سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

 

صفحو :1

سچل سائين

ڪريم بخش خالد

پيش لفظ

عالمي ادب وانگر سنڌي ادب جي شروعات به نظم سان ٿي، ۽ ان ۾ انساني زندگيءَ جي روحاني ۽ مادي معاملن جو ڀرپور اظهار آهي. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانهي- سندن فڪر وفن ۽ شعر جي هيئت ۾ فرق ضرور آهي، پر موضوع، مضمون ۽ سنيهو سڀني جو ساڳيو آهي، ۽ جيستائين حق ۽ حسن، عبادت ۽ عشق جو تصور موجود هوندو، تيستائين سنڌي شاعري جي افق تي ڪهڪشان جو سمو رهندو ايندو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو مسيحا بڻجي آيو، ۽ هن شاعري جي اهڙي روايت جو بنياد رکيو، جنهن زمان ۽ مڪان جي بندشن کي توڙي، قديم ۽ جديد فڪر جي حسين ملاپ سان، علم عرفان ۽ وجدان جو مظهر بڻجي، سنڌ واسين جي تهذيب ۽ ثقافت کي تابناڪ، مثالي ۽ زنده جاودان بڻائي ڇڏيو. انهيءَ ڪهڪشان جا ٻيا به گهڻيئي روشن ماهتاب ۽ ستارا آهن، جن ۾ سچل سائين جي سونهن ۽ ساک سرس آهي.

هيءُ ڪتاب محترم ڪريم بخش خالد جي لکيل ارڙهن مضمونن جو مجموعو آهي جيڪي هن سچل بابت جدا جدا موقعن تي لکيا. ڪنهن به موضوع بابت مستقل ۽ مسلسل تصنيف جي نوعيت جدا مقصد واري هوندي آهي؛ ان جي برعڪس، مختلف مضمون ’سڄي‘ موضوع بدران ان جي مخصوص ۽ محدود حصن ۽ ڀاڱن کي روشن ڪن ٿا. اهڙن جدا جدا مضمونن جو وڌيڪ مفيد مطالعو ’مجموعي‘ واري صورت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو بشرطيڪ پڙهندڙ فقط ڪنهن هڪ مضمون کي پڙهڻ بدران سڀني مضمونن کي پڙهي ۽ پوءِ ڪي نتيجا ڪڍي ۽ پنهنجي راءِ قائم ڪري. انهيءَ لحاظ سان اميد ته سچل  بابت لکيل مضمونن جي هن ’مجموعي‘ جو مطالعو پڙهندڙ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

هيءَ  هڪ حقيقت آهي ته جيستائين ڪنهن به مصنف، مفڪر شاعر يا صوفي سالڪ جي لکيتن ۽ تصنيفن جي سڄي ذخيري کي مطالعي هيٺ نه آڻبو تيستائين سندس فڪر ۽ فيض کي نه پوريءَ طرح سمجهي سگهبو ۽ نڪي سمجهائي سگهبو. خوش قسمتيءَ سان سچل جي ڪلام جو وڏو ذخيرو لکيت ۾ موجود آهي. حافظ عبدالوهاب عرف سچل پاڻ علم وارو هو ۽ پنهنجي ڪلام کي پڻ قلمبند ڪيائين. انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي ٻين اڳين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سندس ڪلام جو ذخيرو وڌيڪ محفوظ رهيو آهي. سچل جي فڪر کي صحيح طور تي سمجهڻ لاءِ سندس ڪلام جي سڄي ذخيري جي مطالعو ضروري آهي- هن وقت تائين سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ڪنهن حد تائين مطالعي هيٺ آيو آهي پر سندس فارسي ڪلام جي گهري مطالعي جي ضرورت باقي آهي.

سچل سنڌ جي انهن نامور شاعرن مان آهي جن اسلامي تعليم ۽ تصوف جي روشني ۾ پنهنجي ڪلام ذريعي، توحيد ۽ رسالت، انسان ۽ ڪائنات جي حقيقت، ۽ خالق ۽ مخلوق جي رشتي، وحدت ۽ ڪثرت جي رازن ۽ رمزن کي بيان ڪيو، ۽ خود شناسي ذريعي خداشناسي جو سبق سمجهايو. سندس ڪلام ۾، ٽين صدي هجري کان وٺي ٻارهين صدي هجري تائين، يعني حسين بن منصور حلاج کان شيخ احمد سرهندي ۽ شاهه ولي الله تائين، عالم اسلام جي گهڻو ڪري سڀني نامور ۽ آدرشي صوفين جي تعليم جو پرتو نظر اچي ٿو؛ حلاج، عطار، تبريزي ۽ سيدنا عبدالقادر جيلاني کي ته پنهنجو رهنما مڃيو اٿس، ۽ اسلامي علوم و فنون جي مشهور مرڪزن جو به ذڪر ڪيو اٿس. هو شريعت وارو صوفي باصفا هو ۽ کيس رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جو حضور حاصل هو. سچل عام رسم ۽ ظاهر داري بدران حق ۽ حقيقت تي وڌيڪ زور ڏنو آهي، ۽ حقانيت ۽ حق شناسي کي اسلامي فڪر جي روشني ۾ چمڪايو آهي. هو ’رسم‘ بدران ’روح‘ کي ترجيح ڏئي ٿو. هو موحد آهي ۽ نه ماده پرست؛ هو وحدانيت ۽ حقانيت جو هوڪو ڏيندڙ آهي ۽ نه ماده پرستي جو پرچار ڪندڙ .

سچل جي ڪلام ۾ حق ۽ عرفان جا جيڪي نڪتا سمايل آهي،

 انهن تي عموماً گهٽ توجهه  ڏنو وڃي ٿو ۽ ان جي بدران ڪن ٻين سطحي يا غير حقيقي ڳالهين کي وڌيڪ بيان ڪيو وڃي ٿو: مثلاً شاهه عبداللطيف ڏانهن منسوب ڳالهه ته جيڪي راز آهن تن تان سچل ڍڪڻ لاهيندو، يا سچل جي حق جي هوڪي مان اهڙا انومان  ڪڍڻ ته هو ڪن غير اسلامي عقيدن جو علمبردار هو. سچل بابت اهڙين غير حقيقي ڳالهين بيان ڪرڻ سان سندس فڪر جي صحيح ترجماني ٿي نٿي سگهي.

هڪ اصولي ڳالهه جا سمجهڻ جي لائق آهي، سا هي آهي ته هي سڄي ڪائنات هڪ راز آهي جنهن جي حقيقت ’وراءِ الحجاب‘ آهي. تخليق ڪائنات جي راز کي سمجهڻ نه رڳو مشڪل  آهي پر محال آهي. ڪو به بلند پايي جو مفڪر، شاعر يا ٻيو ڪو تخليق ڪار (آرٽسٽ) پنهنجي تخليقي  ڪارنامي سان فقط پنهنجن مخاطبن جي احساسات کي تيز ڪري سگهي ٿو ته جئن منجهن ڪائنات جي راز جي حقيقت  کي سمجهڻ لاءِ حيرت ۽ تڙپ  پيدا ٿئي؛ مگر اهو ڪنهن به مفڪر يا شاعر جي وس کان ٻاهر آهي جو هو راز جي حقيقت کي آشڪار  ڪري سگهي. ڪنهن به مفڪر، شاعر يا تخليق  ڪار (آرٽسٽ) جو اهو ئي ڪمال آهي جو هو راز کي پروڙڻ جو احساس پيدا ڪري: پر هو فقط اشتها وڌائي سگهي ٿو باقي کاڌو نٿو ڏيئي سگهي. اصل ڳالهه اِها آهي ته هن ڪائنات جي راز تان ڪو به ڍڪڻ لاهي ئي نٿو سگهي: البت ان راز کي پروڙڻ لاءِ راه هموار ڪري سگهي ٿو پر پوءِ ڪنهن کي خود پاڻ وک وڌائڻي آهي. ان لاءِ هر متلاشي ۽ سالڪ کي پاڻ ۾ اهڙو استعداد ۽ اهڙو شعور، اهڙي سڪ ۽ ڇڪ پيدا ڪرڻي آهي جيڪا منزل مقصود طرف نئي. ساڳئي وقت کيس خالق ڪائنات جو قرب ۽ ڪرم حاصل ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ جو الاهي فضل ۽ فيض کان سواءِ  راز جو روشن ٿيڻ محال آهي: يهدي الله لنوره من يشاءُ- اهو الله تعاليٰ جي اختيار ۾ ئي آهي جو جنهن کي چاهي ان کي روشنائي تائين رسائي. باقي، مفڪر ۽ شاعر پنهنجي اعليٰ فڪر ۽ ڪلام ذريعي وڌ ۾ وڌ ته انهيءَ راه جا اهڃاڻ ئي ڏيئي سگهي ٿو.

سچل پنهنجي ڪلام ۽ پنهنجي تخلص  واري معنيٰ ذريعي راز جي انڪشاف ۽ راز جي آشڪار ٿيڻ واري تخيل کي ذهن نشين ڪرايو ته جئن حق ۽ حقيقت جو متلاشي ان تي سوچي ۽ ان طرف قدم وڌائي. باوجود انهيءَ جي، پنهنجي زندگي جي آخري دور واري ڪلام بلڪه  آخري ڪلام، يعني پنهنجي آخري مثنوي جو نالو وري به ’رازنامو‘ رکيائين. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي  ته سندس زندگي واري ساري ڪلام ۾ راز کولڻ ۽ پاڻ کي آشڪار ڪرڻ واري سلسلي کي پڇاڙيءَ ۾ وڃي  به راز جي ڍڪ سان ڍڪيائين.

سچل جي ڪلام ۾ دين ۽ دنيا جا جيڪي وسيع موضوع آيا آهن، انهن مان منتخب  مضمونن بابت هن ڪتاب ۾ عام فهم انداز سان، تفصيلي گفتگوڪئي وئي آهي، ۽ بنده ۽ بنده نواز جي لاڳاپن کي نروار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح، سچل سائين جي ادبي حيثيت کي به آشڪار ڪيو ويو آهي.

سنڌي زبان ۾ شعر و ادب جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اهڙي طرح عظيم ليکڪن، شاعرن ۽ نقادن جون حقيقت پسندانه ۽ فخر لائق تخليقون آهن، جن کي عالمي ادبي کيتر ۾ مڃيو ويو آهي. افسوس آهي ته انهن بلند پايه نگارشات جو، ٻين پاڪستاني ڀائرن کي اڪثر علم ناهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ وحدت  فڪر و نظر جي ڏس ۾ ڪو نتيجه خيز ۽ سودمند منظر ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي زبان ۾ جيڪو صحتمند ادب نثر توڙي نظم ۾ منظر عام تي  اچي ٿو، اُن جا ترجما ڪيا وڃن ٿا: پهريائين پاڪستاني ٻولين ۾ ۽ پوءِ عالمي ٻولين ۾ - هن سلسلي ۾ ادبي ادارن، خاص طور اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد کي پنهنجو مثبت ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

الله بخش- ڪي - بروهي

چيئرمين، قومي هجره ڪميٽي 

پنهنجي پاران

 

سچل سائين جي احوال، ڪلام ۽ پيغام جي باري ۾ لکيل مضمونن جي مجموعي کي پيش ڪندي، سچي خوشي محسوس ڪرڻ سان گڏو گڏ، ڌڻي سڳوري جي بي پايان احسانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن جي لطف۽ ڪرم سببان چاليهن سالن جي قرض جي بار کان آجو ٿي رهيو آهيان. ولہ الحمد والمنّة-

 منهنجو ڏاڏو حاجي خدا بخش ميمڻ، مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جي درگاهه جو مريد هو. منهنجو نانو خليفو عبدالڪريم ميمڻ، راڻيپور جي جيلاني بزرگن  جو معتقد هو ۽ منهنجو سهرو فقير نبي بخش ميمڻ وري سچل سائين جو طالب هو، يڪتارو کڻي جڏهن هو سچل سائين جون ڪافيون ڳائيندو هو مثلاً:

”ڪانهي ڪاڻ ڪتڻ جي سچل کي، آتڻ عشق اُجاريو ويو“ ته مٿس وجذ ۽ استغراق جو غلبو ۽ ٻڌندڙن تي حال طاري ٿي ويندو هو. هڪ لڱا چئي ويٺو ته يار ! ڪوئي هجي جو سچل سائين جو ساٿ ڏي ۽ سندس سچي سنيهي کي عام ڪري؛ سهڻن سخنن جي ساک رکي، ياريءَ جو دم هڻي، پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي.

منهنجي پيءُ حاجي محمد عثمان ميمڻ جي سگهڙائپ جون  سونهن ڀريون سريليون سٽون مون وٽ محفوظ آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن تنهائيءَ جي شور۽ غم گوندر ۾ آٿت ڏينديون آهن؛ پر انگريزي تعليم کان نفرت جي عملي اظهار طور، جڏهن فارسي ۽ حڪمت سکڻ لاءِ هڪ سال کن شڪارپور  ۾ رهايائين، ته مرحوم قادر بخش چغدي صاحب جي گهر نوڪريءَ  جي دوران، بيبين جي مڌر آواز ۾ سچل صاحب سائين جا سڪ ۽ سوز ڀريا ڪلام ٻڌي، مان اڪثر روئي ويهندو هيس: هيءَ ناپائدار زندگي، غلاميءَ جو ڳٽُ، غربت جي گهُٽ، اڻ ڏٺي ۽ غير يقيني آئيندي جي ڪٺن راهه جو سفر، اهي خيال سوهانِ روح بڻجندا هئا. پر اهو دور جلد ئي ختم ٿيو. جڏهن مان شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ هاسٽل ۾ رهڻ لڳس ته منهنجي ڏيٺ ويٺ اهڙن ماڻهن سان ٿي، جيڪي سچل سائين ۽ فقير بيدل جي ڪلام جا ڪوڏي هئا، ۽ اهڙن ماڳن تي وڃڻ ٿيو جتي قرب جون ڪچهريون ٿينديون هيون.

1947ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي ۾ داخلا ورتم. ٿوري ئي وقت کانپوءِ ڀاءُ نورالدين سرڪي، احسان احمد بدوي مرحوم ۽ اياز حسين قادري جي ايماءِ تي ادبي گڏجاڻيون شروع ٿيون، ڪڏهن ڪاليج (ٽالپر هائوس) جي ڪنهن ڪمري ۾، ته ڪڏهن بورڊنگ هائوس (حسن علي هائوس) ۾ ۽ پوءِ ميٺا رام هاسٽل ۾ ادي نورالدين سرڪي جي، ڪمري ۾ شيخ حفيظ، غلام رباني ۽ رشيد ڀٽي پوءِ اچي مليا. 1954ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي طرفان چئن صفحن جي تعارفي مضمون سان گڏ، سچل سائين جي ڪلام جو مختصر منتخب مجموعو شايع ٿيو، نالو هيس: ’سچل سائين‘. پوءِ ڪراچي مان خيرپور اسٽيٽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جناح ڪورٽس) طرفان الوحيد پريس ۾ ڇپيل ’سچل سرمست‘ نالي سان هڪ سو ٻارنهن صفحن جو ڪتاب شايع ٿيو؛ ۽ ماهنامه ’نئين زندگي‘ ڪراچي جا، مولانا عبدالواحد سنڌي جي زير ادارت سچل سائين بابت نمبر شايع ٿيڻ لڳا.

نوڪري سانگي خيرپور ميرس ۾ رهڻ ڪري، مان پهريون دفعو سچل سائين جي ميلي تي 1958ع ۾ ويس ۽ اهو ئي منهنجو درازا شريف ۾ آخري ڀيرو هو ڇو ته اتي جيڪي ڪجهه ڏٺو هيم سو ويساهه جوڳو ته نه هو، پر هيو ضرور. انهيءَ خفگيءَ کي مٽائڻ خاطر، مون دولهه درازيءَ جي ڪلام جو نئي سر مطالعو شروع ڪيو. ٻه چار روح رچنديون رهاڻيون سائين مولوي محمد صادق مرحوم راڻيپوري سان خيرپور ۽ راڻيپور ۾ ٿيون. ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ استاد ’حامي‘ سان حال اوريم. سه روزه ’مراد‘ خيرپور ۾ ڪجهه مضمون به لکيم.

مان 25 سالن کان سچل سائين جي فڪر ۽ پيغام بابت لکندو رهيو آهيان. فلسفو منهنجو موضوع ناهي. يورپ امريڪا ڪونه گهميو آهيان. سرمايه دارانه سوسائٽي ۽ ظاهري يا پوشيده سامراج جي ادبي ۽ سياسي نظرين جو ڪڏهن اثر قبول نه ڪيو اٿم. ان ڪري نه مونکي اها ڳالهه پسند آهي ۽ نه مان ان جو  ڪو ذڪر ڪيو آهي، جو سچل جي سنيهي ۽ سچن سختن جي صداقت ۽ اهميت بابت يوروپي مؤرخن ۽ مفڪرن جا بيسود ۽ بيجا حوالا پيش ڪريان، ڇو ته انهن جي سماجي سٽا ۽ معاشرتي ماحول، ذهني لاڙا ۽ زندگيءَ جا نظريا، سوچ جا پيمانا ۽ فڪري قالب، ۽ سياسي ۽ جغرافيائي حالتون ۽ ضرورتون نه فقط جدا جدا آهن پر متضاد ۽ هڪ ٻئي جي رخن جي برعڪس پڻ آهِن. البته ايترو ضرور آهي ته منهنجا ڪي مضمون، ڪن تحريڪن جي پيداوار آهن ۽ انهن جي ذريعي جنهن پيغام کي عام ڪرڻ جي تمنا هئي، سا الحمدللہ پوري ٿي.

سچل سائين جي مطالعي جي سلسلي ۾، شاگرديءَ جي زماني ۾، مرحوم لطف اللہ بدوي جو ’تذڪره لطفي، پڙهيم. پوءِ آغا غلام نبي صوفيءَ جو ’سچل سرمست‘ ملي ويو. 30 جون 1951ع تي خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ عنايت ڪئي. 31 ڊسمبر 1954ع تي، محترم ڪلياڻ آڏواڻي قرب ڪري بمبئي مان پنهنجي ڪتاب ’سچل‘ جي سوغات موڪلي. 1958ع ۾ ماسات علي بخش ميمڻ، ساڌو واسواڻي جا ڪتاب ڏنا.

بهاولپور ۾ رهائش جي دوران، سنڌي ۽ سرائيڪي رسالا گهرايم (9مارچ 1960ع) ادي عبيدالرحمان سيٺ کان تحفي طور مليل ’ديوان خواجه فريد‘ جو ڳوڙهو مطالعو ڪيم ۽ سچل سائين جي سرائڪي ڪلام جو مٿس واضع اثر معلوم ٿيم. سندس سنڌي ڪلام پڙهي، پنهنجي مٺي ٻوليءَ جي وسعت جو يقين ٿيم،روزنامر ’رهبر‘ ۾ مضمون لکيم، جيڪو پوءِ حيدراباد جي اردو روزانامه ’آفتاب‘ ۾ به ڇپيو .آنجهاني ايم-ڊي- لالا صاحب 17 مئي 1960ع تي ’ديوان آشڪار‘ جو نسخو عنايت ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش جي دوران، 1961ع ۾ قاضي علي اڪبر مرحوم’دولهه درازي‘ دان ۾ ڏنو. انهيءَ کانپوءِ به ڪجهه ڪتاب مطالعي ۾ رهيا جن جو سچل سائين جي فڪري ماخذن سان لاڳاپو آهي، ۽ ڪي اهڙا به ڪتاب نظر مان گذريا، جيڪي فاروقي فقير سان منسوب ته آهن پر انهن جو متن توڙي ڇپائي اهڙي ناقص آهي جو شڪ ۽ گمان آسانيءَ سان گمراهه ڪري سگهي ٿو.

حيدرآباد ۾ قيام (1960ع-1970ع) جي دوران، مولانا خير محمد نظاماڻيءَ سان به ڪچهريون ٿيون. ’خادم وطن‘ جي ايڊيٽري وار دور ۾ کانئس هڪ اداريه لکايم، جنهن ۾ سچل سائين جي صحيح مسلڪ جو بيان آهي. نظاماڻي صاحب جو اهو پهريون ۽ آخري مضمون آهي، جيڪو سچل سائين بابت مضمونن جي مجموعن ۾ بار بار شامل ڪيو ويندو آهي.

خيرپور ميرس ۾ ڪوٺايل پهرين سچل قومي سيمينار(1982ع) جي موقعي تي، مون هڪ واسطيدار دوست کي صلاح ڏني هئي ته مرزا علي قلي بيگ مرحوم جي مرتب ڪيل ’سچل جي رسالي‘ کي فوٽو آفيسٽ جي ذريعي ٻيهر پڌرو ڪرائجي ته بهتر ٿيندو ڇو ته قديم توڙي جديد ڇاپن مان، اهوئي نسخو تحقيق جي ڪسوٽيءَ تي ڪيتريقدر بهتر لڳي ٿو. پر مرحوم عثمان علي انصاري جي سنڌي ۽ مولوي محمد صادق راڻيپوري مرحوم جي سرائڪي ڇاپي کي ٻيهر پڌرو ڪيو ويو، جن ۾ پهرين ڇاپن واريون غلطيون ته بدستور آهن پر ٻيو ڇاپو طباعتي لحاظ کان ڪسو آهي، ۽ متن به اهڙو ۽ ايتروئي ناقص آهي جيئن آغا صوفي مرحوم ۽ نماڻي فقير وارا ڇاپا آهن. آغا صوفي جي رسالي جي اڀياس مان صاف ظاهر آهي ته ان باري ۾ گهڻو تڻو ڪم ديوان وليداس، سيٺ قيمترام رهيجا ۽ پرنسپال نارائڻ داس شنگراڻي ڪيو آهي ۽ ان جو ثبوت اڪيچار لفظن جي غلط صورتخطيءَ مان ملي ٿو. انهيءَ رسالي جي اشاعت، سچل سائين جي سچي سنيهي کي ڪوڙي ڪچ سان ملائي موچارو بڻائي ڇڏيو.

افسوس آهي ته سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ، ۽ خاص ڪري وطن جي آزاديءَ کانپوءِ، صوبي ۾ جيڪا ادبي سجاڳي پيدا ٿي، ان جي مدنظر، سنڌ جي هن عالم فاضل ۽ زبان دان شاعر، جنهنکي علم ورثي ۾ مليو هو، تنهن جي حياتي ۽ ڪلام بابت تحقيق ۽ تحرير جي سلسلي ۾ اسان ڏاڍي غفلت ڏيکاري. قاضي علي اڪبر درازي مرحوم پنهنجي زندگي هن ڪم لاءِ وقف ضرور ڪئي پر هو تحقيق جي بدران عقيدت جي راهه جو پانڌيئڙو ٿي رهيو، استاد عطا محمد حامي دير سان هن طرف لاڙو ڪيو پر رفارسي مثنوين جا سنڌي منظوم ترجما ڪري، هن سچل سائين سان سچي سڪ جو ثبوت ڏنو. ۽ پير حسام الدين راشدي مرحوم غلطفهمين ۽ نعريبازيءَ کان پاسو ڪرڻ جو بروقت چتاءُ ڏيندو رهيو.

اهڙي ماحول ۾، هڪ جوان فڪر ۽ دردمند دل رکندڙ عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب جي تاريخ تي قلم کنيو ’ٻيلاين جا ٻول‘، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، ’ڪليات سانگي‘ ’ڪليات حمل‘، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ‘، سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ ۽ ٻيون اڪيچار تخليقون سندس خلوص ۽ همت مردانه جي گواهي ڏين ٿيون. شاه لطيف کان اڳ جو ادبي کيتر سڀ کان وسري ويل ٿي نظر آيو. شاه لطف اللہ قادري ۽ شاه عنايت جي حيات ۽ ڪلام بابت تحقيقي ۽ ضخيم ڪتابن کانپوءِ، انهيءَ ادبي سلسلي جي سرپنچ، شاه لطيف بابت سندس ڇهه ڪتاب منظر عام تي آيا. شاه سائين جي رسالي جو صحيح ۽ مڪمل ترمتن ۽ رسالي جي ڏسڻي (Index) به مرتب ڪري رهيو آهي.

انهيءَ وچ ۾ قاضي قادن جي ڪلام بابت هندوستان مان هڪ مختصر ڪتاب شايع ٿيو. قاضي قادن، سنڌي اساسي شاعري ۾ بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ ڪشالا ڪاٽي، انهيءَ ڏس ۾ پڻ قابل ستائش ڪم ڪيو آهي جيڪو عنقريب پڌرو ٿيندو.

شاه لطيف کان پوءِ، سچل سائين جو دور اچي ٿو، جنهن بابت پڻ ڊاڪٽر بلوچ ابتدائي ڪم شروع ڪيو. جنهن جو خاڪو سندس ٽن تقريرن مان معلوم ٿئي ٿو جيڪي مختلف ماڳن ۽ موقعن تي، سچل سائين جي ياد ۾ ڪوٺايل گڏجاڻين ۾ ڪيون هئائين. انهيءَ کان علاوه، سنڌي ادبي تاريخ ۾ پهرين دفعو مرتب ڪيل’جامع سنڌي لغات‘ ۾، ڪن سنڌي لفظن جي معنائن جي سند/ وضاحت طور سچل سائين جا بيت پيش ڪرڻ (پهرين جلد ۾ سترهن حوالا ۽ ٻئي جلد ۾ ست حوالا)؛ خليفي نبي بخش لغاري جي رسالي ۾ سچل جا حوالا (ص 36- 39) لوڪ ادب جي سلسلي ۾ شايع ٿيل ڪتابن جهڙوڪ بيت ( حوالو ص 35- 37)؛ مولود ( حوالو ص 46- 47)؛ مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان- 6 (حوالو ص 177- 180 ) ۽ سنڌ ۾ اردو شاعري ( حوالو 52- 64) مان سچل سائين بابت سندس سوچ جو اندازو ڪري سگهي ٿو.

بحرحال مونکي پنهنجي فرض جي قرض کان ترت سبڪدوش ٿيڻ جو سعيو ڪرڻو پيو ۽ جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو، ان جو تفصيل ادي محمد علي حداد جي جوڙيل ۽ ڇپايل ڪتاب ’ سچل سرمست تي ببليو گرافي ۾ آيل آهي.

قاضي علي اڪبر درازي، پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، اللہ کي پيارا ٿي ويا. رب رحيم ۽ ڪريم کين پنهنجي رحمتن ۽ نعمتن سان نوازي. هن ڪتاب ۾ جيڪي 18 مضمون شامل آهن، انهن جي ذريعي مون ڪوشش ڪئي آهي ته هنن بزرگن طرفان شروع ڪيل ڪم کي اڳتي وڌايان. راشدي صاحب مرحوم 1980ع ۽ 1981ع ۾، عرس جي موقن تي، پنهنجي صدارتي تقريرون ۾ڪي اهم ۽ مفيد صلاحون ڏنيون هيون، جن کي مون پنهنجو سونهون بڻايو. سچل سائين جي بيتن تي مضمون لکڻ، سندس ڪلام جي مختصر انڊيڪس (اشاريه) ’غزل بحر طويل، جو تاريخي مطالعو، پنهنجي مٿي اولين ادبي ڪوشش آهي. اهڙي طرح مون چاهيو ٿي ته هڪ ٻئي نئي موضوع تي تفصيل سان لکان: سچل سائين جي ڪلام ۾ گهڻن ئي صوفي بزرگن جا نالا ۽ حوالا آيا آهن، ڪيترن ماڳن ۽ ڪتابن جا اشارا ملن ٿا ۽ مثنوين ۾ گهڻيئي حڪايتون بيان ٿيل آهن.سنڌ جي تاريخ جي هڪ ماخذ طور به رسالي ۾ چڱو  مواد آهي، جنهن کي سليقي سان سهيڙي، سچل جي ڪلام ۾ ماڻهو، ماڳ ۽ حڪايتون‘ جي عنوان سان پيش ڪري سگهجي ٿو. ماڻهن ۽ ماڳن سان لاڳاپو رکندڙ ٻيا به گهڻييء موضوع آهن جيڪي هن مضمون ۾ آڻي سگهجن ٿا.

هڪ ٻي ڳالهه به سچل سائين جي ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿي. هونئن ته شاه لطيف ۽ سچل سائين جيڪي لوڪ داستان ڳايا آهن، تن جي ڪهاڻين ۾ فرق آهي: پر مومل ۽ نوريءَ جا مذڪور، سچل سائين بلڪل نرالي نموني ۾ پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن. مومل جو سڄو ٺاٺ شڪ تي ٻڌل آهي، ۽ اهڙي طرح نوريءَ جي ڳالهه، قرآن حڪيم جي انهيءَ مذڪور مبارڪ تي بيٺل آهي ته انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ ان جي تخليق  جو اصل مقصد ڇا آهي؟ هن جي فطرت ۽ انتها ڪهڙي آهي کيس ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇو؟

افسوس اٿم جو بعض مجبورين جي سببان اهي موضوع قلمبند ٿي نه سگهيا. زندگيءَ وفا ڪئي ته انشاءَ اللہ، اها خدمت به مان ئي سرانجام ڏيندس.

شروع کان وٺي اڄ تائين، سچل سائين کي مذهب جي مخالف، خاص ڪري اسلام جي باغي جي حيثيت ۾ پيش ڪيو پئي ويو آهي. اها سچل شناسي نه پر دولهه درازي سان دشمني ۽ سراسر گمراهي آهي. جيڪي طالب اها تند تنوارين ٿا، سي مذهب جي ماهيت کان آشنا ناهن ۽ مذهبن ۾ وري دين اسلام جي عظمت، افاديت ۽ عملي رخ کان بنهه، بي خبر آهن. سچل سائين نه مذهب جو مخالف هو ۽ نه لادينيت جو مبلغ هو.مذهب جو صحيح روح انسانيت آهي ۽ ان جي سرخي ۽ سرنامو اسلام آهي. انهيءَ حقيقت کي آشڪار ڪرڻ ضروري آهي.

اسلام دين فطرت آهي. امن ۽ سلامتيءَ جو منشور آهي. اسلامي تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي، ۽ ان جي داعي صلي اللہ عليه وسلم جي ڪردار کي، دنيا جي هر مڪتبهءِ فڪر سان وابسته دانشورن، پنهنجي مذهبي ۽ نظرياتي عصيبتن جو باوجود، تسليم ڪيو آهي. جيڪڏهن اسلام جا پيروڪار، انهن اصولن ۽ لاثاني مثالن تي عمل نه ٿا ڪن، ته انهن جي بي عملي ۽ ان جي نتيجن لاءِ اسلام تي الزام ڇو ٿو مڙهيو وڃي. شاهه هجي يا سچل، سامي هجي يا دلپت، ڪو به سنت ڪوي مذهبي آدرش کان ٻاهر نه ويو آهي. هنن ظاهرداري، منافقت ۽ دلي دوئيءَ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ذهبي تعصب کان نفرت جو اظهار ڪيو آهي. اها بدعت ۽ بگاڙ، انسان جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي. سچل سائين جو ’وحدت نامو‘ (سنڌي) ان جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو. ’رهبر نامي‘ (فارسي) ۾ درازي دانشور چوي ٿو:

ظاهر زهد ۽ عبادت دور ڪر، ڪوٽ هستيءَ جي کي چڪنا چور ڪر.

(صفحو – 114)

حج زڪواتن ۽ وظيفن جو ثواب، هٿ ڪري سڀڪو سگهيٿو بيحساب عشق جي ويجهو نه ويندو عام ڪو، واسطو جڳ سان نه آهي عشق  جو

(صفحو- 125)

روزا ڪيئي، نفل نمازان، توڙي سو ورد وظيفا،

سڀيئي لڳ ظاهر آهن، سبق ساجن پڙهاياسي،

(ع- ’حقيقت‘ ڪافي -2)

هر طرح، هر حال ۾ سالڪ سچو، ڪنهن کي موليٰ کانسواءِ چاهي نٿو جنهن کي موليٰ جي طلب هوندي مدام، سو نه ڳوليندو شرارت جو مقام.

(’رهبر نامو‘، صفحو -120)

آسمانن ۽ زمين تي، پورب پڇم ۽ اتر دکن، هر طرف، هر سؤ ۽ هر دم، ڪائنات جي هرڪاوٿ پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار جي حمد ۽ تنا ۾ مشغول آهي. ابراهيم عه کان آئنسٽائين تائين، ۽ ارسطو کان اسپنوزا تائين، انهيءَ هڪ ئي تات ۽ طلب جي تنوار رهي آهي. جنهن کي سچل سائين ’خيال‘ چيو آهي. انهيءَ  ’خيال‘ کي سمجهڻ ضروري آهي. انسان عاليشان ضرور آهي پر  عظيم الشان ناهي. نوري آهي پر نور ناهي. هو نه موجب آهي ۽ نه ئي مطلق. هو انسان آهي. اللہ ذوالجلال والاڪرام جي انتهائي اُنس جو مظهر، جنهنجي پيدائش جو مقصد پاڪ ۽ پوتر بڻجي، پنهنجي اصل سان واصل ٿيڻ آهي، ۽ مختصر ۽ مستغار زندگيءَ ۾ سچل سائين جي قول مطابق:

ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ اللہ آپ بڻيجي

يعني ’تخلقو! باخلاق اللہ‘ – خلقڻهار جهڙيون خوبيون پيدا ڪرڻ آهي اهڙو ماڻهپو مذهب آهي ۽ بس.

سنڌي سماج ۾، گهڻن ئي پيرن ۽ فقيرن جي پوئلڳن جي  هڪ فوج پيدا ٿي چڪي آهي جيڪي آهن ته نڪما ۽ ناڪارا، پر ڏنڊا مشٽنڊا نظر اچن ٿا. انهن عمل کي ترڪ ڪري، اسباب ۽ تدبيرن کان بيپرواه ٿي، ٻين جي سهاري جيئڻ جو نندڻ جوڳو طريقو اختيار ڪيو آهي ۽ اُن کي توڪل چئي رهيا آهن ۽ تصوف جي تند تار سان ملائي، اُن کي پنهنجي پير، مرشد يا شيخ ڏانهن منسوب ڪري رهيا آهن.

توڪل قرآن حڪيم جي اصلاح جو هڪ اهم لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي  ڀروسو ڪرڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ اُن جو مطلب آهي خدا تي ڀروسو  ڪرڻ؛ يعني ڪنهن ڪم کي پڪي ۽ پختي ارادي، ۽ تدبير ۽ ڪوشش سان پورو ڪرڻ، ۽ اِهو يقين رکڻ ته جيڪڏهن انهيءَ  ڪم ۾ ڪا ڀلائي آهي ته الله تعاليٰ اسانکي ان ۾ ضرور ڪامياب ڪندو. باقي ڪنهن ڪم لاءِ جدوجهد ۽ ڪوشش نه ڪجي ۽ چپ چاپ منهن مونن ۾ وجهي غربت سان گذارجي  يا هٿ پير ٻڌي، ڪنهن حجري،خانقاهه يا مڪان ۾ ويهي رهجي ۽ اهو سمجهجي ته خدا تعاليٰ کي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي  سو خود ڪندو يعني جيڪي ڪجهه تقدير ۾ آهي، سو بهرحال ٿيندو، اسباب ۽ تدبير جي ضرورت ناهي؛ اِها نهايت باطل ڳالهه آهي ۽ هڪ اهڙو وهم آهي جيڪو انسان جي شرف ۽ عزت جي منافي ۽ اسلام سان ذري ماتر به واسطو نه ٿو رکي.

حضرت مولانا دين محمد وفائي مرحوم هڪد فعي لکيو هو ته پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ، ستت ئي هتي براين ۽ بدعتن جو ڦهلاءُ ٿيندو ۽ مختلف مسلڪن  وارا مسلمان، ’ واعتصموا بحبل الله جميعا‘ جي نافرماني ڪندي، نفاق ۽ نفرت پکيڙيندا ۽ عجيب و غريب تماشا لڳائي، ملت اسلاميه جي عملي قوت کي زائل ڪندا. (توحيد 8- جنوري 1948ع) ۽ اسان ڏسي رهيا آهيون  ته اهي تماشا ڏينهون ڏينهن وڌندا رهن ٿا. برطانوي هندستان ۾ هندو غلبي سببان، پنهنجي تشخص  جي تحفظ خاطر، مسلمانن ۾ گهڻيئي بدعتون  رواج ۾ آيون ۽ مغل شهنشاهه اڪبر جي دور کان وٺي، هنن  هم آهنگيءَ جون اهڙيون ترڪيبون پئي ڪيون. اڪبر جي پاليسي پڻ مسلمانن جي خلاف هئي جنهنجو ذڪر حضرت شيخ احمد  مجدد الف ثاني رحه ۽ ٻين گهڻن ئي عالمن کان علاوه قائد اعظم علي جناح پڻ پنهن جي بيان (مورخه 24 ج نوري، 1943ع) ۾ ڪيو آهي. آزادي کان پوءِ اهو ثقافتي ورثو پاڪستان ۾ منتقل ٿيو، جنهن کي اسلام جي پردي ۾، مختلف مذهبي مسلڪن جي رنگ روپ سان هتي به پکيڙڻ جي لڳاتار ۽ شدت سان ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.

اها نه ته رباني راهه آهي ۽ نه ئي تصوف جو ڪو طريقو. حقيقت ۾ تصوف جو ظاهر سان ڪو لڳ لاڳاپو ئي ڪونهي. تصوف ۽ سلوڪ حقيقت ۾ تزڪيه ۽ احسان جي قرآني تصور جو جديد نالو آهي. اهو هڪ مجاهدو آهي، قال جي نسبت ۾ حال جي ڪيفيت آهي، جنهن جو مطالعي ۽ مشاهدي جي مقابلي ۾ عمل سان تعلق آهي. ۽ اهو هڪ ذريعو آهي پربذات خود مقصد ناهي. اصل مقصد پنهنجي نفس جي صفائي ۽ پاڪائي آهي ته جيئن دل جي دوئيءَ  کي دور ڪري، حقيقت ڪبريٰ  جي ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ قرب الاهي جي ذريعي دلي اطمينان، ذهني سڪون ۽ پنهنجي فرضن پوري ڪرڻ جي قوت ۽ صلاحيت پيدا ڪجي. حضرت جنيد رحه بغدادي هميشه فرمائيندو هو ته ”تصوف جو علم قرآن ۽ سنت ۾ مقيد آهي. تنهنڪري جيڪو ڪتاب ۽ سنت کان الڳ هجي، تنهن جي پيروي نه ڪجي. هيءُ اهو ئي علم صافي آهي جيڪو مشڪوات  نبوت مان ماخوذ آهي. هيءُ ان علم واري کي عبوديت جي طريقي تي هلڻ لاءِ سنواري ٿو. الله تعاليٰ جنهن مريد سان ڀلائي ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو ته کيس فقراءِ جي صحبت ۾ وانجهي ٿو ۽ آرام طلب ماڻهن جي صحبت کان دور ڪري ٿو.“

قال رابگذار و مرد حال شو!

پيش مردي کاملي پامال شو!

ڇو ته

صحبتِ صالح تُر اصالح کند

صحبتِ صالح تُر اصالح کند

(رومي)

ڇو ته اهو طريقو ۽ عمل، جيئن عهد نبوي صه ۾ اصحاب  سڳورن جو معمول هو، صحبت جي ذريعي سان ئي پورو ٿي سگهي ٿو ۽ اڄ به اهو ئي طريقو  صحيح ۽ ڦلدائڪ آهي. ’مدراج السالڪين‘ ۾ امام شافعي رحه جو هڪ قول نقل ڪيو ويو آهي ته ”مون صوفين جي صحبت ۾ ٻن ڳالهين مان فائدو حاصل ڪيو: هڪ هي ته وقت هڪ ترار آهي، جيڪڏهن تون اُن کي نه ڪاٽيندين ته هو توکي ڪٽي ڇڏيندو؛ ۽ ٻي هيءَ  ڳالهه ته جيڪڏهن تون پنهنجي نفس کي حق ۾ مشغول نه ڪندين ته هو توکي باطل ۾ مشغول ڪري ڇڏيندو-

(جلد 3 ص 58)

هي وهي تيري زماني کا امام برحق

جو تجهي حاضر و موجود سي بيزار کري

موت کي آئيني ۾ تجهکو دکها کر رُخِ دوست

زندگي اور بهي تيري ليي دشوار کري

دي کي احساسِ زيان تيرا لهو گرما دي

فقر کي سان چڙها ڪر تجهي تلوار کري

(اقبال)

گهڻن ئي صوفين کان حال ۽ وجدان جي عالم ۾ شطحات سرزد ٿيون آهن. حافظ ابن  قيم رحه جي راءِ، هن سلسلي ۾ اسانجي رهنمائي ڪري سگهي ٿي. لکن ٿا ته ”انهن شطحات سببان ٻه مصيبتون پيدا ٿيون. هڪ ته انهن سببان هڪ جماعت انهن بزرگن کان بدظن ٿي پيئي ۽ سندن پاڪيزگي نفس، صدقِ معامله ۽ محاسن کانئن  اوجهل ٿي ويا ۽ سندن مطلق انڪار ڪيائون. ماڻهو انهن کان بدگمان ٿي ويا، حالانڪه اها صاف زيادتي آهي ڇو ته جنهن شخص کان ڪا غلطي ٿي وڃي ۽ ان ڪري سندس سڀني محاسن کان انڪار ڪيو وڃي ته پوءِ سمورا علم ۽ صناعون بيڪار ٿيون پون ٿيون ۽ سندن نشان به مٽجي وڃن ٿا. ٻي مصيبت هيءَ آهي ته ڪن بزرگن، صوفيائي شطحات جي محاسن، قلبي صفائي ۽ حسن معامله کي ڏسندي، سندن شطحات  کي به قبول ڪيو. انهن سڀني مان اهي ئي ماڻهو زياده صحيح آهن جيڪي هر هڪ چيز کي پنهنجي مرتبي ۾ رکن ٿا- صحيح کي قبول ڪن ٿا ۽ غلط کي رد ڪن ٿا(مدارج السالڪين – ج 2 ص 30) هوشمند جو ڪم هيءُ آهي ته هر جڳهه تان پنهنجو حصو وٺي ۽ هر جماعت سان بهتر معاملو ڪري. هيءُ طريقو صادقين جو آهي.

(ايضاً ص 206)

سچل سائين جي معاملي به اسان کي ساڳيو مسلڪ اختيار ڪرڻو پوندو. حقيقت حال به ائين ئي آهي ۽ نه اها، جيڪا بدعتي پوئلڳ ۽ جاهل نڪما فقير ظاهر ڪن ٿا.

اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي تحقيق جو هيءُ معيار آهي جو هرڪو قلمڪار هِتان ٻه چار عام طور معلوم ڳالهيون کڻي، مضمون تيار ڪري ٿو ۽ حاشين ۾ ڪن ڇپيل يا پنهنجن ئي مسودن/ قلمي ڪتابن ۽ مضمونن جا حوالا ڄاڻائي مقاله نگار ۽ محقق سڏائي ٿو. اها ادبي بد مذاقي ۽ بدعت آهي جيڪا اڳتي هلي، سنڌي علم ۽ ادب کي وڏو نقصان پهچائيندي. مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي، سوئي لکيو  اٿم. اقتباس ۽ حوالا مضمونن جي متن ۾ پڌرا ڪيا ويا آهن. عام طور ڪلام، آغا صوفي جي ’سچل سرمست‘ تان نقل ڪيل آهن. انصاري صاحب جي رسالي تان ورتل ڪلام جي اڳيان ’ع‘ جو اضافو ڪيل آهي. سرائڪي ڪلام راڻيپوري صاحب جي رسالي مان کنيل آهي ۽ مثنوين جا ترجمان، استاد حامي جا آهن، جيڪي ’نينهن جا نعرا‘ نالي ڪتاب ۾ به شايع ڪيا ويا آهن.

مان پنهنجي ڪتاب ’نظارو نينهن جو‘ ۾ صاف ڄاڻايو آهي ته منهنجا گهڻا مضمون مجلسي ماحول ۾ ۽ گهڻو وقت اڳ جا لکيل آهن، انڪري ماخذن جي معاملي ۾ مون کي ميار نه ڏني وڃي. مان انهن مؤرخن، مقاله نگارن، هم مجلسي دوستن جو ٿورائتو آهيان ۽ سندن لاءِ دعاگو آهيان، جن جي ايماءِ تي يا سندن نگارشات کان متاثر ٿي، مون هي مضمون لکي وس آهر نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي ۽ ادب ۾ اضافو ڪيو، پر وقت جي اهم ضرورت کي پڻ پورو ڪيو.

مان محترم جناب اي-ڪي- بروهي، چيئرمن، قومي هجره ڪميٽيءَ جو ٿورائتو آهيان. جنهن صاحب پنهنجي گونا گون  مصروفيتن ۽ مشغولين جي باوجود، هن ڪتاب جو پيش لفظ لکيو.

فليٽ نمبر 4/1-C                             طالب الحق

جيڪب لائينس،هائوسنگ ڪمپيلڪس،   ڪريم بخش خالد

صدر ڪراچي -3                               14 آگسٽ،1983ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org