انسان ڪامل جي باطن ۾ احديت مطلق کانسواءِ ٻيو
ڪجهه به ڪونهي. اهو احديت ۽ واحديت جي وچ ۾ ”اتصال
و اِنفصال“ آهي. اهو ئي جام مقام آهي. انڪري
انسان ڪامل ئي حاشر آهي، يعني ان ۾ سڀ چيزون جمع
ٿيون ٿيون. ان جي ذات ناشر آهي، يعني هن کان ئي
تمام نور انتشار ٿيو ۽ رنگ برنگ جون تجليات ۽
مخلوقات
ظاهر ٿيون. ان ڪري هوالاول والاخر والظاهر و
الباطن: اول ۽ آخر، ظاهر ۽ باطن اهو ئي هڪ آهي.
جيئن سچل سرمست چوي ٿو ته:
نڪو آدم اُتهين، نڪو جسم جان،
نڪا جزا جاءِ تهين، نا سرت جو سامان،
نڪو قدر، نڪو جبر، نا خوشي نا ارمان،
بيخبريءَ جو بيان، سچل ڪندين ڪيترو؟
سچل سرمست جي نظر ۾ انسان ڪامل، پاڻ ڪريم صلي الله
عليہ وسلم جن آهن ۽ پوءِ هو پنهنجي مرشد ميان
عبدالحق رحه جي درجي جو قائل آهي ۽ ان کان پوءِ
عشق جي واديءَ جي ٻين پانڌيئڙن حسين بن منصور
حلاج، عطار، بايزيد ۽ سرمد وغيره کي اڳواڻ تسليم
ڪري ٿو. ان ڪري سچل جي ڪلام ۾ عشق جو تصور،’انسان
ڪامل‘ سان محبت جي تصور سان منسلڪ آهي:
جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
’سچو‘ آهيان آئون، جو ٻانهو ٻئي جو نه ٿيان.
عشق جي ولايت
صوفين عشق جون ست ولايتون مڃيون آهن ۽ اتي پهچڻ
لاءِ مختلف مرحلن طئي ڪرڻ جي اپٽار پڻ ڪئي آهي.
رومي چوي ٿو ”عطار عشق جون ست ئي ولايتون گهميل
هو. پر اسان اڃا هڪ گهٽيءَ جي وڪڙ ۾ پيا آهيون.“
عشق جي پهرين منزل مجاز آهي. عام طور ان کي پُل
چيو وڃي ٿو، جنهن جي وسيلي محبوب تائين پهچي سگهجي
ٿو. شيرين مقال مولانا جامي چوي ٿو ته ” اها حقيقت
جي پل آهي. اي رب! جيسين تنهنجي حسن جو ظهور ليليٰ
جي روپ ۾ نروار نه ٿيو هو، تيسين مجنون کي عشق جي
آتش نه ورتو هو. جيسين تو عذرا کي چانديءَ جهڙا
ڳل عطا نه ڪيا هئا، تيسين وامق جي اکين مان پاري
جهڙا ڳوڙها ڪو نه ڪريا هئا. عشق ۽ حسن جو وستار
تنهنجي ڪري ئي هلي ٿو؛ تو کان سواءِ نه آهي عاشق،
نه معشوق. حسينن جو حسن تو آڏو هڪ پردو آهي، تو
انهيءَ پردي پٺيان پنهنجو جمال لڪايو آهي.“
اهڙي طرح هڪ ٻئي هنڌ جامي چيو آهي ته عشق ئي آهي،
جو ٻنهي جهانن ۾ پنهنجو جلوو ٿو ڏيکاري، ڪڏهن
سلطان جي صورت،، ڪڏهين وري فقيراڻي لباس ۾.
فراق عشق جي
شدت
۾ اضافو ٿو ڪري. مولانا روميءَ پنهنجي مثنوي، ’نڙ جي داستانِ هجر‘ سان شروع ڪئي. نڙ خون سان تر ٿيل،
عشق جي راهه جو بيان ڪري ٿو ۽ جنون کاڌل عشق جون
ڪهاڻيون ٿو ٻڌائي. چوي ٿو ته :
هرڪ را جامه ز عشقي چاڪ شد
او ز حرص و جمله عيبي پاڪ شد
”جنهن جو لباس، عشق جي سببان ليڙون ٿيو آهي، سو
حرص ۽ ٻين مڙني عيبن کان آجو ٿيو آهي. اي اسان جا
ديوانا عشق! تون شل هميشہ خوش هجين! تون ئي اسان
جي سڀني بيمارين جو طبيب آهين. تون ئي اسانجو
افلاطون ۽ جالينوس آهين. خاڪي جسم عشق جي سببان
عرش تي ٿو رسي ۽ ان جي ڪري ئي جيل رقص ڪري ٿو ۽
چالاڪ (اوچو) ٿئي ٿو.“
انهيءَ سلسلي ۾ سچل سائين چئي ٿو ته:
گر بگويم شرح عشقي بر دوام،
صد قيامت بگذرد همه ناتمام.
يعني جيڪڏهن مان عشق جي شرح هميشہ ڪندو رهان ته
سئو قيامتون گذري وينديون ته به ان جي وستار
اڻپوري رهجي ويندي. منزل عشق جي وسعت ملاحظه ڪيو.
سئو سال گهڻن شاعرن چيا، اهڙيءَ طرح قيامت به
گهڻن شاعرن
اُچاري آهي، پر ’صد قيامت‘ جو محاورو سچل سائين جي شاعرانه پرواز
۽ ڪمال جو ثبوت آهي.
سرمست چوي ٿو ته عشق جي راهه کانسواءِ، ٻيا سڀ پنڌ
اجايا آهن:
’سچل‘پنڌ عشق دا سچا، ٻيا ڪل پنڌ اجايا!
يا وري چيو اٿس ته:
جيئن آهي جڳ ۾، بنا عشق عذاب.
ازانسواءِ عشق ڪنهن جي اختيار ۾ ڪونهي. اهو معاملو
محض اتفاقي آهي:
عشق سارا اتفاقي هندا، ڪم نهين اختياري دا.
اها امانت آهي جيڪا فرشتن کي به ميسر ناهي ۽ ان کي
کڻڻ کان ملڪن ۽ فلڪن به انڪار ڪيو:
سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي، نيهن کڻن ڪي نيهي.
ملڪ فلڪ تا ڪين قبولي، عشق امانت ايهي.
اهڙي اهم امانت ڪي مهمير ئي سانڍي سگهندا. عاشق
چوائڻ آسان ڪم آهي، پر عشق تي قائم رهڻ ۽ ان راهه
جون سموريون ذميواريون پوريون ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.
عشق جي اسرار ماڻڻ لاءِ پهريون شرط ’پاڻ‘ جي نفي
آهي.’مان‘ ۽ ’تون‘ جو فرق مٽائڻو آهي. عاشق اهو
جيڪو سر ڏيڻ کي پنهنجي خوش بختي سمجهي ڇو ته ”جسم
کون جان ڏيڻ سان ئي وڏا طالع ٿين ٿا ۽ توحيد جو
خيال پختو ٿئي ٿو“. جنهن کي پنهنجي جان عزيز آهي،
سر جو سانگو اٿس ته پوءِ اهو عشق جي بازار ۾ نه
اچي، ڇو ته اتي سر جي سودي کان سواءِ ٻيو ڪو به
وکر ڪو نه وڪامي. سالڪ سرمست چوي ٿو:
ميٺا جب سر اول ڪرڻا، عشق بازار آوڻ ڪيا،
نه ڪجهه ديوين نه ڪجهه ليوين، اسي سودي ۾ آوڻ ڪيا،
تيڪون حاصل نه ڪب هووي، ايسا اور ڪوئي سودا،
ديوين سر، دوست تب ليوين، خريدي اس ۾
تاوڻ
ڪيا.
بيڪار علم
عشق جي حاصلات کانپوءِ علم، عقل، صرف ونحو، فلسفو
۽ دانش سڀ فنا ٿيو وڃن ٿا، ڇو ته ”جيڪي ٿئي ٿو جوش
وارن سان، سو نه ٿئي هوشيارن سان“ ۽ ”عقل علم تي
شرم حيا ڪون، عشق ڪيتي بيزاري.“
سچل چوي ٿو ته:
ڪتابن ۾ وڌم منهن ٿي ته ٿئي خورسندگي حاصل،
لڳي دل اوچتي توسان، وساري برهه ب ت ث.
يا وري چئي ٿو ته:
طبل ٻيا سڀ تم ٿيا، جڏهن نوبت نينهن وڄائي،
’نحو صرف‘ ويو وسري، جاتي پاڻ خيال کپائي،
رمز پنهنجي راز جي، ٿو ’سچوءَ‘ کي سمجهائي.
محبت جي چاشني
بي عمل ۽ طرحدار عالمن کي سچل سائين حال ۽ قال کان
مٿي، ٻي زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ جي صلاح ٿو
ڏئي،
مثنوي ’رازنامي‘ ۾ هن ظاهري علم کي ابليسي، ۽
يوناني فلسفي کي شيطاني ڄار سان تشبيهه ڏني آهي.
اجائي مطالعي ۾ الجهڻ، فسلفي ۾ ڦاسڻ، بيڪار بحثن ۽
ترڪتال تاويلن ۾ وقت وڃائڻ بدران، سچل محبت جي
چاشني چکڻ جي صلاح ڏئي ٿو:
محبت جي مهراڻ مئون، جي ملا چاش چکن،
ته ڪنز
قدوري ڪافيا، لهرن ۾ لوڙهن،
ڪن سلام صرف کي، هوند نحو نه نهارن،
پرک لاءِ تنهن ڳالهه جي، باس نٿا باسن،
مٿي ڪين چڙهن، اهي رهيا اُتيهن.
خوديءَ کان بيزاري
خودنمائي انسان کي تباهه ٿي ڪري ۽ عشق باطل خيال
ميٽي ٿو. عشق عالي همت جو صاحب بڻائي ٿو ۽ خوديءَ
کان بيزار ڪري دل کي ديدار جي قابل بڻائي ٿو:
عشق جي پڻ شير وانگر آهي چال،
جو هڪالي ٿو ڪڍي هر هڪ خيال.
جانور ان جهنگ کان رهندا پري،
شير جنهن ۾ جاءِ پنهنجي ٿو ڪري.
اهڙي طرح عشق شان ۽ شوڪت کان سدائين ٽهي ٿو ۽
علامت سان پڌرو رهي ٿو. هي هڪ تماشگاهه آهي ۽ جنهن
ان کي نه ڄاتو سو گمراهه آهي. عشق لاءِ دنيا ترڪ
ڪرڻ ۾ بقا آهي. سچل سائين چئي ٿو ته:
ريءَ ملامت عشق رهندو ڪٿ به ڪين،
هن حقيقت ۾ بلاشڪ رک يقين.
عشق وارن لاءِ جڳ آهي فنا،
ترڪ دنيا سان، جي ماڻن ٿا بقا.
عاشق جي نظر جو تاب
ظاهري اکين جي بدران عاشق جي اندر جي اک جڏهن
بيدار ٿئي ٿي ته کيس حق جي نظر حاصل ٿي ٿئي، جيڪا
ڪرشمه ساز آهي. اها شمس و قمر کي روشني بخشي ٿي ۽
برگ گل، شاخ ۽ شجر کي بهرور ڪري ٿي. وڏي ڳالهه اها
آهي جو اها هر راز کي ظاهر ڪري ٿي. انڪري سچل
سائين چوي ٿو ته ان اک جو تاب ڪير سهي سگهندو؟
ڪير سهندو عاشقن جي اک جو تاب،
پنهنجي هستيءَ کي وڃائيندو شتاب،
سر بسر آهي اها خوني نظر،
غير و اصل کي ڪندي زير و زبر.
اصل حقيقت
سچل سائين عشق جو بحر بيڪنار آهي، خداوند ڪريم کيس
روشن ذهن ۽ ڪشاده
دل
عطا ڪئي. هو انسان ذات ۾ فرق جو قائل نه هو. هن هر
شيءَ ۾ الاهي نور ڏٺو. اهو ئي عاشق ۽ اهو ئي معشوق
پسيو، جنهن پاڻ پسائڻ خاطر لکين ٺاهه ٺاهيا. هن جو
مشاهدو هو ته :
عاشق، عشق، معشوق اهوئي، ڏانءُ ڏاڍو ڪيو ڏاهي،
پنهنجي پسائڻ ڪارڻ، ٺاهه لکين ٿو ٺاهي،
اهو اندر، اُهو ٻاهر، ڪيئن چوان ائين ناهي.
يا وري چوي ٿو :
صورت سڀ انسان جي، اٿي عشق اصل،
خلق آدم عليٰ صورتہ، جزو جهڙو ڪل.
(ماهنامو ’نئين زندگي‘، ڪراچي؛ آڪٽوبر 1977ع)
راز نامي جو اڀياس
ڪير آهيان، ڪير آهيان، ڪير مان،
پاڻ ڇا آهيان، ۾ ٿورهان! (سچل)
سچل سائينءَ سنڌي ڪلامن سان گڏ سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾
به ججهو ڪلام چيو آهي، جنهن جي مطالعي مان معلوم
ٿو ٿئي ته کيس سنڌي ٻوليءَ وانگر فارسيءَ تي پڻ
عبور حاصل هو.
ديوان
آشڪار، رازنامو، گداز نامو، تار نامو، وحدت نامو،
عشق نامو، رهبر نامو ۽ وصلت نامو فارسي ٻولي ۾
آهن، جن مان ديوان آشڪار، راز نامو، گداز نامو ۽
تار نامو آڳاٽا ڇپيل آهن.
فارسي مثنوين جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سچل
سرمست شاعر کان ويڪ وڏو
مفڪر،
۽ منصور حلاج، فريد الدين عطار، شمس تبريزي ۽
بايزيد بسطامي وانگر مجذوب صوفي هو ۽ سنڌ ۾ وحدت
الوجود جو وڏو شارح هو. هن قرآن ڪريم ۽ حديث شريف
سان گڏ ڪليات عطا،ر ديوان شمس تبريزي، مثنوي
مولانا روم، ديوان احمد جام زنده پيل ۽ آثار جامي
جو گهرو اڀياس ڪيو هو ۽ انهن جو اثر قبول ڪيو.
سندس فارسي ڪلامن ۾ انهن بزرگن ۽ سندن تعليم ۽
پيغام، فلسفي ۽ فڪر بابت گهڻي اشارا ملن ٿا.
سچل سائين وڏو عارف با الله هو. هن ۾ جوش، جنون،
مستي، آشفته سري ۽ بي باڪي هئي. راتيان ڏينهان
بيخوديءَ جي ولايت ۾ وسندو رهيو ۽ پنهنجي هستيءَ
کان بي خبر ٿي، الوهيت ۽ عبديت ۾ ڪنهن به امتياز
کان سواءِ، خمار ۽ مستي جي حالت ۾، حيرت جا جلوا
ڏسندو رهيو.
راز نامي لکڻ جا سبب
’راز نامو‘ فارسي مثنوي آهي جيڪا سچل سائين آخري
عمر ۾ چئي هئي. فقير هادي بخش ۽ ڊاڪٽر عطا محمد
’حامي‘ ان جو ترجمو ڪيو آهي. ان ۾ توحيد، وحدت
الوجود،
ذوق
معرفت، الاهي عشق ۽ حقاني امنگن جو ڀرپور اظهار
آهي. سائين سچل سرمست هن مثنوي ۾ بيشمار مثال پيش
ڪري ’پاڻ وڃائڻ‘، ’تون ۽ مان‘ جو فرق مٽائڻ،
’نيستي‘ مان ’هستي‘ حاصل ڪرڻ، عشق جي اعليٰ منصب
تائين پهچڻ جي منزلن، فلسفي فضوليات، عقل جي
بيوسيءَ، يوناني علم جي گمراهي، طرحدار ۽ ظاهري
زهدو
تقويٰ جي مهندارن جي اصلي ڪردار، وظيفن بدران ذڪر جي ضرورت ۽
عبادت ۾ رياضت جي مقابلي ۾ من اندر جهاتي پائي
محبوب ڳولڻ جي رازن کي نروار ڪيو آهي. الله جي
وحدت، محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي
رسالت، مولا علي ڪرم الله وجہ جي ولايت ۽ پنهنجي پير خواجه عبدالحق رح جو، جنهن عقيدت ۽
محبت، عزت ۽ تعظيم سان ذڪر ڪيو آهي، سو شاعريءَ ۾
لافاني انداز ۽ بيمثال بيان جو مظهر آهي. (هن
مضمون ۾ ڏنل حوالا، ڊاڪٽر حامي جي ترجمي تان ورتل
آهن.)
سچل سائين چوي ٿو ته هي ڪتاب آخري زماني ۾ لکيم ۽
پنهنجي مخفي راز کي ظاهر ڪيم:
مون هينئر پنهنجا غزل پورا ڪيا،
دل ۾ ليڪن راز ڪجهه رهجي ويا.
حڪم ٿيو مان ’راز نامه‘ کي لکان،
پنهنجي پوئين وقت ۾ ڪجهه ڪم ڪيان.
”حال واري کانسواءِ جيڪو به منهنجو هيءُ ڪتاب
پڙهندو سو رباب وڄائيندو ڇو ته هن رسالي بابت خام
کي ڪهڙي خبر. عارف کي ئي علم آهي ۽ نه وري عام کي.
جيڪو هي ڪتاب پڙهندو سو اسلام تان هٿ کڻندو ۽ هر
مذهب ۽ ايمان کان دور ٿيندو. هن ۾ رحماني راز ظاهر
ٿيل آهن.“
عشق سان ٽمٽار آهي هي ڪتاب،
ڏس منجهس معنيٰ جا موتي بي حساب.
راز رمزن سان ڀريان ٿو هي ڪتاب،
ڪيئن ڪڍان ٿو دل جي شيشي مان شراب.
ذات ۽ صفات جو مسئلو
سچل سائين ’راز نامي‘ جي ابتدا ۾ اظهار ٿو ڪري ته
موجودات ۾ موليٰ جي ذات آهي ۽ جيڪي ڪجهه ڏسجي ٿو،
سا ان جي صفات آهي. سڀني ۾ سدا حق جو حضور ۽ ظاهر
۽
باطن ۾ سندس نور آهي:
در حقيقت پاڪ مرسل ۽ خدا،
جيڪڏهن ڄاڻين ته ٻئي آهن ڪٺا.
ناهي احمد ۽ احد ۾ ڪوئي فرق،
ميم آهي عشق جي مستي ۾ غرق.
خود سميع آهي سدائين خود بصير،
خود عليم آهي ڪليم آهي قدير.
درد سان پوندي سموري هيءَ خبر،
درد ڌاران بي خبر آهي بشر.
انڪري سچل سائين سالڪ کي صلاح ٿو ڏئي ته پيريءَ جي
پچر ڇڏي، عشق ۾ اچ؛ گناهه ثواب جو حساب، مسائل جو
مونجهارو ۽ تدبير جا سڀ سبق ترڪ ڪري، عشق ۾ اچ ته
تو مٿان ’نوطبق روشن‘ ٿي ويندا ۽ محبوب سان محفل
ڪري سگهندين. چوي ٿو ته:
درد آڏو عقل جي ڪهڙي مجال،
درد وارو مرد آهي با ڪمال.
مرد بڻجي درد سان ٿئي همڪنار،
عشق وارو ٿي وظيفن کي وسار.
عشق وٺ ۽ پنهنجي هستيءَ کي وسار،
يار جي رستي ۾ جان ۽ تن کي ڳار.
پاڻ سان جي درد کي شامل ڪرين،
من گهرئي محبوب سان محفل ڪرين.
عشق جي ابتدا ۽ انتها جي ڪنهن کي خبر ڪينهي پر
دوجڳ ۾ ان جي سروري ۽ برتري آهي. نااهلن کي اها
خبر ڪينهي پر عارف اهڙي ڄاڻ رکن ٿا:
عشق جي دو جڳ ۾ آهي سروري،
عشق سان حاصل ٿئي ٿي برتري.
عشق هر ڪنهن کان رهي ٿو بي نياز،
مان ڏسيان ٿو توکي پنهنجي دل جو راز.
انت ناهي عشق جو ڪنهن کي ادا،
ان کي ناهي ابتدا ۽ انتها.
عشق جي نااهل کي ڪهڙي خبر،
ان کي عارف ٿا سڃاڻن سر بسر.
دنيوي علوم جي حقيقت
سچل سائين ظاهري علم کي قيل و قال چوي ٿو جنهن ۾
ڪو لڇڻ ڪونهي. هو سموري يوناني علم کي مڪر ۽ فساد
چوي ٿو جيتوڻيڪ اهو سارو بوعلي سينا لکيو. هو پيٽ
واري علم کي شيطاني ۽ علم منطق کي پريشاني سڏي ٿو.
ان ڪري چوي ٿو ته:
عاشقيءَ جو علم پڙهه ڪر عاشقي،
ٻيو سمورو علم آهي فاسقي.
عاشقي جو علم پڇ تون سربسر،
پر نه پڇ مون کان ڪو منطق جو اکر.
سچل سائين وڌيڪ وضاحت سان چوي ٿو ته سوين ڪتابن جا
پناڇو ٿو پڙهين ۽ منطق جي علم ۾ اجايو ڇو ٿو
ڪڙهين؟ مڪتوبات ۾ مست رهي، پاڻ کي آفات ۾ ڇو ٿو
وجهين؟
هر ڪتابي بحث کي تون باهه ڏي،
عشق پهچائيندو تو وٽ يار کي.
عشق جي ڪانهي ڪتابن ۾ هوا،
آهي ان جي عشق جو رستو جدا.
پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات ۾ آيو
آهي ته عشق جو سبق فقهه جي چئني امامن وٽ ڪونهي.
ملفوظات جي سنڌي ترجمي جي پنجين جلد ۾ بيان ڪيل
آهي:
بوالعجب سوره است سوره عشق،
چار مصحف دور يڪ آيت نيست.
يعني سوزه
عشق عجيب سوره آهي. چارئي مصحف موجود آهن پر آيت
هڪڙي به ڪانهي. حضرت ابو حنيفه ته عشق جو سبق ئي
نه پڙهايو ۽ حضرت شفاعي کان به عشق بابت ڪا روايت
ناهي. حضرت حنبل عشق جي راز کان بي خبر آهي ۽
حضرت مالڪ کان عشق بابت ڪا روايت ٿيل ڪانهي.
عاشقن لاءِ مصيبت ۾ سؤ راحتون آهن، ڪڏهن همنشين جي
صحبت محبت آهي ته ڪڏهن تڪليف آهي. جتي غفلت آهي
اتي ذوق ۽ راحت ئي ظاهر آهي. جتي عشق آهي، اتي
مصيبت ئي مصيبت هوندي آهي.
محبوبن جي عشق جو طريقو ئي مصيبت آهي. ڪا گهڙي
بغير مصيبت جي هجڻ جائز ئي نه آهي. (صفحه 32-34)
رازنامي جي علمي حيثيت
ظاهري علم جي حقيقت، منطق جي مڪاري ۽ يوناني علم
جي فساد جي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ سچل سائين ’راز نامي‘
جي علمي نوعيت جو ذڪر ڪيو آهي ته منهنجو هيءُ ڪتاب
دريگانو آهي ۽ فردوسيءَ يا نظاميءَ جو جواب ناهي.
هن ۾ بادشاهن جا قصا ناهن ۽ نه وري هي مسائل جو
ڪتاب آهي. هن ماجرا کي معرفت وارا سمجهن ٿا ته خدا
خود قلم کي حڪم فرمايو ته درد دل جي ماجرا لکان ۽
اهو ڪتاب منهنجي مرشد جي اڳيان مستجاب (قبول) ٿيو
آهي. عشق جي غم جو منجهس بيان آهي، جو
زبان
مان ناهي پر دل منجهان آهي ۽ جيڪو به پڙهندو سو
ڪامياب ٿيندو:
پاڻ کي توحيد جي رستي ۾ ڳار،
پنهنجي هستي ٽوڙ ’مان، مان‘ کي وسار،
تنهنجي ’مان، مان‘ آهي ابليسي عمل،
ناهي ابليسي عمل جو نيڪ ڦل.
ڄاڻ
دوئي کي وڏي ڪافر جو ڪم،
هن طريقي سان هنيو شيطان دم.
جسم توڙي جان و دل سڀ يار آهه،
وچ ۾ ناهي غير سڀ دلدار آهه. |