سچل سائين وڏو
پرگو
۽ بلند پرواز شاعر هو . سنڌ جو ٻيو ڪو به
شاعر
ڪونهي جنهن مختلف ٻولين ۾ ايترو ڪلام چيو هجي. عام
روايت اها آهي ته فقير سائين پنهنجي آخري عمر ۾
پنهنجو اهو ڪلام
ضايع ڪري ڇڏيو جيڪو شطحيات تي مبني هو. مرزا علي
قلي بيگ
جي تحقيق موجب، هو پنهنجي انتقال وقت جيڪو ڪلام
ڇڏي ويو ان جو تعداد نو لک ڇٽيهه هزار ڇهه سو ڇهه
بيت هو. هن وقت سندس مطبوعه ۽ غير مطبوعه ڪلام جو
تفصيل هي آهي:
1- سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ۽ دوهڙا 2- اردو ڪافيون
3- مرغ نامو سنڌي 4- وحدت نامو سنڌي 5- قتل نامو
سنڌي 6- جهولڻا ۽ گهڙوليون 7 سنڌي مرثيا؛ فارسي مثنويون
جهڙوڪ 8- ساقي نامو 9- تار نامو 10- راز نامو 11-
گداز نامو 12- عشق نامو 13- درد نامو 14- رهبر
نامو 15- وحدت نامو 16- وصلت نامو ۽ فارسي غزل
مثلاً 17- ديوان آشڪار 18 – بحر طويل
فارسي مثنوين
مان، وحدت نامي ۽ وصلت نامي کانسوءِ باقي ستن مثنوين
جو سنڌي منظوم ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي
مرحوم ڪيو هو، جيڪو سندس ديباچي ۽ مقدمي سان گڏ،
ڪتابي شڪل ۾، ’نيهن جا نعرا‘ جي عنوان سان،
پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘، ڪافي پبليڪيشنس،
ڪراچي طرفان مارچ 1983ع ۾ شايع ڪيو آهي.
استاد حامي لکيو آهي ته ’ديوان آشڪار‘ کان سواءِ
سچل سائين جو سمورو فارسي ڪلام ظني آهي، ڇو جو اهو
ڪنهن به مستند نسخي تان حاصل نه ڪيو ويو آهي. ڪجهه
سالن کان محترمي قاضي علي اڪبر درازي ڪجهه فارسي
ڪلام شايع ڪرايو آهي. پر ان تي تنقيدي نگاه وجهڻ
سان معلوم ٿيندو ته اهو ڪلام ڪنهن تحقيق کانسوءِ
ڇاپرايو ويو آهي جو ان ۾ علم عروض ۽ زبان جون ڪافي
غلطيون آهي........مان به پنهنجي ترجمي ڪيل
مثنوين
کي ايترو مستند نٿو سمجهان، جيترو سمجهڻ گهرجي.
انهن سڀني نسخن جي ادبي ۽ تحقيقاتي ڇنڊ ڇاڻ جي سخت
ضرورت آهي.
افسوس آهي جو حامي صاحب جي جلدئي اللہ کي پياري
ٿيڻ سببان باقي فارسي ڪلام جو ترجمو رهجي ويو،
جيڪو سنڌي ادب، ۽ خاص ڪري سنڌي شاعري ۽ عام آگهي
لاءِ وڏو نقصان آهي.پر حامي صاحب جي مٿي ڄاڻايل
محققانه راءِ کانپوءِ سچل سائين جي باقي رهيل
فارسي ڪلام جو منظوم سنڌي ترجمو نه ته به ادبي
اڀياس ته ڪرڻ جڳائي. سچل سائين جي ڪلام ۾ توارد ۽
تڪرار گهڻو آهي. مان ته ايترو به چوندس ته سنڌ جي
صوفي دانشورن جي ڪلامجي موضوعن ۽ ڪن حالتن ۾ خيال
۽ لفظي سٽا جي هڪجهڙائيءَ (توارد)
کان علاوه، سالڪ درازيءَجي ڪلام جي مختلف مجموعن
کي پاڻ ۾ ڀيٽي ڏسبو ته وحدت فڪر سان گڏوگڏ ساڳيا
خيال، لفظ،ترڪيبون، مثال ۽ موضوع ايتريقدر ڪثرت
سان ملندا جو سندس ڪلام جو سٺ ستر سڪڙو تڪرار ۽ تواتر
جي نذر ٿي ويندو.
سچل سائين جي مرثيه نگاري(1) بابت هڪ نشريه جي
تياري دوران، پراڻن ڪاغذن مان ’غزل بحر طويل‘
(فارسي) جو هڪ نسخو ملي ويو، جيڪو زوار قاضي علي
اڪبر درازي مرحوم، جون 1966ء ۾ ڇپارائي پڌرو ڪيو
هو. ڪلام جو رنگ ئي ٻيو ڏسڻ ۾ آيو. ان جو مرڪزي
خيال ته ساڳيو وحدت ۽ ڪثرت، نفي ۽ اثبات، پاڻ
سڃاڻڻ ۽ موليٰ جو مشاهدو ماڻڻ آهي پر ان جو سنڌ جي
ديني فڪر ۽ سماجي سٽا جي تاريخ سان ڳوڙهو تعلق
آهي.
هيءَ عالم آشڪار حقيقت آهي ته سنڌ جا ٽالپر
امير
شيعه
مسلڪ
رکندا هئا، ۽ رعيت سان توڙي ملڪي انتظام ۾، مثالي
رواداري
سندن حڪومت جو امتيازي ڪارنامو هو.پر ’غزل بحر
طويل‘ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته حاڪمن جي
اهڙي هلت جو عام سماجي ماحول تي ڪو مثبت اثر ڪونه
هو. خواهه مخواهه پيدا ڪيل مذهبي اختلافن جي وڪوڙي
وياڪل ڪندڙ ڄار ۾ عوام ڦاٿل هئا، ۽ اڪثر اهڙيون
حرڪتون ٿينديون رهنديون هيون، جن سببان، ماڻهن جون
قوتون عام ڀلائيءَ جي ڪمن بدران مذهبي ڇڪتاڻ ۾
ضايع ٿينديون هيون. تذڪرن ۽ تاريخن ۾ اهڙي ڪنهن
وڏي تصادم جو بيان ڏسڻ ۾ نٿو اچي، پر ’بحر طويل‘ ۾
’شيعه- سني‘ اختلافن جو تاريخي تجزيو ۽ استدلالي
بحث مباحثون ان دور جي ذهني ڪشمڪش کي عيان ۽ آشڪار
ڪري ٿو.
” سچل سرمست جا ابا ڏاڏا ۽ عزيز قريب سڀ شرع محمدي
جا پورا پورا پابند ۽ پڪا سني مسلمان هوا. منجهن
گهڻا پير ۽ خواجگان جي لقب سان ٿي گذريا آهن،
جينءَ پير عبدالحق صاحب،خواجه نجم الدين صاحب
وغيره.
” اگرچ سندن گهڻو ربط ۽ ظبط رياست خيرپور جي ميرن
سان هيو ۽ رياست جا مير شيعه مذهب جا پورا پورا
پابند آهن، تڏهن به هنن فاروقي فقيرن تي ميرن جي
شيعه مذهب جو ڪوبه اثر ڪونه پيو. الٽو اهي مير
گهڻو ڪري انهن فاروقي فقيرن جا معتقد ٿي رهيا
آهن.مگر شاهه ڀٽائي جي پوين وانگر هن وقت سچل
سرمست جا به ڪي پويان پڻ شيعه مذهب جي طرف زياده
رجوع ڏسجن ٿا... مگر شاه درازي تي، نڪي سندس قول
مان، نڪي سندس فعل مان، ۽ نڪي سندس لباس مان، اهڙو
الزام سندس پويان ڪو ڌري سگهن ٿا.
”حضرت محمد مصطفيٰ (صلعم) جي چئن خليفن مان حضرت
علي سان زياده محبت رکڻ واري کي، شيعه چوڻ، يا ٻين
ٽن خليفن جي زياده اطاعت ڪرڻ واري کي سني چوڻ، چوڻ
وارن جي چڪ چئبي. حقيقت ۾ سني يا شيعه طريقن جا
اصول ئي اور آهن. اهڙن تعريف يا گلا وارن اصولن ۾
ڦاسڻ شاه درازي جهڙي عاشق جي عاشقانه اصول کان
بلڪل ٻاهر هو.......
”ديوان آشڪار ۾ فقير صاحب صاف صاف لفظن ۾ حضرت علي
جي محبت ظاهر ڪندي، ٽن خليفن صاحبن جي عزت جو خاص
اشارو ڏئي ويو آهي.
هم ز بوبڪر و عمر و عثمان نداري احولي ،
گوش ڪش حلقه غلامي چاڪر ڪرار
باش
.
حضرت ابوبڪر، حضرت عمر، حضرت عثمان (رضه) کان ٽيڏو
نه رهه؛ يعني انهن کان منهن نه موڙ. ”پڻ ڪرار“
(حضرت علي) جو غلام ٿي گذار.“
(آغا صوفي: سچل سرمست؛
صفحه 184-186)
سچل سائين ’غزل بحر طويل‘ جي 252 شعرن ۾ پنهنجي
انهيءَ نظريه جي اپٽار ڪئي آهي. اهو سندس عقيدي ۽
صوفيانه مسلڪ جو چٽو چٺو آهي.
پنهنجي مثنوين ۾ به سچل سائين آنحضرت رسول ڪريم صه
۽ جناب علي المرتضيٰ رضه جي شان ۾ گهڻو ڪجهه چيو
آهي. مثال طور:
عاشقي جو علم آندو مصطفيٰ، پر ڪيو ظاهر زبان
مرتضيٰ.
(’راز نامو‘، صفحو 61)
مصطفيٰ جي راهه وٺ دل صاف ڪر، غير کان بيزار ٿي اچ
بي خطر. مصطفيٰ کان ٿي هدايت جي سخا، مرتضيٰ کان
ٿي عنايت جي عطا.
مصطفيٰ ٿيو انبياءَ جو پيشوا ، مرتضيٰ ٿيو اولياءِ
جو رهنما .
مڃ يگانن ۾ يگانو مصطفيٰ، ان جي رمزن جو خزانو
مرتضيٰ .
سمجهندو رهه هڪ علي توڙي نبي، ڪر نه احمد ۽ احد ۾
ڪا وٿي.
هڪڙائي سان رهيا اصحاب خاص، دور دوئيءَ کان رهيا
احباب خاص.
(’راز نامو‘، صفحو 64)
هڪ نبوت جو اکر آندو هتي ، هڪَ ولايت جو وکر آندو
هتي.
هڪُ ٿي آيو انبيا جو رهنما ، هڪُ ٿي آيو اوليا جو
پيشوا .
(’راز نامو‘، صفحو 67)
مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ جو مان غلام، آل اطهر تي پڙهان ٿو
سؤ سلام،
مان نبي جي آل تان قربان ٿيس، ان جي قرباني منجهان
سلطان ٿيس.
عشق آهي مصطفيٰ جي اسم سان، مرتضيٰ جي نام تان
صدقي وڃان.
پاڻ فرمايو محمد مصطفيٰ، آهي بربادي محبت کان
سواءِ .
(’راز نامو‘ صفحو 93)
دو جهان جي مير يعني مصطفيٰ، سر بسر اسرار جنهن
ظاهر ڪيا .
سو محمد ۽ علي ٻئي هڪ ٿيا ، شڪ نه آڻج هن عقيدي ۾
صفا .
(’عشقنامو‘، صفحو 103)
’بحر طويل‘ جو زمانو ۽ موضوع
فارسي مثنوين جي مطالعي مان انهن جي عهد ۽ تحرير
جي سببن ۽ مقصدن جو پتو پوي ٿو. مثال طور ’راز
نامي‘ بابت سالڪ درازي خود فرمائي ٿو :
هي ڪتاب آخر زماني ۾ لکيم، پنهنجي مخفي راز کي
ظاهر ڪيم. حڪم ٿيو مان ’راز نامي‘ کي لکان، پنهنجي
پوئين وقت ۾ ڪجهه ڪم ڪيان.
’گداز نامي‘ بابت سندس چوڻ آهي :
هن جو نالو ٿو رکان نامهء گداز ، جسم و جان ڳاري
ٿو ان نامي جو راز.
مون کي مرشد راهه ڏيکاري ڇڏي، دل وئي سڀني خيالن
کڄي .
منهنجو مرشد ٿو درازن ۾ رهي ، پير عبدالحق هدايت
ٿو ڪري.
’عشق نامي‘ جي باري ۾، هنطرح صراحت ملي ٿي :
’عشق نامو‘ نام ٿيو هن نظم جو ، هن قلم کي حڪم
رحماني ٿيو .ڏينهن جمعي جي ڪيم پورو ڪلام، ’عشق
نامو‘ ختم ٿيو، بس والسلام.
’رهبر نامي‘ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سچل
سائين ’وصلت نامو‘ اڳيئي تيار ڪري چڪو هو ۽ طالب
کي هدايت ٿو ڪري :
حق کي ڇڏي بيسود ب ت ۾ نه ڪڙهه ،
وڃ وڃي عطار جي نامي کي پڙهه.
کول منطق طير کي پڙهه ۽ پراءِ ،
عشق واري بحر ۾ هستي وڃاءِ .
جلد وصلت نامه جو پڙهه پنو ،
جئن پوي توکي پتو اسرار جو .
يا ته رهبر نامه کي پڙهه بار بار ،
يا وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي گذار .
پر ’بحر طويل‘ (2) جي تخليق جي وقت ۽ محرڪ جي تعين
بابت ڪا واضع روايت نه ٿي ملي، البته ’رازنامي‘ جي
هڪ شعر ۽ ’بحر طويل‘ جي اندروني شهادت جي بنياد تي
چئي سگهجي ٿو ته اهو حضرت پير عبدالحق رحه
(1120-1213هه) جي زندگيءَ ۾ ئي لکيو ويو.
’رازنامي‘ جي شروعات ۾ سچل سائين لکيو آهي :
مون هينئر پنهنجا غزل پورا ڪيا،. دل ۾ ليڪن راز
ڪجهه رهجي ويا. تنهنڪري هڪ مثنوي ٻيهر لکان، جنهن
کي پوئين وقت ۾ ظاهر ڪيان.
’بحر طويل‘ جا 183 ۽ 184 شعر ، حضرت پير عبدالحق
رحه بابت آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن فيض حاصل
ڪرڻ چاهين ٿو ته عبدالحق جي خدمت ۾ ’درازا‘ وڃي
حاضر ٿي جيڪو تنهنجي دل ۽ دماغ کي روشن ڪندو ؛
توکي بادهء عشق جو جام پياريندو ته جيئن تون هميشہ
۽ هر جاءِ مخمور رهين.
انهيءَ مان معلوم ٿيو ته ’بحر طويل‘، مثنوين کان
اڳ ۽ پير سائين عبدالحق جي مسند نشيني واري دور ۾
لکيو ويو آهي.
صدين کان شيعه- سني اختلافن سببان امت محمديه ۾
جيڪو افراتفري ۽ شڪست و ريخت جو سمو پئي رهيو آهي،
سچل سائين ’بحر طويل‘ ۾ ان ذهني مونجهاري کي
تاريخي پس منظر ۾، مضبوط تاريخي حوالن ۽ منطقي
دليلن سان سلجهائڻ جي مصلحانه ۽ مدبرانه ڪوشش ڪئي
آهي.
غزل جي شروعات، رسول ڪريم صه جي شان و منزلت ۽
ساڻن وفا جي عملي اظهار جي ضرورت سان ٿئي ٿي. پوءِ
خلفاءِ راشدين جي ذاتي فضيلت، پيغمبر سڳوري سان
سندن تعلق ۽ انهن جي پاڻ۾ لاڳاپن جو بيان آهي.
انهيءَ پسمنظر ۾، شيعه- سني اختلافن جي وجوهات جو
ذڪر اچي ٿو، ۽ انهن سببن جي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ
نوعيت ۽ ڪيفيت جو بحث آهي، ۽ ان سازش جي حقيقي
مجرم کي ظاهر ڪيو ويو آهي. حضرت امام جعفر صادق،
حضرت امام اعظم ابو حنيفه ۽ سيدنا عبدالقادر
جيلاني جي حالات ۽ باهمي ديني وحدت فڪر ۽
قدرومنزلت جي ذڪر ڪندي. قادريه مسلڪ جي وضاحت ڪيل
آهي، ۽ رافضين (3) ۽ خارجين کي سندن باطل دعوائن ۽
ملت دشمن سرگرمين کان پاسي ڪرڻ جي دعوت ۽ سڌي راهه
تي هلڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. ان کانپوءِ سداحيات
اقوال تي هلڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. ان کانپوءِ
سدا حيات اقوال دانش، ۽ امر ۽ نهي جا سچا سخن اچن
ٿا، جيڪي هڪ راسخ العقيده مسلمان جي معاشرتي
زندگيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ مشعل راه آهن.
فڪر ولي اللهي جو پرتو
حضرت شاه ولي اللہ دهلوي ( 1114 هه – 1176هه) جو
سنڌ سان سٻنڌ رهيو آهي. مخدوم محمد معين عرف مخدوم
ٺارو ٺٽوي (وفات : 1161 هه) انهيءَ لاڳاپي جي هڪ
ڪڙي هو، ۽ سندس ذريعي اهو فڪر حضرت شاهه عبدالطيف
ڀٽائي تائين به پهتو. شيعه- سني اختلافن جي باري ۾
شاهه صاحب جو ڪتاب ’ازالتہ الخفاء‘ اهم لکيو وڃي
ٿو.
شاهه صاحب جي وڏي پٽ، حضرت شاهه عبدالعزيز محدث
دهلوي رحه (1159هه-1239هه) به هن ڏس ۾ تاريخي
ڪارنامو سرانجام ڏنو.
سندس جڳ مشهور ڪتاب ’تحفهء اثنا عشريه‘ پهريائين
فارسي ۾ 1204هه ۾ شايع ٿيو. پير عبدالحق صاحب (
1120هه-1213هه) ۽ سچل سائين (1152هه- 1242هه) سندس
بزرگ همعصر هئا. شاه ولي الله رحه ۽ شاه عبدالعزيز
رحه جا ڪتاب سچل سائين جي نظر مان نڪتا. ’تحفه‘ ته
فقير صاحب ضرور ڏٺو آهي ڇو ته ٻين مقتدر شيعه
حضرات وانگر حيدرآباد ۽ خيرپور جي مير صاحبن وٽ ان
جو اچڻ ۽ ان جي جواب جو سعيو ڪرڻ، ان دور جي حالتن
جي عين مطابق آهي.بحر طويل جي نوعيت ۽ اهميت به
تحفه جهڙي آهي. جيتوڻيڪ ’تحفه‘ نهايت ضخيم ڪتاب
آهي، جنهن کي شعيه-سني مسئلن جو انسائيڪلو پيڊيا
چئي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ شامل مباحث مناظري طور آيل
آهن. ان جي مقابلي ۾ ’بحر طويل‘ مختصر شاعري جو
ڪتاب آهي، پر مرڪزي خيال ۽ مقصد، ٻنهي ڪتابن جو
ساڳيو آهي. يعني اصلاحِ احوالِ امت. ’بحر طويل‘ جي
ترجمي پيش ڪرڻ کان اڳ، مان هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري
سمجهان ٿو ته منهنجو هيءُ مضمون تاريخ ۽ ادب جي
مطالعي تي مبني مذڪوره آهي ۽ قرآن حڪيم جي تعليم
موجب، ”جيڪي پڙهيو اٿم،سوئي لکيو اٿم.“
’سچو‘ سچيءَ ڳالهه ۾، ڪهڙو ڪيم گناه.
(ع-’وحدت‘، ڪافي (21)
مون کي شاعري سان شغف ضرور آهي، پر مان پيشه ور
شاعر ناهيان. ان ڪري ’بحر طويل‘ جو سنڌي نثر ۾
انتخاب پيش ڪريان ٿو:
رحماءُ بينهم
اي دل! (حضرت محمد) مصطفيٰ (صلي الله عليہ وسلم)
جي حضور اقدس ۾ با ادب ٿي وڃ. جيڪڏهن تون سچو
عاشق آهين ته ان صه جي غيرن کان بيزاري اختيار
ڪر.(1) حضرت ابوبڪر، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان رضه
کان بدنيت نه ٿيءُ. انهن جي غلامي جي حلقي ۾ رهه ۽
(حيدر) ڪرار جو چاڪر بڻج (2) انهن جي دروازي جي
ڪتي جي پيرن جي خاڪ کي پنهنجي اکين جو سرمو بڻاءِ
۽ يقين ۽ صدق سان انهن صاحبان اسرار جو غلام ٿي وڃ
(3). انهن چئني کي هڪ ئي سمجهه. انهن مان ٻه (رسول
اڪرم صه جا) سهرا آهن ۽ ٻه ڄاٽا. اهي نور الهديٰ
جي شاهه (يعني رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم) مان
آهن. انهن سڀني جو اقرار ڪر (4) شاهه عمر، شاهه
مرتضيٰ جو ڄاٽو هو. (علي مرتضيٰ جي نياڻي) امِ
ڪلثوم سندس گهر واري آهي. اهڙي دلدار جو ڪتو بڻجي
وڃ (5). شاهه علي جي نياڻي شاهه عمر سان ڏهن سالن
تائين همخانه رهي ۽ صد شڪر جو ٻئي پاڻ ۾ هميشہ کير
کنڊ ٿي رهيا (6). ان مان کين زيد پٽ ۽ رقيه نياڻي
پيدا ٿيا.
هوءَ اهل بيت ۾ داخل آهي. انهن جي باري ۾ خوش
گفتار ٿي (7) حديث شريف ۾ آيو آهي ته هي چار ئي
خليفا (رضه) امت محمديء صه مان سڀ کان بهتر آهن.
تون انهيءَ ڳالهه تي يقين ڪر ۽ ان تي ناراض ٿيڻ
بجاءِ خوش ٿيءُ (8) حضرت ابوبڪر، حضرت عمر، حضرت
عثمان ۽ حضرت علي’خيرالامت‘ (امت جا ڀلي ۾ ڀلا
ماڻهو) جيڪو انهن جو دشمن هجي تون به انهن جو دشمن
ٿي وڃ (9) حضرت علي جو فرمان آهي ته حضرت ابوبڪر ۽
حضرت عمر ’خيرالامت‘ آهن. پوءِ اي رافضي! تون حضرت
علي جي هن قول کان ڇو بي خبر آهين (10). اي
(رافضيو! شاهه عرب (صلي الله عليہ وسلم) پنهنجي
حديثن ۾ ۽ خدا قرآن مجيد ۾ مهاجرن ۽ انصارن وانگر
انهن جي تعريف ڪئي آهي.
(11) اهي پختو رکڻ وارا هيا ۽ رسول اڪرم صه تي
فورن ايمان آڻڻ ۾ سڀ کان اڳرائي ڪري ويا؛تنهن ڪري
تون به انهن جو دوست بڻجي وڃ (12). تون انهن چئن
وانگر پنهنجي دل ۾ خلوص ۽ صداقت پيدا ڪر. حضرت
ابوبڪر پنهنجو مال، جان ۽ دل حضور رسول اڪرم صه تي
قربان ڪيو ۽ يار غار بڻيو (13). هي چار ئي يار
خلوص ۽ صداقت سان ٽمٽار هئا. انهن ۾ ڪينو ۽ تعصب
نه هو ۽ هميشہ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهيا (14) هي چار
ئي خليفا اسلام جي مخالفن لاءِ سخت ۽ پاڻ ۾ مشفق ۽
مهربان هئا. ترتيب وار انهن جي تعريف هن طرح ڪئي
ويئي آهي(1) يارغار (2) عادل (3) حليم ۽ (4) علم
جو صاحب ۽ ديندار (15). جهڙي طرح چار يار آهن.
اهڙي طرح طرف (اوڀر،اولهه،اتر،ڏکڻ)،مذهب
(حنفي،مالڪي،حنبلي،شافعي) طريقا
(قادري،نقشبندي،سهروردي،چشتي) ۽ عنصر (پاڻي،هوا،
باهه، مٽي) به چار چار آهن. ان ڪري تون چئني يارن
سان محبت ڪر (16). |