خلافت
حضور اڪرم صه فرمايو آهي ته مان حضرت علي جي باري
۾ الله تعاليٰ جي حضور ۾ ٽي دفعا عرض ڪيو ته الله
تعاليٰ ان کي نامنظور ڪيو ۽ فرمايو ته حضرت ابوبڪر
صديق کي پنهنجو مختار بناءِ (17). چار ئي خليفا
حضور اڪرم صه جي ارشاد مطابق پنهنجي پنهنجي واري
سان خلافت جي مسند تي ويٺا. جيڪڏهن پاڻ سڳورن جو
اهڙو فرمان نه هجي ها، ته ڪنهن جي مجال هئي جو
حضرت علي تي سبقت ڪري ها (18). حضرت علي تقيه (4)
ڪو نه ڪيو هو؛ شير يزدان کي ڪنهن جو خوف ٿي سگهيو
ٿي ۽ ڪير ان جي سامهون اچي سگهيو ٿي. اي رافضي!
تون هن ڳالهه تي اعتبار ڪر (19). حضرت علي جي
خاموشي تقيه جي ڪري نه هئي، پر انهن ٽنهي پيش رو
خليفن جي حمايت ۽ موافقت ۾ هئي. الله ۽ الله جي
رسول صه جو حڪم ته تقيه جي خلاف آهي. اهڙي صورت ۾
حضرت علي تقيه ڪيئن ڪري ٿي سگهيو (20).
حضرت علي جڏهن امير معاويه ۽ سندس ڏهه لک لشڪر جي
مقابلي ۾ تنها هو، ته پوءِ ٽن خليفن کان ڪيئن ڊڄي
ها. اها تعجب جي ڳالهه آهي. اي رافضي ! تو کي
پنهنجي انهيءَ خام خيالي تي افسوس ڪرڻ کپي (21).
حضرت شاهه ڪربلا به تقيو نه ڪيو هو، حالانڪ ان سان
گڏ صرف 72 ماڻهو هئا ۽ دشمن جو لشڪر بي شمار هو.
(22) جيڪڏهن ٽنهي خليفن کي علي سان عداوت هجي ها
ته اهي پنهنجي پٽن کي مسند خلافت تي ڇو نه وهارن
ها (23). حضرت علي پاڻ فرمايو آهي ته ٽنهي خليفن
کان اڳ ۾، خلافت تي منهنجو حق نه هو؛ ورنه ڪيئن
خير جو امر چئني جي تابع هجي ها.
(24) پنجتن ميوه وانگر آهن ۽ چئن يارن رضه مان هر
هڪ برگ گل سرسبز آهي. تون دين جي انهن وڻن جي ڇانو
۾ هميشہ رهه (25).
هڪ بادشاهه جو شان سندس اميرن ۽ لشڪر سان آهي.
محمد صه بادشاهه آهي. چارئي خليفا سندن وزير ۽ امت
لشڪر آهي (26)
’لاالموده في القربيٰ‘ جو ارشاد الاهي، ’ليغيظ بهم
الڪفار‘ جي نفي ڪري ٿو. پوءِ اي خارجيو ۽ رافضيو!
توهان کي شرم کان ٻڏي مرڻ کپي (27). حضرت ابوبڪر،
حضرت عمر ۽ (حضرت عثمان غني) دنيا ۾ اسلام کي خوب
پکيڙيو. مرڻ کان پهريون، انهن جي دل آزاري کان
پاسو ڪري وڃ ۽ پنهنجو ايمان بچائي وٺ (32). دين
اسلام حضرت ابوبڪر، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي ڪري
ترقي ڪئي، ۽ فتنو ۽ فساد انهن کان بعد ئي کي وڏي
اهميت ڏني آهي ( 45). يعني شرعي مسئلن ۾ سندس
تائيد ۽ حمايت ڪئي. هو منصف مزاج هو. تنهنڪري
امام ابو حنيفه جي باري ۾ توکي به امام جعفر صادق
جي نقش قدم تي هلڻ کپي (46).
امام اعظم جيڪو فقهي علم ۾ سندس استاد هو، سو علم
توحيد ۾ امام جعفر صادق جو شاگرد هو (47). امام
اعظم جو حسب ۽ نسب ڦهليو(33). انهن ٽنهي خليفن
کانپوءِ دين ڪمزور ٿيو ۽ تلوار مياڻ مان ٻاهر آئي،
فتنو فساد ٿيو (34). حضور اڪرم صه جو ارشاد آهي ته
جيڪو شخص منهنجي اصحاب کي برو چوندو مان ان جي
شفاعت نه ڪندس. تنهنڪري هميشہ الله تعاليٰ کان
مغفرت جي طلب ڪر(35). حضور(صلعم) جن جو اشاد آحي
ته منهنجي صحابين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ مون کي گهٽ وڌ
ڳالهائڻ برابر آهي ۽ مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ الله
کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وانگر آهي ۽ اهڙو شخص منهنجي
امت مان ناهي، تنهن ڪري ڏينهن رات الله تعاليٰ کان
ڊڄڻ کپي (36). حضور صه جن جو ارشاد آهي ته جيڪو
شخص منهنجي صحابين، منهنجي اهل بيت ۽ منهنجي اولاد
کي گارگند (سَب) ڪڍندو، ته ان تي الله جي لعنت.
توکي الله جي لعنت کان بچڻ کپي (37) اي رافضيو!
اصحاب سڳورن جي برائي ڪرڻ جي ڪري توهان تي لعنت
هجي. جنهن شخص جي زبان تي اصحاب جي تبرا هوندي،
سو تباهه ۽ برباد ٿي وڃي(38).
اجايون تهمتون
حضرت عبدالله بن عمر ( امام) حسن جو ڄاٽو هو ۽
سندس گهر واري بيبي فاطمه هئي. انهن تان هزار دفعا
قربان ٿي (42).
ٻارنهن امام هميشہ شريعت تي قائم رهيا. رافضي ڪوڙ
کان باز اچ ۽ ڪافر نه ٿي. (43) حضرت جعفر صادق تي
ڪن قولن جي تهمت لڳائن ٿا. جيڪي ڳالهيون هن ڪو نه
چيون آهن. اي رافضي!
تون انهن کان انڪار ڪر( 44). (امام) جعفر صادق رحه
امام اعظم رحه (ابو حنيفه) جو معرفت ۾ رهبر هو ۽
هن (امام اعظم) سندس ڳالهين نوشيروان سان ملي ٿو.
هو شب بيدار هو. تون به هن وانگر راتين جو جاڳ
(48) چاليهن سالن تائين عشا جي وضو سان صبح جي
نماز ادا پئي ڪيائين ۽ پکين وانگر ڏاڍو ٿورو
کائيندو پيئندو هو. تون مٿس نثار ٿي (49). شاهه
عبدالقادر (جيلاني) (حضرت امام حسن ۽ حضرت امام
حسين جي اولاد مان هو. تنهنڪري توکي انهن ۽ امام
اعظم تي بصد اعتبار ڪرڻ جڳائي (50) شاهه جيلان
جهان ۾ اڪمل هو ۽ سڄي ڄمار دين جي خدمت ڪيائين.
انهيءَ ايثار سببان کيس محي الدين (دين کي زنده
ڪرڻ وارو) چيو ويو (51). محي الدين جڏهن هن دنيا ۾
آفتاب وانگر ظاهر ٿيو ته ڪفر جوستارو غروب ٿي ويو
(52).
شاهه جيلان جو آفتاب ڪڏهن به غروب نه ٿيندو بلڪ
ڏينهون ڏينهن انجون تجليون زياده کان زياده
پکڙبيون وينديون (53). نقشبندي،
چشتي ۽ سهروردي طريقا قادري طريقه جي برابري نٿا
ڪري سگهن. ان ڪري تون قادري مسلڪ جو پيرو ٿي (54).
شاهه علي نه ڪڏهن ڀنگ ۽ شراب پيتو هو، نه ڪڏهن
آفيم ۽ تماڪ استعمال ڪيو هو ۽ نه ئي هو بي نمازي ۽
فواحش و منڪرات جو مرتڪب هو (70).
ٽيئي خليفا (راشد) رسول صه جي سنت تي عمل ڪندڙ،
متقي، دين جا پيرو ۽ هڪ رات ۾ هزار هزار نفل
پڙهندڙ هئا (71). ٽيئي خليفا
(راشد) حضور صه جن جي حڪم تي ميدان جنگ ۾ ويندا
هئا ۽ هر طرح فتح ۽ ڪامراني سان همڪنار ٿيندا
هئا(74). انهن جي سڀ اولاد محي الدين تائين ديندار
هئي. رافضي خوامخواه انهن تي تهمت گهڙن ٿا، انهن
کي توبهه ڪرڻ ڪرڻ کپي (75). پوءِ اهي محمد مصطفيٰ
(صلي الله عليہ وسلم) جي دين جي خلاف ڪيئن ٿا ٿي
سگهن ( 76).
حضرت علي جون وصفون
اهل تشيعت کي سؤ ڀيرا حيف هجي. اهي (حضرت) علي جا
پيروڪار هرگز ناهن بلڪ اهي ته ان جي خلاف آهن. تون
نيڪوڪار ٿي (77). (حضرت) علي جي ڏاڙهي مبارڪ جا
وار سندس سيني تائين هئا. تون ڇو ٿو پاڪي يا ڪينچي
ڪري خوار ٿئين (78). حضرت علي جا صرف شهپر وڏا هئا
ڇاڪاڻ ته هو هڪ مجاهد ۽ غازي هو.
تون به اهڙي طرح رهه (79). سندس اهڙي هيبت واري
شڪل کان ڪافر خوف ۾ رهندا هئا (80). حضرت علي
جيتوڻيڪ هڪ جنگجو پهلوان، مجاهد ۽ غازي هو، تنهن
هوندي به سنت نبوي صه جو بيحد پابند هو.)81).
مولا مرتضيٰ پهلوانن ۾ پهلوان ۽ خيبر جي قلعي جو
فاتح هو. شيعه رافضي اهڙي طرح شهپر رکن ٿا پر علي
جهڙا پهلوان نه ٿا بڻجن(82) شهپر انهن ماڻهن کي
رکڻ گهرجن جيڪي ميدان جا مرد هجن (84). جيڪڏهن
ائين ناهين ته پوءِ وڏيون وڏيون مڇون رکڻ بي ديني
۽ حضرت رسول صه جي امت کان علحدگي جي علامت آهي ۽
اللہ جي رحمت ۽ مغفرت کان محرومي جي نشاني(85).
کائڻ وقت اهي وڏيون وڏيون مڇون کاڌي سان گڏ وات ۾
اندر هلي وڃن ٿيون ۽ سندن کاڌو پيتو مردار ٿي پوي
ٿو (89) هي شهپر ته هڪ مرد مجاهد جي چهري تي زيب
ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪري جهاد جي ميدان ۾ هن
جي حشمت وڌي وڃي ٿي. ۽ تون ته عورت وانگر آهين،
تنهنجي منهن تي هي ڪيئن ٺهندا؟ (90) يا انهن حق جي
پانڌيڙن مردن کي زيب ڏين ٿا جيڪي حيدري وصفن تي
هلندڙ ۽ دين حق جا علمبردار آهن (91).
بدعتون
تعزيا بنائڻ شريعت جي خلاف ڪم آهي ۽ هي هڪ شيطاني
عمل آهي، جنهن کان پاسو ڪر (94) عرب ۾ هيءَ قبيح
بدعت هرگز ڪونهي. اهو ڪم رافضي هندوستان ۽ ايران ۾
ڪن ٿا. ان کان بيزار ٿي(95). تعزين جي جلوس ۾
عورتون به شريڪ ٿين ٿيون ۽ انهن تي ڌارين مردن جي
نظر پوي ٿي. جنهن سان انهن جي بي پردگي ٿئي ٿي
(96). هڪ ڏينهن حضور صلي اللہ عليہ وسلم جي دروازي
تي هڪ نابين فقير خيرات لاءِ آيو. حضرت عائشه
صديقه ان کي خيرات ڏني (97). حضرت صه جن عائشه کي
فرمايو ته توکان خطا ٿي آهي. هو انڌي هجڻ ڪري
جيتوڻڪ توکي نه ٿي ڏسي سگهيو پر تون
ته
ان کي ڏسي پئي سگهين. جنهن تي حضرت عائشه حضور صه
جن کان معافي ورتي ۽ حضور صه جن ان کي پردي جي
لاءِ تاڪيد فرمايو (98) تون تعزيي جي جلوس ۾
اهلبيت رسول جا نالا
نه
وٺ. بي ادب، سچو طالب ٿي. تنهنجي زندگيءَ تي سو
ڀيرا حيف هجي. تون زوار ڪيئن آهين (99) تون ائين
ڄاڻي واڻي ڪري، علي جي اولاد جي تحقير ڪرين ٿو .
صبر ڪر ۽ ظالمن جي گروهه ۾ شامل
نه
ٿئيءُ (101)
هي بريون رسمون، ڀنگ، شراب ۽ ٻين نشن جو استعمال
يزديد ۽ شمر جو رائج ڪيل آهن (102). توکي حسين جو
غم محبت ۽ شوق سان ڏينهن رات ڪرڻ کپي ليڪن صرف
محرم جي ڏينهن ۾ انجو اظهار مڪاري آهي (103). مومن
اهو آهي جيڪو انهن جي غم ۾ پنهنجو پاڻ فنا ڪري ڇڏي
ليڪن صرف انهن مخصوص ڏينهن ۾ ڪارو لباس پائڻ غم
نه، پر اوباشي آهي (104). صوفياءِ ڪرام بغير ڪنهن
حرص ۽ هوس جي هميشه سيدالشهداءِ جي غم ۾ رهندا
آهن؛ تون به انهن جي پيروي ڪر، ۽ بريون رسمون ڇڏي
ڏي(105). شاهه شهيدان جو سوز ۽ غم ضرور ڪر پر ڪنهن
کي برو ڀلو نه چئه ۽ نه ئي ڪنهن سان بغض ۽ حسد رک
(106). تون پنهنجي دل کي نفساني خواهشن کان پاڪ رک
۽ سيدالشهداءِ جي غم ۾ ابر صبح وانگر روئندو رهه
نه ته تنهنجو شمار سندن پيروڪارن ۾ نه ٿيندو(107).
دعوت فڪر
خلفاءِ راشدين، ازواج مطهرات ۽ شاهه جيلان جي غيبت
کان مڙي وڃ.
اُهي
ته صبر ۾ آهن ۽ تون انهنتي تبرا ڪرين ٿو. اللہ جي
قهر ۽ غضب کان ڊڄ (108). خوامخواه ڪنهن تي تهمت نه
گهڙ توڙي جو ان ۾ عيب ڇو نه هجي. صبر ڪر ۽ حيدر
’شاه مردان‘ وانگر عيب پوشي کان ڪم وٺ (110). ٽيئي
خليفا سچا، صالح ۽ شا، عرب صه جا ويجها دوست هئا.
تنهن ڪري تون پنهنجي دل کي انهن جي ڪيني کان خالي
ڪري ڇڏ(111). پنهنجي غرور ۽ اجاين خيالن جي لشڪر
کي قتل ڪري ڇڏ، جن جو ڪو وجود ئي ناهي. صرف حق کي
ئي سڀ ڪجهه سمجهه ۽ پنهنجي پاڻ کي هيچ ڄاڻ(112).
جيڪو شخص دين حق کي ۽ پنهنجي وڏن جي طريقي کي ڇڏي
ٿو ڏي، ته ان کي حاڪمن (وقت) ذريعي ذليل ۽ خوار
ٿيڻو پوي ٿو(115). پاڻ پڏائڻ، بدڪاري (زنا) ۽ غيبت
کان پرهيز ڪر، هي گناهه آهي. پنج حق ناراض ٿين ٿا،
انڪري انهيءَ گناهه کان بيزار ٿي(116). شيعا،
اهلسنت جي هٿن جو تيار ڪيل کاڌو حرام(لحم الخنزير)
سمجهندا آهن ۽ سنين کان الڳ ٿلڳ رهندا آهن (117).
شيعن کي اهل سنت جي اڳيان هٿ دگهيرڻ ۾ شرم محسوس
ٿيندو آهي. انهن کي پنهنجي هن روش تي ٻڏي مرڻ
کپي(118). اي هوشمند! رافضيءَ سان ڪنهن به قسم جي
نسبت نه رک- شاه عرب صه
اُن
جي منع ڪئي آهي. تون ان حڪم تي قائم رهه (119).
هميشه سچ ڳالهاءِ ڪوڙو نه ٿي. زنا، تعصب ۽ بغض کان
پرهيز ڪر ۽ توحيد جي درياهه مان هميشه عشق سان
سرشار ٿيءُ(120). دل ۾ سچائي ۽ زبان ۾ ماکيءَ جو
مٺاڻ پيدا ڪر. کنڊ وانگر ظاهر ۾ مٺو ۽ نانگ وانگر
اندر ۾ زهريلو نه بڻج (121).
يهودي سازش
هي سمورو شور ۽ شر عبداللہ بن سبا جو پيدا ڪيل
آهي؛ تون
اُن
ڪوڙي يهوديءَ جي پيروي نه ڪر پاڪ دين حق جي پيروي
ڪر (122). شاهه مردان کي جڏهن عبداللہ بن سبا جي
اصليت معلوم ٿي ته پاڻ ان کي قتل ڪرڻ جو حڪم
ڏنائون ليڪن هو فرار ٿي ويو (123). تون شيعه طريقو
اختيار ڪري دين کي ترڪ ڪيو ته تون نصرانين،
يهودين ۽ مشرڪن جي خاني ۾ اچي وئين (124). تون
جڏهن عبداللہ بن سبا جو ساٿي بڻجي وئين ته توکي
پنجنتن ۽ اللہ جي نالي وٺڻ مان ڪهڙو فائدو پهچندو
(125). اصل ۾ رافضي ۽ خارجي ٻيئي شيعا آهن جن
(حضرت) زيد شهيد سان ظلم ڪيو؛ تنهن ڪري تون ٻنهي
کان پاسو ڪر (126). تون شيعن ۽ رافضين
جي ڳالهه کي نظر انداز ڪر ۽ چئني خليفن کي هڪ
سمجهه. چئني خليفن، چئني امامن ۽ شاه جيلان سان
محبت ڪري، اهلسنت ٿيءُ (127).
اسلام جا ارڪان
رافضي قرآن جو حافظ نه ٿي ٿو ٿي سگهي ۽ نه ولي
اللہ ٿي سگهي ٿو. تون صوفين وانگر ظاهر توڙي باطن
۾ دل صاف رک(128) رافضي ۽ خارجي ٻئي بڇڙا آهن ۽
ٻنهي جي دل ۾ بغض آهي. اي طالب! تون هر شيءِ کي
اللہ جي نور جو مظهر سمجهه ۽ انجي ديدار ۾ محو رهه
(129). رافضي چون ٿا ته قرآن مجيد جا چاليهه
سيپارا آهن.هي ڳالهه بلڪل غلط آهي. تون اهڙو اظهار
ڪر (130). هي ڪلام اللہ جنهن ۾ ٽيهه سيپارا آهن،
سو بيشڪ صحيح آهي؛(131) جهڙيطره تون ظاهر حاڪم جي
اڳيان هٿ جوڙي بيهن ٿو. اهڙي طرح توکي اللہ
ذوالجلال جي حضور ۾ به اهڙيطرح بندو بڻجي پيش ٿيڻ
گهرجي(132). حضور اڪرم صلي اللہ عليه وسلم ادب ۽
احترام سان هٿ ٻڌي ئي نماز ادا فرمائي هئي؛
تنهنڪري تو کي سردار صه کان مختلف روش اختيار ڪرڻ
نه گهرجي (133). تون بي ادبن وانگر هٿ کولي نماز
پڙهين ٿو. اها فخر ۽ ڪفر جي نشاني آهي. تون يزيد
جي پيروي نه ڪر(134). جڏهن رسول اللہ صه پنهنجو
پاڻ کي ’عبد‘ (ٻانهون) چيو آهي ۽ انهن جي اولاد به
عبديت جو اقرار ڪريٿي ته پوءِ توکي به پنهنجي
عبديت جو اقرار ڪرڻ لاءِ رڳو اللہ کي ئي سجدو ڪرڻ
کپي (135). خدواند ڪبريا جي حضور ۾ غرور ۽ تڪبر
سان تنهنجي نماز ڪيئن قبول ٿيندي. تون اللہ جو
ٻانهو بڻجي، اٺن (چئن خليفن ۽ اهلسنت جي چئن
امامن) وانگر نماز ادا ڪر (136) هميشہ پنج ئي وقت
نماز جماعت سان گڏ پڙهندو ڪر. ۽ جمع نماز جو ڪڏهن
به ناغو نه ڪندو ڪر، صف وارن جو پيشوا بڻج (137)
رمضان شريف ۾ روزا رکندو ڪَرِ، عالم ۽ حافظ ٿيءُ ۽
قرآن مجيد يا ته پاڻ پڙهه يا ٻئي کان ٻڌ (138).
رافضي چون ٿا ته امام فقط ٻارنهن آهن ۽ ان کانپوءِ
ڪنهن ٻئي کي امامت جو درجو نه مليو (139). هنن جو
خيال بلڪل غلط آهي ڇو ته مسلمانن ۾ هڪ کان پوءِ
ٻيو امام پيدا ٿيندو رهندو آهي ۽ شاه جيلان پڻ
مسلمانن جو امام آهي(140). جيڪڏهن ٻيو ڪو امام
ڪونهي ته پوءِ جن ماڻهن جي پٺيان عيد نماز ۽ جنازي
نماز پڙهجي ٿي ته اهي امام ناهن نه ڪير آهن؟ اي
دوزخي!(141) محمد مصطفيٰ صه جو دين هميشہ قائم رهڻ
وارو آهي. تون حضرت امام اعظم رح جو اتباع
ڪر(142).
باغ فدڪ جو مسئلو
باغ فدڪ جي معاملي ۾ شيعا رافضي ڪاذب (ڪوڙو) تڪرار
ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته نبي سڳوري ”لانرث ولا نورث“ فرمايو
آهي. يعني اسين نبي نه ڪنهن ورثي جا مالڪ ٿا بڻجون
۽ نه وري ڪو اسان جي ورثي جو مالڪ بڻجي ٿو (143).
’هَبه‘ ته اها شيءِ ٿئي ٿي جا هٿون هٿ منتقل ٿيندي
رهي(144). فدڪ جڏهن حضرت مرتضيٰ مولا وٽ هو ته هن
(پنهنجي پٽن) حسنين جي نالي ڇو منتقل نه ڪيو؟(145)
هن وٽ به فدڪ اهڙي طرح رهيو، جهڙي طرح اول ٽن
خليفن وٽ هو. جيڪڏهن ٽنهي خليفن فدڪ کي غاصبانه
طور پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو، ته پوءِ حضرت علي رضه
پڻ ان تي غاصبانه ڪيو هو (146). اتفاق بهتر آهي.
پر صرف هڪ شخص تي اعتبار نٿو ٿي سگهي. ماکيءَ جون
مکيون جڏهن پاڻ ۾ گڏجي ويهن ٿيون، تڏهن ئي ماکي
پيدا ٿئي ٿي(147). جيڪڏهن تون ڪنهن سان حقارت
ڪندين ته اهو پڻ تنهنجي عيب جوئي ڪندو ۽ پوءِ ان
سان تنهنجي بيعزتي ٿيندي (148). جنگ و جدل مان ذري
ماتر به فائدو حاصل نه ٿيندو. عورتن وانگر جهيڙو
نه ڪر پر مردن وانگر صلح جوئيءَ کان ڪم وٺ (149).
ماڻهن سان سٺو ورتاءُ ڪر ته بيگانه به تنهنجا غلام
ٿي وڃن ۽ ادنيٰ کان وٺي اعليٰ وٽ به تنهنجي عزت ۽
وقار ٿئي(150). حضور اڪرم صلي اللہ عليه وسلم هر
ڳالهه ۾ خلق خدا جي ڀلائي ۽ فائدي کي ملحوظ رکندا
هئا. توکي به دنيا ۾ رهي ان جي نقش قدم تي هلڻ
گهرجي (151). جيڪڏهن تو ۾ خُلق محمدي آهي ته سڀني
سان محبت سان پيش اچ. ته سڀ ماڻهو تنهجي تعريف ڪن
۽ تون طوطي المنقار ٿيءُ (152). محبت جو ٻوٽو
لڳائي نياز ۽ انڪسار سان ان جي آبياري ڪر. سڪل وڻ
۾ ميوو نٿو لڳي. تنهنڪري تون سربسز، شاداب ۽
ميودار وڻ بڻجي وڃ(153). پنهنجي دل ۾ ٻيائي رکندين
ته اللہ جو ديدار ڪري نه سگهندين؛ هر شيءِ کي اللہ
جو مظهر سمجهه (156)صوفي وانگر هر شيءِ کي اللہ جو
مظهر سمجهه. ڪينو ۽ تعصب ڪافرن جوڪم آهي، تون
سنکيو نه بڻج پر ترياق بڻج (157). مرد بڻج ۽
اسقلال سان هڪ جڳهه ويٺو رهه ته جيئن تو ۾ شاهانه
حشمت ۽ وقار پيدا ٿئي. ٻلي وانگر هڪ گهر مان ٻي
گهر ڦيريون نه ڏي (159).
خانداني سٽا بابت صلاح
غير کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نه ڏي، جيتوڻيڪ هو تنهنجو
ويجهو عزيز ئي ڇو نه هجي. توکي پنهنجي گهر جي
هميشہ حفاظت ڪرڻ گهرجي(160). ڌي يا ڀيڻ بلوغت کي
پهچي ته پنهنجي برادري ۾ ان جو نڪاح ڪرائي ڇڏ ته
جيئن تنهنجي عزت محفوظ رهي (161). جيڪڏهن پنهنجي
برادري ۾ چڱو ڇوڪرو نه هجي ته برادري کان ٻاهر ڪو
ڇوڪرو تلاش ڪر، جنهن جو اخلاق پڻ سٺو هجي، ۽
خاندان پڻ سٺو هجي، ڇاڪاڻ ته سڀئي مسلمان پاڻ ۾
ڀائر آهن (162) اهو خيال نه ڪر ته دنيا ۾ تنهنجو
ڪو همسر ڪونهي، اهو غرور ۽ تڪبر آهي. انهيءَ کان
پاسو ڪر. (163) تون جيڪڏهن ائين نه ڪندين ته گناه
ٿيندو ۽ بي عزتي به ٿيندي ان ڪري ان معاملي ۾ دير
نه ڪر (164).
سماجي برايون
اي نا سمجهه ! دنيا جي خاطر هيڏي هوڏي حيران نه
ٿيءُ.اهل فقر جي لاءِ حاڪمن جي دروازي تي وڃڻ جي
سخت منع آهي (165). هن زماني ۾ وڏا وڏا پير حاڪم
جي درن تي محتاج بڻجي ويندا آهن. انهن کي ويهڻ
لاءِ محض ڪرسي ته ملي ٿي پر عزت نٿي ملي (166).
انهن بدڪاريءَ کي پنهنجو شغل بنايو آهي نماز کي
بلڪل ترڪ ڪيو آهي. جڏهن پنهنجن خليفن،خادمن ۽
مريدن سان گڏ گهر کان ٻاهر نڪرن ٿا ته هو رياڪاري
ڪري مسجدن ۾ وڃن ٿا (167). ان وقت ته هو شهرت ۽
دنيوي لالچ خاطر نماز پڙهي وٺن ٿا. پر جڏهن گهر
موٽن ٿا ته، نماز کان بيزار ٿي پون ٿا (168). اهي
اللہ جو ذڪر نٿا ڪن. پر عياشي ڪندا رهن ٿا (170).
هي ماڻهو پنهنجي زندگي برباد ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ
کي شيطان جي حوالي ڪن ٿا. اي ڪم عقل! هي دنيا فاني
آهي. تو روز ازل کان اللہ تعاليٰ سان پنهنجي عبديت
۽ عبادت جو جيڪو واعدو ڪيو هو، ان سان وفادار رهه
(171). پنهنجي قول ۽ اقرار کي پورو ڪرڻ مردن جو ڪم
آهي ۽ بيوفائي ۽ وعده خلاني ڪرڻ عورتن جي عادت آهي
(172). هن قسم جون برائيون ماڻهن کان بي علمي جي
ڪري ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته علم کان سواءِ نئين راهه
تي هلڻ محال آهي(173). خراب صحبت کان پاسو ڪر،
ڇاڪاڻ ته ان جو نتيجو آخر برو آهي. نيڪن جي صحبت
اختيار ڪر (174). فاعل ۽ مفعول ٿيڻ، حق (اللہ
تعاليٰ) وٽ ناپسنديده آهي. ڪنهن به مڪان ۾ اهڙو شڪ
هجي ته ان کان پاسو ڪر.وڏن ماڻهن جي پيروي عوام
لاءِ ضروري ناهي (175). زنا تباه ۽ برباد ڪري ڇڏي
ٿي. هي اللہ ۽ ان جي رسول جو برحق فرمان آهي :
’الزنا يخرج البناءِ‘. اي طالب! انهيءَ خيال جي
ڪڏهن ويجهو نه وڃ (177). تون جيڪڏهن اللہ جو
طلبگار آهين ته توکي اهڙي مخلوق کان دور ٿيڻو
پوندو يا ڪنهن بيابان جي ڪنڊ ۾ يا ڪنهن جبل جي غار
۾ وڃي سڪونت اختيار ڪرڻي پوندي (178).
ذڪر الاهي جي فضيلت
هميشہ موت کي ياد ڪر ۽ ”موتو! قبل ان تموتو !“ تي
عمل پيرا ره ۽ ” من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ (جنهن
پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ان پنهنجي رب کي سڃاتو) جي
راز کي سمجهه (179). ڪنهن به شيءِ جي خريدار کان
خدا جي محبت جو سودو افضل آهي. ان ڪري تون غير
اللہ سان سودي بازي جو خيال ترڪ ڪري، اللہ جي محبت
جو خريدار ٿي وڃ(185).ٿورو ٿورو کائڻ، ٿورو
ڳالهائڻ، ٿورو سمهڻ ۽ رات جو جاڳڻ بهتر آهي؛ انهن
ڳالهين ۾ چست رهه ۽ عفلت نه ڪر ۽ پنهنجي رب سان
ڪيل وعدو پورو ڪر (190)رات جو پهرئين پهر ۾ ننڊ
ڪر، ان کان پوءِ ننڊ مان سجاڳ ٿي اللہ جي ذڪر ۾
مشغول ٿي وڃ (191). تون اللہ سان روز ازل بندگي جو
اقرار ڪري هن دنيا ۾ سندس ذڪر واسطي آيو آهين.
هيءَ دنيا هڪ گهڙي ڄاڻ. ٻين مشغلن کي ترڪ ڪري اللہ
کي ياد ڪر (192). پنهنجي دل ۾ هميشہ شوق، ذوق، سوز
۽ غم رک ۽ پنهنجو توجهه ٻين ڳالهين کان هٽائي،اللہ
جي ذات تي مرڪوز ڪر ۽ غير مان ڪا اميد نه رک(193)،
هر وقت اللہ جي ذڪر ۾ مشغول رهه ۽ ان ۾ وقفو نه
ڪر ۽ خدا جي ياد ۾ ايترو ته محو ٿي وڃ، جو توکي
پنهنجي وجود جي به خبر نه پوي(194). هر ساه جو
شمار ٿئي ٿو. ان ڪري خدا جي ياد کان غافل ٿي ڪري
پنهنجي ساهن کي ضايع نه ڪر، ڇاڪاڻ ته انهن جو
زندگي ۾ شمار نٿو ٿئي(195). تون پنهنجن پساهن جي
قدر قيمت کي سڃاڻ ڇو ته”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“
جو اهو راز آهي ۽ اهوئي اسان جي شهنشاه صه جو
فرمان آهي. پنهنجي سڃاڻپ کان سواءِ انسان انڌو
آهي. تون صرافن وانگر پنهنجي اندر پرکڻ جي صلاحيت
پيدا ڪر (196). پنهنجي پساهن جو خيال رک ۽ شريعت
جي پابندي پڻ ڪر ۽ ذڪر ۽ فڪر ۾ به مشغول رهه
(197). اللہ تعاليٰ کي پنهنجي دل ۾ ڳجهي نموني
سان، عجاز ۽ نياز سان ياد ڪر . ان کان ڊڄ، ۽ صبح ۽
شام روئندو ڪر. هي قرآن مجيد جو حڪم آهي: ”واذڪر
ربڪ في نفسڪ تضرعا و خيفت“(199) ’واذڪر ربڪ‘ جي
ارشاد جي سختي سان تعميل ۽ پابندي ڪر ۽ هر وقت ۽
هر حال ۾ اللہ کي ياد ڪر (200). اٺيئي پهر اللہ
هو، اللہ هو، ڪندو رهه ۽ غفلت واري ڪپهه دل جي ڪن
مان ڪڍي بيدار ٿي(201). تون جڏهن هر ساهه سان گڏ
اللہ کي ياد ڪندين ته توکي اهڙي خوشبوءِ ايندي
جيڪا ٿٻيٽ، چين ۽ تاتار جي مشڪ ۾ به ناهي(202).
پنهنجي دل ۾ غير جو خيال هرگز هرگز نه آڻ. اللہ
کان سواءِ ٻين جي نفي ۽ اللہ جو اقرار (اثبات) ڪر
(204). اک، ڪن، ۽ چپ بند ڪري، بحر حق ۾ غرق ٿي وڃ
۽ غواصن(ٽوٻن) وانگر اسم اللہ جو موتي حاصل ڪر
(207) پنهنجي جسم جي باغ جو سير ڪر ۽ خانهءِ دل ۾
خدا کي ڏس. پر هَوَسناڪن وانگر گهٽين ۽ بازارن ۾
نه وڃ (208). ذات حق م پنهنجو پاڻ کي ايتري قدر گم
ڪر، جو تنهنجو وجود ئي باقي نه رهي، ۽ هر در
وديوار ۾ اهائي ذات حق نظر اچي(209). حور ۽ قصور ۽
غلمان جي خواهش ترڪ ڪر ۽ شيخ فريدالدين ’عطار‘
جهڙي عاشق صادق وانگر فقط اللہ جي ذات ۾ گم ٿي وڃ
(210). جنهن ذات حق جو مشاهدو هن دنيا ۾ ڪري ورتو،
اهو هر مڪان ۾ ان کي ڏسي سگهندو. ۽ جنهن هتي نه
ڏٺو ته اهو انڌو آهي. ان ڪري تون پنهنجي دل جون
اکيون کول (214). اندر ڏس، ۽ ٻاهر نه ڏس. نيٺ هو
توکي قلب جي اندر ئي نظر ايندو. بحر پيچون ۾ غرق
ٿي وڃ ته تون بحر ذخار جي ساحل تي پهچي
ويندين(215). جيستائين تون پنهنجو پاڻ فنا نه
ڪندين. يار کي حاصل ڪري نه سگهندين. تنهنجي هستي
۽ ان جي هستي هڪ ٿي نٿيون سگهن. احسن الڪردار ٿيءُ
(216). عاشق جو درجو سڀني کان زياده ڄاڻ. تون
الله جي ذات ۾ محو ٿي ته عاشقن ۾ شمار ٿئيئي
(225). مَشڪَ کي پاڻي سان ڀري ان جو منهن بند ڪر.
پوءِ ان کي دريا ۾ وجهي ان جو منهن کولي ڇڏ ته
پاڻي پاڻي سان ملي، پاڻي ئي نظر ايندو (226). اي
طالب! هي مشڪ تنهنجو جسم آهي ۽ پاڻي ذات حق. تون
ان مشڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ ته فقط پاڻي رهجي
ويندو (227). هر دم حق جي تصور سان گڏ، (سٺي
مرسل) محمد (صلي الله عليه وسلم) جو نالو به وٺ ۽
هڪ دم به ان عمل کان سواءِ خالي نه وڃاءِ ۽ ان عمل
۾ ايتريقدر گم ٿي وڃ جو آخارڪار توکي جسم جي
حاجت نه رهي (228) تون جڏهن ’ مَن لَہُ الٌموليٰ‘
ٿيندين ته تنهنجو لقب’ فَلہُ الڪُل‘ ٿي ويندو
(جنهن جو موليٰ آهي ان جو سڀ ڪجهه آهي) ڇاڪاڻ ته
جتي فقر گهڻو هوندو آهي اتي فقط الله ئي رهجي وڃي
ٿو (229). (تون پنهنجي هن عمل جي وسيلي سان) زندگي
جي آخري گهڙين ۾ جڏهن شفيع المذنبين صه سان گڏ
الله جي حضور ۾ پيش ٿيندين ته گل گلاب انار وانگر
سرخرو هوندين (230). الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي
ڳالهه ڪرڻ يا سڻڻ، يا ڏسڻ گناه آهي. ان ڪري دم بدم
ڪمال اشتياق سان ان جو تصور ڪندو رهه (232). قلب،
الله جي ذڪر کان سواءِ، ٻي ڳالهه (قال) سببان ڪارو
(اسود) ٿو ٿئي. انڪري الله جي رضا جوئي خاطر ٻين
سڀني ڳالهين کان اهڙي طرح بي خبر ٿي وڃ، جهڙي طرح
مردا بي خبر ٿي وڃن ٿا (233). تون پنهنجا سڀ ڪم
الله جي سپرد ڪر ۽ خود ان جي ذڪر ۾ مشغول ٿي وڃ ۽
پنهنجي اندر شگفته گل جي خوشبوءِ پيدا ڪر (236).
تو کي جيڪي ڪجهه نظر اچي، ان کي يقين سان خدا جي
ذات ڄاڻ. تون پنهنجو پاڻ کي فراموش ڪر ۽ محض ذات
حق جو مشاهدو ڪندو رهه (237). جڏهن ذات حق جلوه گر
ٿئي ٿي ته تون معدوم ٿي وڃين ٿو ۽ صرف الله رهجي
وڃي ٿو. ان ڪري تون ان کي هر جاءِ موجود سمجهه ۽
اهو ئي عقيدو رک (238). عشق جي بازار جي ڪوٽوار
هٿان ملامت قبول ڪر. ڇو ته عشق ۾ ملامت جو ’چٽو،
بي داغ آئيني کان بهتر آهي (240). انهيءَ فيض ۽
عشق جو رتبو لکن هزارن مان صرف هڪ يا ٻن کي حاصل
ٿئي ٿو (244). تون هي خيال نه ڪر ته عاشق شريعت جي
دائري کان ٻاهر ويندا آهن. اصل حقيقت هيءَ آهي ته
عشق جي راهه ۾ اهي سڀن کان وڌيڪ ثابت قدم آهن
(245). (دع نفسڪ و تعال) پنهنجي وجود کي ترڪ ڪري
اسانجي حضور ۾ حاضر ٿي وڃ، اها عاشقن جي نماز آهي.
هو اٿندي ويهندي گهمندي ڦرندي، سمهندي ليٽندي،
قيام ۽ قعود ۾ يار سان گڏ رهن ٿا(246). تون
جيڪڏهن الله جو ٿي ويندين ته الله توکي پنهنجي لطف
۽ ڪرم سان نوازيندو. برائي ڇڏي نيڪي اختيار ڪر ۽
هر جاءِ خوش ۽ سرخرو ٿيءُ (247). سپي (صدف) جڏهن
ڀڄي پوي ٿي ته ان مان هڪ بي بها موتي نڪري ٿو. تون
به جسم جي سپي کي ٽوڙي ان مان روح جو موتي ڪڍ
(248). هن ڪائنات جي هر شي هڪ طلسم آهي ۽ اصل شي
لا اِلہ اِلا الله آهي. پر ان راز کي ظاهر ڪرڻ نه
گهرجي (249). الله جو شڪر آهي جو مونکي رسول صه
عاشقي جو درجو عطا ڪيو آهي ۽ مون کي فرمايو آهي
ته محبت کان سواءِ هر شيءِ هيچ آهي ۽ ان کان بيزار
ٿي وڃ (251) اي آشڪار! تون ڪيستائين خلوت ۾
ويهندين، مرد بڻج. خلوت کان ٻاهر نڪر ۽ دنيا جو
سير ڪر (252).
حاشيا
(1) تفصيل لاءِ ڏسو مصنف جو ڪتاب ‘نظارو نيهن جو‘
(صفحه 119-122) : شايع ڪندڙ: احباب ادب، پوسٽ باڪس
نمبر 2147، ڪراچي -18)
(2) بحر جي معنيٰ سمنڊ ۽ وڏو درياءِ (جهڙوڪ سنڌو
ندي) آهي. پر شعر جي وزن کي به بحر چيو ويندو آهي،
۽ مجازي طور ان جو مطلب غور ۽ فڪر به آهي به آهي.
جهڙيطرح سمنڊ ۾ مختلف جواهرات، نباتات ۽ حيوانات
ٿين ٿا، اهڙيطرح عروض جي بحر جا به مختلف قسم آهن.
شعر جا 19 بحر آهن، جن مان ڪي رباعي ۽ ڪجهه مثنوي
سان مخصوص آهن. الخليل عربي جا 16 بحر ڄاڻايا آهن:
طويل، مديد، بسيط، وافر، ڪامل، هزج، رجز، رمل،
سريع، منسرح، خفيف، مضارع، مقتضب، مجتث، متقارب، ۽
متدارڪ. اهي پنجن دائرن ۾ ورهايا ويندا آهن:
پهريان ٽي بحر هڪ دائرو (هڪ مصرع ۾ 24 حرف)؛ وچان
يارنهن ٽن دائرن ۾ (هڪ مصرع ۾ 21 حرف) ۽ آخري ٻه
پنجون دائرو (هر هڪ مصرع ۾ 20 حرف). باقي ٽي بحر:
جديد، قريب ۽ مشاڪل ايرانين ايجاد ڪيا. دائون ۾
بحرن جي ترتيب به رسمي آهي، ۽ هڪ بحر کي مختلف
نقطي کان شروع ڪرڻ سببان، ٻئي بحر جا لفظ خود بخود
ملي ويندا. اهڙيطرح اهي بحر پنهنجي مقرر حرفن کان
گهٽ وڌ به ٿي سگهن ٿا. |