قادر الڪلام شاعر
حضرت سچل اردوءَ ۾ به غزل چيا آهن، جيڪي ان وقت جي
لحاظ کان هڪ معجزي جي حيثيت رکن ٿا ڇو ته اردو
شاعري، ان وقت عربي ۽ فارسيءَ جي ٿڃ پيئندي، سن
بلوغت ڏانهن وڌي رهي هئي. سندس ڪلام ۾ اهڙا
صوفيانه ۽ اخلاقي مضمون جيڪي اڄ به مادي ذهنيت جي
فروغ جي باوجود هر طبقي ۾ مقبول آهن.
فارسيءَ ۾ سچل سائين غزل، مستزاد، قطعه ۽ مثنوي ۾
طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ خيال جي بلندي ۽ معنيٰ
جي گهرائيءَ سان گڏ اسان کي صنايع ۽ بدايع به چڱا
استعمال ٿيل نظر اچن ٿا.
بحرحال سچل سائين پنهنجي زماني جو هڪ قادر الڪلام
صوفي ۽ بي نظير شاعر ٿي گذريو آهي. هو هڪ مجذوب
سالڪ ۽ الاهي اسرار جو عارف هو ۽ اهي صفتون کيس،
اسان جي ثقافتي تاريخ ۾ هڪ خاص درجو عطا ڪن ٿيون.
غلط فهمي جو ازالو
سنڌ جا عوام، اسلام جي نور جي آمد کان اڳ کڻي صنم
پرستيءَ جا مرتڪب رهيا هجن پر اسلام جي تعليم سان
منور ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ قبيح حرڪت ڏانهن ڪڏهن به
سندن لاڙو نه رهيو. سنڌ جو هندو پڻ بت پرست نه
آهي. اهڙيءَ طرح وحدت الوجود جي فلسفي جي اثر
سببان، سنڌ وارن پنهنجي حقيقي محبوب تائين پهچڻ
لاءِ مجازي معشوق جو خيالي تصور ضرور ڪيو پر مصوري
طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ هنن جيڪي ڪجهه لطيف فنون ۾
حاصل ڪيو سو فن موسيقيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ تائين
محدود رهيو آرٽ يا فن جو هڪ وسيع ميدان آهي، مصوري
۽ مجسمه سازي ان جا ٻه جز آهن ۽ اهي ٻئي فن،
پورهئي جي خيال سان يا نظريه جي لحاظ کان، نه ته
سنڌ جي عوام وٽ مقبول آهن ۽ نه وري انهن جو وٽن ڪو
قدر ۽ قيمت آهي. ان ڪري ائين چوڻ ته شاهه ڀٽائي ۽
سچل سرمست، سيد يا ولي نه هجن ها، ته کين پڇي ئي
نه ها. صريحاً غلط ۽ بهتان طرازي آهي؛ عوام آزاري
۽ سنڌ دشمنيءَ جو بيباڪيءَ ۽ بيحيائيءَ سان مظاهرو
آهي ڇو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، شاهه لطيف ۽ سچل
سائين جو ڪلام ته عوام جي روح جي راحت، فرصت جي
مشغولي ۽ هدايت جو سرچشمو آهي پر ٻين سگهڙن ۽
شاعرن جو ڪلام پڻ عام ڪچهرين ۽ محفلن، اوطاقن ۽
اجتماعن ۾ ڳايو ويندو آهي.
سنڌي شاعريءَ جو قدر جيڪڏهن ڪونهي ته اهو اڄ جي
مغرب زده سنڌين وٽ ڪونهي جن پنهنجي قادر الڪلام
شاعرن جي ذڪر کي سندن عرس جي موقعن تائين محدود
رکيو آهي ۽ انهن جي ڪلامجي ادبي خوبين ۽ ڪمال تي،
هو روز مره زندگي ۾ ڪو فڪر ۽ عمل ڪري نه رهيا آهن.
ٻيو ته آزادي کانپوءِ ، لڏ پلاڻ سببان سنڌ ۾ آباد
ٿيندڙن لساني تعصب جو مظاهرو ڪندي، اسانجي صوفي
دانشورن جي ڪلام سمجهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ، ۽
هندستاني اردو ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ مگهن پئي
رهيا آهن.
سچ ٿا يار چون ، ڪنهن کي وڻي نه وڻي ،
ياريءَ جو دم، ڪوئي هڻي نه هڻي .
]
پاڪستان نيشنل سينٽر، ڪراچي ۾ ’يوم سچل‘ (1972ء)
جي موقعي تي پڙهيو ويو.
[
جو ئي آهيان، سو ئي آهيان
سنڌ سان سائين هميشہ سٻاجهو رهيو آهي : آب حيات ۽
اسانجي جيءَ جو جياپو سنڌو، سنڌ صوبي جي 580 ميلن
ڊيگهه ۾، اتر کان ڏکڻ ۾ سدائين پيو وهي ؛ سرسبز ۽
شاداب کيتيون، هتان جي مانجهين جا ماڳ آهن؛ طويل ۽
بلند قامت جبلن جون الهندي ۾ قطارون، جن جي دامن ۾
مٺي مولا عجيب معدنيات جا مالا مال ڪندڙ مانڊاڻ
منڊيا آهن اوڀر ۾، زندگيءَ جي موهه جي مانند وسيع
صحرا ۽ ڏکڻ ۾ محيط ۽ بي پايان سنڌ سمنڊ ؛ اهي ۽
ٻيون گهڻيئي قدرت جون فياضيون آهن جي لاءِ حمد ۽
شڪر جو سجدو ڪرڻ اسانجو فرض آهي. ان سان گڏو گڏ
زمين جي سيني تي عارف، ڪامل ۽ اهل اللہ بزرگن جا
آخري آرام گاه، سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا، عظمت ۽
فضيلت، شرف ۽ سجاڳيءَ جي ساک ڀري رهيا آهن.
جيئي سنڌ، سدا جيئي
انهيءَ ورسيل ۽ سڀاڳي سرزمين تي، زمان ۽ مڪان جي
گردش جا سوين سما آيا ۽ گذري ويا. حاڪم ۽ محڪوم جا
قصا، عشق ۽ حسن جون حڪايتون - حق ۽ باطل جا
معرڪا، انسان جي اللہ تائين رسائيءَ جا داستان،
تاريخ جي ورقن تي رقم ٿيندا رهيا.
پر هڪ اهڙو دؤر به آيو جنهن ۾ انسانيت جو شرف
مجروح ٿيندو رهيو. دنيوي حرص ۽ هوس جي بازار گرم
ٿي، باهمي اخوت ۽ الفت جا رشتا ٽٽڻ لڳا؛ نفاق،
ڪلفت ۽ ويڇن جو واءُ لڳو، جنهن انسانن کي غافل ڪري
ڇڏيو. اها منزل انسان کان پري ٿيندي رهي. جنهن
تائين پهچڻ لاءِ اَلستي آلاپ ۾ کانئس وعدو ورتو
ويو ۽ انسان پاڻ کي سڃاڻڻ وساري ويٺو ۽ چؤطرف گهٽ
۽ مونجهاري جو ماحول پيدا ٿي پيو.
الاهي آلاپ
اهو ٻارهين صدي هجري ۽ ارڙهين صدي عيسوي جي وچ
واروزمانو هو، جو فاروقي فقيرن جي درازن ۾ هڪ
دولهه ديده ور پيدا ٿيو جنهن رمز ۽ راز جي رستي کي
ترڪ ڪري، آشڪار ٿي اعلان ڪيو ته انسان پاڻ ئي اللہ
جو آشڪار آهي.
” جوئي آهيان، سو ئي آهيان“ جي اها سرمدي صدا، ان
الاهي آلاپ جو پڙاڏو هئي ته جنهن پنهنجي نفس کي
سڃاتو، تنهن ڄڻڪ پنهنجي رب کي سڃاتو انهيءَ پروڙ
جو پڙاڏو سچل سائين جي پنهنجي پچار ۾، پختو ۽
پائدار، سچو ۽ سونهن وارو، واضع ۽ واشگاف، صاف ۽
سولو، مان ۽ مڻيا وارو ٿي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي
ويو.
اهو نئون نياپو، سچل سائين جي ٻالڪپڻي کان ئي
نروار ٿيو. پاڻ سڃاڻڻ جا مختلف مرحلا درازي درويشن
اهڙي نموني سان طيءِ ڪيا جو انساني معراج جي منزل،
هر هڪ طالب لاءِ آسان ۽ ظاهر ٿي پئي.
مشاهدن جو مامرو
ديني علمن جو اڀياس پوري جذبي ۽ انهماڪ سان
ڪيائين. چوڏهن ورهين جي ديواني جوانيءَ ۾، قرآن
مجيد، جيڪو علم ۽ فضل جو ڪامل صحيفو آهي، بر زبان
ياد هيس. هن ڪائنات جي راز ۽ رمز جي بحر بيڪران ۾،
غوطه زن ٿي، منزل مراد جا موتي حاصل ڪيا ۽ انهن جي
چمڪ ۽ سوجهري سان، چؤطرف پکيڙيل اوندهه ۽ جهل جي
پاڙ پٽي؛ ۽ هو حقيقي محبوب جي محبت ۾، جذب ۽ سڪر
جا مشاهدا ماڻيندو رهيو.
سندس زندگي ” ربنا آتنا في الدنيا حسنہ وفي
الاآخرت حسنته“ جو مثال هئي: ميرن جي درٻار ۾ وڃڻ
ٿيندو هيس پر پنهنجي رب سان سندس راهه اهڙي
سنواريل هئي جو هر هنڌ ’هو‘ ئي کيس نظر ايندو هو.
شريعت جي اهميت
رسول ڪريم صه جي حديث مبارڪ آهي ته هن دنيا ۾
اهڙي طرح رهو ڄڻڪ، هتي هميشہ لاءِ رهڻو اٿو ۽ آخرت
لاءِ اهڙي طرح تياري ڪريو ڄڻڪ اڄ ئي توهان کي مرڻو
آهي.
’هٿ حاج ۾، هنيو حبيب ڏي، جو مثال سچل سائين جي
زندگي هئي. هن انهيءَ زندگيءَ جي فلسفي کي، پنهنجي
ڪلام جي ذريعي سنڌي، فارسي، هندي، پنجابي، اردو،
سرائڪي ۽ عربي ٻولين ۾ بيان ڪيو.
نماز روزي ۽ شريعت جو پابند، طريقت جو طالب، هجر ۽
فراق ۾ فاني ۽ وحدت وصال جو وريام، جڏهن عشق جو
مست ڪندڙ جاءِ پي، مدامي ڪيفيت ۾ ايندو هو، تڏهن
منافق ۽ روادار دنيا پرست ۽ دين ۾ تحريڪ ڪندڙ
پنهنجي عاقبت موچاري ڏسي ماٺ ۾ ويهڻ بدران، ڪفر جي
فتوائن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. پر سچل سائين
جو کين اهوئي سنيهو هوندو هو ته : محبوب ڳولي ڏس،
من ۾ تون :
نينهن جو نظارو
اهو نيهن جونظارو هو جيڪو دنيوي اکين سان پسڻ جهڙو
ڪونه هو.،ان لاءِ عجيبن سان آشنائي ۽ محبوبن سان
ملاقات جو شرط هو. انهن اکين قدرت جا پوشيده راز
ڏِٺا هئا. اکين مشاهدا ماڻي، موت تي ملڪو حاصل ڪيو
هو. درياءَ هجي يا درياءَ جي پار يار جي جهوڪ؛
اکين تي پٽيون ٻڏل هجن يا انهن ۾ ڊڀ دارون پيل
هجي؛ عارف درازيءَ جي ازل کان کليل اک، صدق ثابت
ڪندي رهي.
عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،
عبرت عجب عجائب ، اسرار رنگ عباسي،
برهي جي اک بيني، ڪائي مثال چيتي،
توڙي رنگون رنگيني ، چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي،
گل آب جاءِ جاتي ، محبوب راز تاتي،
عاشق ڏسڻ کؤن ڪاٿي ، رهندو پتنگ پياسي،
’صورت‘ ۾ جاءِ ’دم‘جي، ’دم‘ ريءَ نَه ’صورت‘ ڪم
جي،
دم ۾ جا لذت غم جي ، وه واهه ڳالهه خاص،
ابليس جي وڏائي، هر سانس تي سوائي،
جيوڻ ته دم ڀلائي ، نه ته تحت نحس ناسي.
ثابت ’سچل‘ سچاري يارن جي ياد ياري،
وحدت جنين وساري تنِ ، تنَ مٽي اڻاسي.
سارنگ جي ساٺ واري سمي ۾، جڏهن پورب سندي يارجا،
ڪارونڀار ڪڪر، وڄن ۽ وڄڻ سان چوڌاري چڙهي ايندا
هئا، تڏهن سرمست سائين، سنڌ تي مولا جي مهر جا گيت
ڳائيندو هو:
پورب سندي پارجا، ڪڪر ڪارونڀار،
وِڄڻ ۽ وڄَڻ سان، چڙهي ٿيا چوڌار،
اُڀي کي آپيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار،
سڪر سڻاوا ٿيا، وڌيا واهه واپار،
ساوا ٿيا سنگهار، مولا سندي مهر سان.
سارنگ آيو ۽ چوطرف صاحب سڻائي ڪئي؛ تجل جون
ترايون تارون تار ٿيون ۽ ڏوٿين ڏٿ سان ڏيار ڏلهي
ڇڏيا. انهيءَ عجيب منظر ۾، رحمت الاهيءَ واري
ماحول ۾ به سرمست سائينءَ پروردگار کي پت رکڻ جي
وينتي ڪئي ۽ چيائين:
ٻهه ٻهه ڪندا آيا ٻيهر ٻڪر وال،
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان ويا ٽهي مال،
آهن ۾ اچي پئي، چونگن سندي چال،
مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺا جال،
پلر سان پسي پيا، پنهوارن پلال،
جهري پيون جهوپڙيون، جهانگيئڙن اجهال،
ننگو ڪج نه نڌر کي نماڻن ننگ پال،
جن جا ههڙا سال، تن پرور پت رکيج تون.
عبوديت جو نظارو
شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي رهگذرن جي
پانڌيءَ، مهر سندي مينهن جي آجيان ضرور ڪئي پر
انسان جي شان عبوديت جي ڪمال اظهار جو ٻيو اهڙو ڪو
مثال نه ملندو، جو ساڳئي وقت سائين سچيڏني پنهنجي
بنا جهليءَ ۽ جهريل جهوپڙيءَ جو خيال ڪندي، سندس
جمال کي پڪاريو ۽ ” ڪاهل تي ڪهل ڪندين، شال ڪريم
تون“ چئي پنهنجي ٻانهپ جي تعلق کي مضبوط ڪندي
سارنگ جي ساٿ ۾، پرين پسڻ جو سانباهو ڪيو.
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، سچل سائين تي موليٰ
سان ميلاپ جون معنائون ۽ مطالب آشڪار ٿيندا ويا.
هو خلوت ۾ جلوت پذير ۽ جلوت ۾ خلوت پذير ڏسڻ ۾
آيو. خوشناسائي جي جوهر، مٿس اهو راز افشان ڪيو ته
موليٰ جي مدامي محبت ماڻڻ جو مزو ان وقت ئي معراج
تي پهچي ٿو، جڏهن انسان پاڻ کي پوري طرح پنهنجي رب
سان وابسته رکي؛ ٻانهي ۽ ٻاروچي جو تعلق، عبديت ۽
ربوبيت جي تند تار ۾ ٻڌل هجي؛ ميلاپ کي منزل نه،
پر هڪ ڏاڪو سمجهجي ۽ ادب ۽ عجز سان، نياز ۽ نئڙت
سان، ٻاجهه لاءِ ٻاڏائي، ٻاروچن سان ٻيلي ٿيڻ جي
زنده تمنا رکجي. سائين سچيڏني به بار بار اهڙو
اقرار ڪيو ۽ اڳتي وڌيو. چيائين ته:
ٿل: ٻانهي ٻاروچن جي آهيان، وي آهيان!
پريان سندي پار ڏنهن، آسرو هڏ نه لاهيان.
صورت وارا سپرين، آءُ نماڻي ڇاهيان.
هوتان سائين، آءٌ تان گولي، سڱ نه ساڻن ساهيان.
ڏينهن لنگهيم هت ڪيترا، ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيان.
هئڻ ’سچوءَ‘ جو آهي تنهين سان، انهن ٻاجهون
ناهيان، وي ناهيان.
شاعراڻو ڪمال
سچل سائين صوفي باصفا ۽ ڪامل انسان هو. سندس شعر
باريڪ ۽ عميق نڪتن جو جولاني سمنڊ آهي جنهن ۾
فلسفيانه خيال ۽ اونها اسرار، ذات باري تعاليٰ،
ڪائنات ۽ مخلوق جي مختلف موضوعن بابت آهن. حضرت
سچل ٻيائيءَ کي ترڪ ڪري، پاڻ سڃاڻڻ تي زور ڏنو
آهي. سچل سائين بشر کي ميثاق جو شان ۽ وعدو ياد
ڏياري، پنهنجي ازلي مقام کان واقف ڪيو ۽ ان عزت ۽
آبروءَ کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ، غفلت ۽ سستي ترڪ
ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. کيس ڪائنات جي هر طرف کان،
الاهي جلوو نظر اچي ٿو ۽ بصيرت جي اکين سان، ان
جلوي کي ماڻڻ لاءِ ماڻهن کي چوي ٿو:
سڀ وچ صورت يار پياري، آهي ’ڪل شيءِ‘ سوهاري،
’خلق الا شيا‘ ڪون آبادي، ’وهو عليها‘ ٿي آزادي،
واندي غير ڪَنون هي وادي، لٿا شڪ شبها، ٿي شادي
ازل ۽ ميثاق جو شاماني وارو زمانو ياد ڪندي،
پنهنجي فراق جي عهد کي قيامت جهڙو ٿو سمجهي ۽
انهيءَ ڏينهن جي تات ۽ طلب ۾ صدا ٿو بلند ڪري ته
جلد محبوب سان مٿيرو ٿئي:
ڌنارن کؤن ڌار، جي مون ڏينهن گذاريا،
سي هئا قيامت جيهڙا، ميان سومرا سردار،
الله ڪري اوڏڙا، ’سچو‘ من سنگهار،
ته ڪريون ويهي ڳالهڙيون هينئڙي جو هڪ وار،
پر پري ٿيم پنوهار، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
بيقرار روح
پر سنڌ جي منصور ۽ سنڌي زبان جي حافظ، عوامي زبانن
جي قادر الڪلام شاعر، حق جي طالب ۽ محبوب ماڻڻ جي
تمنا رکندڙن جي مرشد کي، ڪنهن کي ڏوراپا ڏيڻ جو
وقت ئي نه مليو. مولا سان ملڻ لاءِ سندس بيقرار
روح، هن فاني دنيا جي پل پار ڪري، حقيقي حبيب سان
ملڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو ته جيئن هڪوار هينئڙي جون
ڳالهڙيون ڪري، من جي سچي مستي ۽ روح جي راحت حاصل
ڪري. هوتن کيس پنهنجي ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني ۽ هو لبيڪ،
اللهم لبيڪ چوندو رب ڏانهن راهي ٿيو. چيائين ته
”مون کي هوتن هاڻي، ڪوٺي پنهنجو ڪيو!“
هوت ڏهون هاڻي آيون، مان ڏي خوشخبران جي!
اچي اڏيون اوڏڙيون، جاءِ منهنجڙيءَ جايون.
ڇڏي شهر ڀنڀور کي، پير وري ايڏهن پايون.
ٿيون جيارن جيڏيون، اهي ويچاريءَ کي وايون.
’سچوءَ‘ سنديون دانهڙيون، دوست وري ورنايون.
آخري سفر
رمضان جي چوڏهين تاريخ هئي ۽ هجري سن جو ٻارهن سؤ
ٻائيتاليهون سال؛ سائين آخري سفر تي اسهيو. سنڌي
شاعريءَ جو وهائو تارو غروب ٿيو. عاشق صادق
پنهنجي محبوب جي رفاقت ۾ مقرب ٿيو.
سنڌ ۾ سوين بزرگ آرامي آهن جن جو پيغام اسان لاءِ
رهبري ۽ برڪت جو باعث آهي؛ پر سچل سائين جو سنيهو-
پاڻ سڃاڻن لاءِ انسان جي جدوجهد، هڪ بيمثال ۽
عالمي پيغام جي حيثيت رکي ٿو.
(بشڪريه: ريڊيو پاڪستان، ڪراچي- 12-10- 1973ع)
سچل – ادبي مطالعو
حضرت عبدالوهاب فاروقي، سچل سرمست، سنڌي ادب ۽
ثقافت جو روشن ستارو آهي. سندس ڪلام ۾ جمال ۽
جلال، ٻنهي جون انتهائي حد تائين پختيون ۽ واضح
نشانيون ملن ٿيون. سندس زندگي هڪ عابد، زاهد ۽
رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي سچي عاشق جي
مثالي زندگي آهي. هن جيڪي ڪجهه ارشاد فرمايو، سو
خود نه چيائين پر کانئس چوايو ويو. ڪيف ۽ مستيءَ
جون موجون هڻندڙ سمنڊ سندس تصور ۾ سمايل هو ۽ هن
ان جي جرڪندڙ ۽ آبادار موتين کي آشڪار ڪيو. هڪ
راز هو، جنهن کي هن نروار ڪيو، هڪ پيغام هو، جنهن
کي هن عالم تائين پهچائڻ چاهيو.
سنڌي ادب جي آسمان تي، جيڪي بزرگ سج، چنڊ ۽ تارن
جيان چمڪيا، انهن ۾ سچل جي ساک پنهنجي ماڳ آهي.
هن فارسي، اردو (ريختي)، سرائڪي، ۽ سنڌيءَ ٻولين ۾
ايترو ته گهڻو ۽ اهڙي طرز جو شعر چيو آهي، جنهن
جهڙو ۽ جيترو سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر ڪو نه چيو آهي.
سندس ڪلام جو تخمينو ساڍا نو لک شعر ڪيو ويو آهي،
جيڪو گهڻي ڀاڱي ناپيد آهي، ۽ جيڪي ڪجهه زماني جي
دستبرد کان محفوظ ٿي اسان تائين پهتو آهي، سو به
سندس مريدن جي لاپرواهيءَ ۽ سستيءَ، ۽ اُن جي
اشاعت لاءِ وقت جي حڪومت تي لاهي پائي ڀروسي ڪرڻ
سببان نه هجڻ جي برابر آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو
ته ’نماڻي‘ فقير وانگر، هتي پنهنجي ملڪ ۾ ڪورتيءَ
ماتر سچائي ڏيکاري ها، ذري برابر منصوريت جو
مظاهرو ڪري ها، سڪ ۽ سچائي سان سرمدي صدا بلند ڪري
ها، مثقال ذرة خير اً ير جو نعرو لڳائي، ياريءَ جو
دم ڀري ها ته هوند اهو ڪجهه نه ٿئي ها، جنهن بابت
هاڻي شڪايت ڪئي پئي وڃي. بهرحال مرشد ۽ مريدن جي
لاڳاپي جي باري ۾ ٻيو عقيدتمند ڇا چئي سگهي ٿو ۽
ڇا ڪري سگهي ٿو؟
سچل سائين، نوي سالن جي عمر تائين، قول ۽ عمل جي
ذريعي پنهنجي وحدتي جام مان، سوين ماڻهو مدامي مست
ڪيا، جيڪي وري پنهنجي وقت ۽ حلقي ۾ هدايت ۽ رشد جا
صاحب ٿيا، ۽ سوين ماڻهن کي سڪ جو صاحب، حقيقت جي
راهه جو سالڪ، علم ۽ فضل جو ڌڻي، هدايت جو مالڪ ۽
الاهي رازن ۽ رمزن جو رازدان بڻائي ويا. هن درگاهه
جي عقيدتمندن جو حلقو نه فقط وسيع هو، پر ٽالپرن
جي سرپرستيءَ ۾ مورثي جاگيرن ۽ اڪچار املاڪ جي
باوجود، سونهاري سائينءَ جو سچو سنيهو نه سنڌ جي
سرحدن کان ٻاهر نڪتو ۽ نه ان کي ڪو ٽرمپ يا سارلي
مليو.
بيتوجهيءَ جا سبب
انهي بيتوجهيءَ ٻيا به اسباب آهن جهڙوڪ قدامت پسند
مذهبي رهنمائن جي مخالفت ۽ ڪن شطحيات (بيخوديءَ جي
عالم ۾، شريعت جون حدون ٽپي، ڪفر جي ويجهو ڳالهيون
چوڻ) سببان، ماڻهن تي غلط اثر ويٺو ته سچل سائين
شريعت جي خلاف آهي، ان ڪري هندن رام ۽ رحيم هڪ‘ جي
نظريه جي آڙ ۾، سياسي فائدي حاصل ڪرڻ خاطر، سندس
درگاهه ڏانهن وڌيڪ لاڙو ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو
جو مسلمانن جي اڪثريت، ان طرف وڌيڪ رغبت نه رکي.
ازنسواءِ، پسگردائيءَ ۾ اثر ۽ اقتدار وارا مذهبي
رهنما هئا جن ماڻهن جي ساده لوحي ۽ ڪمزور عقيدن جي
آڙ ۾، پنهنجون پرماري سرگرميون جاري رکڻ ٿي
چاهيون. مثال طور کهڙن جا مخدوم، جيڪي مذهبي
معاملن ۽ مسئلن ۾ سخت گير هئا؛ راڻيپور ۽ گمبٽ جا
جيلاني سيد، جيڪي حضرت عبدالقادر جيلاني، پيران
پير جي اٿاهه مقبوليت سبباه، عوام جي اعتقاد ۽
مڃتا جا وڌيڪ دلڪش مرڪز هئا. ظلم ۽ زيادتي انهن
مريدن به ڪئي، جيڪي سڪ جي سرڪيءَ جي سٽ جهلي نه
سگهيا ۽ شاهه ۽ سچل جي موازني ۽ مقابلي ڪرڻ ۾
پنهنجي وقت ۽ طاقت کي زيان ڪندا رهيا. انهيءَ
بدعهديءَ جي نتيجي ۾، اصل ڪم رڪجي پيو ۽ انڌي عشق
جي جنوني ڪيفيت ۾، بدعتن کي فروغ مليو؛ حقيقت تي
جهالت جا پردا چڙهندا رهيا؛ ڪفر ۽ اسلام جي نالي
۾، وحدت جو پيغام پوئتي ٿيندو ويو و۽ فقط زباني
موشگافين جي ماحول ۾، سائين جي عرس ملهائڻ جو رواج
پيو.
صورتحال جيئن به هجي پر اها حقيقت آهي ته سچل
سائينءَ سان، ڪنهن به دوستيءَ جو دم نه هنيو،
حالانڪ سندس فارسي تصنيفن سببان کيس عالمي شاعري
جي ميدان ۾ پڻ تصوف جي تحصيل جي سلسلي ۾ گهڻو وڌيڪ
۽ وسيع پيماني تي، متعارف ڪرائي سگهجي ٿو؛ ۽ اهو
ساڻس ڪو احسان نه ٿيندو، پر سنڌ جو سچو ادب ماڻهن
۾ سچي ۽ صحيح ساڃهه پيدا ڪندو، سنڌ جي سونهن سرس
ٿيندي، ۽ انسانيت جي وڏي خذمت ٿيندي.
سچل جي سنڌ
سائين سچل جي زماني ۾ سنڌ جون سياسي ۽ انتظامي
سرحدون لڳ ڀڳ موجوده سنڌ جهڙيون هيون. سياسي
افراتفري جي ان زماني ۾ هن علائقي ۾ سک ۽ ستابيءَ
جو دور ختم ٿيڻ تي هو، ۽ ميرن جي صاحبيءَ جو چراغ
اجهامڻ تي هو. چوياريءَ جا دٻدٻا ۽ ايڪي اتفاق جون
برڪتون، خانداني بي اتفاقي ۽ انتشار جي نذر ٿي
چڪيون هيون ۽ ٽالپرن جو سرسبز گلشن نفاق جي لپيٽ
۾ هو.
فرنگي هڪ سامونڊي ازدها جي روپ ۾ مهراڻ تي قابض
ٿيڻ ۽ ان جي ذريعي اتر سرحدي علائقن ۽ افغانستان
کي پنهنجي اثر ۾ آڻن جي سازش ۾ مصروف هو. مير
صاحبان، پنهنجي باتدبير وزيرن ۽ سفيرن جي
باوجود، محض خانداني رقابتن ۽ اقتدار جي هوس سببان
بيوس هئا ۽ سچل سائين جي بروقت تنبيهه کين سجاڳ
ڪري نه سگهي:
مڪري ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ مير ملاح،
لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي، شوريا وطن شاهه،
هند ۽ سنڌ تي فلڪه نه آڻن، مارن ملڪ سپاهه،
وائڙا رکن تن مٿان، ويچارا ويساهه،
آسرا آڌڻين جا، آهن منجهه الله،
ڏيئي پاند پناه، رکي وٺندو راڄ کي.
ميرن سنڌ وڃائي، ۽ سنڌ وارا هڪ صديءَ کان به وڌيڪ
عرصي لاءِ فرنگيءَ جي غلاميءَ ۾ رهيا؛ پر سچل
سائينءَ سنڌ کي جيڪا دعا ڪئي هئي، ان جي آڌار تي
سنڌ واسين غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ٿيڻ جي هلچل
جاري رکي.
پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪاورنڀار،
وڄن ۽ وڄڻ سان، چڙهي ٿيا چوڌار،
اُڀي کي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار،
سڪر سڻاوا ٿيا، وڌيا واهه واپار،
ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سنديءَ مهر سان.
ادبي ۽ ثقافتي ماحول
سچل سائين محض تنبيهه ۽ فقط دعا تي اڪتفا نه ڪئي.
هن راڄ کي پناهه ڏيڻ ۽ سنڌريءَ جي سار لهڻ جي
سلسلي ۾ سنڌي ٻولي ۽ تهذيب توڙي ثقافت کي زنده رکڻ
جو ڪامياب سعيو ڪيو ڇو ته اها ئي قوم زنده ٿي
رهي، جنهن جي زبان زنده آهي.
سچل سائينءَ پنهنجي پيشرو بزرگن وانگر سنڌ جي
عوامي داستانن کي منظوم ڪيو. سسئي جا بيت، جيڪي
اڍائي سؤ کن ڏوهيڙا آهن؛ مارئي جا بيت، پوڻا ٻه سؤ
ڏوهيڙا؛ مومل جا بيت پنجويهه ڏوهيڙا؛ نوري ۽ ڄام
تماچي جا پنجهتر ڏوهيڙا ۽ اهڙي طرح روجهه ۽ پورب
جا بيت ۽ انهن کان علاوه پاڙيسري علائقي جي
داستانن هير رانجهو ۽ سيف الملوڪ جو تذڪرو، هڪ
مثبت ڪوشش هئي، ڇو ته انوقت جو دٻاري ماحول ۽ خود
خير پوري ٽالپرن جي روش سنڌين جي مقابلي ۾ غير
سنڌين جي سپرستيءَ جي مظهر هئي. فوج توڙي انتظامي
امور ۾ مير صاحبن جو سنڌين تي شايد اعتماد ۽ ڀروسو
ڪو نه هو؛ ان ڪري ڀروارن علائقن ۽ قومن بابت
پنهنجن کي واقف ڪرڻ ضروري هو.
شاعريءَ جي ميدان ۾ پڻ سچل سائين جو سرس حصو آهي.
ڪبت،ڏوهيڙو، ڪافي، غزل ۽ مثنوي، نظم جي هر هڪ صنف
۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس پر پاڻ موکيو اٿس.
ڪبت ۾ سندس ’وحدت نامي‘ کي، سنڌ جي وڏن عالمن
جهڙوڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ’زادالفقير‘، مخدوم
عبدالله جي ’ڪنزالعبرت‘ ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
شهيد جي ’حقيقت محمدي‘ کان ٻوليءَ جي خيال سببان
اڳڀرو سمجهيو وڃي ٿو.
سنڌي ڪافيءَ ۾ پڻ سچل سائينءَ جو اوچو مقام آهي،
ان صنف ۾ ساخت، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ کان، هن
جيڪي ايجادون ڪيون آهن، تن ۾ اڄ تائين ڪنهن به ڪو
واڌارو ڪو نه ڪيو آهي. هن وقت تائين، جيتريقدر
سنڌي شاعريءَ بابت تحقيقت ٿي سگهي آهي، تنهن موجب
چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي ڪافين جا نمونا ٺاهڻ
يا ڳائڻ ۾ اچن ٿا، تن جو بانيڪار سچل سرمست ئي هو،
ڇو ته کائنس اڳ، ڪنهن به سنڌي شاعر ايترن نمونن ۽
ايتري تعداد ۾ ڪافيون نه چيون آهن.
ساڳيءَ ريت، سندس قتلنامو ۽ جهولڻا، سنڌي شاعريءَ
۾ پهرين ڪوشش هوندي به پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽
انهيءَ طرز تي اڄ تائين ڪو به ٻيو شاعر سوڀارو ڪو
نه ٿيو آهي.
ٻوليءَ جي وسعت
ٻوليءَ ۾ وسعت پيد اڪرڻ ۽ ان جي دامن کي مختلف رنگ
۽ مهڪ وارن گلن سان معطر ڪرڻ جي سلسلي ۾ سچل
سائينءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها حقيقت آهي ته
کانئس اڳ وارن سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ پڻ سنسڪرت
۽ پراڪرت سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جا الفاظ ۽
محاورا، تلميحات ۽ تشبيهون آيل آهن، پر سچل سرمست
قرآن ڪريم جي آيتن کان علاوه عربي ۽ فارسيءَ جا
گهڻا لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ ڪيترا اهڙا لفظ به ڪتب
آندا اٿس جيڪي ادب ۽ لغت جي خيال سان غلط آهن،
پر’غلط العام صحيح‘ جي مڃيل ادبي اصول موجب صحيح
آهن. انهيءَ ادبي روايت کي محفوظ ڪرڻ سببان، ان
وقت جي ادبي ماحول ۽ معيار بابت اسانکي معلومات
حاصل ٿئي ٿي ۽ عوام لاءِ سندس ڪلام ۽ پيغام کي
سمجهڻ سولو ٿي پوي ٿو. هن سلسلي ۾ ڪي مثال پيش ڪجن
ٿا:
آ ادا سالڪ صحي ڪر تون ته طلسمات کي،
ڀڃ دئي تا ڪل پويئي، دور ڪر درجات کي.
انهيءَ ڪلام جي باقي حصي ۾ اطلاعات، حڪايات،
غزالات، مصلحات، ڪرامات وغيره عربي لفظ آهن. يا
وري چوي ٿو ته:
اٿئي انهيءَ ۾ حالت نه تصديع نه راحت،
نه ڪو هي نه ڪو هو نه ڪا صفت نه صنعت،،
نه ڪو ذڪر نه ڪو فڪر نه ڪو ڪشف ڪرامت.
هن ڪلام جي باقي حصي ۾ عبرت، غيرت، حسرت، حيرت،
عشرت وغيره عربي لفظ آهن.
’غلط العام صحيح‘ جي اصول مطابق، سچل سائين جي
ڪلام ۾ صبر، عقل، علم، ڪفر، حڪم، اهڙا گهڻيئي
لفط، خاص ڪري ٽن حرفن وارا لفظ، آيل آهن جن جو
وچون حرف مجزوم يا ساڪن آهي پر گفتگو ۾ اهي متحرڪ
ڪري ڳالهايا ويندا آهن ۽ سچل سائين انهن کي متحرڪ
طرح سان ئي نظم ۾ آندو آهي.
اهڙيءَ ريت، ڪيترائي عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ،
جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ غلط صورتخطيءَ ۾ رواج ۾ اچي
ويا آهن، سي پڻ سچل سائينءَ، سنڌي ٻوليءَ جي
محاوري کي نظر ۾ رکندي، انهيءَ شڪل ۽ صورت ۾ ڪم
آندا آهن. هن سلسلي جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
1- مشر آهي ملڪن ۾، سنديو ڏاڍي ذات.
2- ماريس انهيءَ مامري هوت ڪندين ڪوهئن.
3- هو جو ڪيو هوءِ واعدو سو تان ياد نه آيو.
4- ايندو اٿم آسرو آ سر هڏ نه لاه، ٿيندو مئي جو
مهماڻ.
5- هيءَ شريڪت ڪا ڪندي اڙي سرتيون سانئن ساڻ.
6- ناهيان شانياڻي تن جي جان پرجهي ڏٺم پاڻ.
7- ڪاف ڪشالا ڪيترا بر وڏا بيبان. |