پر عمل جا ڌڻي
پڻ هئا. سندن سينو صاف ۽ الاهي نور سان منور هو.
هو شرعي علم جا روشن
ستارا
۽ وڏا عارف بزرگ هئا. انهيءَ خاندان سنڌ ۾ هڪ
نئين جاگرتا پيدا ڪئي. قومي اتحاد جو راڳ آلاپيو ۽
دل مان دوئي ڪڍي، پاڻ کي سڃاڻڻ جي ذريعي رب کي
سڃاڻڻ جو رستو ٻڌايو.
عرب سپہ سالار
غازي محمد بن قاسم جي فوج سان گڏجي سنڌ ۾ آيل
فاروقين جو هيءُ ڪٽنب، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي زماني ۾
ٿر، وچولي ۽ پوءِ آخري طور
خيرپور ميرس رياست ۾ آباد ٿيو. گمبٽ ۽ راڻيپور ۾
کين ڪلهوڙن ۽ ميرن طرفان بخشش ۾ زمينون ڏنيون
ويون. سچل سائين جو ڏاڏو ميان حافظ محمد عرف
صاحبڏنو موراڳي رحه، سندس چاچو ۽ مرشد خواجه
عبدالحق رحه ۽ سخي قبول محمد رحه، هن خاندان جا
ڪاني ڪرامت وارا پر حليم، صابر ۽ متوڪل بزرگ هئا.
مگر فاروقي خاندان جو نالو فقير سچل سرمست روشن
ڪيو، جنهن خودشناسي ۽ موليٰ سان محبت ۽ سڄي انسان
ذات جي باهمي رشتي جو کلم کلا اظهار ڪيو ۽ وقت جي
جامد نظام، ظالم رسم ۽ رواج، عيارانه علم ۽ مڪار
فلسفي جي شدت سان مخالفت ڪئي. وقت جا حاڪم سندس
درويشي ۽ بزرگي جا معتقد هئا، ان ڪري جڏهين
قاضين، مفتين ۽ مذهبي مهندارن سندس مخالفت ڪئي ته
منصوبن ۽ سازشن جي باوجود، هو سندس وار به ونگو
ڪري نه سگهيا؛ البته تذڪرن
۽ تاريخن، ملفوظات ۽ ماڻهن ۾، سندس ذات ۽ نظرين جي
خلاف معاندانه پروپيگنڊا ڪئي ويئي جنهن سببان
ماڻهن جي مراجعت گهٽ ٿي ويئي.
اهڙين منظم ڪوششن جي نتيجي طور، سنڌ وارن وٽ سچل
سائين جو سچو سنيهو پهچي ۽ پرجهي نه سگهيو. ڪنهن
هادي ۽ رهبر جي تعليم ڦهلائڻ ۾، سندس طالبن ۽
پوئلڳن تي وڏيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون. سچل
سائين 1827ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. انسانن جي هدايت ۽
معاشري جي اصطلاح خاطر، هن فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي
ٻولين ۾ شعر جي مختلف صنفن جي ذريعي بيش بها
خزانو ڇڏيو. کائنس پوءِ خودشناسي ۽ پاڻ وسارڻ
وارين خوبين کي سندس پوين ۽ پوئلڳن اهڙيءَ طرح
وساريو، جهڙي طرح انهن کي عام ڪرڻ جي پاڻ تبليغ
ڪئي هيائين. خودنمائي ۽ ظاهر پرستي پنهنجون پاڙون
پختيون ڪيون ۽ ان جو اثر ۽ نتيجو اهو نڪتو جو
انسان ذات جو هڪ وڏو طبقو گمراه ٿي پيو.
فارسي ڪلام
مرحوم عليمراد ٽالپر سچل سائين جي فارسي ڪلام جو
هڪ مجموعو ’ديوان آشڪار‘ نولڪشور پريس، لکنئو مان
شايع ڪرايو، جيڪو ٻيو دفعو سرڳواسي ايم- ڊي- لالا،
1957ع ۾ لاهور مان شايع ڪرايو. سچل سائين جون
فارسي مثنويون ڪنهن ڍنگ ۽ سليقي سان شايع ٿي ڪين
سگهيون آهن، البته راز نامو، گداز نامو ۽ تار
نامو، سندس ڪنهن طالب، آگره (هندستان) مان شروعاتي
دور ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا هئا. باقي
مثنويون
جهڙوڪ مرغ نامو، عشق نامو، رهبر نامو ۽ وصلت نامو
ڪن ماڻهن وٽ آهن، جيڪي انهن کي خير ۽ برڪت جو
ذريعو سمجهي، لحافن ۾ ويڙهيو ويٺا آهن. ضرورت
انهيءَ امر جي آهي ته سچل سائين جو سمورو فارسي
ڪلام ’ڪليات‘ جي صورت ۾ هڪ تفصيلي مقدمي سان،
تحقيقي ۽ ادبي نموني ۾ شايع ڪرايو وڃي.
سنڌي ڪلام
سچل سائين جي وفات کان ٻاهتر سال پوءِ مرزا علي
قلي بيگ مرحوم، سرمست جو رسالو ٻن حصن ۾ مرتب ڪيو،
جيڪو هريسنگهه سکر واري علي الترتيب 1902ع ۽ 1903ع
۾ شايع ڪرايو. ماستر در محمد ۽ ماستر هيمراج ۽
ٻين دوستن طرفان گڏ ڪيل ڪلام شڪارپور واري
پوڪرداس 1910ع ۾ شايع ڪرايو. 1923ع ۾ مرحوم آغا
غلام نبي ’صوفي‘ جو
مرتب
ڪيل رسالو ظاهر ٿيو.1952ع ۾ هندستان مان نماڻي
فقير ’عاشي الهام‘ جي نالي سان رسالو شايع ڪرايو.
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، مرحوم عثمان علي
انصاري جو مرتب ڪيل سنڌي رسالو 1958ع ۾ شايع ڪيو.
ساڳي سال آر –ايڇ احمد برادرس حيدرآباد مان رشيد
احمد لاشاري مرحوم جو مرتب ڪيل سچل جو سنڌي ۽
سرائيڪي ۽ 1959 ۾ سنڌي ادبي بورڊ سرائڪي ۽ اردو
ڪلام جو مجموعو شايع ڪرايو، جنهنکي حڪيم مولوي
محمد صادق راڻيپوري مرحوم مرتب ڪيو هو.
انهيءَ کان علاوه قاضي علي اڪبر درزاي(روهڙي)،
استاد عطا محمد ’حامي‘ (خيرپور) ۽ فقير هادي بخش
(درگاهه درازا شريف) فارسي مثنوين جو ترجمو ڪيو
آهي.
هي آهي گذريل ڏيڍ سؤ سالن ۾، سچل سائين جي پيغام
کي ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن جي مفصل روئداد،
جنهن جو جائزو
وٺندي شرم کان ڪنڌ هيٺ جهڪيو وڃي ٿو. هي آهي احسان فراموشيءَ جو
نمايان ۽ نروار مثال، جيڪو سنڌ واسين ۽ خاص طور
سچل سائين جي ٻالڪن، طالبن ۽ ’پوين‘ پنهنجي هادي،
رهبر ۽ مرشد کي سندس احسانن جي بدلي ۾ پيش ڪيو
آهي.
هاڻي ڇا ڪجي؟
نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ هر وقت سڀاڳو آهي. اڃان تائين ويل
نه ويئي آهي. اڃا اونده نه ٿي آهي. سوير آهي، صبح
صادق آهي. ٻه قدم اڳتي کڻبا ته ڪو ٻانهن ٻيلي به
ملي پوندو. سرمست جي ٻالڪن، طالبن ۽ سالڪن جو حلقو
وسيع آهي. انهن سڀني کي پنهنجي نموني ۾ خود
شناسيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. سرڪار جو سهڪار الڳ
چيز آهي. ان جي حيثيت سچل سائين جي زماني ۾ به
ثانوي هئي. بنيادي حقيقت پنهنجي سعي ۽ جدوجهد جي
آهي ۽ انهيءَ حقيقت موجب ئي عمل ڪرڻ جڳائي.
سچل سائين سان ساٿ ڏيڻ وارن کي اهو سمجهڻ گهرجي
ته سرمست پاڻ رسم ۽ رواج جي خلاف بغاوت ڪئي هئي.
کين به ائين ڪرڻ گهرجي. هاڻي اها رسم بڻجي چڪي آهي
ته گهر، گهٽي ۽ نلڪو؛ ڀاڻ، ٻج ۽ لٽو ڪپڙو سڀ سرڪار
ڏئي. سرڪار برابر اسان جي آهي. اسان جي ٽيڪسن ۽
محصولن سان ئي ان جو ڪاروبار ٿو هلي، پر سرڪار
جيڪو ڪم ڪندي آهي، سو اهڙو هوندو آهي جنهن مان
گهڻن ماڻهن کي اجتماعي نموني ۾ فائدو پهچي ته جيئن
ان فائدي جو اثر وري ٻين ماڻهن تائين پڻ پهچي. ان
جو مطلب هيءُ ٿيو ته سرڪار طرفان ڪيل ڪمن جي
سببان هڪ طرف سڌي طرح ماڻهن جو هڪ طبقو فائدو حاصل
ڪري ٿو ۽ ٻي طرف هڪ اڃا به وڏو حلقو اڻ سڌي طرح
فائدي ۾ شريڪ ٿئي ٿو. ان ڪري ماڻهن جي انهيءَ عام
روش جي تقليد نه ڪرڻ گهرجي ته هٿ، پير ۽ عقل جي
انجيڪشن به حڪومت مهيا ڪري.
محبوب من ۾
درازا شريف ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اهڙا ماڻهو
موجود آهن، جن کي ديني ۽ جديد علمن تي عبور حاصل
آهي. انهيءَ حلقي کان وڌيڪ وسيع اهو طبقو آهي جيڪو
دولت ۽ دنيوي عزت جو مالڪ آهي. گويا سچل سائين جي
پيغام کي عام ڪرڻ ۽ ان جي تعليم کي قائم ڪرڻ لاءِ
گهربل وسيلا ۽ ذريعا موجود آهن. يعني محبوب من ۾
ئي آهي فقط ٻاهر ڳولهڻ ۽ دربدر ٿيڻ واري بيڪار شغل
کي بند ڪرڻو آهي.
اهو ڪم درگاهه جي ماڻهن کان سرانجام ٿي نه سگهندو.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي بزرگ به دنيوي چنجال ۾
ڦاسي پيا آهن. جاگيرن مان حاصل ٿيندڙ بي پناه
دولت، 1958ع کان اڳ واري دور ۾، الاجي ڪيڏانهن
ويئي. درازن ۾ نه درسگاهه قائم ٿي ۽ نه وري ڪو
اهڙو
اقامتي
ادارو کوليو ويو جتي وحدت الوجدي فلسفي تي تحقيق
ڪئي وڃي ، جتي راڳ جي اڀياس ۽ تربيت تي توجهه ڏنو
وڃي؛ ڇو ته سچل سائين پاڻ چيو آهي ته راڳ روح جي
غذا آهي ۽ عاشق لاءِ آٿت. هو چوي ٿو ته:
راڳ کي معراج سمجهن ٿا ولي،
روز
شب ان کي ٻڌن ٿا متقي،
غير جو هر فڪر ميٽي ٿو ڇڏي،
وسوسا ۽ وهم، ريٽي ٿو ڇڏي،
(رازنامو- مترجم: ’حامي‘)
پاڪستان ۾ بزرگن جي درگاهن تي بدعتن ۽ برين رسمن
جو تماشو لڳل رهي ٿو؛ درازا شريف به ان روڳ کان
پاڪ ڪونهي. سچل سائين شريعت جو صاحب هو. هن رب جي
رضا حاصل ڪرڻ لاءِ نفس مارڻ جو سبق ڏنو؛ انسانيت ۽
آدميت جو آدرش پيش ڪيو. اڄ انهيءَ ساڳي مقام تي
’انسان ڪامل‘ بدران ’انسان حقير‘ جو حيرت ڀريو
مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سائيءَ جي سُرڪي جيڪڏهن
انسان کي سرهو ۽ سرخرو ڪري ها ته پوءِ سر جو سودو
ڪو به ڪو نه ڪري ها! نه ڪو سر ڏئي ها ۽ نه وري ڪو
سر الاهي سمجهي سگهي ها!
(روزنامه ’نواءِ انقلاب‘، سکر- 9-9-1976ع)
سچل جي شاعريءَ ۾ عشق جو بيان
روز ازل، استاد اسانکي،سٽ پريت جي پاڙهي،
سا ئي دل جي تختي مٿي، چاهون مان لکه چاڙهي،
’سچل‘عشق ٻڍو نا ٿئي، ٿي جي چٽي ڏاڙهي.
(گجري – 31)
عرب ۽ عجم ۾، غزليات ۽ ابيات جا شيدائي، عشق جو
لفظ گهڻو استعمال ڪندا آهن. قاموس ۾ آهي ته
”الجنون فنون و العشق من فنہ، يسجبلبہ المرءُ عليٰ
نفسہ باستحسان بعض الصور و الشمائل“ يعني ته جنون
جي گهڻن ئي قسمن مان عشق به جنون جو هڪ قسم آهي.
ان مرض کي انسان پنهنجي نفس تي، ڪن صورتن يا
خصلتن کي چڱو سمجهڻ سببان، خود وارد ڪري ٿو. قرآن
ڪريم ۽ حديث سڳوريءَ ۾ عشق جو لفظ استعمال ٿيل
ڪونهي مگر محبت جو مذڪور آيل آهي، جنهن مان ثابت
ٿو ته محبت ئي انساني ڪمال جي صفت آهي.
محبت ۽ عشق ۾ هيءُ به فرق آهي ته روح جي صحيح
ميلان جو نالو محبت آهي ۽ عشق ۾ اهو ضروري ناهي.
محبوب اهو آهي جيڪو واقعي پنهنجي ڪمالات عليه
سببان محبت ڪرڻ جي شايان
شان
هجي. معشوق اهو آهي جنهن کي ڪنهن چڱو سمجهيو هجي. محبوب محبوب آهي، جيتوڻيڪ ان جو ڪو محب هجي يا نه، مگر
معشوق، معشوق ناهي، جيسين سندس عاشق موجود نه
هجي. ان ڪري شاعر چيو آهي ته ”ليليٰ را به چشم
مجنون بايد ديد“. يا وري سچل سائين چيو آهي ته:
اک ملي مجنون کي ليليٰ جي واسطي،
جنهن کي گهايو هڪ نظاري نينهن جي.
غير کان مجنون وڌو منهن تي نقاب،
صرف ليليٰ کي ڏٺائين بي حجاب.
ڪن ماڻهن محبت جي معنيٰ ”شوق الي المحبوب“ بيان
ڪئي آهي ته ٻين وري چيو آهي ته محبت، ”ايثار
للمحبوب“ جو نالو آهي. ڪن جو خيال آهي ته قلب کي
محبوب جي مراد جي تابع بڻائڻ جو نالو محبت آهي.
محبت ئي ادب سيکاري ٿي. محبت ئي اتباع ۽ اطاعت تي
آماده ڪري ٿي. محبت ئي نااميدي، مايوسي ۽ ياس کي بي اثر بڻائي
ٿي ۽ مصيبتن، آزمائشن ۽ تڪليفن کي ڪشآده دلي سان
سهڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. محبت ئي دل جي زندگي ۽
زندگيءَ جي ڪاميابي آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جن فرمايو آهي ته هر شخص جو حشر ان سان گڏ
ٿيندو، جنهن سان، هو محبت ڪري ٿو. ”المرءُ مع من
احب.“
عشق جي ڪيفيت
بهرحال عشق هڪ جنوني ڪيفيت آهي ۽ حب جي انتهائي حد
آهي، جتي علم ۽ عقل جو سروڪار ڪونهي ۽ ماڻهو جذب ۽
سڪر جي عالم ۾ عارفانه ڪلما چوڻ لڳي ٿو، حسن حقيقي
۽ محبوب ازلي جي جلوي ۾، اهي حقيقتون پسڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو، جيڪي فقط اصل سان منسوب آهن يا انهن جي
وابستگي اصل جي ضمير سان آهي. شريعت جي حساب ۾
اهڙي عمل کي مسترد ڪيو ويو آهي، ڇو ته اهو ڪلمه
طيبه جي اساس –لاَ اِلٰہ
اِلا الله جي تصور جي نفي آهي، پر عارف جنهن
روحاني نظام جو تارون آهي ۽ ان ۾ جنهن شدت ۽ تڪرار
سان غواصي ڪري ٿو، تنهن کي معلوم آهي ته عشق جي
امانت فلڪن ۽ ملڪن کي به ميسر ناهي.
سڄي
عرفاني
ادب ۾ ٻه ئي قابل قدر هستيون آهن: هڪ خدا ۽ ٻيو
انسان؛ باقي سڀ شيون يا ته خدا لاءِ آهن يا وري
انسان لاءِ.
ان ڪري وٽن خدا ۽ ان کان سواءِ سڄي ڪائنات ۾ ڪجهه
ڪونهي.
چنانچه مظهر خدا ’انسان ڪامل‘ آهي، جنهن جو ظهور
تفصيلي طور هن دنيا ۾ ٿيندو رهيو آهي. ان جو سڌي
طرح ظهور، ان جي مختلف جزوي حيثيتن جو ظهور، ٻين
ڪامل انسانن سان ٿيندو رهي ٿو. پنهنجي ڪامل ۽ ڪلي
حيثيت سان، پنهنجي پوري ذات سان، هو خود به ظاهر
ٿئي ٿو، پر جيئن ته مظهر خدا، مقام وحدت تي آهي،
اهو ئي سڀني شين جو ظاهر ۽ باطن آهي، ان ڪري ”ليس
ڪمثلہ شيءً‘‘
(انجي مثل ڪا شيءِ ڪينهي). تنهنڪري ڪن مسلمانن
عارفن جو چوڻ آهي ته هو هڪ ۽ فقط هڪ دفعو هن دنيا
۾ نزول فرمائي ٿو. هي اهو ئي طريقو آهي، جنهن جي
ذريعي ڪن عارفن ’ختم النبوت‘ جو مسئلو ثابت ڪيو
آهي ۽ ڪن ٻين وري ’امتناع النظير‘ جو مسئلو بيان
ڪيو آهي.
انسان ڪامل
مطلب ته عرفانيات انسان ڪامل جو تصور اهڙي معيار
بلندي ۽ مبالغي سان پيش ڪيو آهي، جو ’ابن الله‘ جو
تصور به پوئتي رهجي ويو آهي. انسان ڪامل ئي ايشور
آهي. هو سڄي مخلوق جو حقيقت ۾ رب آهي. اهو ئي
ابوالارواح آهي. آدم جي تخليق به انهيءَ لاءِ ڪئي
ويئي هئي. سڀني فرشتن ان کي سجدو ڪيو هو. جبرائيل،
ميڪائيل، اسرافيل ۽ عزرائيل، انهيءَ جي نور نشر
ٿيڻ سببان پيدا ٿيا. هو الله جي وحدت آهي. ان کان
بلند انهيءَ الله جي صرف احديت آهي، جنهن جي مقام
تي سڄي مخلوق ۽ نور جي نفي ٿئي ٿي ۽ جتي سمورا
اشارا ناڪام ٿين ٿا. چنانچه انسان ڪامل انهيءَ
احديت مطلق جو اهو نور اول آهي، جنهنجو مطلب آهي
”هي مان آهيان.“ |