سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

باب :1

صفحو :6

اسان جو فرض

سچل سائين جو هي ڪلام نهايت آسان ۽ شسته سنڌيءَ ۾  آهي.ان جو تفسير  يا تاويل ڪرڻ اجائي اپٽاڙ ۽ پنهنجي همه داني جي نعره زني آهي. بنده کي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو محتاج نه ٿيڻ گهرجي. ” همت مردان، مددي خدا“ جو اصول اسان جي زندگي لاءِ مشعل راهه هجڻ گهرجي. پنهنجي وڏائي ۽ تڪبر کان ڪنارو ڪجي ڇو ته اهو ’آئون‘ جو نعرو ئي آهي، جيڪو انسانيت تي ظلم جو باعث ٿئي ٿو.

اهڙي طرح صبر ۽ عالمگير محبت جي نعري بلند ڪرڻ ۾ ئي نجات جي راهه آهي. ظاهري ڏيک ويک کان پنهنجو پاڻ اُجارجي ته بهتر آهي ۽ اجايا دوئي جا خيال، مذهبي تفرقه بازيون، معاشي بي انصافيون ۽ سماجي تفاوت، اسانجي زندگي کي ڪڏهن به پرسڪون ۽ پرمسرت بڻائي ڪين سگهندا. يڪ جان ۽ يڪ قالب ٿي ڪري، اسان کي هن ميدان ڪار زار مان مانجهي مرد وانگر گذرڻو آهي.

باهمي محبت ۽ الفت، عالمگير تعمير ۽ ترقي، بين الاقوامي يڪجهتي ۽ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ انساني قدرن کي بلند ڪرڻ لاءِ سچل سائين آيو هو. سندس ڪلام ۽ پيغام ڏانهن هن وقت تائين، ايترو ڌيان ڪو نه ڏنو ويو، جيڪو انجو حق آهي. اها غفلت ڇو ٿي، ان جي اسباب معلوم ڪرڻ جو وقت ڪو نه آهي. ضرورت آهي ته اسين سچل سائين جي سنيهي کي خلوص، نيڪ نيتي ۽ تيزي سان ڦهلايون ۽ سندس معتقد هجڻ جي حيثيت ۾ جيڪو فرض اسان تي عائد ٿو ٿئي، تنهن کي پورو ڪريون.

سچ ٿا مردچون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،

ياريءَ جو دم، ڪوئي هڻي نه هڻي.

(سيف عثماني: ’عبرت‘ حيدرآباد، 2-3-1961ع)

سچل جي ڪلام ۾ زندگيءَ جو نظريو

طبل، وڄائج وحدت وارو،غازي ڇڏ گدائي،

هيڏي هوڏي تون ئي آهين، ڪانهي جان جدائي،

الانسان سري انا سره، آهين خاص خدائي،

بر بحر تي تنهنجو ’سچا‘، آهي سير سدائي.

(گجري-17)

اڄ درازن جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ الاهي آلاپن جي الوٽ هوندي ۽ ڪيترن هزارن متوالن جي پياس پوري ٿيندي هوندي؛ پر اهي ماڻهو جيڪي جوق در جوق والهانه محبت ۽ مجنونه خلوص سان اڄ هتي گڏ ٿيا آهن، تن جي بند دلين، ڪنن ۽ اکين تي ”راز جو در“ به کلندو يا نه؟

اهو سوال جيتريقدر ڳوڙهو آهي ايتري قدر اهم ۽ فوري جواب طلب به آهي. اڄ جنهن ماحول ۾ اسين منجهيا پيا آهيون ۽ ازغيبي رهنمائي جا طلبگار ٿي، هدايت جي چنڊ جا تمنائي بڻيا ويٺا آهيون سا صورت حال نه فقط ڪم همتي ۽ قومي زوال جي نشاني آهي پر انهيءَ ماحول جو اسانجي آئينده تي نهايت برو اثر پوندو جنهن سببان شايد تاريخ جون سونهري روايتون  ۽ اهي باعث افتخار داستان جيڪي اسان جي انفرادي  شخصيت، قديم تهذيب ۽ لافاني ادبي سرمايه جا امين آهن سي سڀ هميشہ لاءِ مٽجي ويندا ۽ سچل سونهاري جي آستان تي جڏهن به جيڪي ماڻهو جمع ٿيندا تن جي اهميت سواءِ بي مقصد انبوهه جي ٻيو ڪجهه نه رهندي.

اڄ اسان کي سچل جي مزار تي گلن وڇائڻ بدران پنهنجي دامن ۾ جهاتي پائي، اهي اسرار ۽ رموز ڳولهڻ گهرجن جن جي نقاب  ڪشائي ڪندي سچل اهڙيون ته ڳالهيون ٻڌايون هيون جن سببان نه فقط کيس ۽ سندس ملڪ سنڌ ۽ اتي جي ماڻهن سنڌين کي زندگيءَ جو جوهر مليو پر محبوب حقيقي جي ملڻ ۽ سندس قرب حاصل ڪرڻ جا ڏس مليا.

سچل زندگيءَ بابت پراڻو بيڪار فلسفو ڪو نه ٻڌايو ته اوهين پنهنجي انفراديت وساري پرائي ڄڃ ۾ احمقن وانگر نچو، ۽ پنهنجي اصليت کي خاڪ ۾ ملائي ٻين جي شخصيت جا محل جوڙيو ۽ انهن  محلن جا خدمتگار  ٿي ماضي وساري، پنهنجي حال تي نادم ۽ مستقبل کان بي خبر رهو.

سچل جيڪي چيو اهو فقط ايترو آهي ته پاڻ ۾ خود شناسيءَ جو مادو پيدا ڪريون ۽ اسانجو هر عمل انهيءَ حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ هجي ڇو ته:

جي تو ڄاتو پاڻ، ته آئون ٻيو ڪو آهيان،

ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾.

 سائين سچل روايتي رک رکاءَ، منافقت ۽ خود فريبي کي انساني جوهر جو زيان سمجهي ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڀ انسان محبت ۽ خلوص سان هڪ ٿي، ازلي حسن ۽ رنگيني  پيدا ڪن ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪن جنهن ۾ انسانيت جو بول بالا هجي ۽ انهن سڀني بتن ۽ شخصيتن جي بيخ ڪني ٿئي جيڪي انسان جي فطري روش ۽ اعليٰ آدرشي عمل جي خلاف آهن.

شاهه لطيف ڀٽائي وانگر سچل پڻ سنڌ وارن کي عمل جو پيغام ڏنو آهي ۽ سندس انهي پيغام سمجهڻ لاءِ ڪنهن شرح، تفسير يا پس منظر معلوم ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سچل نقاري جي چوٽ تي  پنهنجي دل جي آواز جو اظهار ڪيو ته قدامت پسندن، روايت پرستن ۽ عقل جي انڌن سندس مخالفت ڪئي ۽ پر حقيقت ۾ صداقت جي انهي ’سيل روان‘ کي ڪوئي روڪي نه سگهيو ۽ ”سچ ٿا يار چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي“ چئي هن درويش انساني عظمت جي ساک رکي.

اسان سنڌ وارن لاءِ اهو مشهور آهي ته اسان جي اعصاب تي هميشہ تصوف سوار پئي رهيو آهي. تصوف جي عام معنيٰ اها ٻڌائي ٿي وڃي ته رب جي رضا تي راضي رهي، مونن ۾ منهن وجهي، غربت سان گذارجي. پر سچل جهڙي آتش فشان صوفيءَ وٽ تصوف جي اها معنيٰ ۽ مطلب ڪو نه آهي. هن سنڌ جي وسيع ميدانن ۾ انساني ذهن جي جهل کي پاش پاش ڪرڻ جي خيال سان منصور بڻجي ’نعرعه انالحق‘ بلند ڪيو رسمي نظرياتي، مذهبي ۽ جغرافيائي اختلافن خلاف جدوجهد ڪئي؛ ؛”اسلام معنيٰ سلامتي ۽ امن“ واري فلسفي کي عيان ڪيو ۽ ان جي عملي پهلوءَ تي وري وري زور ڏنو. علم جي حاصلات جي سلسلي ۾ پڻ هن پنهنجي ذات کي انسان لاءِ مشعل راهه بڻايو، جيئن ته هن فارسي، اڙدو، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن ۾ پنهنجي قادر الڪلامي ڏيکاري آهي، سندس ذاتي زندگي، روشن ضميري، وسعت خيالي ۽ نظرياتي اعتدال جو مثال هئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسين سچل کي امن عالم جو قاصد ۽ عامل چئي سگهون ٿا. سندس معتقدن ۾ ذات پات ۽ رنگ و نسل جي امتياز کانسواءِ، هر طبقي جا ماڻهو شامل آهن، جيڪا حقيقت انهيءَ امر جي غمازي ٿي ڪري ته اسين پاڻ ۾ ايڪو ۽ انصاف، عدل ۽ احسان قائم رکون ۽ پنهنجي مقاصد ۽ مفاد لاءِ منظم طور جدوجهد ڪريون جيئن ’ديوان آشڪار‘ ۾ چيو اٿس:

”اهو ماڻهو جو پاڻ کي سڃاڻي ٿو،سمجهه ته الله به ان کي ملندو. اي آشڪارا، تون انهي خيال کي سمجهه ۽ انهيءَ ناتي کي سينگاري رک.“

طالب الحق: روزنامه ’عبرت‘، حيدرآباد؛ 8-2-1962ع)

جوڳي آيو جوءِ ۾

جوڳي آيو جوءِ ۾، مرڪڻو مڻ دار

مرليءَ مستانا ڪيا،جنهنجي لک هزار

ڪاريهر ڪردار،نيلا ناٿ نوائيا.

هي علائقي ۾ سک ۽ ستابيءَء جو دورو ختم ٿيڻ تي هو؛ ميرن جي صاحبي جو چراغ گل ٿيڻ تي هو، چوياري جا راڄ ۽ ايڪي اتفاق جون برڪتون خانداني بي اتفاقي ۽ انتشار جي نذر ٿي چڪيون هيون ۽ ٽالپرن جو سر سبز گلشن نفاق جي خزان جي لپيٽ ۾ هو.

مير مراد علي خان جي وفات کانپوءِ منجهن وراثت جا خيال انبن ٿي رهيا هئا. چڱي چٽا ڀيٽي کانپوءِ آخر هنن پنهنجي سرڪار کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ۽ اهڙي طرح حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جون صاحبيون قائم ٿيون.ان وقت خيرپور جي نگري درياءَ جي ٻنهي طرفين هڪ عجيب پر فضا، آباد ۽ شاداب علائقو هو. مير سهراب خان پنهنجي مشير ميان احمد فاروقيءَ جي صلاح سان خيرپور جو علائقو ورتو هو ۽ ان نيڪ تدبير جي عيوضي ۾ ميان احمد فاروقي ۽ سندس خاندان کي گمبٽ ۽ راڻيپور جي وچ ۾ زمين جو ٽڪرو جاگير طور ڏنو.

ميان احمد فاروقي حضرت عمر فاروق رضه جي پڙپوٽي شيخ شهاب الدين بن عبدالعزيز جي خاندان مان هو. شيخ صاحب، محمد بن قاسم سان گڏجي سنه 93 هجري ۾ اعليٰ صلاحڪار جي حيثيت سان سنڌ آيو ۽ انهي تاريخي ’فتح مبين‘ کان پوءِ هو ۽ سندس پويان سيوهڻ جا حڪمران رهيا.

سج ٻه پاڇا، تقدير جو چڪر هو جو اوس پورو ٿيڻو هو. زماني جي نيرنگين سببان فاروقي خاندان سيوهڻ کي خير آباد چئي خدا آباد وسائي، پر پوءِ اتان به هجرت ڪري اچي ٿر جا ٿاڻا وسايائون. فقيري جي جيڪا امانت قدرت کين سونپي هئي تنهن لاءِ ڪشت ڪشالي، مجاهدي ۽ تزڪيه نقس جي منزل جي ابتدا ٿي.

ٿر جي ٿاڪن ۾ جهجهو وقت جالڻ کانپوءِ، داڻي پاڻي کين خيرپور ڀرسان گڏيجي جي ڳوٺ پهچايو ۽ قدرت مرڪڻي مڻيادار جي نمودار ٿيڻ جو سعيو ڪيو.

پڇو نه منهنجي ذات، جو ئي آهيان سوئي آهيان.

اچڻ اسانجو ٿيو اتاهين، جاتي ڏينهن نه رات.

ظاهر ٿيا سي ذاتي وچان، سمجهڻ منجهه صفات.

’لا‘ کي لاهي نفي ڪيو، ’الا اللہ‘ اثبات.

’سچو‘ سر صحي ڪر پنهنجو عشق منجهان عشقات.

ميراڻي جاگير جي وسعتن ۾ فاروقي فقير صاحبڏنو ’موراڳي‘ به ظاهر ۾ ميرن جو هڪ اهلڪار هو، پر باطن ۾ هو درازن جي فقيرن جي درخت جي جڙ هو؛ پريم جي ڦٽندڙ چشمي جو جر هو. سندس هڪ قول مان اها ازلي بشارت ملي ٿي ته حقيقت جي راز فاش ٿيڻ جا سامان ٿي رهيا هئا:

ڪني نيهه نهر سان، ڪي دٻايا درياء،

’صاحب ڏني‘ جي ساء، سارو سمنڊ سمايو.

سائين صاحبڏنو ميرن جي ملازمت ڇڏي، ان جلوت پذير ماحول ۾ خلوت پذير ٿيو. ڪوڙي ڪايا ۽ مٺي مايا کان منهن موڙي هو مالڪ حقيقي جي حضور ۾، پنهنجي يار جي ياد ۾، مگن رهڻ لڳو. ميان صاحبڏني جي وڏي فرزند ميان صلاح الدين جي گهر ٻهڳڻ ٻالڪ پيدا ٿيو؛ دوست درازين آيو ۽ سرمدي ستارو پنهنجي نوراني جهلڪين سان ضوفشان ٿيو. سچل سائين طلب جي وادي طيءَ ڪرڻ لاءِ پنهنجي چاچي پير عبدالحق کي مرشد ورتو، جنهن بزرگ پنهنجي پر فضا بره جي خوشبو سان پنهنجي سچي سڪ واري طالب جي وجود کي اهڙو ته واسي ڇڏيو جو ان جي تاثير کان اڄ به هند ۽ سنڌ معطر آهي ۽ اها عشق جي امانت جي عطر عنبير جي خوشبوءِ هئي جنهن ڦهلجڻ لاءِ درازن جو ديرو منتخب ڪيو:

اديون آدم ناهيان، فلڪ نه آ فلڪن،

خيالون اچي اوچتي، خلل وڌم خلقن،

ناهي ميسر ملڪن؛ اها امانت عشق جي.

علم لدني سان گڏ سچل دنيوي علم به حاصل ڪيو. چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن حفظ ڪيائين. عربي ۽ فارسي کيس خانداني ورثي ۾ ملي هئي. سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليون خانوادہء فاروقي پنهنجي سنڌ ۾ قيام جي دوران سکيون. پر تعجب جو مقام آهي جو سچل هندي، پنجابي ۽ ريخته ٻولين تي به عبور حاصل ڪيو. زبان دانيءَ جي لحاظ کان هو اڪيلو ڪثيراللسان صاحب ديوان سنڌي شاعر آهي. جيئن پاڻ چيو اٿئين:

سوين ڪلام جاري مون پڙهيا، اثر ڪلامن ڪونه ڪيو مون.

اول ڄاتم، پوءِ سڃاتم، آهي توريءَ ڪونه ٻيو مون.

سچو‘ سارو سر حقاني ، ڪيئن چوان آهي ڪير ٿيو مون.

انهن ٻولين ۾ چيل سندس ڪلام مان ظاهر ٿو ٿئي ته الفاظ جي مطلب ۽ معنيٰ ۽ اچار جي سنگيت جو اهڙو لاجواب ميلاپ، سندس سنڌي ڪلام وانگر، انسانن وٽ هر دور ۾ مقبول ۽ محبوب رهندو آيو آهي:

ٿل : اکيان کول ته ظاهر ويکين ، اتان اهو اسرار.

جنهن دت ڪارڻ جهنگ ووڙيندين، سوتين وچ تڪرار.

آدم جوڙ تماشا لائس ، آپ ڪيس اظهار .

بازيگر دي بازي پٿري ، ڪوئي ڄاڻي خبردار.

پتلي دي تند هٿ تهين دي ، آپ نچاوڻ هار .

آپ اليندا ، آپ سڻيندا، صورت دا سينگار .

وچ ’سچل‘ دي سوئي ٻولي، نهين اتان انڪار .

سندس ڪلام سڪ ۽ سوز، درد ۾ گذار ، ڪيف ۽ حال، جذب ۽ جلال، موج ۽ مستي جو ڀرپور ڀنڊار آهي، جو بي خودي، وجد ۽ حال جي حالت ۾ چيل آهي، جنهن حال ۾ سندس سر مبارڪ جا ڊگها وار، جنهن جو هو چوٽو ٻڌي ڇڏيندو هو، سي سراسر اڀا ٿي ويندا هئا ۽ اکين منجهان آب جاري ٿي ويندو هوس ۽ يڪدم خود بخود ڪلام جي رواني تيزي سان شروع ٿي ويندي هئي. ڪلام جي لکڻ لاءِ ڪاتب ۽ فقير موجود هوندا هئا جي ڪلام قلمبند ڪندا ويندا هئا جيڪڏهن ڪو لفظ يا جملو هنن جي سمجهه ۾ نه ايندو هو ۽ ان بابت کانئس دريافت ڪندا هئاته پاڻ فرمائيندو هو ته ” اهو چوڻ واري چيو آهي، مون کي ڪابه خبر نه آهي.“

چيو وڃي ٿو ته سندس ڪلام نو لک ڇٽيهه هزار ڇهه سو ڇٽيهه شعرن تي مشتمل آهي ۽ فارسي، اردو (هندي)، پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي ڪافي، بيت، غزل، مولود، مرثيي، سه حرفي، جهولڻي، گهڙولي، فرد، رباعي، مسدس، مخمس، مستزاد، مطلب ته هر ڪنهن صنف ۾ چيل آهي جو هڪ اعليٰ ترين شاعر جي شعر جي ڪمال فن جو صاف ۽ چٽو ثبوت آهي .

سچل ’ همه اوست ‘ جو نقيب هو. سندس ڪلام ۾ هر هنڌ ان فلسفي جي اپٽار نظر اچي ٿي. نفي ۽ اثبات، فنا ۽ بقا، قال ۽ حال سان سندس ڪلام ڀرپور آهي. سندس ننڍپڻ ۾، سنڌ جو هڪ بي بها گوهر ۽ سنڌي زبان جو لازوال صوفي شاعر، شاهه عبداللطيف جڏهن درازن ۾ سچل کي ڏسي ٿو ته بي اختيار ٿي چوي ٿو ته : الاهي اسرار ۽ رموز جي ڪني جيڪا اسان چاڙهي آهي، هي نينگر وڏو ٿي ان جو ڍڪڻ کوليندو ، ۽ ٿيو به ائين.

اهڙي طرح اڻ ڄاتل جي ڄاڻ ، سچ جي ڳولها، وسيع ۽ پر اسرار فطرت جي نقاب ڪشائي، زندگي جو احترام، حسن ۽ عشق جو اظهار، سچل سائين جي بي انت اخلاص ۽ مهر ڀريي ڪلام جا موضوع آهن. مستيءَ جي عالم ۾ جيڪي ڪجهه فرمايو اٿس، تنهن جو مول مقصد به اهو ئي آهي ته انسان فڪر کان فارغ ٿئي ۽ دنيا جي دوکي ۾ نه اچي؛ ڇو ته انساني زندگيءَ جو مقصد آهي پاڻ سڃاڻڻ. جنهنجو صحيح طريقو آهي پاڻ ۾ صفات خداوندي پيدا ڪرڻ جو سعيو ۽ ڪوشش ڪرڻ ۽ اهڙي بامقصد زندگي ۽ انساني تڪميل، سچل سائين جي نظر ۾ رسول ڪريم صلي اللہ عليہ وسلم جي سيرت آهي:

هيءَ نه واٽ هواءَ جي ، آءَ نه ڪا تقليد ،

تحقيقن توحيد ، آهي راهه رسول جي .

سچل جي ڪلام ۾ رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم سان محبت، سندن سرداري، ۽ شفاعت جو يقين، پاڻ ڪريمن جي اچڻ کانپوءِ سڀني اونداهين جي ختم ٿيڻ ۽ سندن انساني معراج ماڻڻ جو تفصيل سان ذڪر، ’ديوان آشڪار‘، مثنوي ’وحدت نامي‘ ۽ مثنوي ’راز نامي‘ ۾ آيل آهي. سرائڪي ۾ چيو اٿس :

ڪل نبيان دا سردار محمد، ” بحر عرف “ امواج محمد.

”قاب قوسين او ادنيٰ“، شرف شب معراج محمد.

امت تيري ڪيون غم کاوي، جين دي تيڪون لاج محمد.

’سچل‘ ڪون ڪوئي ناهي، ڪيتا لا يحتاج محمد.

مٺي مرسل صلي اللہ عليہ وسلم جي انهيءَ محبت، سندس من ۾ مچ ٻاريا ۽ هو برهه جي باهه کان بيتاب ٿي، هر وقت هنجون هاريندو رهيو:

آءٌ ٻانهي تون سائين ، پاتم پاند ڳچي ۾ ڪپڙو ،

طرفان تنهنجي يار پيارا ، ڪانگ اچن منڪائين ،

ناءُ مولا جي مهر پوئي ڪا ،ٿورا مون تي لائين ،

روز ازل کان تنهنجو آهيان ، غير نه مون کي ڀائين،

هڪڙي ساعت اڱڻ ’سچل‘ جي ، پير مبارڪ پائين .

سچل سائين جي سادي زندگي، عشق ۽ عارفانه مشرب جي غمازي ڪري ٿي ؛ صحيح معنيٰ ۾ ” من عرف نفسہ فقد عرف ربہ “ جو تفسير ۽ ” وفي انفسڪم افلا تبصرون“ جو عملي نمونو هئي. هن پارسا ۽ فنا في اللہ بزرگ جي باڪمال زندگي جيان، سندس رحلت به قابل رشڪ حالت ۾ ٿي.

سال 1242 هجري ۾ ساڳيو رمضان جو مهينو هو. هر شخص پنهنجي نموني ۽ پنهنجي طريقي سان، من سان مجاهدي ۽ تزڪيه نفس جي جدوجهد ۾ مصروف هو. ڀلا، جنهن حق جي طالب، طريقت جي طويل مرحلن جا مشاهدا ماڻي، حقيقت جو راز سمجهيو هجي ، سو ڪيئن ٿو هجر جي حدن ۾ رهي.

ڏهين رمضان تي عارف درازي ماڻهن سان ميل ملاقات بند ڪري حجري ۾ قيام ڪيو- چيائين : سرڪار وٽان سڏ ٿيو آهي ؛ هاڻي هلڻ جي تياري ڪرڻ جڳائي. ساري عمر جنهن جي طلب ۾ تنواريو اٿم تنهن مينڌري جو رسامو ختم ڪرڻو آهي. هينئڙي منجهه هزارين سوراخ سڄڻ جي سڪ ڪيا اٿم ۽ هي ڪاڪ آخر ڇڏڻي اٿم. دل گهرئي دلدار جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آهي ۽ مون کي ان جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي.

آخر اها سعيد ساعت آئي جنهن جو کيس روز ازل کان اوسيئڙو هو. فلڪ جي ملڪن کي حسرت هئي ۽ زمين جا انسان ۽ حيوان، پسون، پٿون ۽ وٿون حيرت ۾ هئا.

آسمان جي فضاءِ بسيط ۾ چوڏهين جو چنڊ پنهنجي ضوفشانين سان جلوه گر هو، پر سندس چانڊوڪي ۾ غم جو نشان نمودار هو. زمين جو آفتاب غروب ٿي چڪو هو. اهو غروب ايترو ته پرسڪون ۽ اهو پرواز اهڙو ته اچانڪ هو، جو ڪنهن به جماعتي ۽ مريد کي آگاهي ڪانه ٿي.

قرب جي ڪٽڪ جو مرد منصبدار ويو؛ منصور ثاني عشق جو اوتار ويو؛ مہ سچو، مست سالڪ ويو. جوڳي جو روح، نفس خاڪي مان انتقال ڪري، جانب جي جوءِ ڏانهن هميشہ لاءِ پرواز ڪري ويو.

ڪاڪ لنڊاڻو لنگهيا ، لاهوتي ڪي لال،

اوري هٿ نه اٽڪيا ، پري پيڙن خيال،

حدون ڀڃي هليا ، هاڪاريا حمال،

ٿيئڙن قرب ڪمال ، ويجها ٿيا وصال کي.

(بشڪريه : ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد؛ 17-12-1967ع)

سچل سائينءَ جي ادبي عظمت

ڪجهه اقتصادي حالتون ۽ ڪي قدر سماجي سٽاءَ انهي حقيقت جا ذميوار آهن ته اڻويهين صدي کان اڳ، پنهنجن توڙي پراون جي حڪومت ۾ سنڌي زبان جي علم وادب کي نه ته اها حيثيت ملي جيڪا ان جو جائز حق هئي ۽ نه وري سنڌي زبان جي ڪا شائسته ۽ مقبول عام صورتخطي وجود ۾ اچي سگهي، جنهن جي ذريعي ڪو ادب پيدا ٿي سگهي.

انهيءَ مايوس ڪندڙ ماحول ۾ سترهين ۽ ارڙهين صدي جي ڪن عالمن ۽ بزرگن، پنهنجي عربي ۽ فارسي علم جي آڌار تي، سنڌي ۾ نظماڻي نثر ۽ ڪبت، وائي ۽ ڪافيءَ جي انداز ۾ پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. ان وقت جي ماحول ۽ ذهني سوچ جي پيمانن موجب، انهن بزرگن جا ڪلام تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل هوندا هئا يا وري ڪن فقهي مسئلن جي منجهن اپٽار ڪيل هوندي هئي. اهو شعري ورثو پنهنجي ليکي املهه ۽ لاثاني آهي، جيڪو تاريخي نقطه نظر سان اسان جي هڪ اهم ثقافتي دور جي نشاندهي ڪري ٿو.

نئين راهه

پر ميان لطف اللہ قادري، مَيين عنايت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ انهيءَ راهه کان  هٽي، سنڌي زبان ۾ تصوف جي تاني پيٽي ۾ دنيا داريءَ جون ڳالهيون ڪيون. سنڌ جي رومانوي عوامي قصن ڪهاڻين کي، موزون شاعريءَ ۽ راڳن جي قالب ۾ بند ڪري، منظر عام تي آندو. انهن بزرگ دانشور شاعرن پوري خلوص ۽ صدق دل سان اها ادبي خدمت ڪئي، جيڪا اڄ سوڌو زنده جاودان ۽ رهنما حيثيت رکي ٿي.

انهن بزرگن کان پوءِ، 1739ع ۾ حضرت عبدالوهاب فاروقي پيدا ٿيو جيڪو آسمان ادب تي ’سچوءَ‘ جي نالي سان، ’وهائو تاري‘وانگر روشن ٿيو.

سچل سائين جي خاندان ۾ پيري مريديءَ جو وهنوار ضرور هو پر پاڻ ڪڏهن به انهيءَ طرف توجهه ڪونه ڪيائين. عربي فارسي علمن تي عبور حاصل هيس. سرائڪي زبان ۾ هو خواجه فريد جو پيشرو هو ۽ جهڙو جوش ۽ جلال، جواني ۽ جمال سندس باڪمال هستيءَ ۾ هميشہ نمايان هو، اهڙوئي جوش جذبو، جمال ۽ جلال، ڪيف ومستي سندس سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ ۾ ظاهر آهي.

هن دين ۽ بي ديني، اسلام ۽ ڪفر جي وچ وارا، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن سان سينگاريل پردا، عشق حقيقي جي آتش سان ساڙي ڇڏيا ۽ خلوت توڙي جلوت ۾ ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جي سعي ۾ مصروف رهيو.

سنڌي ٻوليءَ جي محسن

سنڌي ادب تي سچل سائينءَ جا لکين احسان آهن. هو جڏهن بيخوديءَ جي عالم ۾، يڪتاري جي تند تنواري، الاهي آلاپ آلاپيندو هو تڏهن سندس وجداني مستي، ماڻهن کي بيخود ڪري ڇڏيندي هئي. چون ٿا ته سچل سائين عربي، فارسي، سرائڪي، سنڌي، اردو، هندي ۽ پنجابي ۾ اٽڪل نو لک ڇهٽيهه هزار، ڇهه سؤ شعر چيا آهن. سندس ڪلام جو چڱو حصو شايع ٿي چڪو آهي ۽ سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام کي عوامي مقبوليت جو درجو حاصل آهي.

سنڌي ڪافيءَ ۾ سچل سائين کي منفرد مقام حاصل آهي. اهڙي طرح مرثيه جي ميدان ۾ به سچل سنڌ جو پهريون شاعر آهي ڇو ته کانئس اڳ ڏوهيڙن يا بيتن ۾ شاهه عبداللطيف، احسان فقير، خليفه نبي بخش ۽ ٻين ڪيڏارو لکيو آهي، پر مرثيه جي صنف سخن جو موجد سچل ئي آهي.

سرمست جي ڪلام بلاغت نظام کي جنهن پهلو سان ڏسجي اهو پهلو وزني نظر اچي ٿو. جتي موسيقي جي ڌن تي ڪافيون ڇند وديا جي آڌار تي ابيات چيا اٿس، اتي علم عروض جي روشني ۾ بي نظير ۽ دلپذير غزل به لکيا اٿس. مطلب ته سندس ڪلام هر هڪ موضوع تي ملندو.

سچل سرمست اقبال کان آڳاٽو مستي، خودي ۽ همه اوست جو سنڌ ۾ نعرو بلند ڪيو. پر سندس خودي، خودپرستي، خودنمائي، بيباڪي، همت ۽ حوصله جو فلسفو ، سڌي طرح ابن منصور جي ’اناالحق‘ جو تفسير آهي. اهڙي طرح سندس ڪلام ۾ رس ۽ ميٺاس، سلاست ۽ رواني، جوش ۽ جذبي ، ندرت ۽ جدت، لطافت ۽ رنگيني، تصوف ۽ فلسفه، راز ۽ رمزن، قدرتي نظارن ۽ فطرت نگاري، فصاحت ۽ بلاغت جي ڪمي ڪانهي! صنائع بدائع تي بي انداز اشعار نظر ايندا؛ خاص ڪري سندس ڪلام ۾ پهاڪن، محاورن ، ورجيسن ۽ تشبيهن جي گهڻائي آهي. صنعت تجنيس حرفي سندس ڪلام جو خاص زيور آهي. مثلا :

”وندر جي وڻن ۾ ، ووڙڻ ور پيو .“

هت ’و‘ جي حرف کي 4 دفعا آندو ويو آهي.

” ڇوريءَ کي هت ڇپرين، ڇڏي وئين ڇاهون“

هن بيت ۾ ’ڇ‘ جو تڪرار آهي.

حضرت سچل سرمست جي شاعري جي ٻين عنوانن ۽ موضوعن کي ڇڏي، صرف ڪجهه محاورا ۽ ضرب الامثال پيش ڪجن ٿا:

1-هن وڃائي راه ، هو هاڃي ۾ هڄي ويا .

2- ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل ، وٺج حال حلاج جو .

3- سچو آهيان آءٌ ، جو ٻانهون ٻي جو نه ٿيان .

4- سچو سو سبحان ، پر آدمين ليکي آدسي .

5- جي من مان ڪڍان نه مير ، ته حضور حاصل ئي نه ٿئي.

6- ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان ته ڪافر ،

انهيءَ وائي ور ، سمجهي ڪو ’سچو‘ چوي .

7- جي تو ڄاتو پاڻ ، ته آءٌ ڪو آهيان ،

ڪندءِ غرق گماڻ ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.

8- تو جا ڀانئي موج ، سا مڙيوئي مهراڻ ٿي.

9- تاتي ٿين ٿاڻو ،جاتي ’مون‘ ’تون‘ ناه ڪا ،

10- اوڏا ڪين آيا ، عقل وارا عشق کي  .

11- ڪي ٿا چون صوف ، ڪي ٿا چون سيب ،

ان ۾ ڪهڙو عيب؟ ڦل مڙيوئي هڪڙو .

12-ٻاڦ نه ٻهر وجهن ، مچ مچايو من ۾ ،

لائق لعل ٿين ، کامي لهسي لوسجي .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org