مصنوعي حج
علامه ابن اثير پنهنجي تاريخ ’ڪتاب الڪامل‘ ۾
ڄاڻايو آهي ابو محمد حامد بن عباس وزير کي حلاج جو
ڪتاب مليو جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته جڏهن ڪو ماڻهو حج
جو ارادو ڪري ۽ پڄي نه سگهيس ته پوءِ هو پنهنجي
حويليءَ ۾ هڪ اهڙي جاءِ مقرر ڪري جنهن کي پليتي
کان صاف رکيو وڃي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو اندر ڪونه
اچي. پوءِ جڏهن حج جا ڏينهن اچن تڏهن انهيءَ جاءِ
جي چوطرف طواف ڪري ۽ ائين ڪري جيئن مڪي ۾ حاجي
ڪندا آهن. پوءِ ٽيهه يتيم ٻار گڏ ڪري، کين پنهنجي
وس آهر عمدو کاڌو تيار ڪرائي، انهيءَ جاءِ ۾
کارائي ۽ پنهنجي سر سندن خدمت ڪري. پوءِ جڏهن
واندا ٿين تڏهن ڪپڙا ڍڪائي هر هڪ کي 7
درهم
ڏئي. ائين ڪرڻ کانپوءِ هو سچ پچ مڪي جي حاجيءَ
جهڙو آهي.
اها روايت جڏهن وزير اڳيان پڙهي ويئي تڏهن قاضي
ابو عمروءَ ان روايت بابت حلاج کان پڇا ڪئي جنهن
ٻڌايو ته اها حسن بصريءَ جي ’ڪتاب الاخلاص‘ ۾ آهي.
قاضيءَ چيس ته موت جا حقدار! تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.
قاضيءَ انهيءَ سال ’ڪتاب الاخلاص‘ جو مطالعو ڪيو
هو جنهن ۾ اهڙي ڪابه روايت ڪانه هئي. ٻي طرف
انهيءَ رسالي تي حسين
بن منصور حلاج جا دستخط موجود هئا جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته گهر ۾ ويهي
مصنوعي حج ڪيئن ڪجي. انهيءَءِ کانپوءِ کيس قتل
ڪرايو ويو.
مرحوم وفائي جي راءِ
’لواري جا لال‘ ڪتاب ۾ پروفيسر گوبخشاڻيءَ لکيو
آهي ته پير صاحب
خواجه محمد زمان چوندو هو ته
خواجه عبدالخالق جو هڪ ئي فرزند ان وقت جيئرو هجي
ها ته منصور کي سوريءَ تي سر ڏيڻو نه پوي ها، ڇو
ته هو جيڪر کيس ’اناالحق‘ واري حالت مان لنگهائي
اڳڀرو
نئي
ها.
’توحيد‘ رسالي جي آگسٽ 1934ع واري پرچي ۾، ان ڪتاب
تي تنقيد ڪندي، مولانا دين محمد وفائي مرحوم لکيو
آهي ته حسين بن منصور حلاج کي صوفين وٽ وڏي اهميت
ڏني وڃي ٿي. تاريخي نقطه نظر سان منصور ڪو عارف
ڪامل نظر ڪونه اچي ٿو مگر هو هڪ باطني فرقي جو
حلولي ۽ عجمي ماڻهو هو، جنهن اسلام ۾ فتنو برپا
ڪرڻ گهريو ٿي. سندس مشهوري ۽ صوفي هجڻ جي
دعويٰ
ايراني شاعرن جي ذريعي ملڪ ۾ پکڙي ۽ انجو آواز
هندوستان تائين پهتو، جنهن کان پوءِ ابن منصور جي
’اناالحق‘ واري باطل آواز کي ايشيائي شعر جو روح
بڻائي رواج ڏياريو ويو.
اسلام جا وڏا وڏا صوفي بزرگ، ابن منصور حلاج کي ڇا
سمجهن ٿا تنهن بابت هنن ۾ اختلاف آهي. ڪي هن کي
صوفي سمجهن ٿا ۽ ڪي وري کيس ڪجهه به نه ٿا سمجهن.
سيد الطائفته حضرت شيخ جنيد بغدادي عليه رحمت ابن
منصور کي واجب القتل ٺڳ سمجهي ٿو. حضرت سلطان
الاولياء نظام الدين زري
زربفت دهلوي به ابن منصور جي بزرگيءَ جو قائل نه آهي.
عربي اسلام کي عجم يا ايران جي ماڻهن، اسلام جي
پردي ۾ جيڪي نقصان پهچايا ۽ درپرده نوان رواج ۽
نيون ريتون پکيڙيون، تن مان هڪ حج به آهي، جن مان
ڪن ڪربلا جي زيارت کي هزارن حجن کان بلند تر چيو؛
ڪن مختلف قبرن تي ميلي کي حج سڏي، اسلام جي هڪ وڏي
اصول سان راند ڪئي. منصور حلاج به مصنوعي حج جو
رواج وجهڻ ٿي چاهيو، جنهن ڪري
کيس
قتل ڪرايو ويو. ڏسجي ٿو ته اسلام جي چوٿين صدي
هجري کان وٺي مصنوعي يا هٿرادو حجن جو، ڪن باطل
ماڻهن بنياد وجهڻ گهريو ٿي، جنهن جو ٿورو گهڻو اثر اڄ تائين اسانجي سنڌ جي شاهه مڪي جي قبر
حيدرآباد، بلڙي، ڀٽ شاه ۽ ٻين درگاهن تي نظر اچي
ٿو، ۽
لواري
جي درگاه تي به ٻن سالن(1932ع) کان حج جي ڏينهن،
خطبه حج پڙهي، مجمع کي حج مبارڪون ڏنيون وڃن ٿيون.
وحدت الوجودي مسلڪ
اسلام جي نالي ۾، مسلمان صوفين ۽ فيلسوفن عشق ۽
معرفت جي کوٽ کي سلجهائڻ لاءِ جيڪي موشگافيون پئي
ڪيون آهن، تن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
اللہ جل شانہ جي انوار ۽ تجلات جو پرتو، جڏهن سالڪ
جي خون جي قطري قطري کي رشڪ آفتاب بڻائي ٿو، تڏهن
سالڪ پاڻکي، بلڪ ڪل ڪائنات کي ۽ ڪائنات جي هر ذري
کي نور وانگر ئي پسي ۽ پرجهي ٿو ۽ انوار ايزديءَ
ڌاران، هنکي ڪابه شيءِ نظر نٿي اڇي. جيئن سج جي
طلوع ٿيڻ کانپوءِ، جيتوڻيڪ تارا حقيقت ۾ موجود
آهن، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بصيرت کان قطع نظر ڪري،
پنهنجي بصارت جي فيصلي موجب ائين چوي ته ڪوبه تارو
ڪونهي رڳو سج ئي سج آهي ته سندس اهو قول پنهنجي
مٿي سچو آهي.
بلڪل اهڙي طرح، انهيءَ خاص وقت ۾ جڏهن سالڪ ايزدي
تجلين ۽ سرمدي انوار کانسوءِ ٻي ڪابه سيءِ نٿو
ڏسي، تڏهن هو پنهنجي وجود ۽ وڻن ٽڻن ، جانورن ۽
پکين، جاين۽ جبلن وغيره جي وجود ۽ هئڻ کان نابري
واري بيهي ٿو ۽ انهيءَ مدهوشي ۽ سڪر جي حالت ۾ چئي
ٿو ڏي ته’همه اوست‘- هي به خدا، هو به خدا؛ آئون
به خدا، تون به خدا، سڀ پاڻ ۽
ئي پاڻ
خدا ئي خدا آهي. سندس ڌاران ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
لوهار لوهه کي زور واري ٻرندڙ باهه ۾ وجهي، ڌمڻ
ڌمي ٿو تانجو لوهه ۾ باهه جون سڀ صفتون: ساڙڻ ۽
ڳاڙهو رنگ پيدا ٿيو پون. انهيءَ وقت ۾ لوهه پاڻکي
باه چوائي ته چوائي سگهي ٿو،جيتوڻيڪ آهي لوهه جو
لوهه- پر ان وقت ڪو هٿ ته لائي ڏسيس.
وڻ تي انوار ايزدي جا اوهيرا آيا ته وڻ حضرت موسيٰ
عليه الصواة و السلام کي، ’آئون تنهنجو رب آهيان‘
جا اکر چيا.حقيقت ۾ اهو وڻ جي خالق ۽ مالڪ چيو.
بلڪ اهڙي طرح انهيءَ وقت سالڪ نه پر سالڪ جو مالڪ
چوي ٿو ’انا الحق‘.
سچل سائين چيو آهي ته:
من نمي گويم انا الحق، يار مي گويد بگو،
چون نه گويم، چون مراد دندر مي گويد بگو.
حضرت بايزيد
بسطامي
رضي الله تعاليٰ عنہ کان ماڻهو پڇندا هئا ته
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ”سبحاني مان اعظم شاني“ (آئون
سبحان، منهنجو ڪيڏو نه وڏو شان) يا ”ليس في جبتي
سويٰ الله“ (منهنجي جبي ۾ الله ڌاران ٻيو ڪجهه ڪونهي) چئي ته انهيءَ جي
باري ۾ ڇا حڪم آهي؟
فرمائيندا هئا ته انهيءَ ماڻهو کي قتل ڪرڻ گهرجي.
ماڻهو چوندا هئا ته اوهان پاڻ اهڙا جملا چئو ٿا.
چوندا هئا ته جيڪڏهن سچ پڇ آئون ائين چوان ٿو ته
مونکي به قتل ڪريو.
بهرحال سندس قول مجبوري، مدهوشي ۽ غير شعوري حالت
تائين محدود هو.
مولانا جامي لاءِ به چيو ويندو آهي ته
سڪر جي حالت ۾ جهونگاريندو هو ته :
بسڪ درجان فگار و چشم بيمارم توئي،
هرچه پيدا مي شود از دور پندارم توئي .
يعني اي محبوب! جيئن جو منهنجي ڦٽيل جان ۽ بيمار
اک ۽ تون ئي تون آهين، تنهنڪري جيڪا به شيءِ ڏسان
ٿو، ڀانيان ٿو ته تون آهين.
ابن العربي جو نظريو
مدهوشي جي حالت ۾، غير شعوري طور، (اناالحق) چوڻ
وارو دور گهڻو وقت هليو، تانجو شيخ اڪبر محي الدين
ابن
العربي
پيدا ٿيو جيڪو سالڪ ۽ ڪامل ولي هئڻ سان گڏو گڏ هڪ
عظيم
فيلسوف به هو. هن ’فصوص الحڪم‘، فتوحات مڪيه‘، ’شجره الڪون‘،
وغيره ڪتاب لکي، گونا گون فلسفيانه دليلن سان،
سالڪن جي انهيءَ سڪر ۽ مدهوشي واري عالمِ ديد يعني
’همه اوست‘ کي هڪ مستقل مسئلو ۽ عين حقيقت ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته مختلف شڪليون جيڪي اسان کي نظر اچن
ٿيون يعني ماڻهو، جانور، پکي، وڻ، جبل، زمين،
آسمان وغيره سي اسانجي نظر جو فريب آهي. حقيقت ۾
اهي سڀ شيون آهن ئي ڪو نه – جيئن فلم جي پردي تي
ڇا مان ڇا نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ ڪجهه ڪونهي.
حقيقت اها آهي، جيڪا سالڪ کي وجد ۾ نظر اچي ٿي،
يعني هر جاءِ هر هنڌ هڪ وجود رب جو، ٻيو ڪجهه به
نه- جيئن درياه هڪ ئي آهي اگرچ انهيءَ تي هزارين
قسمن ۽ شڪلين جون لهرون نظر اچن ٿيون، پر آهي
ساڳيو اهو درياءَ، اهڙي طرح سان نظر ڇا به اچي پر
حقيقت ۾ رب جي وجود ڌاران ٻيو ڪو وجود آهي ئي ڪو
نه.
حضرت سرهندي جو مسلڪ
حضرت امام رباني، مجدد الف ثاني،شيخ احمد فاروقي
سرهندي رحمة الله عليه شيخ اڪبر ابن عربي جي
انهيءَ عقيدي جي ترديد ۾ تمام گهڻو ڪجهه لکيو آهي
۽ انهيءَ عقيدي کي گمراهي ثابت ڪيو آهي. پر انهيءَ
سان گڏ شيخ اڪبر ۽ ٻين وحدت وجودي اوليائن جي
ولايت جو به اعتراف ڪيو اٿس. فرمائين ٿا ته هنن
معرفت الاهي ۾ ڪا به غلطي نه ڪئي آهي. الله تعاليٰ
کي قانون شريعت جي عين مطابق سڀني صفتن سان موصوف
ثابت ڪيو اٿن، البته مخلوقات جي معرفت (سڃاڻپ) ۾
ڀليا آهن ۽ مخلوقات جي معرفت ۾ ڀلجڻ ۽ مخلوق جي
وجود کان انڪار ڪرڻ جيتوڻيڪ حقيقت جي خلاف آهي،
پر ڪفر ناهي.
اها آهي وحدت وجود جي مسئلي جي مختصر حقيقت؛ پر
هينئر انهيءَ حقيقت جي يڪسر برخلاف، ’همه اوست‘
جي معنيٰ ۽ فلسفي کي مروڙي سروڙي، خدا جي انڪار
جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. چيو وڃي ٿو
ته ”تون به خدا، آئون به خدا، هر شيءِ ۾ خدا؛ مڪ
سڄو منصور آهي. انڪري ديني تصور واري خدا جي ضرورت
ناهي ڇو ته هن جو الڳ وجود ئي ڪونهي“.
اها تشريح فرعون جي حالت جي غمازي ٿي ڪري. فرعون
چيو هو ته ”مون ڌاران ٻيو خدا ڪونهي، آئون خدا
آهيان.“
پر حقيقت اها آهي جنهن جو اظهار حسين بن منصور
حلاج ڪيو هو. هن چيو ته مٿئين خدا ڌاران، جو خالق
پاڪ آهي، ٻيو ڪجهه به ڪونهي. آئون يا دنيا ۾ جو
ڪجهه به نظر اچي ٿو، سو ڪجهه ناهي؛ نظر جو فريب
آهي. حقيقت ۾ سڀڪجه خدا ئي خدا آهي، ’اناالحق‘.
انهيءَ معنيٰ سان ’آئون‘ ڪو نه آهيان، فقط خدا
آهي.
فرعون جو ’اناالحق‘ انهيءَ معنيٰ سان آهي ته خدا
ڪونهي آئون آهيان. ٻنهي نظرين ۾ زمين آسمان جو فرق
آهي. هڪ عاشق آهي جنهن کي محبوب ڌاران ڪ جهه به
نظر نٿو اچي. هو سڀڪنهن شيءَ کي منعم حقيقي
۽ محبوب حقيقي پيو تصور ڪري. ٻيو دشمن آهي، جيڪو
محبوب جي وجود جو ئي منڪر آهي؛ پنهنجي پاڻ ڌاران
ٻيو ڪجهه به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.( مثنوي
مولانا روم) منصور حلاج جي ملفوظات مان هي پڻ ثابت
ٿئي ٿو ته هو خدا جي ورائيت جو قائل
هو.
انڪري سندس قول ’اناالحق‘ جو تفسير هنطرح ڪرڻ
گهرجي ته انساني خودي، اهڙو حقير قطرو ناهي جيڪو
آخر ڪار درياءَ ۾ ملي وڃي ٿو، پر اهڙو قطرو آهي
جيڪو پنهنجي هستيءَ کي وڌيڪ پائيدار صورت ۾ استوار
ڪري ۽ ان ڳالهه جو اقرار ڪري ته سندس هستي حق
آهي.( ڊاڪٽر سر محمد اقبال: تشڪيل جديد الاهياتِ
اسلاميه، انگريزي صفحو 96 ۽ اردو صفحو 144).
منصور بابت، سچل سائين مثنوين ۾ گهڻو ڪجهه چيو
آهي. مثال طور:
ڪنهن مهل عاشق مقام ذڪر ۾، ڪنهن مهل
آهي مقام فڪر ۾. ڪنهن مهل هن وٽ مقاماتِ شهود، ڪنهن مهل هن وٽ
مقاماتِ وجود جي سندس عظمت تجلي ٿي ڪري، بس شهود
ان دم نٿو آڏو رهي. جي تجلي ڪبريائي ٿي ڪري، بس
گهڙيءَ ۾ فڪر فاني ٿو ٿئي.
جي تجلي ٿي ڪري خود ذات پاڪ، ڪين باقي ٿي بچي
ڪائنات. ’مان اوهانجو رب‘ ٿي ٻولايو خودي، ’مان
سراسر حق‘ چوايو بي خودي. پاڻ کي فرعون سڀ جو رب
سڏيو، پنهنجي هستي کان اهو نعرو هنيو. دم
’اناالحق‘ جو هنيو منصور شاه، بي خودي ۾ پاڻ آيو
بادشاهه. هن خودي فرعون تي آندو عذاب، نفس جي
خواهش ۾ ٿيو خوار ۽ خراب. بي خودي منصور کي برتر
ڪيو، دوجهان ۾ ان جو عشق اظهر ڪيو. دينداري ۾
برابر شاهه هو، قرب هو منصور تي الله جو.
(’راز نامو‘، صفحو 67)
جا بجا جڳ ۾ جو ڏسجي ٿو عيان، سو سراسر عشق آهي بي
گمان. عشق ازخود ڏس اناالحق ڏنو، جنهن جو هر نقصان
آهي فائدو. راز سڀ منصور جئن ظاهر ڪبو، عشق سان
سولي تي سر پنهنجو ڏبو. عاشقن جي صف ۾ جيڪو
بيهندو، پنهنجو سر سولي اڳيان حاضر ڪندو.
(رازنامو‘،صفحو 83)
پنهنجي ساري ڄاڻ حاصل ڪر صفا، ڪير آهين، تنهنجي
هستي آهي ڇا؟ جسم جي چولي کي ڦاڙي دور ڪر، پاڻکي
تون هو بهو منصور ڪر. عاشقن جو شاهه سو منصور هو،
عارفن جنهنکي ڪيو منظور هو. عشق جي سوليءَ مٿان
هسوار ٿيو، عاشقن جي صف منجهان نروار ٿيو. جنهن
سمورا سير سلطاني ڪري، ٻاهر آندو عشق جي تلوار
کي: آت هيا عارف بمع شبلي جنيد، ٿيا سڀئي حيران
پاتائون نه ڀيد. شير دل آڻي وڏا واڪا ڪيا، شاه آڏو
سڀ سپاهي ٿي ڀڳا. عاشقن جي راه ۾ هن سر ڏنو،
پنهنجي جسم ۽ جان کان آجو ٿيو. خاڪ واري جسم کان
هو پاڪ ٿيو، آسمانن تي انهيءَ جو ٿاڪ ٿيو.
(’گداز
نامو‘، صفحو 96)
(روز نامه ’نجات‘، سکر 19-9-1976ع)
سچل جو سنيهو
پريان جا پيغام، ٿو ڏئي مڙئي مام ۾،
سوين منجهن سلام،
جو ڏاهو ڏاهپ سان ڏئي.
هيءَ ڳالهه عالم آشڪار آهي ۽ سنڌ جي وڏي ننڍي کان
ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته واديءَ سنڌ جي آغوش ۾ جيڪي
درويش ۽ خدا جا ٻانها مدفون آهن، تن جي ڪيل رياضتن
۽ ڪشائن جي برڪت سببان سنڌ هميشہ آباد ۽ شاداب
رهندي. شاهه ڀٽائي جو ضرت المثل دعائيه بيت انهيءَ
خيال جي تائيد ٿو ڪري:
سائينم! سدائين ڪري، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار؛ عالم سڀ آباد ڪرين.
سنڌ صوبي ۾ اهڙا ڪيترا رشد و هدايت جا صاحب ٿي
گذريا آهن،
جن جي تعليمات ۽ عملي زندگي هن علائقي جي ماڻهن جي
زندگي تي لازوال اثر ڪيو آهي. ريتي کان ڪيٽي
تائين، سنڌو درياه جي ٻنهي ڪپن تي پنج لعل پنهنجي
دائمي تجلي سان اڄ به ظلمت ۽ تاريڪي جي عالم ۾
ڀليل انسانن جي رهنمائي ڪري رهيا آهن.
ڀٽ ڌڻي پنهنجي خانداني عظمت ۽ بزرگي کان پاسيرو
ٿي، اسان کي پنهنجي ڪلام ذريعي اهڙو نياپو ڏنو
آهي جو مرده دلين جي مسيحائي، ڪند ذهنن جي صفائي ۽
ڀليل انسانن جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح
قلندر شهباز، شاهه عنايت ۽ بيدل جو عارفانه ڪلام
آهي جيڪو هن مادي دنيا جي نقصان ڪار اثرات کان
اسان کي آجو ڪري، حقيقي خوشي ۽ سڪون ڏيئي سگهي ٿو.
سنيهي جي نوعيت
انهن بزرگن کان سچل سرمست جي عملي زندگي ۽ سنيهو
بلڪل مختلف ته ڪين آهي پر ان جي فلسفي جو رنگ ۽
تاثر بلڪل نرالو آهي. سچل ’همه اوست‘جي فلسفي جو
سنڌ ۾ امام هو. فاروقي فقير حسين بن منصور
حلاج جي هم پلؤ ته نه هو پر ان جو صحيح ترجمان
ضرور هو. سندس ڪلام ۾ نفي ۽ اثبات، فنا ۽ بقا، حال
۽ قال، روح ۽ رب جو تعلق، عشق حقيقي ۽ حسن ازلي
سمورن موضوعن تي آتش فشانيءَ جو رنگ چڙهيل آهي ۽
هن کلم کلا اعلان ڪيو ته:
وهي سير سرير ۾، لهريون تان نه لڪان،
’سچو‘ ساهڙ ساهه کي، اوڏو ٿي پايان.
جڏهن سرير ۾ سير پيئي وهي ۽ لهرن لڪائڻ جو ڪو
ارادو نه هجي ۽ ساڳئي وقت سچو ساهڙ ساهه جي اوڏو
هجي، ته پوءِ جيڪي انڪشاف ٿيندا، سي پڻ نوعيت ۾
عميق، معنيٰ ۾ دقيق ۽ عمل ۾ اوکا هوندا. پر سچل
جيڪي ڪجهه ٻڌايو سو بيانگ دهل چيو. هو وقت جي
نامساعد حالتن کان خوف زده ڪين ٿيو ۽ نه وري سندس
سنيهي ۾ ڪا ڪمزوري يا معنيٰ جي پيچيدگي پيدا ٿي.
کيس معلوم هو ته سندس پيغام کي لبيڪ چوڻ سان قتل
عام ٿيندو: ”پاڻ ڪريان جي پڌرو، ڪرن مڙيئي قتلام“.
پر اهو انهي ڳالهه کان بي بي پرواهه هو ته کيس ڪير
۽ ڪيتري تعداد ۾ مڃي ٿو. چيائين ته ”توڙي پٺيءَ
لڳي سارو جڳ، ته به ڇا ٿيو؟ ناهي مڃتا ۾ مطلب“.
ٻه واٽون
اچو ته انهي بي پرواهه ۽ آتش فشان رازدان جي پيغام
کي پروڙيون. انهيءَ پروڙ جون ٻه واٽون آهن: هڪ سچل
جي عملي زندگي ۽ ٻيو سندس ڪلام جيڪو سنڌي،
سرائيڪي، فارسي ۽ هندي زبانن ۾ پنهنجي فصاحت ۽
بلاغت سببان بي مثال ۽ لازوال آهي. اهڙو ۽ ايترو
شعري ذخيرو هن وقت تائين ايترين زبانن ۾ ڪنهن به
شاعر يا درويش پيش نه ڪيو آهي، جو زماني دست برد
کان اڃا تائين بچيو آهي؛ ورنه سمورو سچو ڪلام
932206 بيتن تي مشتمل چيو وڃي ٿو.
قابل تقليد زندگي
سچل سائين بابت پڻ ٻين صوفي بزرگن وانگر چيو وڃي
ٿو ته هن الف کان اڳتي پڙهڻ کان نابري واري هئي پر
پوءِ پنهنجي چاچي ۽ مرشد جي چوڻ تي هن درسي تعليم
حاصل ڪئي. ننڍي ڄمار
۾ ئي پنهنجي ذهانت ۽ ذوق شوق سببان، هن سنڌي،
فارسي ۽ عربيءَ تي عبور حاصل ڪيو ۽ ٻارهين ورهين
جي عمر ۾ سارو قرآن مجيد ياد ڪيائين. هن جي زندگي
اڪثر ماٺ، صبر ۽ فڪر ۾ گذري. جواني ۽ ايام شباب
کان وٺي پنجاهه سالن جي عمر تائين، سچل سائين پنج
وقت نماز پابندي سان پڙهندو هو. درود ۽ وظيفن ۾
مشغول رهندو هو ۽ پوءِ جڏهن موج ۽ مستي ۽ عروج جي
حالت ۾ بيخود ٿي استغراق ۾ پيو هوندو هو، تڏهن
سندس دل ۾ وسعت آئي. بصيرت جي اک کلي ۽ آدم ۾ جيڪو
خدا جو نور هو سو افشان ٿيڻ لڳو؛
سچل سرمست درازي پنهنجي نفس تي ايترو ته قابض
هوندو هو جو ڪڏهن به شراب، ڀنگ، تماڪ ۽ ناس
استعمال نه ڪيائين ۽ نه وري پنهنجي حلقي ۾ يا
معتقدن کي اهڙين خرافات جي اجازت ڏنائين. تن
آراميءَ جو خيال به دل ۾ ڪو نه ايندو هوس؛ کٽ تي
ڪڏهن آرامي ڪو نه ٿيو، هميشہ عبادت ۽ رياضت ۾
مشغول هوندو هو ۽
اڪثر
روزي سان رهندو هو. کيس پيسي پائيءَ جي ڪڏهن به
لالچ نه رهي، جيڪي هوندو هيس سو فقيرن ۽ سوالين کي
ڏيئي ڇڏيندو هو.
سندس ويس، کاڌو خوراڪ نهايت سادو هوندو هو. سفيد
پيراهن ۽ اڇي کٿي جي چادر يا اڇي کاڌيءَ جي گوڏ
ٻڌندو هو. سندس سر تي سبز رنگ جي ڊگهي ٽوپي عظمت
آدم جي گواهي ڏيندي هئي. سندس روزانه زندگي صبر،
شڪر، قناعت ۽ انڪساريءَ جو هڪ پروقار ۽ قابل تلقيد
نمونو هئي.
محاسبي جي ضرورت
اڄ اسان سنڌ وارن کي عموماً ۽ سچل سائين جي مريدن
کي خاص طور پنهنجو محاسبو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي
روزانه زندگي جو تجزيو ڪرڻ گهرجي؛ پنهنجي پلاند ۾
جهاتي پائي اها اندوهناڪ حقيقت ۽ ناقابل معافي
مجرمانه غفلت معلوم ڪرڻ گهرجي ته اسين انفرادي ۽
اجتماعي طور پنهنجي رهبر ۽ مرشد جي نقش قدم کان
ڪيترو پري ۽ ڪهڙي نه پر خطر رستي تي گهلجي ويا
آهيون ۽ انهي گمراهي سببان اسان ڇا ضايع ڪيو آهي ۽
ڇا حاصل ڪيو آهي؟ ڇا اسان جي زندگي سچل سائين جي
اقوال جو صحيح تعبير ۽ مثالي نوعيت جي آهي ۽ ڇا
اسان چئي سگهون ٿا ته ”الله الله ڇو ڪرين پاڻ ئي
الله ڄاڻ“، يا اسان جا اعمال اهڙا آهن جيئن سچل
سائين چيو هو ته “اهو ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ
بڻيجي“.
هڪ خاص قسم جا ڪپڙا پائڻ، راڳ ۽ سماع جي محفلن ۾
شريڪ ٿيڻ، فقير چوائي در در پنڻ، گهٽي ۽ بازار ۾
بنا سمجهه سوچ سائين جي ڪلام کي يڪتاري ۽ چپڙين تي
آلاپڻ، دنيا جي ذميوارين ۽ پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي
جوابدارين کان منهن موڙڻ، اهو سچل سائين جي عملي
زندگي جي تقليد نه پر جاهلانه تمسخر آهي؛ اها
صداقت نه پر عداوت آهي انهي سونهريءَ سنيهي سان،
جيڪو پارس وانگر اسان جي ڪٽ ۽ ميل مر صاف ڪري،
اسان کي صاف ۽ پاڪ بنائڻ جي طاقت ۽ صلاحيت رکي ٿو.
ڪلام جا بنيادي موضوع
اسان درازي دولهه جي سنيهي کي سمجهڻ ۽ دل سان
هنڊائڻ واري ٻي واٽ ۾ پڻ سَسئيءَ جهڙي ثابت قدمي
ڪين ڏيکاري آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اسان انهيءَ
راز پروڙڻ واري منزل تائين پهتا ئي ڪو نه آهيون ۽
انهيءَ حقيقت کي ڪاڪ جو طلسم سمجهي بي همت ٿي
واپس ڀاڄ کاڌي اٿئون. اهو صحيح آهي ته سرمست سائين
مدهوشيءَ ۾ هوش جون ڳالهيون ڪيون ۽ هوش ۾ مدهوشيءَ
جا راڳ آلاپيا آهن. اڻ ڄاتل جي ڄاڻ، سچ جي ڳولها،
وسيع ۽ پراسرار فطرت جي نقاب ڪشائي، زندگي جو
احترام، امير ۽ غريب جي تفريق جي تحريف ۽ مذهبي
ڇڪتاڻ جو رد ڪد ۽ انساني محبت ۽ اخوت سچل فقير جي
بي انت خلوص ۽ مهر ڀري ڪلام جا بنيادي موضوع آهن.
انهن کي سمجهڻ لاءِ ڏسڻ پسڻ جو ڏانو گهرجي، بصيرت
واري اک، غور ۽ فڪر وارو ذهن ۽ هنڊائڻ وارو هنيو
گهرجي. اکرن جي گورک ڌنڌي کان بچندي، مون کي سچل
سائين جو سنيهو سندس هن شعر ۾ مڪمل طور نظر آيو.
چوي ٿو:
الفقير لايحتاج الا الي الله، ٻيو ڏنائون ٻن،
ٻي جهان ڦٽا ڪيو، ٿا ٽئين جهان وڃن،
وتن ويڳاڻا ورهه ۾، نيڻين ننڊ نه ڪن،
راتون ڏينهان روڄ ۾، چپُ نه ڪو چورن،
’من عرف ربہ‘‘ ڪل لسانہ‘ ٻڌي زبان انهن،
نشي تن کي ’نانهه‘ ڪيو، مورؤن ’مان‘ نه چون،
مولا جي محبت ۾، کيّا ٿيا وتن،
سُڏڪا سيئي سوز جا، ڀنيءَ رات ڀرن،
نهائينءَ کان نهيڙو، سکيو
ساميئڙن،
مچ مچايو من ۾، ٻاڦ نه ٻَهرِ وجهن،
عينا سندن اوجاريون، اڇن اوجاڳن،
اَٺئي
پهر عجيب کي، ڪنڌ اونڌي اورن،
’الصبر مفتاح الفرح‘، صبر صابرن،
بعضي موحّد وحدتي، اهڙا ڀي آهن،
ڪرڪن ڪنجهن ڪين ڪي، ڄڻ پار وهانءَ وڃن،
رَتُ منجهارون پانهنجي، وضو وير ڪرن،
ايءَ نماز عشق جني، تختون پوءِ پڙهن،
جي محبت وڌا مامري، سي ڪيئن مڙس مڙن،
هڻي درد دهيون ڪيا، سنُڍي سپيرين،
ڪڏهن اڇا ڪپڙا، ڍار نه ڪنهن ڍڪن،
مٿي پيرين برهنه، ايڏو سور سهن،
پريٽو پروانن جان، ڪاهيو تت پون،
ڀڀڙ باهه عشق جي، سپورن سڙن،
کامي، لهسي،
لوسجي،
لائق لعل ٿين. |