وحدت ۽ ڪثرت جو
مسئلو
وحدت ڪثرت جو هڪڙو حال آهي، سچل سائين انهي رمز کي
سنڌ جي عوامي زندگي سان لاڳاپو رکندڙ شين جا مثال
ڏيئي، ظاهر ڪريٿو. ڦوٽي جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته
ڦوٽو پاڻ پاڻي آهي جيڪو پاڻي مٿان اجائي وڏائي ٿو
ڪري:
پيو ڦسي ڦوٽو ته ازخود آب ٿيو،
موج ٿيو درياهه ٿيو گرداب ٿيو.
نام ٿيو درباهه سڀني جو يڪو،
ان ۾ آهي بي گمان مطلب اهو.
ڪمند جو مثال ڏئي ٿو ته ڪيئن ان مان ڳڙ، مٺائي،
کنڊ ۽ قند ٺهن ٿا يا وري داڻي منجهان وڻ پيدا ٿو
ٿئي جنهن مان ڏار، ٽاريون ۽ پن ۽ ثمر ملي ٿو. اهڙي
طرح ڪڪڙي جو مثال ٿو ڏئي جنهن مان ڪپهه ٿي نڪري ۽
انجا گهڻيئي سبز ۽ سياهه رنگ ٿين ٿا. ڪوٽ، چوغو،
پوتڙو، دستار، ٽوپ، چولو، اڳٺ ۽ سلوار ان مان ٺهن
ٿا:
هي سمورا ڄاڻ وحدت جا مثال،
وحدت ۽ ڪثرت جو هڪڙو آهي حال.
اصل ۾ وحدت منجهان ڪثرت بڻي،
سو بسر ڪثرت وري وحدت بڻي.
پاڻ تي پنهنجي نظر تون پاڻ ڪر،
ڪين ڪجهه الله ريءَ ايندئي نظر.
خودي ۽ بيخودي جو فرق
وحدت ۽ ڪثرت جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي سچل سائين
ڦوٽي جي لٻاڙ وانگر ڪافور ۽ پاڇي جو ذڪر ڪيو آهي
ته ڪيئن ڪافور ٻٽاڪ هڻي چيو ته مان هوا
کي وڃي ٿو قابو ڪيان. پر جئن ئي اٿيو ته پاڻ هوا
بڻجي پيو. اهڙ: طرح پاڇي ڊاڙ هنئي ته سج جي
روشنيءَ کي سيگهه ۾ آڻي ڪٺو ٿو ڪيان، پر روشنيءَ ۾
پاڻ فنا ٿي ويو.
سچل سائين انهن ٻنهي دعوائن کي خام خوديءَ جو
اجايو اوڀار ڄاڻائي، خودي ۽ بيخوديءَ جي فلسفي کي
فرعون ۽ منصور حلاج جي مثالن جي ذريعي صاف طور
بيان ڪري ٿو:
پاڻ کي فرعون سڀ جو رب سڏيو،
پنهنجي هستي کان اهو نعرو هنيو.
دم ’اناالحق‘ جو هنيو منصور شاه،
بيخودي ۾ پاڻ آيو بادشاه.
هن خودي فرعون تي آندو عذاب،
نفس جي خواهش ۾ ٿيو خوار ۽ خراب.
بيخودي منصور کي برتر ڪيو،
دوجهان ۾ ان جو عشق
اظهر ڪيو.
رسم رواج جون رڪاوٽون
سچل سائين پاڻ کي وڃائڻ جي جيڪا تلقين ڪئي آهي،
ان منزل تي پهچڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي؛ انهيءَ راهه جي
منزل تي پهچڻ تائين ڪيترن سالڪن جا حال خراب ٿيا.
ڪيترا گمراه ٿيا ۽ ڪيترا هوش حواس وڃائي ويٺا، ڇو
ته خودشناسي جي راهه، جيڪا رحماني راه آهي، ان تي
گامزن ٿيندي، اهي سالڪ رسمن رواجن جي شيطاني راه
جو شڪار ٿي پيا. سچل سائين چوي ٿو ته ”ريتن رسمن ۾
رهي ٿي ڪافري، آهي ساري بت پرستي آذري“. انڪري
وضاحت ڪيائين ته:
رسم جي ڦندي ۾ هيئن ڦاسي نه وڃ،
غرق ڪر رسمن کي منهنجي ڳالهه مڃ.
خلق جي هر رسم کان آزاد ٿي،
ياد ڪر هڪ يار کي آباد ٿي.
يا وري اڳتي چوي ٿو:
روڳ رسمن جو پري ڪر پاڻ کان،
عشق رک لولاڪ واري شاهه سان،
ڄاڻ رسمن کي صفا زنجير دام،
جن ۾ ڦاسي ٿا وڃن ماڻهو مدام.
اي سڄڻ! هن دام کي ٽوڙڻ کپي،
منهن زماني کان صفا موڙڻ کپي.
انهيءَ سلسلي ۾ سچل سائين ادب جون حدون پڻ اورانگڻ
جي صلاح ڏئي ٿو ۽ وظيفن کي ڪاهلي ۽ دربدر رلڻ جي
برابر سمجهي ٿو:
الف پڙهه، بي، تي جي وائي کي وسار،
بت پرستي آهي بي، تي جي بچار.
الف مان پيدا ٿيا، هي باب سڀ،
تو ڦٽا ڪر تن سندا آداب سڀ.
ٿي ادب کانپوءِ وحدت مستقيم،
جو به چاهيو سو ڪيو سڀ ڪجهه ڪريم.
ڇڏ وظيفا، اسم وٺ الله جو،
غير
ڪڍ، وٺ جا بجا نالو اهو.
ناهي ڪجهه مولا جي نالي کانسوا،
ڪاهلي آهي، وظيفن ۾ صفا.
اڪيلائي جي اذيت
سچل سائين عشق وارن کانسواءِ لاچاري محسوس ٿو ڪري
۽ چوي ٿو ته دربدر دانهون ڪندي بيڪار ٿيس؛ سڀ سچا
عاشق وڃي رستي لڳا ۽ مان هتي ڌڪا ٿو کاوان ۽ سندن
سوز ۾ دل سڏڪا ٿي ڀري:
عشق وارا جڳ ڇڏي آزاد ٿيا،
جاوداني عيش سان آباد ٿيا.
درد واريون ڪيتريون دانهون ڪندس،
عشق وارن واسطي آهون ڪندس.
دل ۾ تن جي درد جي جاگير آهه،
بس انهن ڳالهين جو هي تاثير آهه.
عشق وارن جي وڃڻ کان پوءِ کيس چؤطرف خود غرض ۽
اجوري جا طلبگار نظر اچن ٿا، جن جي قول ۽ فعل جي
تضاد کان بددل ٿي اعلان ڪري ٿو ته:
ڪي ڏهاڙا بند هئي منهنجي زبان،
اوچتو هي بار آيو دل مٿان.
فرض سنت مستحب کي خاص و عام،
نفل واجب سان پڙهن ٿا صبح و شام.
ياد هرڪو ٿو ڪري قرآن کي،
پر وظيفن سان نٿو موليٰ ملي.
هو پڙهن ٿا جيئن اجورو ڪو ملي،
جيءُ سندن جهوري انهيءَ ۾ ٿو جهڄي.
اهڙين حالتن ۾ سالڪ کي سچل سائينءَ جي صلاح اها
آهي ته هو ليل و نهار جسم کان بيهوش رهي ۽ ڌڪر سان
ئي پنهنجي هستي کي وساري ڇڏي:
اسم ذاتي جو هميشہ ذڪر ڪر،
ذڪر ۾ مشغول رهه ۽ فڪر ڪر.
ذڪر جي تمثيل، آهي سؤ سپاه،
فڪر آهي ڄڻ ته ان جو بادشاه.
شاهه لشڪر کان سواءِ لاچار آهه،
شاهه ري لشڪر وري بيڪار آهه.
شاهه جي عزت وڌائي ٿو سپاهه،
ياد ڪر هي خاص نڪتو خير خواه.
حڪايات عشق
’راز نامي‘ ۾ سچل سرمست پنهنجي ڏاڏي ميان محمد
حافظ عرف صاحبڏني جي هڪ مجذوب عورت بصري سان
ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيون حڪايتون آهن عاقل
فقير، جيڪو
آڪيداس جي نالي سان مشهور هو ۽ سندس سواري واري ڏاند جو قتل، شهر
قنڌار ۽ هرات آڏو قلايش قلعي ۾ واقع تشڪير غار ۾
چئن برهنه ترارين جي سايه ۾ رکيل پارس، ۽ هڪ ٻيٽ ۾
رهندڙ عجيب قسم
جي ڳئون، جيڪا
سمنڊ جي تري ۾ بي خوف
ٽٻي هڻي موتي آڻي، ان جي چمڪاٽ تي چاهه سان
چارو چري ٿي ۽ جنهن موتي جا طالب اچن ٿا ۽ موتي
مٿان مٽي وجهن ٿا، ته هو پريشاني ۽ بدحواسي ۾ ڊوڙي
ڊڪي ٿي، پر موتيءَ
مَٿان مٽي نٿي پري ڪري.
انهن مثالن مان سرمست سالڪ کي هيءُ سبق سيکارڻ ٿو
چاهي ته پنهنجي جيءَ اندر جهوري وجهه، اندر اجار
ته سپرين جي سنگت نصيب ٿئيئي.
ذاتي مشاهدو
سچل سائين پنهنجي باري ۾ چوي ٿو:
پنهنجي هستي کان جڏهن پاسو ڪيم،
اندر
۽
ٻاهر سمورو حق ڏٺم.
هوُ ڪڏهن ناسوت مان ملڪوت ٿيو،
هوُ ڪڏهن جبروت مان لاهوت ٿيو،
عشق ۾ پرواز مون ايڏو ڪيو،
راز محرم ناهي ڪو هن حال جو.
ڪم نه ايندو علم جو چرچو هتي،
ناهي ڪو بازار جو سودو هتي،
تون اگر موليٰ جو طالب ٿي پوين،
پاڻ تسخيرات کان پاسو ڪرين.
آهي شيخي ڇا بزرگي رهزني،
هي ٺڳي جا ٺاهه ٺاهي ٿي خودي.
نور مرسل جو ڪيو موليٰ عيان،
معرفت جا بحر نڪتا جنهن منجهان.
جنهن به ٽوٻي بحر ۾ ماري ٽٻي،
سو اتان هرگز نه ٿيو واپس وري.
بحر گوهر ۽ شناور گم ٿيا،
حال جي مستي پسايو هي لقا.
(روز نامه ’عبرت‘، حيدرآباد- 20-8-1978ع)
ڇوڙ گمان گدائي والا، شمله چا ٻڌ شاهي دا
ڊاڪٽر سر محمد اقبال (وفات: 1938ع) پنهنجي تحرير،
تقرير ۽ شاعريءَ ۾ گهڻن ئي موضوعن تي پنهنجي خيالن
۽ نظرين جو اظهار ڪيو آهي، پر سڀني مضمونن تي
’خوديءَ جي خيال کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي، ۽ ان
تصور کي مسلمانن جي نشاة ثانيه ۽ اسلامي تعليم جي
احياءِ جو ذريعو ۽ وسيلو سمجهيو پيو وڃي. اسان
اقبال جي فڪر ۽ فلسفي تي بحث نٿا ڪريون ڇو ته اهو
اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي البته ايترو ضرور چئبو
ته اها اقبال جي خوش قسمتي هئي جو سندس عهد ۽ سندس
قوم کيس بلنديءَ تي پهچايو. اهڙيطرح اها به حقيقت
آهي ته اقبال جي فلسفهءِ خودي تي عمل ڪندي، ويهين
صدي عيسوي ۾ ڪو مثالي ماڻهو پيدا ٿي ڪو نه سگهيو
آهي.
خودي جو فسلفو
خودي ڇا آهي؟ ان جو فلسفو ڪهڙو آهي؟ ان جون ڪهڙيون
تقاضائون آهن ۽ ان جا ڪهڙا ثمرات آهن؟ اهو ڊگهو
بحث آهي، ۽ ان بابت رايا به مختلف ۽ متضاد آهن.
ٿلهي ليکي ائين کڻي چئجي ته ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جي عمل کي
صحيح رخ تي پوري ڪرڻ کي ’خودي‘ چئجي ٿو؛ يعني
ڪڏهن به ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪجي، ۽ سڀڪجهه
حقيقي حاڪم ۽ مالڪ، قادر ۽ ڪريم، الله تعاليٰ
طرفان سمجهيو وڃي. اهو ’لا‘ جي منفي ۽ ’الا‘ جي
اثباتي فڪر جو هڪ پيڪر يا قالب آهي. ان جون
تقاضائون هي آهن ته نفس جي تربيت ڪجي، دوثيءَ کان
دل کي پاڪ صاف ڪجي ۽ هر منظر ۾ مولا جو ئي مشاهدو
ماڻجي.
خوديءَ جا ثمرات اعليٰ ۽ ارفع آهن؛ سڦرا ۽ سڦلا
آهن، ڦلدائڪ ۽ منفعت بخش آهن. غلاميءَ کان
ڇوٽڪاري، احتياج کان بي نيازي، ڊپ ۽ خوف کان
بيباڪي، ڏاڍ ۽ جبر جي مقابلي ۾ هيڻن سان همدردي،
خلق جي خدمت، ماڻهن سان محبت ۽ انسان جي عظمت جو
باعث خودي آهي.
مولانا سنڌي جو مثال
حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه(وفات:1944ع)
فرمائين ٿا ته جڏهن مان بيعت جي خيال سان، پنهنجي
وقت جي جنيد ۽ سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق
ڀرچونڊي واري (وفات:1308هه) جي خدمت ۾ پهتس ته
بيعت کانپوءِ سچل سائين جي هڪ ڪافي جو ٿلهه
ٻڌايائون:
ڇوڙ گمان گدائي والا، شملا چا ٻڌشاهي دا.
اُن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو مان وڏن ماڻهن کان
مرعوب ڪو نه ٿيندو آهيان. ڪابل ۾ ڪم ڪيم، روس ۾
رهيس، ترڪيءَ ۾ ترسيس، پر ڪنهن به طاقت جو م
ون تي رعب نه پيو؛ حضرت شيخ جو اهو فرمان منهنجي
رهنمائي ڪندو رهيو. خدا تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي
جو مان اسلام جي نعمت سان سرفراز ٿيس ته اهڙو مرشد
مليو جيڪو عمل جو پيڪر ۽ جهاد جو مجسمه هو، جنهن
هڪ فقرو چئي شاهانِ عالم جهڙي تمڪنت عطا ڪئي ۽ ذره
کي آسمان بڻائي ڇڏيو.
(’عباد الرحمان‘، تذڪر، مشائخ ڀرچونڊي ؛ صفحه 41؛
1969ع) هيءُ هو سچل سائين (وفات: 1827ع) جي
فلسفهءِ خودي جو هڪ مجسم مثال- هن موضوع تي وڌيڪ
ڪجهه لکڻ کان اڳ، اها ڪافي (سر پهاڙي) نقل ڪرڻ
ضروري سمجهان ٿو:
ڇوڙ گمان گدائي والا، شملا چا ٻڌ شاهي دا.
مار نغارا وحدت والا، فڪر رکين پاتشاهي دا.
غير خيال گذار نه دل تي، غمزه هيئي گمراهي دا.
هر ڪنهن طرفون تارڪ ٿيوين؛ ڪم ڪر ڪج ڪلاهي دا.
آپ سڃاڻ ’اناالحق‘ آکين، ماڻين عيش الاهي دا.
نفي ’سچل‘ اثبات ڪرريندا، ويکو سير سپاهي دا.
حضرت مولانا سنڌي رحه نه فقط هن ڪافيءَ جي مطلب ۽
فلسفي تي سڄي ڄمار عمل ڪيو، پر جلاوطنيءَ جي زماني
۾، حرمين شريفين ۾ قيام جي دوران، پنهنجي درس ۾
شامل طالب عالمن کي به اهو واقعو ۽ ان جو اثر
ٻڌائيندو هو. هن سلسلي ۾ مولانا غلام مصطفيٰ
قاسميءَ هڪ تقرير ۾ ٻڌايو ته حضرت مولانا سنڌيءَ
پنهنجي هڪ جلاوطني روسي شاگرد، جناب موسيٰ جار
الله (1880-1949ع) کي قرآن حڪيم جو انقلابي تفسير
املا ڪرائيندي اهو واقعو عربيءَ ۾ ٻڌايو: تعمم
بعمائم الملوڪ الخ ... ... جنهن وري ان کي روسي
عالمن ۾ متعارف ڪرايو.
سچل سائين وانگر مولانا سنڌي به وحدت الوجودي هو.
سندس سياست جو نظريو ئي انهيءَ نڪتي تي ٻڌل هو. پر
وحدت الوجود جو فڪر اهڙو ۽ ايترو ڦلهڙو ناهي، جيئن
اڄڪلهه عام طور هرڪو پيو هوڪا ڏئي. سچل سائين چئي
ٿو:
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مرداڻو،
پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،
’و نفخت فيهه من روحي‘، بلڪل ڇڏ بهانو،
وهم ’سچل‘ ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شاهاڻو.
(گجري -10)
ٻانهپ ۾ خير جي ڪا خوبي ڪانهي. انهيءَ ڏانهن اشارو
ڪندي، سچل سائين چيو آهي:
ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ، تو هين مالڪ ملڪ جو،
”لا خير في عبدي“،اهو
اٿئي اهڃاڻ،
پاڻ پنهنجو پاڻهين صورت منجهه سڃاڻ.
تون ئي ڄاڻندڙ سڀڪي، ٿئين ڪيئن اڄاڻ.
(ع- وحدت 2- ڪافي- 10)
اِنسان جي عظمت
انسان جي تخليق ۽ ان جي عظمت بابت قرآن حڪيم ۾
گهڻيئي آيتون آيون آهن. مثال طور: ”بيشڪ اسان انسان
کي تمام سهڻي اندازي ۾ پيدا ڪيو آهي.“ (95-4)
”بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني ۽ کين خشڪيءَ
۽
درياءَ ۾ سوار ڪيوسون، ۽ کين سٺين شين مان رزق
ڏنوسون، ۽ جن کي اسان پيدا ڪيو تن مان گهڻن تي
انهن کي فضيلت ڏني سون.“ (17-70) ” ۽ پالڻهار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ مان زمين ۾ هڪ نائب پيدا
ڪرڻ وارو آهيان.“ (2-30) ”الله اهو آهي جنهن سمنڊ
کي اوهان جو تابع ڪيو هن لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم
سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل مان روزي
ڳوليو ۽ من اوهين شڪر ڪريو. ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، تن
سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاتو اٿس.
بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي فڪر
ڪن ٿا.“ (45-12 ۽ 13)
”الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات
۾ داخل ڪري ٿو. ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هر
هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا
تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.“ (31-29) ”اوهان لاءِ
رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم لڳايو اٿس ۽ تارا
سندس حڪم سان لڳايل آهن.بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ
واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن-“(16-12)
فڪر ۽ مشاهدو
سچل سائين ’ديوان آشڪار‘ ۾ نظام شمي ڏانهن هن طرح
اشارو ڪيو آهي:
از سبب مهجوري آنها بيقرار
دائما در روز و شب سيارها
يعني سيارا جدائيءَ سببان هميشہ ڏينهن رات بيقرار
آهن؛ هڪ هنڌ قرار ڪونهين بلڪ ڦرندڙ گهرندڙ رهن ٿا.
(آغا صوفي: سچل سرمست؛ صفحه 146)
سچل سائين ڪشش
ثقل
کي، معرفت واري محبت جي ڪشش چيو آهي ۽ غزل جو
مضمون آهي ’ طريق عشق‘. اهو سندس فڪر آهي. کيس
جيڪي ڪتابي علم حاصل هو، ان کان وڌيڪ سندس فڪر ۽
ادراڪ جي قوت هئي؛ ۽ اها پڻ الاهي عطا آهي، جيئن
قرآن حڪيم ۾ آيو آهي ته آدم کي
سڀني شين جو علم عطا ڪيو ويو (2-31) پڙهڻ ۽ لکڻ جو
حڪم ڪيو ويو.(96-1کان 5) ۽ انسان کي غور فڪر ۽
مشاهدي ڪرڻ جي قوت عطا ڪئي ويئي . ”بيشڪ آسمانن ۽
زمين جي ٺاهڻ، ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل
وارن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي اللہ کي بيٺي، ويٺي ۽
پاسن ڀر ياد ڪن ٿا ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾
فڪر ڪن ٿا ( ۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پاليندڙ!
تو هي بي فائدي پيدا نه ڪيو آهي ، تون پاڪ آهين
پوءِ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ.“
(3-190 ۽ 191)
مشاهدي ۽ فڪري سببان، انسان تي اها حقيقت ظاهر ٿئي
ٿي
ته اللہ تعاليٰ جي ڪنهن به تخليق ۾ ڪو نقص ڪونهي:
اها مڪمل آهي ۽ صحيح طور طريقي سان تخليق ڪئي وئي
آهي ۽ اللہ ان جو صحيح اندازو ڪيو ۽ پوءِ رستو
ڏيکاري ڇڏيو. ( 87- 1کان
3)
” جنهن (اللہ) جيڪا به شيءِ پيدا ڪئي سا سٺي بڻائي
۽ انسان جو پيدا ڪرڻ... وري سندس اولاد... پوءِ ان
کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين
(ونفع فيهه من روحہ ) ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽
دليون بنايائين- اوهين ٿوريو شڪر ڪريو ٿا.“
(32-7کان 9)
انڪري ٻانهپ، محتاجي ۽ گدائي، انسان جو مقدر ناهي.
فطرت جي تسخير ان جي تخليق جي مقصد جي انتها نه
آهي. انسان جي روح ۽ رب ڪريم جي
وچ ۾ سٻنڌ ئي انسان جي سرشت آهي يعني لقاءِ
الاهي. ” اي انسان! تون پنهنجي پاليندڙ کي ملڻ
تائين گهڻي ڪوشش ڪرڻ وارو آهين، ۽ تون ان کي
ملندين.“(84 - 6)
سچل سائين چئيٿو ته دنيا ۾ چار ڏينهن دم غنيمت جا
عشق سان سرشار ٿي گذارڻا آهن ته جيئن سڀ ميار لاهي
هتان هوت ڏي هلجي. باقي پٺيءَ لڳي سارو جڳ، ته به
مڃتا سان مطلب حاصل نٿو ٿي سگهي. اهڙيطرح تماشي
ڪاڻ عرب پار پڇڻ، نفل نمازون ، ورد وظيفا، ڪوڙ ڪسب
ڪرڻ سان منصوري منصب نٿوملي. اصل ۾ اندر واري تند تنوار
ٻڌڻ
ضروري آهي ، جيڪا مام ۽ رمز آهي ، راز ۽ اسرار آهي
۽ اهو سو ، هزار ،لک خرچ ڪرڻ سان به آشڪار نٿو
ٿئي. اصل نڪتو، پنهنجي پاڻ کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو آهي ۽
انهيءَ ڏس ۾ سالڪ درازي فرمائي ٿو :
جهڙو ڀائيندين، ’پاڻ‘ پنهنجو پاڻهين ،
تهڙو ئي ٿيندين، هت ڀي ساڻ يقين جي .
(ع – وحدت – 25)
جي تو ڄاتو ’پاڻ ‘ ، ته ’آئون‘ ڪو ٻيو آهيان ،
ڪندءِ غرق گمان ، ڳهلا انهي ڳالهه ۾ .
(آسا- 23)
انڪري ” قدر ڄاڻي پاهنجو ، ڪڍ ٻانهي
سندو
ٻول “ ( آسا- 60) ۽ ” طبل وڄائي وحدت وارو، غازي
ڇڏ گدائي“ ڇو ته ” هيڏي هوڏي تون ئي آهين، ڪانهي
جان جدائي“ (گجري – 17).
’پاڻ‘ پيدا ڪرڻ واري ڪيفيت جو ذڪر ڪندي، سچل سائين
فرمائي ٿو :
حڪم هلي جنهن سان ، سو ڪر پيدا ’پاڻ‘ ،
حاڪم کي محڪوم سان، ’سچا‘ سلاڙ هج ساڻ
.
(آسا- 12)
پنهنجو مشاهدو بيان ڪندي، فاروقي فقير ٻڌائي ٿو :
جهڙو ڀانيم پاڻ کي ، تهڙو آهيان آئون ،
باقي رهيو نانءُ ، ’سچو‘ مون صاحب جو.
(آسا – 54)
سرمدي صدا
”پڙهيم نمازون، رکيم روزا، پر پرو پرينءَ جو ڪونه پيو مون !“هيءُ سچل سائين
جي عهد واري مذهبي ماحول ۾ يقيناً منصوري
نعرو هو، ۽ سچل سائين جهڙو سالڪ ئي اهڙي سرمدي صدا بلند ڪري سگهيو
ٿي. پر انهيءَ تجربي ۽ مشاهدي جو اظهار بيراهروي
۽ گمراهي پکيڙڻ لاءِ نه هو . سندس
مقصد
ظاهري ڏيک ۽ باطني ٻيائيءَ کي باطل چئي، حقيقت
ڏانهن هلڻ جو سچو سڏ هو :
سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ اللہ آپ بڻيجي ،
وچ ميدان محبت والي،
دم قدم ڌريجي ،
اها تڪبير ’فنافي‘ والي، پهلي پهر پڙهيجي ،
مار نغارا ’اناالحق‘ دا، موئي سر سر چڙهيجي ،
اندر ٻاهر هڪ
و
هووين، ’موتو قبل‘ مريجي .
(آغا صوفي: سچل سرمست؛ صفحه 224)
انساني عظمت، ايماني غيرت ۽ مسلمان جي حيثيت ۾
فضيلت جي سببا، سچل سائين کي دوئي، ٻيائي ۽ ٻانهپ
جي هر هڪ رخ ۽ نموني، ارادي ۽ عمل، طريقي ۽ اظهار
کان سخت نفرت هئي.
اهوئي سنن آهي جو چيو اٿس :
عاشق ڪر آرام، آءٌ تو
اوڏو
آهيان.
ٻيو نه ڀانئنج پاڻ کي ، رهين هڏ نه عام .
’تون‘ تا ’آءٌ‘ ئي آهيان، ڀڃ دوئي جو دام.
ڪين ڪيو تو پاڻ کي ، بندو
ٿي
بدنام .
ڪفر زلف اسانجو آهي، منهه سندم اسلام.
ٻانهپ ٻيائي کان، ’سچل‘ ڪر سلام.
( آغا صوفي : سچل سرمست ؛ صفحه 216)
غزل ’بحر طويل‘ جو مطالعو
جز خدا گفتن ودين هم
شنيدن
بس گنه ،
دم بدم با شوق تصور را بدل ميدار باش .
هرچه
مي بيني ذات خدا دان يا يقين ،
خود مدان حق بدان عاشق بحق ديدار باش .
سچل سائين جي فارسي ڪلام جو ايترو مطالعو ڪونه ڪيو
ويو آهي جيترو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام مقبول آهي. ان
جو هڪ وڏو سبب ته هيءُ آهي جو اسانجي قومي زندگيءَ
جي سرگرمين ۾ فارسي زبان جي اُها اهميت نه رهي
آهي، جيڪا اسانجي ثقافتي ۽ سياسي پس منظر جي نسبت
سان ضروري آهي. سنڌ جي سموري تاريخ به ان زبان ۾
آهي. انهيءَ کان علاوه اڀياس جي مضمون ۽ موضوع طور
سچل جي سموري ڪلام ۽ خاص ڪري فارسي ڪلام کي ڪا
اهميت ڪانه ڏني ويئي آهي. اُها قومي غفلت آهي،
جنهن اسان جي سماجي حيثيت کي ته متاثر ڪيو آهي، پر
قومي تشخص کي به پوري طرح آشڪار ٿيڻ جي راهه ۾
رخني جو باعث بڻي آهي. |