سچل سائين
پائي جامو جميعت جو، آيو منجهه جهان،
جُزي جاءِ
هت ڪئي، ڏس فائِق جو فرمان،
جيڪي ڏسين ڏيهه ۾، سو منجهه انسان،
نسورا نيشان، ’سچل‘ سڀ سرير
۾.
(مترفقه ڪلام- 21)
ارڙهين صدي
عيسويءَ
جي وچ ڌاري، درازا جي معزز ۽ درويش فاروقي گهراڻي
۾ عبدالوهاب نالي هڪ نينگر ڄائو. درازا جو ڳوٺڙو
خيرپور ميرس کان اٽڪل ٻٽيهه ميل، ۽ حيدرآباد-روهڙي
ريلوي مين لائين تي واقع رڻيپور اسٽيشن کان ٻه ميل
کن پري آهي. ننڍڙي عبدالوهاب جو نسبي سلسلو
اڻيتاليهن پيڙهيءَ
۾، اسلام جي ٻئي راشد ۽ جليلته القدر خليفي، حضرت
عمر فاروق رضه سان ملي ٿو. سندس وڏو ڏاڏو، شيخ
شهاب الدين بن عبدالعزيز بن عبداللہ بن عمر ابن
الخطاب رضه هڪ فوجي دستي جي سالار جي حيثيت ۾،
مشهور عرب جرنيل، محمد بن قاسم سان گڏجي هتي آيو
هو. محمد بن قاسم سنڌ جي برهمڻ حاڪم، راجا ڏهر جي
طاقتور فوجن کي شڪستن پٺيان شڪستون ڏنيون،
ديبل اروڙ
، سيوهڻ ۽ بهمڻ آباد جي راجڪمارن کي ماري مڃايو، ۽
نيٺ 10 رمضان 93 هجري مطابق 20 جون 712ع تي راجا
ڏهر جي گاديءَ واري هنڌ الور تي قبضو ڪري ورتو.
سيوهڻ جي فتح کان پوءِ شيخ شهاب الدين(وفات:
95هجري)
کي، سندس زهد و تقويٰ ۽ انتظامي قابليتن سببان اتي
جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هو ڏکڻ ايشيا ۾ پهريون مسلمان حاڪم بڻيو.
کانئس پوءِ سيوهڻ جي حڪومت پشت به پشت فاروقي ڪٽنب
جي هٿ ۾ رهي. تانجو سلطان محمود غزنويءَ (حڪومت
:998-1030ء) سنڌ جي اُڀرندڙ سرحد سان ملندڙ رياستن
جي هندو راجائن کي ماري مات ڪيو، ۽ اهي علائقا
پنهنجيءَ سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيا. ساڳيءَ ريت، هن
ملتان ۾ قرامطين جو خاتمو آڻي ڇڏيو، ۽ سنڌ جي عرب
تختگاهه منصوره تي به قبضو ڪري ورتو. اهڙي نموني
سنڌ جو سمورو علائقو سندس هٿ وس اچي ويو. جيئن
ته سيوهڻ ۾ آباد فاروقي خاندان جا حڪمران پنهنجي
نيڪوڪاريءَ، منصف مزاجيءَ، ۽ مدبرانه انتظامي
صلاحيتن سببان مشهور هئا، انهيءَ ڪري سلطان محمود(
وفات: 24 ربيع ثاني،421هه)
عزت افزائي ڪندي، آخري فاروقي حڪمران، شيخ محمد بن
شيخ اسحاق
کي سالياني پينشن مقرر ڪري ڏني.
شيخ محمد جا پويان سيوهڻ مان لڏي پهرين خداآباد ۾،
پوءِ ٿر جي ٿاڻن ۾، ۽ نيٺ خيرپور ۾ راڻيپور لڳ ڳوٺ
گڏيجي ۾ اچي ويٺا، ۽ درازا جي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾
ٿانيڪا ٿيا، جتي ڪلهوڙن حاڪمن کان جاگير طور مليل
سندن زرعي زمينون هيون. ساڳئي وقت، ميان احمد
فاروقيءَ کي رياست خيرپور جي والي، مير سهراب خان
(وفات:1830ع) وٽان اهلڪار جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض
ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ جي عيوض
۾
وڌيڪ زمينون جاگير ٿي مليون.
سياسي ڇڪتاڻ
سچل سائين سن 1152 هجري مطابق 1739ع ۾ ڄائو. هيءُ
زمانو پاڪ- هند ننڍي کنڊ توڙي سنڌ لاءِ سخت سياسي
ڪشيدگيءَ جو زمانو هو. دهليءَ جو شهر نادر شاه
سفاڪ جي فوج هٿان اهڙو ته بيدرديءَ سان تباهه ۽
برباد ٿي چڪو هو جو مغل سلطنت وري اُڀري نه سگهي.
هن ظالم صرف ٽي ڳالهيون ڄاتيون ٿي. جي هيون:
رتو ڇاڻ،
لٽمار ۽ ساليانو ڏن. هن جي ظلم ۽ بربريت توڙي سندس
گهوڙن جي سنبن جا ڪڙڪاٽ نه رڳو هن صوبي جي لوڪ قصن
ڪهاڻين ۾ محفوظ آهن، پر اهي اڄ به هتان جي ماڻهن
جي ڪنن ۾ گونججي رهيا آهن.
اندروني طور تي، ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ۾ اقتدار
لاءِ ڪشمڪش سببان هيءُ علائقو ڄڻ ٽڪر ٽڪر هو. سنڌ
جي اُتر.
اوڀر وارين سرحدن تي سک ۽ راجپوت
ممڻ
مچايو ويٺا هئا ، ۽ جڏهن به وجهه ٿي ملين . ته
سرحد جي اندر وارن علائقن ۾ گهڙي، بيگناهن کي
ماري، ڦر لٽ ڪري، چوپايو مال، بلڪ عورتون به کنيو
ويندا هئا. دراصل انهن ٻنهي غير مسلم قومن، اهڙين
غيرانساني حرڪتن سان پنهنجو وڃايل اقتدار، شان ۽
دٻدٻو وري حاصل ڪرڻ ٿي گهريو. پر، ان کان به وڌيڪ
سنگين خطرو، جيڪو سنڌ واسين تي اچي ڪڙڪيو هو سو
فرنگين جو. هڪ پاسي هو هندوستان ۾ مغل سلطنت کي
آهستي آهستي هڙپ ڪندا ٿي ويا ته ٻئي پاسي، ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي (وفات: 1186هه- 1772ع) جي عهد ۾،
واپاري ڪوٺي کولڻ سان سنڌ ۾ به پنهنجو پير ڄمائي
چڪا هئا. ڪجهه ڏينهن پڄاڻا هنن مڪاريءَ سان سنڌ جي
ٽالپر حڪمرانن وٽان پهريائين ڪراچيءَ کان پنجاب
تائين ۽ پوءَ ڪابل تائين، سنڌوندي جي سروي ڪرڻ جي
رعايت حاصل ڪري ورتي. اهو ئي ڪارڻ هو جو سچل
سائينءَ جي وفات کان ڏهه سال پوءِ انگريز جاسوس،
موهن لال ڪشميري (1812-1877) نه رڳو حيدرآباد ۽
خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي گڏيل طاقت کي ٽوڙڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. بلڪ 11 ڊسمبر 1838ع تي شڪارپور
واري ٺاهه تي صحيحون ڪرائي ورتائين، جنهن پٽاندر
مير رستم خان کي اقتدار تان هٽايو ويو، ۽ سندس
ننڍو ڀاءُ مير عليمراد خان (حڪومت؛ 1843-8194ع
انگريزن جي سرپستيءَ هيٺ خيرپور جو حڪمران بڻيو.
انهيءَ افسوسناڪ واقعي نه رڳو خيرپور جي ٽالپر
ڪٽنبن جي وچ ۾ رنجش پيدا ڪئي. بلڪه انگريزن طرفان
ملڪگيريءَ جي هوس ۾ ڪيل چالبازين کي روڪڻ جي ڏس ۾
به سندن حيثيت ڪمزور ٿي پيئي. سچل سائينءَ جي ڪلام
۾ اهڙا ڪيترائي اشارا آهن، جن ۾ هن عوام کي واضح
طور تي اهڙن خطرن کان آگاهه ڪيو آهي. جيئن فرنگين
جي خطري جي نشاندهي ڪندي هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته
اولهه سج نه اُلهي، متان ٿئي اوبر
ميڙي ويندءِ، ’مغربي‘ تاريڪي ۾
تير،
ڇڏي ويندءِ ۽ ڇپرين، ڍونڍن
سندا ڍير،
مرد ڏين ٿا مام ۾،ماٿيڪي
مٿير،
وجهه اٿئي، وجهه پاڻ ۾ هيڪڙائيءَ جي هير،
ناسودي ناخير،نپٽ پوءِ نابود ڪر.
مذهبي لحاظ کان به هيءُ دور نهايت پر آشوب هو.
مذهبي تنگ نظريءَ ۽ انتها پسنديءَ جي نتيجي ۾
خيرپور واري مخدوم عبدالرحمان کهڙائيءَ (وفات:
1130 هجري)، جهوڪ (ضلعو حيدرآباد) واري شاهه عنايت
صوفيءَ (وفات: 1130 هجري) ۽ ٽلٽيءَ (ضلعو دادو)
واري مخدوم بلاول (وفات: 930 هجري/1523ع) جهڙن
مذهبي پيشوائن جي شهادتن جا دکدائڪ واقعا هن ئي
دور ۾ رونما ٿيا.
علمي ادبي ماحول
علم ادب جي لحاظ کان هيءُ زمانو خاصو خوشحال هو.
دارازا جي ويجهيءَ ڇڪ ۾ پير ڳوٺ وارا پير محمد
راشد روضي ڌڻي (1170-1233 هجري) ۽ پير صبغت الله
(1193-1246 هجري) هئا، جي نه رڳو پاڻ وڏا عالم
فاضل هئا، پر شاعرن جا به سرپرست هئا، خيرپور جا
حڪمران، مير سهراب خان ۽ مير رستم خان (وفات:
پونو، 1845) علم ادب جا وڏا شيدائي هئا.کهڙن جا
مخدوم، ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار، روحل فقير( وفات:1804)،
روهڙيءَ جي سيدن مان جان علي شاهه رضوي(وفات:
1167) ۽ فقير قادر بخش ”بيدل“ (1230-1289)،
پريالوءِ وارو مخدوم محمد اسماعيل نقشبندي (وفات:
1760) هجري)، نوشهره فيروز وارو پير شهاب شهاب
الدين ۽ آخوند محمد حيات ’حاتم‘ سچل سائينءَ جا مشهور بزرگ ۽ جوان همعصر هئا.
سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ مير علي شير ’قانع‘
(1140-1203)، منشي پرسرام ’مشتري‘ ٺٽوي (وفات:)
سيد ثابت علي شاهه (1153-
1225هه)، سيد ضياءُ الدين ٺٽوي ( 1091-1171هه) ۽ نواب ولي محمد
لغاري (وفات:1247هه/1832ع) فارسي شاعريءَ جا اهم
ستون هئا.
انهيءَ دور جي شاعريءَ جو اهم موضوع تصوف هو. هن
وچئين دور ۾ پاڪ-هند ننڍي کنڊ ۾ مذهبي جوش جذبي کي
جاڳائڻ جو تصوف ئي اهم ذريعو هو.
هندوستان
۾
اردوءَ جا سڀئي پهريان شاعر صوفي هئا. اهي انهن
درويشن ۽ مبلغن جي پونيرن مان هئا،جيڪي عهد به عهد
ٻاهرين فاتحن سان گڏ هتي آيا هئا، يا پوءِ دعوت ۽
تبليغ لاءِ وارد ٿيا هئا، ۽ پوءَ ماڻهن کي پاڻ
ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ انهن اصولن کي شاعريءَ جو ويس
پهرايائون.
اردوءَ جي ابتدائي دور جو عظيم شاعر ولي دکني(
1688-1744)،
نه رڳو پاڻ صوفي هو، پر هڪ صوفي گهراڻي مان، ۽ هڪ
صوفي، شاهه سعد اللہ ’گلشن‘ جو پوئلڳ هو. شاهه
مبارڪ ’ابرو‘ (وفات: 1756) جيڪو اردو جي ابتدائي
شاعرن مان آهي، دهليءَ جي صوفين جو روح روان هو.
پاڻ گواليار جي مشهور صوفي بزرگ، شاهه محمد غوث جي
اولاد مان هو. شيخ شرف الدين ’مضمون‘ (وفات:1745)،
پنهنجي پرجوش فوجي زندگي ترڪ ڪري، اهل تصوف جي
حلقي ۾ داخل ٿي ويو هو. شاهه حاتم (1699-1791ع)
مشهور فقير، ۽ جان جانان ’مظهر‘(1697-1781) هڪ
سرگرم صوفي هو. خواجه مير ’درد‘
(21/1720-85/1784ع) پنهنجي دور جو ممتاز صوفي شاعر
هو. هو مشهور صوفي بزرگ، خواجه مير ’درد‘
(21/1720ع-85/1784ع) پنهنجي دور جو ممتاز صوفي
شاعر هو. هو مشهور صوفي بزرگ، خواجه بهاءُالدين
نقشبنديءَ جي پونيرن مان هو. پير محمد تقي ”مير“
(1713-1810ع)،
مرزا رفيع، ’سودا‘ (1713-1781) ۽ انهيءَ دور جي
ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ تصوف جو رنگ گهڻو رچيل آهي.
فارسي شاعريءَ ۾ تصوف بابت اڳ تي گهڻو مواد
موجود هو. پوءِ جڏهن فارسي شاعريءَ کي مثال ڪري
ورتو ويو ته لامحاله اردو به صوفياڻي رنگ ۾ رنگجي
ويئي. ساڳيءَ ريت، اردو گيتن تي به تصوف جو رنگ
غالب هئڻ، هڪ اڻٽر فطري عمل هو. ( رام بابو
سڪسينا: اردو ادب جي تاريخ: نيشنل پريس،الهه آباد،
1949: ص 27) انهن همعصر ادبي لاڙن سچل سائينءَ جي
شاعراڻي ذهني لاڙي کي گهڻي قدر متاثر ڪيو. تاهم،
مختلف موضوعن تي سندس طبع آزماني پنهنجن همصعر
صوفي شاعرن کان بنهه مختلف آهي.
ابتدائي زندگي
ننڍڙي عبدالوهاب سنڌي،عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم
خانگي نموني،گهر ۾ ورتي. پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو
مدرسي ويو، ۽ استاد فارسيءَ جي الف-بي سيکارڻ لڳس،
ته ’الف‘ (جيڪو لفظ ’الله‘ جو پهريون اکر آهي)
کانپوءِ ’بي‘ ( جنهن جي معنيٰ آهي ’ کانسواءِ‘)
چوڻ کان نابري واري ويٺو؛چي: ”الف-بي جو مطلب
ٿيندو خدا کانسواءِ، ائين چوڻ مناسب ڪونهي،
تنهنڪري هرگز چوڻ
نه
گهرجي.“ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ قرآن شريف حفظ ڪري
ورتائين. هو وڏي ذهن ۽ ذڪاءَ جو مالڪ هو،ايتريقدر
جو چوڏهن سالن جي عمر ۾ عربي ۽ فارسي علوم
۾
وڏو عبور حاصل ڪري ورتائين. علم ۽ ادراڪ حاصل ڪرڻ
لاءِ سندس ديوانگيءَ جي حد تائين اهو چاهه ئي
هو،جنهن کيس حق جي تلاش جي راهه تي گامزن ڪري
ڇڏيو،
سنڌيءَ جو لافاني شاعر،شاهه عبداللطيف ڀٽائي،جڏهن
خواجه محمد حافظ (1101-1192) جي چار چشميءَ لاءِ
ٻيو ڀيرو درازا آيو هو، تڏهن سچل سائينءَ جي عمر
ست سال هئي. خواجه صاحب وقت جو وڏو عارف هو.
انهيءَ موقعي تي شاهه ڀٽائيءَ رحه ننڍڙي
عبدالوهاب کي ڏسي فرمايو هو ته ”هڪ ڏينهن هيءُ
نينگر وڏو روحاني مرتبو ماڻيندو ۽ اسان جيڪو ڪنو
چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ لاهيندو.“ ٻين لفظن ۾ شاهه
صاحب جيڪي خدائي راز ڄاڻي ٻجهي پنهنجي ڪلام ۾ ڳجها
رکيا هئا، اهي سچل سائينءَ جي هٿان واشگاف ٿيندا.
سو ٿيو به ائين.
اها پيشنگوئي درست ثابت ٿي. سچل سائين تي اڪثر
بيخودي طاري رهندي هئي، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پاڻ حسين
ابن منصور الحلاج (وفات: 309 هجري/ 922) جيان
نينهن جا نعرا هڻندو وتندو هو. منصور پنهنجي وقت
جو، مشرق توڙي مغرب ۾ هڪ ممتاز صوفي درويش هو. هو وجد ۾ اچي ’انا الحق‘
جو نعرو هنيو، جنهن ڪري کيس سنگسار ڪيو ويو. هو
سنڌ ۽ هند ۾ پڻ آيو هو.
سچل سائين اڪثر گهر ڇڏي جهنگ منهن ڏيئي هليو ويندو
هو، ۽ ڪنهن نويڪلي هنڌ ويهي عبادت ۽ رياضت ۾
ايتريقدر ته محو ٿي ويندو هو جو کاڌي پيتي جي ڳڻتي
به ڪانه رهندي هئس. پاڻ اڪيلائي پسند هو. فطرت جا
خوبصورت نظارا ۽ ڪائنات جون رنگينون، سندس اکين کي
طراوت ۽ روح
کي راحت
بخشيندا هئا. فرمائي ٿو:
پاڻ پنهنجو پاڻهي،صورت منجهه سڃاڻ،
ناهي شڪ گمان،’سچو‘ سائين هيڪڙو.
هڪڙي ڀيري سندس چاچي خواجه عبدالحق، جيڪو سندس
مرشد پڻ هو، کيس اهڙي هنڌ ياد الاهي ۾ محو ويٺل
ڏٺو، جيڪو ٻوڙن سان وڪوڙيل هو. تنهن تي خواجه صاحب
پنهنجا ٻه خادم سندس خبر گيري ڪرڻ ۽ اهو ڪلام لکڻ
لاءِ مقرر ڪيا،جيڪو انهيءَ حالت ۾ پئي چيائين.
پاڻ وچولي قد جو هو: چهرو نوراني ۽ اکيون مشعل
جيان ٻرندڙ هئس. سندس موڪري پيشاني مان هميشہ نور
پيو بکندو هو. وار وڏا رکندو هو ۽ ڊگهي سائي ٽوپي
پائيندو هو. لباس سادو پر اڇو پائيندو هو. سندس
زندگي، هڪ مثالي سادي زندگي هئي. پٽ يا ڪاٺ جي
صندل تي سمهندو هو. غذا هلڪي، سادي ۽ ٿوري کائيندو
هو. رات جو ماني ڪو نه کائيندو هو. اڪثر ڪري روزا
رکندو هو.
سچل سائين نهايت نرم مزاج ۽ خدا ترس انسان هو.
سندس پرڪشش مثالي زندگي قريب رهندڙ ماڻهن جون
دليون موهي وڌيون ۽ سندن تقديرون بدلائي ڇڏيون. خيرپور جا ٽالپر حڪمران سندس وڏي عزت
ڪندا هئا.
پاڻ ڪڏهن به نشو نه واپرائيندو هو. سندس چوڻ هو ته
”هڪ سالڪ کي ڪنهن نشيدار شيءِ جي ضرورت ئي ڪانهي.
هن کي ته مالڪ حقيقي جي محبت جي شراب جا پيالن
مٿان پيالا پيئڻ گهرجن. حقيقي محبوب جو جلوو
پنهنجين اکين ۾ پسڻ گهرجي، ۽ ان
۾
ئي پاڻ وڃائي ڇڏڻ کپيس. اي خدا! مون کي ڪنهن
انگوري شراب جي ضرورت ڪانهي. مون کي وحدت جو اهو
جام پيار. جيڪو دوئيءَ کان آزاد ڪري ڇڏي. اي طالب!
توکي پنهنجي مرشد جي آڏو ادب وچان هٿ ٻڌي ويهڻ
گهرجي، ۽ هو جيڪي ڪجهه چوي، تنهن کي سمورو
سچ
سمجهڻ گهرجي، بلڪ ان جي باري ۾ توکي ڪنهن به قسم
جو شڪ
۽
گمان نه هئڻ گهرجي.“
سچل سائين پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق جي نياڻيءَ
سان نڪاح ڪيو هو. بيبي صاحبه
شاديءَ کان ڪجهه سال پوءِ وفات ڪري ويئي. پاڻ وري
ٻي شادي نه ڪيائين ۽ پنهنجو سمورو وقت ۽ ڌيان ياد
الاهيءَ
لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. پنهنجي مرشد خواجه
عبدالحق(وفات؛1213هجري) کي پنهنجي ڪلام ۾ جتي ڪٿي.
ساراهيو اٿس ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ ڪامل اعتماد ۽
اعتقاد جو اظهار ڪيو اٿس. هو ’فنا في المرشد‘ جي
منزل ماڻي چڪو هو.
شاعري
سچل سائينءَ جي ڪرامتن جو ڪو ڪاٿو ڪونهي؛اهي اڄ به
زبان زد عام آهن. سائنسي فڪر جي ترقيءَ انساني
وجود کي هڪ نئين معنيٰ ڏني آهي. ساڳيءَ ريت، جديد
نظرين ۽ خيالن جو هڪ نئون دور جلوه پذير ٿي چڪو
آهي. پر سچل سائينءَ جو سڀ کان عظيم ۽ زنده جاويد
معجزو سندس ڪلام آهي؛جيڪو پنهنجو پاڻ
سڃاڻڻ سان گڏ حق کي سڃاڻڻ، انسان ذات جي اتحاد، ۽
شريعت
جي واڳ کي مضبوطيءَ سان پڪڙي، خود کي مڪمل طور تي
خدا جي سپرد ڪرڻ جي اصولن تي مبني آهي.
سچل سائين جو سنڌي،سرائڪي(ملتاني)،اردو (هندي) ۽
فارسيءَ ۾ ڪلام موجود آهي، جيڪو معرفت خداونديءَ
جو سرچشمو آهي. چيو وڃي ٿو ته سچل سائينءَ جو ڪلام
نو لک شعرن کان به مٿي هو، پر پوءِ پاڻ ان جو وڏو
حصو انهيءَ خيال کان تلف ڪرائي ڇڏيائين ته ماڻهو
انهن الاهي اسرارن کي غلط رنگ ڏيئي، متان گمراهه
ٿي وڃن.
پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ خود سچل سائين فرمائي ٿو
ته هيءَ ڪا رواجي شاعري ڪانهي، پر اها سموري خدا
تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا تي مبني آهي. ان
۾
قرآن جو مفهوم سمايل آهي ته رسول ڪريم صه جي حديثن
جو به:
اين
سخن
ڪي شعر باشد اي پسر؛ اين همه ذڪر است آيات و خبر
هڪ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو:
من همه تفسير قرآن خوانده ايم؛مغز قرآن را از
خوانده ايم ( مون قرآن شريف جا سڀيئي تفسير پڙهي
پروڙي ورتا آهن ته جيئن انهن مان وڌيڪ بامقصد
هدايتون حاصل ڪري، انهن کي شاعراڻو روپ پهرائي
سگهان.)
ساڳيءَ ريت فرمائي ٿو: اين
سخن عشق است، ني شاعريست؛ ڪي خسان اين اشعار ما
(هيءَ رواجي شاعري ڪانهي پر معرفت خداونديءَ جو
ڀنڊار آهي. پوءِ ڀلا ڪو جاهل منهنجن شعرن کي ڪيئن
سمجهي گهندو؟)
سچل سائين فطري شاعر هو. انهيءَ ڪري شعر لکڻ لاءِ
قلم ۽ ڪاغذ جي ضرورت ئي ڪانه هوندي هئي، ۽ نه وري
شعر جي بحر وزن تي سوچڻ لاءِ وقت درڪار هوندو
هوس. بلڪ سندس رواجي گفتگو به ڄڻ شاعري ئي هوندي
هئي. هڪ ڀيري ڪنهن کيس پارس پهڻ پيش ڪيو، ته پاڻ
ائين چئي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين ته ”جڏهن
منهنجين اکين سان ئي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته پوءِ
هن پٿر جي ڪهڙي گهرج ٿي سگهي ٿي.“
سچل سائين موسيقيءَ ۽ راڳ راڳڻين جو ڳوڙهو اڀياس
ڪيو هو، ۽ تنبورو کڻي ڳائيندو به هو. وٽس اوري پري
جي ڳائڻن جي به اچ-وڃ رهندي هئي. هوڏانهن تار تي
هٿ لڳو ۽ راڳ ڇڙيو، ته پاڻ بيخود ٿي ويندو هو. وار
اڀا ٿي ويندا هئس ۽ اکين من ازخود آب جاري ٿي
ويندو هوس.انهيءَ ڪيف ۽ مستيءَ جي عالم ۾ بي
اختيار شعر چوندو ويندو هو، جيڪي سندس عقيدتمند
لکندا ويندا هئا.
جيڪڏهن اتفاق سان کانئن ڪو اکر لکڻ کان رهجي ويندو
هو، ته جڏهن پاڻ عام حالت ۾ ايندو هو، ۽ ان لاءِ
پڇندا هئس، ته ورائيندو هو:“اهو ڳائڻ وارو ئي هو
جنهن اهو ڳايو. مون کي خبر ڪانهي ته اهو اکر ڪهڙو
آهي. ”سمي نمي گويم،
يار ميگويد بگو.“
اردوءَ جو پهريون شاعر
سچل سرمست سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي
مادري زبان، سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردوءَ ۾ به طبع
آزمائي ڪئي. سندس اردو شاعريءَ جي مطالعي ڪرڻ سان
هڪواري هيءَ ڳالهه اعتبار ۾ ئي نه ايندي ته اهو
ڪنهن پيدائشي سنڌي شاعر جو ڪلام آهي. سچل سائينءَ
جي اردو ٻولي نهايت سادي آهي، پر ان ۾ تصوف ۽ فطرت
انساني جي باريڪ نڪتن جي خوب ترجماني ڪيل آهي.
سنڌيءَ جيان سچل سائين پنهنجي اردو شاعريءَ ۾ به
ساڳي بيباڪيءَ، صافگوئيءَ، جولانيءَ ۽ دليريءَ سان
زندگيءَ جي رازن ۽ رمزن
جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي، ۽ عشق حقيقي ۽ معرفت
خداونديءَ کي پوري سچائيءَ سان پيش ڪيو آهي.
يه درد مجهه کو جانان اب خبر کيا
هي،
مجروح ميري دل کو
اس
اک نظر ني کيا
هي.
فارسي شاعري
سچل سائينءَ جي فارسي شاعريءَ تي عطار، رومي ۽
جامي جو رنگ غالب نظر اچي ٿو. ان ۾ اطمينان
قلبيءَ لاءِ انيڪ گوهر موجود آهن. خيال ۽ ترتيب
جون خوبيون به گهڻيون آهن. البت ڪن شعرن ۾ بحر ۽
وزن جو معيار گهٽ آهي، تاهم ماڻهن جي روحاني
نشونما جي خيال کان ڪلام ۾ جيڪا گهرائي موجود آهي،
ان جي پيش نظر اها ڪمي ايتري اهميت نٿي رکي.
بحرحال، ڪيف ۽ مستيءَ جي عالم ۾ سندس واتان جيڪي
وحدتي ڪلما نڪتا آهن، انهن مان روحاني سڪون حاصل
ڪري سگهي ٿو.
سندس فارسي شاعريءَ جي نون ڪتابن مان سڀ کان اهم
مجموعو، ’ديوان آشڪار‘ آهي، جنهن کي پهريون ڀيرو
مولوي نورالحق ترتيب ڏنو، ۽ خيرپور جي واليءَ مير
علي مراد خان ٽالپر (وفات 1894ع) اڻويهين
صدي عيسويءَ
جي شروع ۾، نولڪشور پريس لکنوءَ مان ڇپائي پڌرو
ڪيو. هيءُ ڪتاب صوفياڻي نڪتن جو املهه خزانو آهي،
پڙهندڙ جي اکين کولڻ ۽ روحاني سڪون بخشڻ لاءِ ڪافي
انهيءَ ڪلام مان صافگو، بيباڪ ۽ معرفت خداوندي جي
رنگ ۾ رچيل سچل سائينءَ جي حقيقي تصوير سامهون اچي
ٿي. انهي باري ۾ پاڻ فرمائي ٿو ته” منهنجا شعر آءٌ
پاڻ نٿو چوان، پر منهنجو دوست مونکان چوائي ٿو.“
هڪ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو ته ”آءٌ هر جا حاضر آهيان ۽
سڀ تي قادر آهيان. آءٌ پاڻ خدا آهيان، آءٌ پاڻ حق
آهيان، پوءِ جيڪڏهن مون محبت وچان هيءُ مٽيءَ هاڻو
لباس پاتو ته ڇا ٿي پيو!سچل سائين ان کان به اڳتي
وک وڌائي. پاڻ کي منصور ۽ شاه چوي ٿو: ” آءٌ هن
ناپائدار دنيا ۾ منصور جيان اهوئي آلاپيان ٿو ته
آءٌ پاڻ حق (خدا) آهيان، ۽ پرزور انداز ۾ پنهنجي
حاڪميت جو اعلان ڪندي چوان ٿو ته آءٌ پاڻ بادشاه
آهيان“. سچل سائين پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ ”
آشڪار“ ۽ ’خدائي‘ ۽ سنڌي، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾
’سچل‘، ’سچو‘ ۽ ’سچيڏنه‘ تخلص اختيار ڪيا.
سنڌي شاعري
سچل سائين جي سنڌي شاعري تمام وسيع ۽ مثالي آهي.
انهيءَ دور ۾ توڙي ان کان اڳ، سنڌ ۾ دوهن ۽ بيتن
جو رواج هو. تنهنڪري، سچل به انهن صنفن ۾ طبع
آزمائي ڪئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ (1689-1752)
سنڌي شاعريءَ ۾ بيت ۽ ڏوهڙي کي هيئت ۽ مضمون
آفريني جي لحاظ کان اوج تي پهچايو. سچل سرمست وري
سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافي، غزل ۽ مرثيي جو اضافو ڪيو، ۽
انهن کي بلند درجي تي پهچايو. شاهه صاحب پنهنجي
شاعريءَ جو تاڃي پيٽو مشهور مقامي قصن ڪهاڻين کي
بڻايو. پر سچل سائينءَ نه رڳو انهن داستانن کي
ڳايو آهي،پر اسلام جي مشهور صوفي درويشن ۽ اسلامي
تعليم جي اهم مرڪزن کي به پنهنجي ڪلام ۾ به بيان
ڪيو آهي.
سچل سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي تشهبيهون، تمثيلون
۽ استعارا ڪتب آندا آهن، انهن کيس،شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رحه کانپوءِ سنڌي ادب جو ’روشن تارو‘ بڻائي
ڇڏيو آهي. پر حقيقت جي اظهار، عشق جي ماجرا ۽ حسن
جي تمثيلي تعريف ۾ سچل سائين، ڀٽائي بزرگ کان ٻه
قدم اڳتي نظر اچي ٿو.
سرمست سائينءَ جو سرائڪي ڪلام، سنڌي ۽ فارسي ڪلامن
جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي؛ پر جيڪو ڪجهه آهي، سو سڀ عشق
حقيقيءَ جي اسرارن سان ٽمٽار آهي. ان ۾ سرائڪي
ٻوليءَ جون سموريون خوبيون موجود آهن. پاڻ
هير-رانجهي جي مشهور قصي کي صوفياڻو ويس ڍڪائي،
نئي ۽ دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو اٿس. سچل سائين جي
سرائڪي ڪلام جي گهرائيءَ ۽ اثرائتي انداز بيان کان
متاثر ٿي ’سيف الملوڪ‘ جي مصنف، مولوي لطف علي
(1129-1209)، خواجه غلام فريد(1261-1319هه)، بيدل
فقير(1814-1872) ۽ حمل لغاريءَ (1225-1296) جهڙن
بلند پايه شاعرن به ان جو تتبع ڪيو.
وحدت الوجود
سچل سائين وحت الوجودي شاعر هو. هو منصور حلاج،
ابن عربي ،شمس تبريز، عطار، روسي، سرمد ۽ انهيءَ
نظريي جي ٻين صوفي بزرگن جو پوئلڳ هو، اهو ئي سبب
هو، جو هُو پاڻ فنا ڪرڻ سان پاڻ-سڃاڻن، ۽ عالمگير
محبت جي راهه اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ کليو کلايو
پنهنجي وحدت الوجودي نظريي سان وابستگيءَ جو اعلان
ڪندو رهيو.
انهيءَ نظريه پٽاندڙ هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه آهي،
سو سڀ ’حق‘ آهي، ۽ ان جا مختلف رنگ روپ ۽ نظارا،
انهيءَ حقيقت جا جدا گانه پهلو آهن. يا ائين کڻي
چئجي ته اهي سمورا فطري مظاهر خالق ڪل جا مختلف
روپ آهن. سچل سائين جي شاعري جو سڀ کان اهم موضوع
اهو ئي آهي:
آهيان آءُ اسرار،جيڏيون، مون کي ڪير ٿيون ڀانيو؟
توري ناري ناهيان،آهيان رب جبار.
هڪ ٻئي صوفي شاعر،ابن الفارض انهيءَ نظريي کي هن
ريت واضح ڪيو آهي:
ڪلانا مصل واحد ”ساجد“ اِليٰ حقيقہ بالجمع في ڪل
سجدہ“ وماڪان لي صليٰ سواي ولم تڪن صلاتي لغيري في
ادا ڪل رڪعت.
(اسين ٻئي ڄڻ هڪ ئي عبادت گذار آهيون، جيڪو انهيءَ
اجتماعي حيثيت ۾ جڏهن سجدو ڪري ٿو، ته ڄڻ هر ڀيري
پنهنجي جوهر يا اصليت کي ئي سجدو ڪري ٿو: ڪو به
منهنجي اڳيان نٿو جهڪي، پر ڄڻ پنهنجي ئي آڏو جهڪي
ٿو. ساڳيءَ ريت، آءُ پاڻ به ڪنهن ٻئي جي عبادت نٿو
ڪريان، پرڄڻ ته هر ڀيري آءُ پنهنجو پاڻ کي ئي سجدو
ٿو ڪريان)
انهيءَ منزل تي پهچڻ کانپوءِ ابن الفارض
(1182-1235ء/576-632هه) چئي ويٺو:
الي رسولاً ڪنت مني مرسلاً و ذاتي بآياتي علي
استدلت (آءُ هڪ اهڙو مبلغ هوس، جنهن کي خود پاڻ
وٽان ئي موڪليو ويو ۽ منهنجين پنهنجين نشانين جي
ظهور ذريعي منهنجو جوهر منهنجي رهنمائي ڪري رهيو
هو.)
جيئن سچل سائينءَ جو چوڻ آهي؛
آءُ،اچي ڏس عشق ’سچل‘ جو، روزون روز سوايو آه!
’ديوان آشڪار‘ ۾، جيڪو خود سندس چوڻ مطابق عشق
حقيقي جي هيرن جي ڄڻ کاڻ آهي،فرمائي ٿو:
اين ڪتاب ڪرده ايم از عشق پر،
اندروش هست پيدا صد گوهر.
سچل سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ ۾ سرشار
صوفي بزرگن جو ذڪر وڏي عقيدت سان ڪيو آهي:
دردون سيته يابم بوئي يار، شد معطر جان من از شہ
عطار.
(آءُ پنهنجيءَ دل ۾ به انهيءَ محبوب رباني،عطار جي
خوشبو محسوس ڪريان ٿو، پوءِ جيتوڻيڪ منهنجو سڄو
جسم ئي هن جي هٻڪار سان واسيو پيو آهي.)
خواج ء منصور شاه عاشقان، قدر او دانند جمله
عارفان.
(خواجه منصور حق جي عاشقن جو بادشاهه آهي، سندس
روحاني مرتبي کي سڀئي صوفي چڱيءَ پر ڄاڻن ٿا.)
خاڪ پا سلطان تبريزي شوي يڪ بارگر،
تا شود آگ ترا علم حقيقت سر بسر.
(جيڪڏهن تون صرف هڪ ڀيرو شمس تبريز رحه جي پيرن جي
پڻي بڻجي وڃين، ته هوند پنهنجي وجود جي حقيقت
معلوم ڪري وٺين.)
اهڙي طرح ’ديوان آشڪار‘ ۾ صنعان، شاه شرف الدين
بوعلي قلندر، نجم الدين ڪبريٰ عبدالله
هروي،عبدالخالق خراساني، حسين بن منصور حلاج جي
رفيق خواجه ابو العباس ۽ شاگرد شيخ هيڪل بغدادي،
شاه ڪرمل ۽ صوفي شاهه عنايت جو ذڪر ڪيو اٿس؛ ۽ هڪ
سنڌي ڪلام ۾ حضرت ذڪريا ۽ حضرت يوسف کان علاوه
بلهي شاهه، جعفر، قاسم، بلاول، موسيٰ، ڦيروءَ ۽
آڪيداس کي عاشقن ۾ شمار ڪيو اٿس.
مذهبي نظريا
سچل سائين کي عام طور دين ڌرم جي خلاف سمجهيو
ويندو آهي. اها وڏي گمراهي ۽ اڻڄاڻائي آهي. سالڪ
درازيءَ اصل ’حقيقت‘ کي آشڪار ڪيو؛ظاهر داري، تنگ
نظري ۽ مذهبي اجاره داريءَ جي خلاف جهاد جو جهنڊو
بلند ڪيائين. ماڻهن جي وچ ۾ مذهب جي ڪري نفاق ۽
فرق کي مٽائڻ جي دعوت ڏنائين ۽ ظاهري علم جي
مقابلي ۾ باطني واردات جي اهميت جو اعلان ڪندي،
ذهن ۽ قلب کي وحدت جي وائيءَ سان پاڪ صاف ڪرڻ جي
تلقين ڪيائين. سندس ڪلام ۾ ڪٿي به مذهب جي مخالفت
۽ ماديت جي تبليغ جو ڪو اشارو به نٿو ملي ۽ حقيقت
به اهائي آهي ته انسانيت ۽ آدميت جي شرف ۽ فضيلت
کي نروارڪرڻ ۽ فعال بڻائڻ لاءِ مذهب جي صحيح تعليم
نهايت ضروري آهي، ۽ دين اسلام ۾ اهي سڀ خوبيون
موجود آهن، جن جا اولڙا اسان ٻين نظرياتي ڏيئن جي
عارضي روشني ۾ ڏسون ٿا.
سچل سائين قادري طريقي جي درويشن مان هو. پر مٿس
چشتي طريقي جو به وڏو اثر هو. ”اي خدا! منهنجي طرف
کان جيڪو ڪجهه اوهان ڏانهن اچي ٿو، ان لاءِ منهنجو
عرض آهي ته ان کي درگذر فرمائجو. ۽ جيڪي ڪجهه
اوهان جي طرفان مون ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ آءُ
ثنا خوان آهيان!“- حضرت سچل جو اهو ئي متو ۽ دستور
العمل هو. عام طورتي پاڻ باقاعدگيءَ سان پنج وقتي
نماز ادا ڪندو هو. پر وجداني ڪيفيت طاري هئڻ جي
حالت ۾ اها پابندي قائم نه رهندي هيس.
.آءُ پنهنجي محبوب حقيقي جو جلوو هر هنڌ پسان ٿو.
۽ ان جو اظهار ڪريان ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو آءُ دنيا وارن جي اڳيان هڪ ملحد
آهيان.
پرآءُ ثابت قدم آهيان ۽ انهيءَ حقاني راهه تان
هرگز هٽي نٿو سگهان. انهيءَ ڪري ئي آءُ خوش ۽
مطمئن آهيان.“
مشهور صوفي دانشور، جلال الدين رومي( 1207-1273ع)
پنهنجي مثنويءَ (اشعار 1345-1350) ۾ انهيءَ
صوفياڻي تجربي جو ذڪر اجهو هن ريت ڪري ٿو:
”توحيد خداوندي ڄڻ هن (وحده لا شريڪ لہ) جو
رنگسازيءَ جو هڪ حوض آهي، جنهن ۾ سڀئي رنگا رنگي
شيون هڪ رنگيون ٿيو پون.
پوءِ جڏهن هو (صوفي) انهيءَ حوض ۾ ڪري پوي ٿو ۽
توهين هن کي چئو ٿا ته ٻاهر نڪر،
ته هو واشگاف الفاظ ۾ چوي ٿو: ”آءُ ئي حوض آهيان.
اوهين (مون تي) الزام نه ڌريو“. تنهنڪري، ’آءُ حوض
آهيان‘ چوڻ ائين ئي آهي جيئن چئجي ته ’آءُ خدا
آهيان‘.
پوءِ هن جو رنگ باهه جهڙو آهي، پوءِ جيتوڻيڪ پاڻ
لوهه آهي.
لوهه جو رنگ باهه جي رنگ ۾ جذب ٿي ويو آهي.
پوءِ اهو (لوهه) پنهنجي آتش تي ڦونڊجي ٿو، پوءِ
جيتوڻيڪ (اصل ۾) اهو اهڙو آهي، جنهن جي ڪا هستي
ڪانهي.
جڏهن اهو تپي سون جيان جرڪڻ لڳي ٿو،
تڏهن زبان نه هئڻ جي باوجود پاڻ پڏائڻ ٿو لڳي ته
”آءُ باهه آهيان.“
جيتوڻيڪ باهه جي رنگ ۽ فطرت ئي هن کي اهو وقار
بخشيو آهي، تاهم، هو چوي ٿو: .آءُ باهه آهيان. آءُ
باهه آهيان.“
ڪيف ۽ سرمستيءَ جي عالم ۾ سندس واتان نڪتل شطحيات
جي آڌار تي ماڻهن سچل سائينءَ تي ڪفر ۽ الحاد جا
الزام ڌريا، پر پاڻ شريعت جي مڪمل پابندي ڪرڻ ۾
ويساهه رکندو هو.
شريعت تي عمل ڪرڻ بابت پاڻ هنطرح تلقين ڪري ٿو:
از شرع روم تاب گرمردي، غوث قطب ڪند سلام شرع.
گوچه مير و وزير سلطان است، برهمه غالب است حڪام
شرع.
(جيڪڏهن تون مرد آهين، ته پوءِ شريعت کان منهن نه
موڙ.
ڇاڪاڻ ته وڏا غوث ۽ قطب به ان جو سلام (پابندي) ڪن
ٿا. پوءِ ڀل ته ڪو بادشاهه، وزير ۽ سردار هجي،
شريعت جي حڪمن جي پابندي ڪرڻ سڀ تي لازم آهي،)
(رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم) لاءِ کيس وڏي حب،
عقيدت ۽ احترام هو. سچل سائين ’ديوان آشڪار‘ ۾ اها
دعويٰ ٿو ڪري ته هڪ ڀيري سندس رسائي حضرت محمد
مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جي درٻار تائين ٿي هئي.
پر پوءِ کيس چيو ويو ته پاڻ (اڳتي) پنهنجي مرشد
(خواجه عبدالحق) جي اجازت کان سواءِ اوڏانهن نه
وڃي. سندس سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي شاعريءَ ۾ حضور
اڪرم صه صلي الله عليہ وسلم جي شان ۾ ڪيترائي
قصيدا موجود آهن. ’ديوان آشڪار‘ ۾ فرمائي ٿو:
اي دلا! در بارگاهه مصطفيٰ صه هوشيار باش،
گر تو عاشق صادقي،از غير او بيزار باش.
هم ز ابوبڪر و عمر،عثمان، نداري ا حولي،
گوش ڪن، حلقه غلامي چاڪرِ ڪرار باش.
توتيائي چشم ڪن خمود خاڪپاي مرتضيٰ،
از غمِ شاهِ شهيدان سال و ماه بيمار باش.
(اي دل، جڏهن رسول اڪرم صه جي پر وقار ۽ قابل
احترام درٻار ۾ پهچين، ته هوشيار رهه. جيڪڏهن تون
حضور صه جو سچو پرستار آهين، ته پوءِ تو کي انهن
سڀني غيرن کان پاڻ پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي کين پسند
ڪونهن.
(حضرت ابو بڪر رضه، حضرت عمر رضه، حضرت عثمان رضه
جي شان ۾ ڪا بي ادبي نه ڪر، حضرت حيدر ڪرار رضه جو
غلام بڻجي وڃ.
حضرت علي مرتضيٰ رضه جي پيرن جي خاڪ کي پنهنجين
اکين لاءِ سرمو بڻاءِ؛شهيدن جي بادشاهه (حضرت امام
حسين رضه) جي غم ۾ سڄو سال اگهو ٿي گذار.)
ظاهر آهي ته حضرت سچل سرمست تصوف ۽ روحانيت جون
سموريون منزلون ڪاميابيءَ سان طئي ڪري ورتيون
هيون. متانت (سهو)، بيخودي(سڪر)، اتحاد جي قائم
مزاجي (سهو الجامع) بلڪه سنجيدگيءَ جي ان کان به
مٿاهين حد (السهو الثاني) پار ڪري، وحدت (اتحاد)
جي بلند ترين درجي تي پهچي چڪو هو. اهو ئي سب هو
جو پوئين دور ۾ سندس روش انوکي ۽ سلوڪ دقيق بڻجي
ويو هو. سماع (نچڻ) ۽ ڳائڻ جو به شوقين هو ۽ گهڻو
وقت مراقبي ۾،ذڪر ۽ فڪر ۾ گذارڻ لڳو هو.
سچل جو پيغام
ساده لوح سٻاجهڙن سنڌ واسين تي اهل تصوف جي گهري
اثر سببان هن علائقي ۾ سيدن ۽ پيرن جو وڏو اثر
رهيو آهي. سچل سائين پنهنجي وڏي پيشرو، حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جيان، هڪ با اثر پير گهراڻي مان
هو. جيڪڏهن اهي ٻئي بزرگ، تصوف سان لنءُ نه
لڳائين ها، ۽ پنهنجي افڪار ۽ محسوسات جي اظهار
لاءِ شاعريءَ جو رستو اختيار نه ڪن ها، ۽ پنهنجي
خاندانن جي ٻين فردن جي تقليد ڪندي، انڙن جهڙو
اميراڻو ٺاٺ باٺ اختيار ڪن ها، ته هوند اڄ سنڌ جو
ثقافتي وايو منڊل ڪو ٻيو هجي ها.
سچل سائين جي ذاتي زندگي،هڪ نهايت مثالي زندگي
هئي. |