سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

باب :1

صفحو :17

رهي رهندا ڪيترو، فاني فراقي                (ڀيروي-22)

ز

زاريون ڪيم ذيل مان، روئي زارون زار (ڪوهياري-153)

زور غرور غماز، عادت البيلن جي              (ڀيروي-1)

س

ساجهر سنگهارن کي، الله شل آڻي            (کنڀات-17)

سارنگ سعي ۾ اٿي، ’سچل‘ سُستي ڇڏ    (سارنگ-20)

ساري ساز سرود سان، سارنگ لڌن سار        (پهاڙي-8)

ساريم سي سنگهار، جنم لنگهايم جن سان (کنڀات-51)

ساقي سڀ سبب، ’سچل‘ سڪ وارن جو      (ڀيروي-23)

ساهٿان ويل ويام، ڪاڪيون هاڻي ڪينءَ ڪريان (ڪوهياري-31)

سڀ سڃاتئون ڪين ڪي، جوڳن ماري جک         (ڪاريهر-4)

سڀڪنهن ساعت سپرين، ’سچل‘ ٿي ساريام        (ڪوهياري-133)

’سچل‘ سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪُل (آسا-58)

’سچل‘ ساءِ سهڻن سان، وس نه ڪهنجو هلي        (ڀيروي-15)

’سچل‘ سڪ نه جن کي، سي ٺوڙها ٺڪر ٺلا        (ڀيروي-13)

’سچل‘عشق ٻڍونا ٿئي، ٿي جي چٽي ڏاڙهي        (گجري- 31)

’سچو‘ آهيان آءٌ، جو ٻانهو ٻي جو نه ٿيان    (آسا-14)

’سچو‘ وسري ڪين ڪي، ويچاريءَ وچن     (ڪاريهر-37)

سڏڪا سييء سوز جا، ڀنيءَ رات ڀرن         (آسا-39)

سرتيون ساماياس، تا آيس اوراقن ۾           (کنڀات-36)

سُر سُريلا سوز جا، سارنگ ٿو سوري           (سارنگ-29)

سِرَ سنواريون سُر کي، سُر سنواريو سِرُ (سورٺ-3)

 سر ساهيم سهڻل ليءِ، بر ٿر بئباني                 (ڪوهياري-11)

سڪ ’سچل‘ کي سرتيون، ڪيا سيني اندر سل (متفرقه ڪافي-9)

سڪ سچيءَ کان ڪو نه ڪو، سبق  سوز سکن (آسا-29)

سکن واريون سَوَ، ڪا ڪا ڏکن واري           (ڪوهياري-139)

سگهو اُڏامي آءٌ، پکيئڙا پرينءَ جا             (مالڪوس -52)

سمجهي ڪير ’سچو‘ چوي، بلوچن جي بات         (ڪوهياري-89)

سمي جي سهاڳ تي، آيون ڏاڍي انڌ          (ڪليان-15)

سڀنري سرودن سان، سالڪ ڪيا ساٺ                ( سورٺ-10)

سندو راز رقعو، آيو جو عجيب ڏنهه           ( ڀيروي 2-44)

سنگهارن جي سڪ، آهي منهنجي من               (کنڀات-95)

سُڻي سنيها نيهه جا، جهوريءَ پئي جهڄي   (ڀيروي2-49)

سور نه سلي سان، جهن ’سچو‘ سور پرايو     (ڪوهياري-142)

 سوئي اندر سوئي ٻاهر، سوئي تهنجي چولي         (گجري-9)

سي ڏينهن ويڙا گذري، ڄڻ منجهه خواب خيال (کنڀات-1)

ش

شال نه رهن ڏور، هئن اباڻا اوڏڙا                (کنڀات-34)

شاها تنهنجي شفقت جو، آهي ڪو نه شمار (ڪلياڻ-1)

 شل پهچي پروانو، سلامت کي سڄڻا                (ڀيروي-2-34)

ص

صبح ويل، سويل جو، سارنگ لاتي سوڙه      (سارنگ-28)

صدقي ڪندس سِرُ ساهه تان، ٻيو سڀ ملڪ ۽ مال

(متفرقه ڪافي-12)

صورت مورت هڪ اٿي، نائين ڏس نيڻن      (آسا-43)

ط

طبل وڄائي وحدت وارو، غازي ڇڏ گدائي      (گجري-17)

طعنا تنڪا لوڪ جا، سر چڱا چايام          (ڪوهياري-47)

ع

عاشق اناالحق، آکيو پيو آکيج                         (ڀيروي-33)

عاشقُ هت اوهان بنان، آهي منجهه حشر      (ڀيروي2-51)

عاشق کي آر، ڪهڙو آهه قريب کان           (ڪاريهر -15)

عالم کي آگاه، سارنگ ڪندو آيو             (سارنگ-12)

عرض ڪيائين اَگي کي، سوڀ ڏئين ستار    (سورٺ-9)

عشق امانت خاص الله دي، جو ڏيوﻵ دل ڪون فراخي

(تصوف، ڏوهيڙا-8)

عشق جني سان غمزو لاتو، علم نه سي ٻيو پڙهندا (گجري-21)

عشق محبت ٻاجهون ڄاڻين، ٻي سڀ راه خلافي (گجري-27)

ف

فڪر ڪن نه فنا جو، بقا کي نه پڇن (آسا-30)

ق

قاتل فوج حُسن جي آئي، ڪاهون ڪاه ڪٽڪ       (ڀيروي-6)

قدر تن کي ڪهڙو، جي آهن اولجلول                 (ڪلياڻ-56)

قدر ڄاڻي پاهنجو، ڪڍ ٻانهپ  سندو ٻول    (آسا-60)

قدر هدايت جو، منجهه آهي ضلالت           (آسا-4)

قدم رکي ڪات تي، ڪنڌ قربان ڪن                (جوڳ-12)

قسمت قيد ڪٿي ڪيو، ڪٿان جي ڄائي    (کنڀات-78)

قسمت قيد الماءَ کي، ڪون جهلي ڪوئي    (پهاڙي-28)

قسمت ڪيس ڪنگال، نه ته حاڪم هيو هزار جو (ڪاريهر-5)

قطرا آب عرق، سونهن سڄڻ مُنهه تي                (ڀيروي-28)

قوس قزح ڪمان، ابرو عجيبن جا             (ڀيروي- 3)

قول اُهو پاڙيج، هو جو ڪيڙيءَ هوت سان     (ڪوهياري-39)

ڪ

ڪاغذ مڪئين ڪيترا، پر ريڌو نه راڻو        (راڻو-28)

ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪوڙين آهن ڪوه              (ڪوهياري-102)

ڪاف ڪشالا ڪيترا، هزارين فرسنگ                 (ڪوهياري-101)

ڪاڪ نه ڪر ڪاري، سوڍا لهه سماءُ          (راڻو-23)

ڪامل! تکو ڪاڪ تي، چڙهي ڪرهل ڪاه   (راڻو-21)

ڪاني مونکي قلب ۾، قرب هنئي ڪا جا    (ڪاريهر-8)

ڪر تون گذر ٻي گوڙ کون، اَٿي راه رب جي داستان (متفرقه ڪافي-8)

ڪفر زلف اسان جو آهي سندم اسلام                (متفرقه ڪافي-5)

ڪڪرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ    (سارنگ-30)

ڪل شي هو الله، سڀ صورت هڪ سڃاڻي   (گجري-18)

ڪمينيون ڪوجهون، قادر  تهنجون آهيون    (پهاڙي-29)

ڪنڌ اونڌي اوريج، اٺئي پهر عجيب کي      (آسا-41)

ڪهن سڻايان سرتيون، اندر جو احوال          (ڪوهياري-150)

ڪير سهندم سومرا، مارن ريءَ ماڻا           (کنڀات-24)

ڪير ڪندو تن ريس، سمي جي سهائيون     (ڪليان-36)

ک

کان ترار تکي، هئي ڪتابت قريب جي       (ڀيروي2-55)

کريون ۽ کوٽيون، ته به آخر ننگ تماچ تي    (ڪلياڻ-57)

کوڙي ڪانَ قريبُ ويو، هينئين منجهه هزار    (ڪوهياري-18)

کنوڻين ڪيا کيج، اڄ ڏاڏاڻي ڏيهه ڏي                (کنڀات-93)

گ

گلذاريون ۽ گاه، پٽن تي پڌرا ٿيا              (سارنگ-12)

گوندر جن گذاريو، آءٌ  تني گهوري             (ڪوهياري-131)

گهه

گهُر ته ڏيانِ ڏوليون، موتن مهاري             (سورٺ-24)

گهڻا  ڏينهه ٿيا، مون ڏوريندي ڏونگرين       (ڪوهياري-43)

گهوڙا ڙي گهوڙا، ڪري من مستان ويا        ( جوڳ-18)

ل

لاٿئه  پهنجي لطف سان، اسان کان احتياج   (ڪليان-34)

لاهج لڳ خداءِ جي، ذرو پرزو زنگ            (راڻو-5)

لاههِ فراق فقير کان، والي ويجهو ٿيءُ          (ڀيروي 2-46)

لائق لعل ٿين، کامي لهسي لوسجي          (آسا-40)

لٽا ليڙون ليڙ ٿيا، ٿي پوتي                   (راڻو-40)

لڙهان لس لِکيون، پرين پيغامن جون          (ڀيروري-2-4)

 لنگهو لائق هو مگر، لک ڪيس لاچار       (سورٺ-8)

لوچي سي لهن،جن ’سچو‘ ٻڌو سندرو                (پهاڙي-30)

لوڌي ڪڍيائون لوءِ مان، راجهن رمزدار         (ڪاريهر-25)

لوڪن لک نه ڪائي، ڪير سالڪ کي سمجهن (سورٺ-20)

لوهاڻيون لوريون، پارس لڳي سونُ ٿيون        (ڪليان-23)

لهه ڪمينيءِ ڪل،ٻاروچل ٻاجهه ڪري               (ڪوهياري-103)

ليس في حبته  ما سوا الله، هيڇ ٿئي سڀ هستي (گجري-19)

مٿان وسڻ، هيٺان چڪڻ، سيءَ ميون ساري رات (سارنگ-27)

مٿو ڏيئي منگتي،محڪم ڪر مثال          (سورٺ-23)

محبت سندو ٿو ٻري، مون من اندر مچ        (راڻو-19)

 محبت ڪيو محتاج، نه ته ڪير تماچي گندري (ڪلياڻ-30)

مدعا جنهن مام جي، تهن ويجهو ڪين وڃن        (آسا-29)

مڏيون مال ڏسي اهي، غمزا هڻن غول                 (ڪليان- 56)

مخدومي ۽ شيخي پيري، خام ڇڏي ڏي خاني (گجري-15)

 مرد ٿي تون مينڌرا، سوڍا سڱ سڃاڻ        (راڻو-38)

مرڻ ڪنان جي اڳي مئا، ’مان‘ کي ڪين مڃڻ ( آسا-42 )

مرلي تي تهن مرد جي، کنيا ڪاريهرن ڪر   (ڪاريهر- 28)

مس ڪاريءَ جان من کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪن (آسا- 29 )

مسڪينيءَ جو مرد کي، خطرو نڪو خيال    (ڪاريهر – 6 )

مشڪل موٽڻ تن جو ، هي جي لڪ لنگهن (کنڀات – 13 )

مصحف پاڪ چوان، منهڙو محبوبن جو       (ڀيروي- 31)

مڪر ساڻ ملڪ کي ، لٽيرا لٽين

اللہ خير الماڪرين ، سڃانا سمجهين

ڪريو پيا ڪرين، اٽڪلون اللہ سان                    (متفرقه ڪلام- 24)

من مون ملي يار ، لهن ڏولا ڏيل کان          (ڪاريهر – 18 )

منڇر مها وچ ۾ ، ڪن رنگيليون راڳ        (ڪليان – 9 )

منڊل ٿيا مڪران تي ، گوڙن جا گرگاٽ       (سارنگ – 30 )

مندر ڪري من کي، پوڄاري پوڄاءِ ،

پار نه پيو پڇاءِ ، پوڄاريا پربندر جا    (متفرقه ڪلام – 34 )

مهنجو اندر اڌ ڪيو، فنا هن فراق     (ڪوهياري – 50)

موتي مڙهيل مکڙين، ڄڻ قرآني حاشي ( ڀيروي – 18 )

مولا سندي مهر چوان، جو وڇڙيون گڏ گڏي ( پهاڙي – 19 )

مولا سندي مهر سان ، ساوا ٿيا سنگهار ( سارنگ – 5)

مون تي لڳندو ڪونه ڪو، پيارا پاڻي پاءُ ( راڻو- 37 )

مون جاليو سان جن، موٽي تن نه پڇيو ( کنڀات-28 )

مونک گهرجين تون، لوڪ رُٺو ئي گهريو (ڪوهياري- 125 )

مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان ( سارنگ- 1 )

مهرائون محبت جي، ڏئي انهن آسيس ( ڪليان- 36 )

مهڻي هاب متانڪرين، ڪاڪ نه ڪج ڪاري ( راڻو- 13)

ن

نه ڪا صحبت صراحي سان، نڪي مينا سان مطلب (ڀيروي-23)

نه ڪا ڪنڌي، نه ڪو ڪپر، نڪا وچون واه

مونجها موجن ۾ اتي، سياڻا سيڻاه

سهڻي گهڙي سير ۾، ڪري ڪاهون ڪاه

پائي ۾ پناه ، پرور ڏنس پاڻ کڻي     ( متفرقه ڪلام – 9 )

نه ڪو اولو آسرو ، نڪو اوٽ اجهو     ( سارنگ – 26)

ناد وڄن ٿا ناطقا، ٻيا ڀي رود رباب   ( ڪليان -44)

نازڪ سندو نيهه، آهي اينء جيڏيون   ( سارنگ – 9)

نامي مون نروار ، ٿي هي ڄر ڄيري سندي ( ڀيروي2-8)

ناميا پنهنجي ننگ کي، تو نيبهه نيڻو هو ( راڻو – 11)

ناميا نانءِ خداءِ جي پير وري هت پاءِ ( راڻو-6)

ناهي ميسر ملڪن، اها امانت عشق جي ( آسا-46)

ننڊن ۾ نهاريان، پکڙا ۽ پهنوار       ( کنڀات – 51)

ننگو ڪج نه نندر کي، نماڻن ننگ پال ( سارنگ -6)

نوريءَ ناٿ نوايو، آڻي منجهه اٽڪل (ڪليان- 37)

نوريءَ نادر ڄام کي، ڪي چکايون چاٽيون ( ڪليان-16 )

نيم شبي مهتاب جا، منهه ٻرن مشعلا (ڀيروي -7)

و

واتين انهن سان ڪري، هر هر ڄام حديث     (ڪليان- 36)

واجد شال وجهين، چڱي چوُچڪ چت          ( ڪاريهر -22)

وارج وصالي ، ورق وجودي وترا               (متفرقه ڪلام– 43)

والي وري تون، وطن تي وس ڪرين           ( سارنگ-18)

والي وسائج، دردمنديءَ جو ديس               ( سارنگ-16)

وتن ويڳاڻا وره ۾، نيڻين ننڊ نه ڪن          ( آسا-39)

وِڄُن واڄا واه ڪيا، منگهه ٻڌا اڄ موڙه         ( سارنگ-28)

وڏا وڻ وڻڪارجا، ڪافن ڪوه ڪشال          (ڪوهياري-33)

وس نه ويڙهيچن جو ، ٿو لکيو لوڙائي         (کنڀات-70)

وس ويچاري ايترو، ڪوڪون ڪوه ڪرڻ       (ڪوهياري-121)

وسايائين وڏ ڦڙو ، واٽن تي واه واه              ( سارنگ -12)

ولها وڪاڻي، آءٌ در تنهنجي آهيان            (راڻو -15)

وهندو شال وصال جو ، ڪو پڻ وارو وري       (کنڀات -54)

ويٺي وجهان واجهه، اوهانجي مون اچڻ لئه    (ڪوهياري -159)

ويٺي ويٺي ور جا ، روح پون ٿا ريچ                    (ڪوهياري – 13)

ويرن وڌو وچ ، آهي وير وڌاءُ                    (راڻو -37)

ويندي وير چانگن جو، چُريو ڪين چڙو         (ڪوهياري-6)

ويندي وير چانگن جو، چُريو ڪين چڙو         (ڪوهياري-6)

هه

هاري هليا هاج ، ڪڙمين هر ڪلهي ڪيا    (سارنگ-22)

هتان هلج هوت ڏي، لاهي سڀ ميار                  (متفرقه ڪافي-7)

هر تالا نه هير، سيمابي سرير ۾                     ( متفرقه ڪلام -37)

هرڪو پٽڪو پهنجو رکي، ’سچل‘ ڪم آساني      (گجري-15)

هر هر ويٺو هِير جي، رانجهو ڏسي راه          (ڪاريهر-24)

هڪ جوءِ، ٻي جوُءِ، مرد نه ڇڏين مينڌرا       (راڻو-3)

هڪ چوري، ٻي زوري، شاهن ناهي شان       (کنڀات-99)

هڪ وسڻ، ٻيو وڄڻ، ٽيون لهي پيو سيءُ     (سارنگ-25)

هليو هينئون چيري چچري، چنبن ۾ چائين   (ڪوهياري-12)

هن ڀانيو نامو، پر شعلو هئڙو شوق جو        (مالڪوس-17)

هِنِ سهانگا سک، جي ساري عالم آيا                (ڪوهياري-144)

هن گولي جي گفتار، ڪا ٻُڌوَ ٻاروچن ۾      (ڪوهياري-18)

هڻي هڻي هچ ٿي، هنئي ٿي هيڻي                            (متفرقه ڪلام-11)

هو ڏاڏاڻو هو ڏيهه، مونهون مور نه وسري       (کنڀات-16)

هو سياڻو سپرين، عاجز آءٌ اَڄاڻ                (ڪوهياري-34)

هو جو ٿيڻو هو، سو اکر مٽيندو ڪو نه ڪو    (راڻو-10)

هن جي ڳهه ڳچيءَ جا، ظالم ڀايان زير                (کنڀات-23)

هي سڀ حسن جمال اسانجو، جهن ۾ پاڻ پياسي (گجري-13)

هي هنن جو هنڌ، مهنجو هنڌ هنگلاج ۾     (جوڳ-32)

هيڏي هوڏي تون ئي آهين، ڪانهي جان جدائي (گجري-17)

هيرا لال لاکيڻا، ٿيا انهن وٽ اجهاڳ                 (ڪليان-9)

هيرا موتي  موٽيا، دايو وٺي نه دان             (سورٺ-16)

هيڪر هيڏي آءٌ، ته پيرولي پڌرو ٿئي                 (راڻو-37)

مصنّف جي باري ۾

 

(قلمي نالو: حاجي بغلول سنڌي، جبرئيل ارضي، الهبار، سيف عثماني،غزالي فقير، محمود غزانوي، طالب الحق، اجرڪ پوش).

اصلي نالو:-

 

ڄمڻ جي تاريخ

۽ هنڌ

ڪريم بخش خالد ولد (حاجي) محمد عثمان ميمڻ.

15- ڊسمبر، 1928ع-

ڳڙهي ياسين (ضلع شڪارپور سنڌ)-

ازدواجي حيثيت

۽ اولاد

شادي شده؛ پنج پٽ ۽ ڇهه نياڻيون.

تعليم:-

سنڌي فائينل (سنڌي-1954ع)؛ انٽرميڊئيٽ ڊرائينگ  (بمبئي-1945)؛ بي-اي (ڪراچي-1952)؛ صحافت ۾ ڊپلوما (پنجاب-1957)؛ سرڪاري ڪمن جي تشهير ۾ ڊپلوما (لنڊن -1969)-

ڌنڌو:-

ڊائريڪٽر اطلاعات، حڪومت سنڌ، ڪراچي- (ٽيليفون: 514929).

گهر جو پتو:

سي، 1/4، جيڪب لائينز هائوسنگ ڪمپليڪس، صدر، ڪراچي-3 (ٽيليفون؛ 73082).

صنف:

نثر

تصنيفون: -

1- شاهه عبداللطيف ڀٽائي (لطيفيات-1953ع)

2- سنڌ ۾ تعليم ۽ امداد باهمي (سماجيات-1953ع)

3-سنڌي صحافت (صحافت-1955ع) 4-

خوشحاليءَ جو دؤر (عمرانيات- 1955) 5- خيرپور جو نئون دؤر (عمرانيات -1959ع)

6-بنيادي جمهورتيون، حيدرآباد ڊويزن ۾- انگريزي (عمرانيات-1961ع)

7-آثار لطيف (انگريزي)

(لطيفيات-1967ع)

8- سچل سرمست-انگريزي

(شخصيات-1971ع)

9-قلندر شهباز-انگريزي

(شخصيات-1971)

10-سنڌ جو سالنامو-

انگريزي (عمرانيات-1971ع)

11- عوامي دؤر-

11 ڪتاب، سنڌي (سماجيات-1972)12-

ڳوٺاڻي ترقي-5 ڪتاب، سنڌي (سماجيات-73-1972ع) 13-نظارو نيهن جو-سنڌي (سيرت حسين رضه-1982ع) 14- سچل سائين-

(شخصيات-1983ع)

15-سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس-1938ع (اردو-سياسيات-1983ع)

ترتيب ۽ تدوين:-

ون يونٽ خلاف جدوجهد- سنڌ يوٿ فرنٽ سان گڏجي؛ انگريزي (سياسيات-1954ع) 2- ماهنامو ’واديءَ مهراڻ‘ (سنڌي-1955ع)3-اولهه پاڪستان جو سالنامو- انگريزي (تحقيق/ تنقيد-1956ع)4- اولهه پاڪستان جو سالنامو- سنڌي (تحقيق/ تنقيد-1960ع)5- اولهه پاڪستان جو سالنامو- سنڌي (تحقيق/ تنقيد-1961ع) 6-هاڪي سووينيئر-انگريزي (رانديون رونديون-1961ع) 7- پوئيٽ لارئيٽ آف سنڌي-انگريزي (لطيفيات-1961ع) 8-گلستان لطيفه-سنڌي،اردو ۽ انگريزي ۾ ٽي جدا ڪتاب (لطيفيات-1962ع) 9- معرڪه سيپٽمبر (سنڌي رزميه شاعري- 1965ع) 10- آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو تصويري آلبم- انگريزي(تاريخ/سياست-1970ع) 11- سچل سرمست-سنڌي/ اردو (شخصيات-1970ع) 12- پيام لطيف-سنڌي، اردو ۽ انگريزي (الڳ الڳ) (لطيفيات-1971ع) 13-دي پوئٽ آف پيپل- انگريزي (لطيفيات-1972ع) 14- نئون پاڪستان- 5 ڪتاب، سنڌي ۾ (سياسيات-1972ع)15- لطيفي تحريڪ-سنڌي (لطيفيات-1977ع)16- شاهه جو رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ماحذ-سنڌي

(الڳ الڳ) (لطيفيات-1980ع)19-لطيف نامو سنڌي/اردو (الڳ الڳ) (لطيفيات-1980)20- شاهه عبداللطيف ڀٽائي احوال ۽ افڪار،سنڌي/اردو (الڳ الڳ) (لطيفيات-1981ع) 21-سچل سرمست (سنڌي/اردو) (شخصيات-1982ع)22- نذر طيف (سنڌ/اردو)(لطيفيات 1982) 23- ماهوار ’پيغام‘ (سنڌي) (ادب-1974 کان اڄ تائين) 24- ماهنامه ’پيغام‘ (اردو) (ادب-1976ع) کان 1978ع تائين 25-ماهنامه ’اظهار‘ (اردو) (ادب-1978ع  کان اڄ تائين )26- ٽماهي ’خبرنامه زڪوات‘ (اردو/سنڌي) (1981ع کان اڄ تائين).

ڇاپي هيٺ:

1- عبد صه جي انتها 2- شاهه جو رسالو-سنڌ جي تاريخ جو ماخذ 3- مسلم مشاهير (ٻه حصا) 4- سنڌي ثقافت 5- نيرنگ خيال (ٻه حصا)6- سنڌي صحافت (ٻيو سڌاريل ڇاپو) 7- پاڪستان- جنت نشان 8- اقبال جو پيغام 9- قائد اعظم محمد علي جناح 10- تحرين (اردو) 11- سنڌ جا صوفي دانشور 12- علامه آءِ- آءِ قاضي- احوال و افڪار 13- محمد رسول الله صه (سيرت النبي بابت ڊاڪٽر حميد الله جي چونڊ مضمونن جو سنڌي ترجمو) 14- فڪر و عمل (جناب اي- ڪي – بروهي جي چونڊ  مضمونن جو سنڌي ترجمو.)

ادبي ۽ سياسي سرگرميون:-

ميمبر، سنڌي ادبي سنگت (نورالدين سرڪي دؤر)؛ ادبي ۽ سماجي سرگرميون:- جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌي هسٽاريڪل سوسائٽي (ٻيو دور)؛ ميمبر، پي –اِي- اين (P.E.N) ڪراچي شاخ (پهريون دور)؛ ميمبر، پاڪستان  رائيٽرس گلڊ (پهريون دور).

دلپسند مشغوليون:-

سير و سفر؛ پڙهڻ لکڻ؛ ٽپال جون ٽڪليون ۽ سڪا گڏ ڪرڻ

انعام:-

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشن پاران، ’پير حسام الدين راشدي گولڊ ميڊل‘- ڪتاب، نظارو نينهن جو (1982ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org