سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

باب :1

صفحو :10

سچل جي ڪلام ۾ رومانوي عنصر

ڪيڙو مست پرين جي ناز مون کي !

وسريو روزو، نه ياد آ نماز مون کي !

ارڙهين صدي عيسويءَ جو زمانو سنڌي شاعريءَ جو ارتقائي دور هو. وائيءَ جي جاءِ تي ’ڪافي ‘ رواج ۾ آئي . غزل جو به ٿورو گهڻو رواج پئجي چڪو هو . ڀٽ ڌڻيءَ جي زماني واري ٻوليءَ جا گهڻيئي لفظ متروڪ ٿي چڪا هئا . زبان پنهنجي روپ ڦيرائڻ لاءِ پاسو ورائڻ ٿي گهريو . تخيل جي اونهائي گهٽجي رهي هئي ۽ ان جي مقابلي ۾ زبان جي چشڪي ۽ شوڪت بيان تي وڌيڪ زور ٿي ڏنو ويو . ٻوليءَ جو اهڙو طمطراق ۽ فقيراڻي پيرايه جي بدران شعر جي ذريعي ماڻهن جي ذهن تي حاوي ٿيڻ ، سچل سائين جي ورثي ۾ آيو.

ادبي لحاظ کان سچل سائين جو زمانو بلوغيت ۽ علمي طور فاضلن جو دور هو . پر سچل سائين اڳوڻي روايتي شاعري کان هن طرح بغاوت ڪئي جو ، جيڪي سوچيائين، مشاهدو ماڻيائين يا تجربو حاصل ٿي ڪيائين، سو بنا ڪنهن تصنع ۽ خوف خطري جي، آشڪار ٿي ڪيائين. کيس وڏ گهراڻي جي ٻارن وانگر تعليم ملي، ۽ جيئن ته پاڻ نهايت فهيم طبع جو مالڪ هو، تنهنڪري ان وقت جي تعليم مان پورو پورو فائدو ورتائين . فردوسي پڙهيائين، رومي جو مطالعو ڪيائين؛ عطار ، جامي ۽ حسين بن منصور جي رمزن مان آگاهي حاصل ٿيس . هو وقت جو وڏو عالم بزرگ هو پر ان وقت جي مروج شاعرانه پيمانن کان هٽي ڪري ، هن مام ۽ تمثيل واريءَ ڳالهه کي اڦٽ چئي ڏنو . اعليٰ علم حاصل ڪرڻ سببان، سندس ذهن تي جيڪو اثر پيو ، اهو انڪشاف ۽ شطحيات ۾ ظاهر ٿيو.

عام طور رومانوي شاعري دل جي ڪيفيت جي اهڙي نظماڻي اظهار کي چئبو آهي جنهن ۾ عشق ۽ محبت جي نرالن جذبن مختلف جذباتي ڪيفيتن ۽ زندگيءَ کان به قيمتي امنگن جو بيان رنگين پيرايه ۾ ڪيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ هينئن چئجي ته رومانوي شاعري زندگيءَ ڏانهن ڪرڪي نه، پر مرڪي نهارڻ جو هڪ دلڪش ۽ خلوص ڀريو انداز آهي.

رومانوي شاعري، جيڪا واضع طور انگريزي شاعري ۾ ارڙهين صديءَ ڌاري، ورڊس ورٿ، ڪولرج ۽ ٻين شاعرن جي تخليقن جي ذريعي ظاهر ٿي ۽ اسان جي سنڌي شاعرن ان جو اثر قبول ڪيو ، تنهن جو اسانوٽ سنڌ ۾، فارسي شاعريءَ جي نسبت کان، گهڻو اثر ۽ غلبو رهيو ۽ ميان لطف اللہ قادريءَ کان وٺي سچل سائين جي دور تائين، ان جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو. سنڌي شاعريءَ جي انهن روشن ستارن، ماضيءَ جي شاعرانه انداز، موضوع ، مضمون ۽ اظهار جي طريقي سان اختلاف ڪري، عوامي زبان ۽ تمثيلي قصن ۽ ڪهاڻين جي قالب ۾ پنهنجي مدعا بيان ڪئي، جنهن عوام جي ذهن تي بي پناهه اثر ڪيو ، جيڪو اڄ تائين زائل ٿي نه سگهيو آهي. مييون شاهه عنايت پهريون شاعر هو جنهن عشق جي موضوع تي سڌي طرح ڪلام چيا. هن ئي سڀ کان اول ۽ شايد پهريون ۽ آخري دفعو مارئي جي حسن جي تعريف ڪئي، حالانڪ مارئي جي ڪردار جون ٻه خوبيون عام آهن: حب الوطني ۽ عصمت

هي هڪ ادبي سوال آهي ۽ هر علمي تحقيق ۾ ليکڪ کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جو حق آهي. شاهه لطيف سائين مجازي عشق جي جنهن حد ۽ معيار تي پهتو ، سچل سائين اُتي پهچي نه سگهيو. حقيقت اها آهي ته هو پنهنجي وقت جي شاعراني ماحول ۾ پاڻ سمائي نه سگهيو. مجاز جي مام واري پنڌ ۾ سرمست هلي به نٿي سگهيو ۽ نه وري ان مانڊاڻ ۾ داخل ٿي، چمڪي سگهيو ٿي منهنجي هن راءِ جا گهڻا ئي اسباب آهن.

سڀ کان پهريون ۽ قوي سبب هي آهي ته سچل سائين سڄي ڄمار، زندگيءَ جي هر هڪ سرگرميءَ  ۾ تقليد جي مخالفت ڪئي اهڙي طرح هن راز کي فاش ڪيو، مام جي مامري کي ظاهر ڪيو.شاهه لطيف جي چاڙهيل ڪنيءَ جو ڍڪڻ کوليو ۽ هن دنيا جي جوڙ جنسار کي جانب جو جمال سمجهي، هڪ نظر ۽ فڪر سان سموري ٺاٺ ۽ ساٺ کي ڏٺو.

فارسي شاعرن وانگر سچل سائين جي ڪلام ۾ به عجيبن جي اکڙين، زنگي زلفن جي پيچن، نرم لبن جي لعلن، خط ۽ خال جي خللن جي اپٽار آهي ۽ ادب ۾ اهو مڃيل اصول آهي ته مجاز، شعر کي رنگ ۽ رونق ڏئي ٿو. ان ڪري جتي حسن جو لقاءُ آهي، اتي سچل سائين جو سجدو آهي ۽ سندس ڪلام مان ظاهر ٿو ٿئي ته حسن، حق کي ثابت ٿو ڪري.

سچل سائين بنيادي طور ڪافيءَ جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ سادگي ۽ سونهن آهي. گلن، ميون، سربسز ٻنين، ترندڙ ڪڪرن ۽ مينهن جي منڊلن جو خوبصورت اظهار آهي؛ پر ساڳئي وقت محبوب جو سروپا، حسن جي هيبت ۽ عشق جي اصليت جو پڻ ذڪر آهي. هن رومانوي شاعري جي عام تصور ۾ وسعت پيدا ڪئي ، ان ۾ محبوب جي جمال سان گڏ حسين بن منور ۽ سرمد شهيد وارو جلال به آهي. مئي جي مستي کان سوريءَ جي سيج تائين، عجيب جي ابرو کان قوس قزح ڪان تائين ۽ ذات جي اونهائين کان عشق الستي جي بلندين تائين، جيڪي به مقام ۽ منزلون اچن ٿيون، سي سڀ سچل سائين جي رومانوي شاعري جا مختلف رنگ روپ آهن. اهڙي طرح عام روش کان پاسيرو ٿي، سچل سائين عواميت، شرافت، سادگي ۽ انساني قدرن جي فضيلت کي پنهنجي رومانوي ڪلام جي گڻن طور ظاهر ڪيو آهي.

سچل سائين جا سڀيئي سوانح نگار اتفاق ڪن ٿا ته هو حسن جو بيحد دلداده هو. مجازي محبت جو شڪار به ٿيل هو. سندس ڪلام ۾ اهڙو مذڪور آهي ته هو ڪنهن جي عقابي اکين جو عاشق ضرور هو. جيئن چيو اٿس :

آهه علاج نه ڪوئي ، هن اکين ماري آهيان ،

ڪنهن کي سليان سرتيون ، حال اهوئي روئي ،

ڦڪيون ٻڪيون لکين ، هزارين، ڪيون طبيبا توئي،

ناحق ٻڌين پٽيون، ڪل نه حاذق هوئي ،

دست سڄڻ جي دارون آهي ، ’سچو‘ يار سڀوئي .

(سسئي- داستان 9)

يا وري ٻئي هنڌ چيو اٿس :

لڳي دل جو دارون ناهي، ڪو ڍولڻ يار پيارا !

سچل سائين جي مجازي مامري جو سربستو احوال ’مرغنامي‘ ۾ آيل آهي، جنهن ۾ دوست جي ياد، هجر ۽ وصال جو ذڪر، درد جو پيغام ۽ محبت جي ڪيفيت جو مذڪور آهي. ڪانگ کي قاصد بنائي، پنهنجي درد انگيز ڪيفيت جو احوال هن طرح لکي ٿو :

اللہ لڳ اڏام، موٽي محبوبن ڏي ،

وڃي ڏيج پرين کي اهو پاڄيءَ جو پيغام ،

ڪري قدمن تي پئي ، سو لک ڏيج سلام،

آهي اوهان ريءَ سپرين مڙوئي ماتام.

اچڻ جو انجام، سگهو ڪر، ’سچو‘ چوي !

سڄڻن وٽان جيڪو پيغام اچڻو هو، سو به نرالي نوعيت واريو هو. ساجن سلامن جون لس لڙهان لکيون پر پيغام ڪهڙو موڪليو؟

ان بابت سچل چوي ٿو :

پني ۾ پيغام، ڪي لکي مڪا سڄڻين ،

سي نه سمجهن عام ، جي آهن منجهه اشارتان.

پريت جي پني ۾ جيڪو پيغام هو ، تنهن خوني خط جو مطالعو ڪندي سچل سائين چوي ٿو :

ڪي جو لکيائون، پني منجهه پريت جو ،

اهو پسي آئون، بيخود ٿيڙس سرتيون .

جڏهن ديدار جو شوق کيس بيقرار ڪري ٿو ته لوڪن جي طعنن ۽ ٽوڪن کان بيپرواه ٿي چوي ٿو :

سهڻا کول حجابون پردي ، ڏينهن هجر دي نهين گذردي ،

(سربروو- ڪافي 66)

يا وري چوي ٿو :

شوق تساڏي شور مچايا ، سانون جهل نهين ڏيندا،

لوڪ ڪنون لڄ مول نه آوي ، عشق گهمايان گهٽيان .

محبوب دريءَ مان ديدار ڪرائي، مشتاق جي دل ۾ تير ۽ بڙڇيون هنيون هليو ٿو وڃي :

دريءَ منجهارون دوست ڏٺوسين ، لالن ليئڙو پايون هليو ويو ؛

سينڱا، بڙڇون ، ڪان هٿن ۾ ، سيني اندر سٽڪايون هليو ويو .

جڏهن کيس محبوب جو مشاهدو ٿئي ٿو ته سندس حسن جي بجليءَ سامهون، شمع جي لاٽ کي شرمسار ڏسي ٿو :

محبوب مک وکلايا هي، ويک شمع شرمايا .

(ڪوهياري)

سچل سائينءَ محبوب جي ديدار کان پوءِ پنهنجي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي آهي :

سهڻي صورت يار سهڻي دي، ڏٺم جو هڪ ڏهاڙي ،

دست ڪيتس تلوار بره دي ماري وت الاري ،

کڙي رهن ٻڌا ٻانها ، اڳون عاشق وچ نظاري ،

روبرو معشوقان ، ’سچل‘ ، ڏيندي سر بيچاري.

سهڻي جي ياد کيس روئاريو ڇڏي ٿي ۽ سندس دل درد سان چور ٿيو پوي. اها ماجرا هن طرح بيان ڪئي اٿس :

سهڻي ديان وت سهڻيان ڳالهين، ياد جڏان مينون آنديان ،

رو رو حال وڃاوان سارا ، درد ڀي دل ڪون لانديان ،

’سچل‘ ٻانهن لُڏا جو آندا ، اُهي گهڙيان مينون ڀانديان.

يار هجي يا وري يار جون ڳالهيون بحرحال توجه جو مرڪز محبوب هجي. انڪري سچل سائين پنهنجي سهڻي جي ديدار جي ڳالهه ڪري ٿو . پوءِ سهڻي جي ڳالهين جي ياد سببان پيدا ٿيل ڪيفيت جو بيان ڪري ٿو ۽ سهڻن جي ساٿ سان هجڻ جي تمنا ڪري ٿو ۽ انهيءَ سنگت ۾ مٿي جيڪو رنگ چڙهي ٿو، ان جو هن طرح ڪيو اٿس :

سهڻيان نال مين سهڻا هووان ، بن سهڻيان مين ڪوجهي ،

ٻاجهه حسن هوءِ هوءِ ڀي ٿيوي ، دل ملول تي مونجهي ،

’سچل‘ راهه هزاران وچون ، راهه لڌي مين سوجهي .

سچل سائين سهڻي جي اُبرن ، پنبڻين، زلفن سان گڏ سندس ناز ۽ نخري ، غرور ۽ نخوت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ’حافظ‘ وانگر معشوق جي ناز جي مقابلي ۾ نياز جي راهه اختيار ڪئي اٿس ؛ جيئن چوي ٿو ته :

زور غرور غماز ، عادت البيلن جي ،

نئڙت نينهه نياز ، آهي عشاقن ۾ .

آهي عشاقن ۾ ، عادت البيلن جي .

نخوت نخرو ناز عادت البيلن جي.

پر سچل سائين سهڻي سان ڪا ئي حجت نٿو ڪري. سندس ستم سهي ٿو ڇو ته حسن وٽ نياز ڪونهي پر ناز آهي. سندس رسامي بي رخي، هجر جي سختي مطلب ته حسن ۽ عشق ۾ جيڪي صدما ناڪاميون ۽ اوسيئڙا پيش اچن ٿا ۽ انڪري دل تي جيڪو غبار ڇانئنجي ٿو، مايوسي ۽ نااميدي ۽ زندگي کان بيزاري جا جذبا اتپن ٿين ، ان جي باوجود هو التجا ٿو ڪري ته سهڻا سائين! اسان کي بخش جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو اٿئون؛ خدا جي نالي عفو ڪر ڇو ته تنهنجي نينهن نيا آهيون ازل کنئون دلبر تنهنجو پلو هٿ ۾ جهليو اٿئون. اهڙي نماڻائيءَ ۽ انڪساريءَ سان سچل پنهنجي سهڻي سڄڻ ۽ محبوب يار جي لاءِ دعا ٿو گهري:

يار سهڻل شل هووي  هميشہ، نوبنو تازه بتازه .

سهڻي دي شل باغ حسن ڪون ، ڪوسا واءُ نه لڳي .

سهڻي دي شل باغ حسن ڪون ، لڳي نه ياد خزاني ،

هووي شال هميشہ تازه، جوڀن جوڙ جواني .

سهڻي سان گڏ سندس سنگت لاءِ پڻ سچل سائين دعا جو طالب بڻجي چوي ٿو :-

امن دي وچ رک يار سهڻي دي، اللہ سنگت ساري!

تنهن دي نال اساڏي آهي ، يڪدل يا رب ياري .

دوستي دي وچ پڇين جي مين ڪَنِ ، ’سچل‘ رکڻ سچاري .

سچل سائين جي ڪلام جو گهڻو حصو انهيءَ يار جي ڳالهين تي مشتمل آهي .انڪري ضروري آهي ته انهي سهڻي محبوب ۽ يار جي سروپا جو به ڪجهه بيان ٻڌون جنهنجي لاءِ سچل سائين چوي ٿو ته :

شمس قمر تشبيہ ڏيوان، پر جوڙ نهين تنهن منهن دي .

ان هوندي به هو چوي ٿو ته :

منهن مهتاب سهڻي دا سهڻا، جنهن تي جهلڪن تاري ،

سرخ پيشاني ٽٻڪي ٽٻڪي ، صورت جوڙ سنگاري !

سنڌيءَ ۾ چيو اٿس ته :

قطرا آب عرق ،سونهن سڄڻ منهن تي،

جرڪن جهلڪن ٿا ائين ، جيئن پني ماڪ مرڪ .

داڻا ڪن درڪ ، دل ۾ درديلن جي .

سهڻي جي صورت پسڻ تي ملڪن ۽ حورن کي حيرت ۾ ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته :

پسي صورت سپرين جي، ملڪ حوران ڪرن حيرت ،

توڙي سج چنڊ جي طلوعيت، نهارن سونهن ساجن جي .

۽ سرائڪي ۾ محبوب جي وسيع پيشاني کي چوڏهينءَ جي چنڊ سان مشاهبت ڏئي ٿو ۽ انکي رنگ رحماني ۽ نور جي نشاني چوي ٿو :

چوڏس چنڊ هي منهن محبوبي، واهه وسيع پيشاني ،

ويکڻ نال حيران رهيوسي رنگ سارا رحماني.

جهلڪ اهين دي ڪونه جهلي ، جو هوئي نور نشاني .

اسان جو عقيدو آهي ته قرآن ڪريم خير ڪثير ۽ نور مبين آهي.سچل سائين پنهنجي سهڻي جي منهن کي قرآن شريف سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو ته :

مصحف پاڻ چوان ، مهڙو محبوبن جو ،

آيتون منجهه عشق جون مطالع ڪيان .

انهيءَ رنگ کي سرائيڪي زبان ۾ سچل سائين وڏي طمطراق ۽ تفصيل سان هن طرح بيان ڪيو آهي:

منهن محبوب دا سارا، مصحف زيرين زبرين نالي ،

عشق واليان آياتان دي وچ، پيش تي شد برحالي ،

جزمان نقطي صحيح سڃاڻين ، قاري ڪوئي سنڀالي ،

بسم اللہ نال لکان سڀ سوران، پڙهن ورهي والي !

زلف-

سچل سائين محبوب جي زلف کي نانگ بشيهر ڪالي آهي جن جي وچ ۾ پنهنجو پاڻ بادشاهه مقيد ٿيو پون ٿا ۽ سڪندر جهڙا سوين سورما ٻانهان ٻڌيون قتل ٿيڻ لاءِ دم دم حاضر آهن.

چوي ٿو ته :

ولول وال سوڇلي ڇلي ، ڦاهيان جوڙ کڙايس ،

سحر جادو منڊ ويک انهان تي ، طرحين طرح پڙهايس.

ڇلي ڇلي وال سهڻي دي، نانگ بشيهر ڪالي ،

عاشق ٻانهان ٻڌ کڙوتا، ويک ڪي صورت والي ،

طرح ڪيهي اهو دلبر منهن تي، سخت بلائين پائي ،

’سچل سائين‘ چپ رهه اٿان ، ويک عجائب چالي ،

وقت نماز ديگر دي ڏٺم، واهه حسن دي چالي ،

پيچون پيچ لٽڪ پئي ڳل تي ، ڪيس بشيهر ڪالي ،

مڙگان تير ڪمان آبرو ، مارن ڪرن نه ٽالي ،

ڪائي غرض نه رکدي ڪنهن دي، مست ڦرن متوالي ،

لعل لبان ياقوت رماني ، عالي منصب والي ،

سنڌي ۾ به محبوب جي زلف کي واسينگ ۽ سنبل جا سَلا سڏيندي چوي ٿو ته :

موُ پکيريا منهن تي ڇٻيلن ڇلا ،

سنبل ڄڻ ڪي سلا ، صبح ڪڍيا ساجهري.

مو پکيڙيا منهن تي ڇٻيلن ڇلا ،

واسينگن ولا ، ورهه واريئن ٿي ڏنا .

سينڌ

سنڌي معاشري ۾ جيئن مرد مڇن تي هٿ هڻي يا ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي ڪو انجام ڪندا آهن ، اهڙي طرح عورتون سينڌ تي هٿ رکي قسم کڻنديو آهن. سينڌ سهاڳ جي نشاني ۽ حسن جو مظهر آهي پر سچل سائين محبوب جي سينڌ کي عجيب تشبيهن سان بيان ڪيو آهي، ان کي سمنڊ جي سير چئي ٿو يا وري ڳاڙهي ترار . ان جي برق اثر کان متاثر ٿي ان کي بجلي جي چمڪار پڻ چيو اٿس ۽ هڪ انوکي ۽ بيمثال تشبيہ هيءَ ڏني اٿس ته سهڻي جي سينڌ چنڊ ڪٽاري آهي. چوي ٿو :

سر دي سينڌ ڏٺي سي سهڻي، سانگ سهڻي ڄڻ ماري،

ڏونهان ڪنڌيان وچون وهندي، سير سمنڊ دي ساري،

يا وت موج مريندي عاشق، ڳاڙهي ڳوڙهي ياري،

يا وت خون آميز ڪجا ڪج، سيف سرخ سونهاري،

يا وت قوس قزخ آسماني، بجلي دي چمڪاري،

يا وت تير ڪمان دي وچون، ڪرن سڀا سٽڪاري،

يا وت دام دلين دا هويا، يا ته هلال نظاري،

يا وت قتل دي راهه اي ’سچل‘ رت مشتاقان ماري.

آبرو-

معشوق جي آبرو کي سچل سائين اکين جو خوني ڪٽڪ چوي ٿو پر انهي مضمون ۾ هڪ ٻيو عجيب نقطو پيدا ڪيو اٿس يعني شهبازن جو موت ۽ مکين جو موت، ۽ اکين جي ابرن جي شڪاري کي هو شهباز جي شڪار سان تشبيہ ٿو ڏئي:

مڙگان تير، ڪمانان آبرو، خوني ڪٽڪ اکين دا،

ڳجهڙا زور سپاهه سهڻي دا، لکان وچون لکيندا،

چشمان چوٽ چلاون جيوين، ڪرن شڪار پکين دا،

کاون مار، سي ماس يتيمان، ڪڏان نه خوف رکيندا،

شهبازان دا موت اور هي، ’سچل‘ اور هي موت مکين دا،

ٻي هنڌ انهي ستم واري قوس قزح جو هن طرح ذڪر ڪري ٿو ته :

قوس قزح سر سهڻي ڏٺم، ننگي تيغ ستم دي،

خون عاشقان تنهن مُنهن لڳي، ماريس ضرب ظلم دي،

ريت اها خوش يار سهڻي ڪون، ڳڌس جاءِ اُتم دي.

سنڌي ڪلام ۾ ابرن کي سچل سائين قرب جا ڪنڍا ۽ محرابي مرغول چيو آهي يا وري قوس قزح سان تشبيہ ڏني اٿس،

اُبرو ڪُنڍا قريب جا ، وار ڪنڍا ڪارا،

اکيون ڪنڍيون عجيب جون، ماڻڪ موچارا ،

محرابي مرغول ڪنڍا ، پيشاني پارا ،

مٺا موچارا ، سدا منهنجا سپرين.

اکيون-

سچل سائين محبوب جي اکين جو ذڪر ڪندي انهن کي شهباز سان تشبيہ ڏني آهي؛ يار جون اکيون جيڪي مشتاق کي مارين ٿيون، ڏسڻ سان ڏور وجهن ٿيون، ڇوهه منجهاران ڪان ڇڪي بڇائين ٿيون ۽ دلين جو دام دٻائين ٿيون ۽ سچو جهڙا سوين هزارين ڪرنش منجهه ڪنبائين ٿيون؛ يار جون اهي اکيون :

شهبازن جان ڪرن ستونا، گهور انهي سان گهائن ٿيون .

جاڏي چڙهن تاڏي بره براقان، پير رڪيب نه پائن ٿيون .

اهي اکيون ڪجليون ڪاريون، ستم جون تيغان آهن ۽ نيڻن جي ناز سان نيهن وڌائين ٿيون. سچل سائين چوي ٿو :

منهنجو نيهن وڌايو ناز ، نيڻن نيڻن جي ميان !

تيغان آهن يا ته ستم جون، تنهنجون اکيون ڪجليون ڪاريون.

محبوب جي عقابي اکين جو سرائڪي ڪلام ۾ بيان ڪندي چئي ٿو ته سهڻي جون اکيون شهه زوريون ڪن ٿيون، خوني آهن ۽ خون ڪن ٿيون؛ پر اهي نور ڪٽوريون آهن، ڏاڍو ڪيف ۽ سرور ڏين ٿيون؛ پر تڏهن به سدا سدوريون ۽ سڳوريون آهن. اهي سڀا ڳيون آهن:

اکيان باز عقاب سهڻي ديان ، شور گهتن شہ زوريان ،

مست هوون مستانيان ڏونهين، ڏاڍي ڪيف ڪڪوريان،

منهن وچ ڏون مهتاب ني روشن، يا وت نور ڪٽوريان ،

خوني خون ڪرينديان ’سچل‘ تاڀي سدا سڳوريان .

رخسار-

سچل سائين جي سهڻي جا رخسار خورشيدي خوبي وارا آهن ۽ عشق جي اسلوب موجب عاشقن کي اسير ڪن ٿا . پر سچل سرمست چئي ٿو ته ان کي مخلوق نه چئي اهو سارو ربو بي رنگ آهي:

ڏٺا مين رخسار سهڻي دا، خوش خورشيدي خوبي ،

اکيان قاتل ٿيون قهاري، مشعل منهن محبوبي ،

عشاقان ڪون آ ڪري اسيري، عشق والي اسلوبي،

نا مخلوق آ کيجي ’سچل‘ سارا  رنگ ربوبي !

ٻئي هنڌ چئي ٿو :

شمع ڪنون رخ روشن افضل ، طرحين طرح تجلا ،

زاهد ويکڻ نال وسايا ، تسبيح مسيت مصلا .

رخسار کي باريءَ باغ جي نموني بڻايو آهي ۽ ان جي حفاظت خاطر چوڪيدار کڙو ڪيو اٿس ته جيئن اجايا ماڻهو پري رهن. انهيءَ ” حبشي چوڪيدار“ رخسار تي اهڙو مانڊاڻ منڊيو آهي جو چنڊ ۽ ستارا حيرت ۾ اچي ويا . سچل سائين انهيءَ ماحو کي هنطرح بيان ڪري ٿو :

رنگ کڙا رخسار آتي ، وه باري باغ بنايا !

يا وت باغ بهشتي هويا ، عجب تماشا لايا !

در تي محڪم کڙا رهي ڪوئي، آوي ڪوئي نه اجايا !

چنڊ ستاري چمڪن ’سچل‘، حيرت دي وچ آيا !

سچل سائين سنڌي ڪلام ۾ پڻ اهو مضمون ادا ڪيو آهي ۽ يار جي رخسار تي ڪاري تر کي ڪاتيءَ سان تشبيهه ڏيندي ڪروڙين قتل جو بيان ڪيو اٿس. چوي ٿو :

حبيبن حبشي، پهرو رکيو پاڻ تي ،

اندر اچڻ کان اڳي، ڪاتي تنهن ڪشي ،

رخ انهيءَ رشي ، ڪروڙين قتل ڪيا .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org