سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

باب :1

صفحو :3

پاڻ نه رڳو مذهب ۽ فلسفي بابت ضخيم ڪتاب پڙهيا هئائين، پر حق جي جستجوءَ ۽ روحاني تجربن جي ڪري پاڻ ايترو ته وسيع النظر ٿي پيو هو جو سموريون موروثي ڳالهين وساري ويٺو، ۽ ذات پاتِ، رنگ نسل ۽ جاگرافيائي حدن کان بالاتر رهي،انسانذات جي اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي اعليٰ مقصد لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيائين. هو انسان کي مظهر خداوندي سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو: ”جيڪڏهن تو پاڻ کي خدا سمجهيو، ته پوءِ تون سچ پچ خدا آهين؛ پر جيڪڏهن تو پاڻ کي فقير سمجهيو، ته پوءِ فقير ئي رهندين.“

حضرت علي رضه جو قول آهي ته ”پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ ڄڻ خدا کي سمجهڻ آهي.“ انهيءَ موضوع کي سچل سائينءَ پنهنجي شعر،”اي دل، جاهل نه رهه“. وضاحت سان پيش ڪيو آهي.

فرمائي ٿو:

غفلت ڇڏ ۽ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻ،

۽ پاڻ کي مڪمل طور تي سمجهه،

تو پاڻ کي حقير بڻائي ڇڏيو آهي؛

پنهنجي حقيقت کي سڃاڻ.

تون حق (خدا) کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهين،

تنهنڪري پنهنجي بي پايان قيمت تي غور ڪر.

جيڪو پنهنجي اصليت کي پرکي وٺي ٿو،

تنهن تي اهو راز ظاهر ٿيو پوي:

پنهنجو پاڻ کي سڃائڻ

تون مٽيءَ ۾ لڪل گوهر آهين.

ڇا،چنڊ پردي هيٺ لڪي سگهي ٿو؟

اي ’آشڪار!‘ ڪو اڻڄاڻ اها حقيقت ڄاڻي نٿو سگهي

جيستائين هنن ’عين‘ کي نه سڃاتو آهي،

’غين‘ جي اوندهه ۾ گهريل رهندا.

عشق ۽ ڏک

نفس جي  پاڪيزگيءَ جي طريقي جي وضاحت ڪندي، سچل سائين فرمائي ٿو ته ”مطلب ۽ ڏکن سان ئي طالب پنهنجي محبوب جو وصال ماڻي سگهي ٿو. اها محبت ئي آهي، جنهن جي ذريعي ڪو انسانن جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪري وٺي ٿو يا وري خدائي تخت تائين رسائي حاصل ڪري ٿو.“ سندس چوڻ مطابق،”اهي سِٽون صرف اهڙو طالب درست نموني ۾ پڙهي سگهي ٿو، جنهن عشق جي مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي هوندي.“

سچل سائينءَ جي خيال ۾، ڏک عشق جو مکيه عنصر آهي:

ڏکن ڏاکڙن ۽ درد پيڙا کان سواءِ انساني روح ۽ پاڪيزگيءَ جي حقيقي منزل ماڻي نٿو سگهي. پاڻ فرمائي ٿو: ”دنيا جون سموريون ڳالهيون پويان رهجي ويون آهن، ۽ آءُ پنهنجي حقيقي محبوب سان هٿ ۾ هٿ ڏيئي پيو هلان. مون اها ابدي قربت آهه و زاري ۽ ڏکن سان ئي حاصل ڪئي آهي.“

سچل سڳوري جو اسان لاءِ اهو ئي پيغام آهي ته جڏهن طالب پنهنجي محبوب سان وصال جي منزل ماڻي ٿو، ته پوءِ هو سمورن دنياوي کٽراڳن کان آزاد ٿيو وڃي؛ سندس دل مان تفرقيبازي، حسد، ڪدورت، دوئي وغيره ائين دور ٿيو وڃن، جيئن سج اڳيان ڌنڌ. انهيءَ درجي تي پهچڻ کانپوءِ هو وڻن ٻوٽن، پهڻن پسون، بلڪ دنيا جي هر شيءِ ۾ پنهنجي محبوب حقيقيءَ جو جلوو پسي ٿو. محبوب، جيڪو حق ۽ سچ آهي. انهيءَ ڪري پاڻ وڏي واڪي ماڻهن کي روشنين جي شهر ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيائين:

جاڳو، جاڳو!

اڄوڪي ڏينهن جي هن گهڙيءَ ئي جاڳو

روشنين جي شهر ڏانهن متوجهه ٿيو

گناهن سان رغبت نه رکو

ڪنهن ٻئي جي ڪُڌايئن تي نه سوچيو.

مضبوط بڻجو

دنياوي وڏائيءَ لاءِ پاڻ نه پتوڙيو

بلڪ سچائيءَ، پاڪائيءَ ۽ جوانمرديءَ لاءِ جدوجهد ڪريو.

ڀائرن سان ڀائر ٿي رهو؛

محبت ڀريا نغما ٻڌو.

غريبن ۽ مصيبت جي ماريلن جي صدائن تي ڌيان ڌريو، ۽ سندن ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو- پوءِ جهڙو اوهانجو حال هجي.

۽ ’هڪ‘ صرف ’هڪ‘ کي شاهد ۽ سونهون بڻايو.

جڏهن اسين پنهنجيءَ اصليت تي غور ڪريون ٿا، ۽ ان کي سمجهون ٿا،ته پوءِ هڪ ٻئي کي سمجهڻ آسان ٿيو پوندي. دراصل اها خود پسندي ئي آهي، جيڪا اسان لاءِ مصيبتون پيدا ڪري ٿي.

پوءِ جڏهن دوئي دور ڪرڻ سان اها خود بيني بدلجي گوهر آبدار ٿئي ٿي، ته انسانذات هڪ اهڙي متحد ۽ مستحڪم ملت بڻجيو پوي،

جيڪا خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي، ۽ ان جو هر هڪ فرد پنهنجين انهن ذميوارين کان بخوبي باخبر آهي، جيڪي ٻين ڀائرن جي فلاح ۽ بهبود جي ڏس ۾ مٿس عائد ٿين ٿيون.

جهڙي نموني ڦڙو درياءَ ۾ ڪرڻ سان پنهنجي هستي وڃائي وهڪري ۾ رهيو وڃي، ساڳيءَ ريت، سچل سائين خود پسنديءَ جي سمورين خواهشن جو مڪمل خاتمو آڻڻ تي زور ٿو ڏئي ته جيئن مختلف فرقن ۽ گروهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هميشه هميشه لاءِ انت اچي وڃي.

سچل سائين هڪ سچو صوفي ۽ بني نوع انسان جي وچ ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ خير سگاليءَ جو پيامبر هو. پاڻ مهراڻ جي ماٿر جي سيني مان وحدت خداونديءَ جي محبت ۾ سرشار مشعل بردار جيان اُڀريو. هن وڏي جرائت ۽ بيباڪيءَ سان سڀني انسانن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي اچڻ لاءِ للڪاريو. سندس دل ۾ سڀني مذهبن ۽ انهن جي پوئلڳن لاءِ چاهه ۽ پيار هو. هو برصغير پاڪ- هند جي سڀني مکيه ٻولين کي پنهنجي افڪار ۽ خيالات جي اظهار جو وسيلو بڻائي، ماڻهن منجهان خام  خوديءَ کي ختم ڪري مذهبي توڙي مادي معاملن ۾ جستجو ۽ روحاني ترقي تي زور ڏئي ٿو ته جيئن سڄي دنيا ۾ وسندڙ انسانن لاءِ امن، سماجي ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جا اهم مقصد حاصل ڪري سگهجن.

سچل سائين پنهنجي درٻار انهيءَ زمين تي قائم ڪئي هئي جيڪا مير علي مراد کيس عقيدت وچان ڏني هئي. پوءِ پاڻ به اتي وڃي رهيو.  من اندر محبوب جي ديدار کان کيس فرصت ئي نه ملندي هئي، ان ڪري سير سياحت کان طبيعت سير رهيس ۽ حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين انهيءَ جاگيري زمين جي حدن اندر رهيو.

سچل سائين پاڻ کي ’شاه دراز‘ (وڏو دروازو) چوندو هو. جنهن جو مقصد اهو هو ته سندس رهنمائيءَ بغير ڪو به روحاني علم جي دائري ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. پر، انهيءَ لقب جي پويان جيڪو گهرو مقصد هو، عام ماڻهو ان تائين پهچي نٿي سگهيا. بلڪه، سندن خيال ۾ سچل سڳوري جو اهو اشارو پنهنجي جاگير ڏانهن هو. بهرحال، وقت گذرڻ سان اهو علائقو ’شاهه دراز‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.

اها جاگير دراصل زمين جو هڪ کليل ٽڪر هو، جنهن تي اڏاوت صرف اهو گهرڙو هو، جنهن ۾ سچل سائين پاڻ رهندو هو. اتي ئي پاڻ هڪ کٻڙ جي ڇانوَ ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن سان محفل مچائيندو هو. پر پوءِ سخي قبول محمد سائين جي زماني ۾ سندس عقيدتمندن اچي جايون جوڙايون: سچل سائينءَ جي قبر مٿان وڏو مقبرو، مسجد، شيو جو مندر ۽ رهائشي جايون ٺهرايون ويون. وقت گذرڻ سان شاهه دراز هڪ وڏو زيارت گاهه بڻجي ويو. اڄ به سالياني ميلي جي موقعي تي اوري پري کان هزارين عقيدتمند اتي اچي گڏ ٿيندا آهن.

هر سال رمضان المبارڪ مهيني جي چوڏهين تاريخ سندس ورسي ملهائي ويندي آهي، ڇو ته  1242هه مطابق 11 اپريل 1827ع جي انهيءَ ڏينهن هن فاني دنيا مان اُسهيو هو.

سندس خاڪي جسم کي پنهنجي ڏاڏي، پيءُ ۽ چاچي (جيڪو سندس مرشد به هو) جي قبي سان لڳو لڳ اڀرندي طرف کان دروازي جي ڀر ۾ دفنايو ويو. اهو قبو 1255 هجريءَ ڌاري خيرپور جي والي،مير رستم خان ٽالپر (وفات: 1262 هه/1864ع) جوڙايو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سائين سخي قبول محمد( 1842-1924ع) جي ڏينهن ۾، هڪ عقيدتمند، سردار بهادر شيخ محمد بخش ’ڪوجهي‘ 1891ء-1959ء) مقبري تي ڪا شيءَ جڙت جو خوبصورت ڪم ڪرايو. صوبائي اوقاف کاتي طرفان پڻ هينئر ڪي اڏاوتون ۽ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن.

جواهر

سچل سائين جي شاعري درد ۽ فراق جي نغمن جو لازوال مرقعو آهي، جنهن ۾ رقت ۽ جذبات جي شدت جون سموريون خصوصيتون موجود آهن. ان ۾ عاشق جون آهون ۽ صدائون،سڀئي آهن. انهن دکدائڪ ڪيفيتن کي حقيقي نموني ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ تشبيهن، استعارن، محاورن ۽ اصطلاحن کان خوب ڪم ورتو اٿس. تشبيهن جي استعمال سان پاڻ نه رڳو ڳجها راز عيان ٿو ڪري، پر پنهنجي جذبات جي صحيح عڪاسي پڻ ڪري ٿو، جيڪا صوفياڻي شاعريءَ جي خوبي ليکي وڃي ٿي.

سچل جا شعر روحاني زندگيءَ جو حقيقي فلسفو پڻ بيان ڪن ٿا. اهي عشق حقيقي جي نڪتن سان پر آهن. سندس سنڌي،سرائڪي ۽ فارسي ڪلام ۾ يڪجا ڪيل اڪيچار جواهرن مان ٿورا، نموني خاطر پيش ڪريان ٿو.

روحاني زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پائڻ لاءِ شديد خواهش هڪ فطري ۽ لازمي امر آهي، ته جيئن طالب زندگيءَ جي ڳجهن رازن جي دقيق مسئلن کي چڱيءَ پر سمجهي سگهي، ۽ عارضي زندگيءَ جي آلائشن ۽ آزمائشن مان پار ٿي، دائمي وصال ماڻي سگهي. اها خواهش هيٺين طريقن سان پوري ٿي سگهي ٿي:

1-     سچي مرشد جي رهنمائيءَ ۽ مدد سان؛2- پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ، پنهنجي وجود جي حقيقت ڄاڻڻ ۽ ان جي ٻيءَ مخلوقات سان وحدت جي ذريعي؛مذهبي ريتون رسمون ادا ڪرڻ يا گهڻو ذهني علم حاصل ڪرڻ ۽ نظرياتي شڪ شبها حل ڪرڻ جي ڪوشش سان؛ 3-محبت ۽ سچائيءَ سان؛4- اُميد ۽ اعتقاد سان؛ 5- خيالات، گفتگوءَ ۽ طرز عمل جي پاڪائيءَ سان؛ 6-انسانن جي وچ ۾ سمورا ويڇا ختم ڪرڻ ۽ هر دنياوي شيءَ ۾ حقيقي محبوب جي جلوه پسڻ سان؛7- آپي جي ظاهري عيبن ۽ ڪوتاهين تي نادم ٿيڻ سان؛8-سڀني سان نياز ۽ نئڙت واري هلت هلڻ سان؛9- غير ضروري گفتگوءَ ۽ بحث کان پاسو ڪرڻ، ۽ جيتريقدر ممڪن  هجي، خود کي خاموشيءَ، سادگي ۽ اعتماد جي حد بندين اندر رکڻ سان؛ 10- پاڻ کي نفساني خواهشن ۽ لذتن، ۽ حرص ۽ هوس کان دور ڪرڻ سان- ڇاڪاڻ ته اهي ئي برايون آهن جيڪي ذهني آزاديءَ کي روڪين ٿيون ۽ محبت خداوندي جي سچي خوشيءَ آڏو رڪاوٽ بڻجن ٿيون؛ 11- ماده پرستيءَ کي ترڪ ڪرڻ ۽ پاڻ کي سچائيءَ ۽ عشق حقيقيءَ  خاطر سڀني دنياوي لوازمنجي قربانيءَ لاءِ، پتنگ جيان تيار ڪرڻ، جيڪو مچ جي محبت ۾ پاڻ جلائي ٿو ڇڏي؛12- سمورن ڏکن ڏاکڙن ۽ مصيبتن کي صبر ۽ تحمل جي ذريعي ان وقت تائين برداشت ڪرڻ، تانجو انهن مان ڏک پهچائڻ جي قوت ختم ٿي وڃي؛۽ سمورين فاني خوشين کي ائين ٽياڳ ڪرڻ جو اهي وري خوشيءَ جو باعث نه بڻجن؛13- تنهائيءَ، کل ٺٺوليءَ، شهر بدريءَ، بک ڏک، مصيبتن، عذابن وغيره جي خدشن کي دليريءَ سان تڙي ڪڍڻ؛ ڇاڪاڻ ته، جڏهن هڪ دلير شخص سٺي سلوڪ جومستحق ٿئي ٿو ته هڪ وڏو دلير وڌيڪ بهتر قدر جو حقدار ٿئي ٿو؛ 14- جيڪڏهن طالب دنياوي موهه ۽ مايا سان لنئن لڳائڻ سببان عارضي طور تي پنهنجي حقيقي محبوب وٽان لوڌجي ويو آهي، ته ان مان کيس سبق سکڻ گهرجي ۽ حق جي تلاش جي جستجوءَ ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي وڃڻ کپي؛ڇاڪاڻ ته پاڻ کي سمورين گندگين کان آجو ڪرڻ سان محبوب وري کيس پنهنجي آغوش ۾ وٺندو.

انهن اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ سان، طالب هڪڙي ڏينهن پنهنجي حقيقي محبوب جو جلوو پسي سگهندو، جنهن جو هو متلاشي آهي. انهيءَ منزل تي رسڻ کان پوءَ محل ۽ جهوپڙي، شان شوڪت ۽ ناقدري هڪ سمان هوندا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت هو پنهنجيءَ دل ۾ بادشاهن جي بادشاهه جو جلوو پسندو ۽ جسماني وجود جون حالتون هن لاءِ بي معنيٰ هونديون. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي وجود توڙي حقيقي حسن، نظر التفات ۽ حق جي حقيقتن کي پرکي وٺندو.

انهيءَ وقت سندس خيالات، گفتار ۽ رد عمل،سندس قريب رهندڙن لاءِ، بلڪ ايندڙ نسلن ۽ زمانن لاءِ به مثالي بڻجي پوندا. پوءِ هو انهن کنڀن سان-جيڪي هن وڏي جدوجهد سان حاصل ڪيا آهن، وجد ۽ مستيءَ جي حالت ۾ ابديت ڏانهن اڏامي ويندو ۽ هميشه هميشه لاءِ پنهنجي حقيقي محبوب جي دلڪش ۽ پرنور دنيا ۾ رهندو.

سچل سائين جون تصنيفون

فارسي:1- ديوان آشڪار:مولوي نورالحق؛منشي بشن لال پريس، لکنؤ. ٻيو ڇاپو: آغا صوفي ۽ ديوان ولڀداس شڪارپوري- رفاء عام اسٽيم پريس، لاهور-ٽيون ايڊيشن:مرتب: مخدوم امير احمد (وفات:1971ع)، نواءِ وقت پريس، لاهور: 1957ع- 2- مثنوي عشق نامو (1962)، 3-گداز نامو (1962)، 4-دردنامو (1963)، 5-تارنامو (1963)،6- رهبر نامو(1964)، 7- وحدت نامو(1964)، 8- وصلت نامو(1965)، 9- عزل بحر طويل(1966)، 10-رازنامو، 11- ديوان خدائي(1968)،مرتب،مترجم ۽ ڇاپيندڙن قاضي علي اڪبر درازي.

سنڌي ۽ سرائڪي1-رسالو سچل سائينءَ جو (جلد پهريون ۽ ٻيو)مرتب:

مرزا علي قلي بيگ (وفات: 1912ع)، پبلشر: ماسٽر هريسنگهه، بوڪسيلر، سکر: ابواعلائي اليڪٽرڪ پريس آگره، 1902ع. 2-داستان وڏو- رسالو سچل سائينءَ جو: مرتب: ماستر درمحمد ۽ ماستر هيمراج، پبلشر: پوڪرداس ٿانور داس، بوڪسيلر، شڪارپور: آريا اسٽيم پريس، لاهور: 1910ع. 3- سچل سرمست: مرتب: آغا غلام نبي صوفي( وفات: 1941ع)، ڀورائي رام اليڪٽرڪ پريس، شڪارپور-1933ع 4- سچل جو ڪلام- عشق الهام: مرتب : نماڻو فقير (وفات:19ع) سنڌ پرنٽنگ پريس، بڙودا (ڀارت)، 1952ع. 5- سچل جو رسالو(سنڌي ۽ سرائڪي) رشيد احمد لاشاري (وفات: 1970ع)، پبلشر: آر-ايچ- احمد برادرس: اسٽينڊرڊ پريس، حيدرآباد: 1958ع. 6-رسالو سچل سرمست: مرتب: عثمان علي انصاري (وفات: 1962 )، بپلشر: سنڌي ادبي بورڊ؛ سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد، 1957ع. 7- سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام (اردو سميت): مرتب: مولوي محمد صادق راڻيپوري (وفات: 1961ع) پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، وفائي پريس ڪراچي، (1959)

ترجما:    سچل سائين جون ڪُل فارسي مثنويون قاضي علي اڪبر درازي مرحوم سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن- قاضي صاحب ٻن جلدن ۾ ’ديوان آشڪار‘ جو به اردو نثر ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون حصو سنڌ سرڪار جي اوقاف کاتي طرفان نومبر 1982ع ۾ شايع ڪيو ويو. مثوين جا بهتر سنڌي منظوم ترجما مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ خيرپوريءَ (وفات: 3- جون 1982ع) جا آهن. انهيءَ کان علاوه، شڪارپور جي فقير هادي بخش جا ترجما، جيڪي اڃا تائين ڇپجي نه سگهيا آهن.

اُردو: ’سچل سرمست‘ نالي هڪ جامع ڪتاب،جيڪو رشيد احمد لاشاري مرحوم جو تاليف ڪيل آهي، ميشرس سلطان حسين ائنڊ بردارس بوڪسيلرس، ڪراچي، 1966ع ۾ شايع ڪيو.

(’سچل سرمست‘ (انگريزي) مطبوعه روزنامه ’سول ۽ مليٽري گزيٽ لاهور،1957ع؛ روزنامه ’انڊس ٽائيمس، حيدرآباد، 29-2-1962ع ۽ ڪتابي صورت ۾، نومبر 1971ع، جو سنڌي ترجمو، مطبوعه سيٽمبر،1975)

اناالحق

(تاريخ ۽ تحقيق جي روشني ۾)

 

جتي ماڻهن ميڙ آهي، آءٌ تتي ناهيان؛

سسي سنڀاهيان، پٺيءَ شاه حلاج جي.

سچل سائين جا طالب ۽ مداح جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن ته ’حق موجود‘ چئي، هڪ ٻئي جي آجيان ڪندا آهن. اهي تعظيمي لفظ حقيقت ۾ ’لا موجود الا اللہ‘ جو سنڌي ترجمو آهن ۽ سچل سرمست جي سڄي ڪلام جو واحد مقصد ۽ فلسفو به اهوئي آهي.

مسلمانن جي تاريخ ۾ اهڙا گهڻيئي ماڻهو گذريا آهن، جن هن دنيا سان لڳ لاڳاپا ٽوڙي، پنهنجي رب سان ناتي نباهڻ جي ڪوشش ڪئي. دنيا وارن انهن کي صوفي، مجذوب، لادين ۽ الاجي ڪهڙا ڪهڙا لقب ۽ خطاب ڏنا، پر هو پنهنجي مشاهدي جي مامري تي پڪا ۽ پختا رهيا. انهن مان حسين بن منصور الحلاج جڳ مشهور ٿيو. ۽ سندس نعري ۽ دعويٰ اناالحق جو اڄ تائين دنيا ۾ چرچو آهي. انهيءَ دعويٰ جي ڪري کيس گهڻيون اذيتون سهڻيون پيون ۽ آخرڪار کيس سوليءَ تي لٽڪايو ويو. ’حق موجود‘ ‘لا موجود اِلا اللہ‘ ۽ ’اناالحق‘ هڪ ئي معنيٰ ۽ مفهوم رکن ٿا ۽ اهو وحدت الوجود جي جي فلسفي جو نقطئه عروج آهي. هن نظريه موجب، ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو سڀ ’حق‘ آهي ۽ ان جا مختلف روپ ۽ نظارا، انهيءَ حقيقت جا رنگ برنگي رخ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org