مرزاجاني بيگ جي خان خانان هٿان شڪست کان پوءِ ،
سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت شروع ٿي ۽ مرزا غازي بيگ ولد
مرزا جاني بيگ ترخان(وفات 1020هه/1612ع) تائين،
ترخان ئي مغلن جا نواب رهيا. مرزا غازي بيگ جي
وفات کان پوءِ، مغلن جا ٺٽي تي، 1112هه/1700ع
تائين ڌار ڌار نواب مقرر ٿيا.
(ح) سنڌ تي مغلن جي حڪومت واري زماني
(1000هه/1592-1112هه/1700ع) ۾ ٺٽي ۾، شاهه جهاني
مسجد جي تعمير هڪ وڏو ڪارنامو آهي. هن مسجد ۾ پٿر،
ڪاشيءَ جي سرن ۽ ڪاٺ تي، خط نسخ“،”خط نستعليق“ ۽
”خط ثلث“ ۾ ڪيل خطاطي، ٺٽي جي خطاطن جي ٿيل
خطاطيءَ جي فن جا بي نظير نمونا آهن. هيءَ مسجد،
مضبوط ۽ نفيس پڪين سرن جي ٺهيل آهي. هن مسجد جي
تعمير جو ڪم، مير ابو البقا امير خان(وفات
1057هه/1547ع) ولد نواب ابو القاسم ”نمڪين“
بکريءَ، شاهجهان بادشاهه جي حڪم سان 1054هه /
1644ع ۾ شروع ڪرايو ۽ مسجد جي تعمير جو ڪم 1068
هه/1657ع ۾ ختم ٿيو_(سيد حسام الدين شاهه راشدي؛
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون)
هن مسجد جي ڏکڻ واري ايوان اندر، اُلهنديءَ ڀت تي،
نستعليق خط ۾ جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، اُهو مير ابو
البقا جي زماني جو آهي. اُن تي سن 1054هه/1644ع
لکيل آهي.(پير حسام الدين شاهه راشدي)
ايوان جي اڀرنديءَ وَنگ تي، اندرئين پاسي به ”خط
نستعليق“ ۾ ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي سن 1057هه/1647ع
لکيل آهي. اُڀرندي حصي واري وچئين دروازي جي
اندرئين ڪناري تي، ٽن پاسن کان ”خط نستعليق“ ۾
ڪتبو، پٿرن جي ٽن ٽڪرن تي اُڪريل آهي. انهيءَ ڪتبي
تي سن 1068هه/1657ع لکيل آهي. اهو سال، شهنشاهه
شاهجهان جي حڪومت جي آخري سال هو. اُنهيءَ ئي سال،
شاهه جهان کي، سندس ٽئين شهزادي اورنگزيب، قيد ڪري
حڪومت کان معزول ڪيو ۽ پاڻ بادشاهه بڻيو.
7- سنڌ جا مشهور خطاط:
شروع ۾، فن خطاطيءَ جي باري ۾، پاڪستان آثارِ
قديمه جي هڪ ماهر، ڊاڪٽر ايم. اي. غفور جي ڪتاب
“Calligraphers of Thatta”
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. منهنجي ذاتي راءِ موجب، ٺٽي
مڪليءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾، مقبرن، مسجدن ۽
محلاتن تي ڪيل خوشخطيءَ ۽ خطاطيءَ جي باري ۾، هن
ڪتاب کان وڌيڪ ڪو ٻيو مستند ڪتاب يا مقالو، منهنجي
نظر مان ڪونه گذريو آهي. مير معصوم بکري ۽ مير علي
شير قانع جي حوالي سان ڊاڪٽر ايم اي. غفور ۽ پير
حسام الدين شاهه راشديءَ، سمن جي دور کان وٺي، جن
جن خطاطن ۽خوش نويسن جو ذڪر ڪيو آهي، اُنهن جا هيٺ
دوءر وار نالا ڏجن ٿا. ڊاڪٽر غفور جي راءِ ۾، اهي
خطاط ٺٽي شهر جا ئي رهاڪو هئا ۽ مقامي فنڪار هئا.
انهن جي ڪيل خطاطيءَ جا نمونا، خطاطيءَ جي ”مقامي
مڪتب خطاطي“ يعني ”دبستان ٺٽه“ جا لاثاني نمونا
آهن. هاڻ هيٺ دوءر وار مشهور خطاطن جا نالا ڏجن
ٿا؛
(الف) سمن جو دور(752 هه/ 1351ع-925 هه/1521ع) جا خطاط؛
هن دور ۾ فقط هڪ خطاط جو نالو ملي سگهيو آهي.
1- حافظ رشيد: هي خطاط، ڄام نظام
الدين سمي ۽ اُن جي فرزند ڄام فيروز سمي جي دور جو
مشهور خطاط هو.
(ب) ارغونن ۽ ترخانن جي دور(926هه/1521ع – 1000
هه/1592ع) جا خطاط:
خطاطيءَ جي لحاظ کان هيءُ هڪ مشهور دور هو، جنهن ۾
ڪيترائي ماهر خطاط ٻاهران به آيا. وقت جو حاڪم
مرزا شاهه حسن(وفات:965هه/1552ع) ارغون پاڻ به هڪ
سٺو خطاط هو. پير حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي
ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ صفحي 135 تي لکي ٿو
ته:
”جامع فرخ، ٺٽي ۾، مرزا شاهه حسن ارغون جي،
”طغراني نقشيدار خط“ ۾ خطاطي ڪيل آهي. اُن ۾ هيءُ
عبارت لکيل آهي.”الله رسول علي“ اهڙيءَ طرح ارغونن
۽ ترخان دور جا ٻيا خطاط هي هئا:
1- سيد حسن: هي ترخان دور
962هه/1555ع – 1000هه/1592ع) جو مشهور خطاط هو. هن
ماهر خطاط جي خطاطيءَ جا نمونا، مرزا عيسيٰ خان
ترخان اول (وفات: 973هه/1565ع) جي مقبري ۽ ٺٽي
واريءَ بادشاهي مسجد ۾ موجود آهن. بادشاهي مسجد ۾
ڪيل خطاطيءَ جا نمونا مشهور خطاط جي خطاطيءَ جي فن
جا آخري نمونا آهن، جيڪا هن سن 1068هه/1658ع ۾ ڪئي
هئي.
هن خطاط (سيد حسن بن ڪبير الدين) کي، مرزا عيسيٰ
خان ترخان اول جي مقبري تي خطاطيءَ جي ڪم لاءِ
مقرر ڪيو ويو هو. هن انهيءَ مقبري تي ”خط نسخ“ ۽ ”
خط نستعليق“ ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جي خطاطي ڪئي،
جيڪا اڄ به ڏسڻ وٽان آهي.
2- مير محمد المعروف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد
پُوراني:
هي ماهر خطاط سنڏ جي حاڪم مرزا شاهه حسن ارغون جو همعصر هو.
هيءُ سخاوت، زهد، تقويٰ ۾ ممتاز حيثيت رکندو هو.
ڪيترائي سال شيخ الاسلام جي عهد تي فائز رهيو. درس
تدريس جو ڪم ڪندو هو ۽ اعليٰ درجي جو خطاط ۽ خوش
نويس پڻ هو. خاص ڪري ”نستعليق خط“ ۾ سندس ڪو ثاني
ڪونه هو. هن 932 هه ۾ وفات ڪئي. ”رفت ميرڪ آه آه“
مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي.(ڊاڪٽر حامد علي
خانائي: نئين زندگي، اپريل 1968.ص 32)
3- سيد محمد طاهر بن سيد حسن بن سيد ڪبير
الدين: ڊاڪٽر ايم. اي غفور، ٺٽي واري
بادشاهي مسجد ۾، جن جن خطاطن خطاطي ڪئي هئي، اُنهن
جا نالا مير علي شير قانع جي حوالي سان ڏنا آهن.
ڊاڪٽر غفور صاحب لکي ٿو ته: ”سيد محمد طاهر بن سيد
حسن بن سيد ڪبير الدين هڪ لاثاني خطاط هو. علي شير
قانع جي بيان موجب، هن خطاط جي خطاطيءَ جا بهترين
نمونا شاهجهان مسجد جي ڇت ۾ لڳل، ڪاشيءَ جي سرن تي
موجود آهن. سيد محمد طاهر جي خطاطيءَ جي نمونن جي
بلڪل ڀر ۾، سندس والد سيد حسن بن سيد ڪبير الدين
جي خطاطيءَ جا نمونا به لڳل آهن.
4- سيد ڀمڀو بن سيد حسن:
هي خطاط سيد حسن بن سيد ڪبير الدين جو فرزند ۽ سيد
محمد طاهر جوڀاءُ هو. هيءُ به هڪ سٺو خطاط ٿي
گذريو آهي. هن جو گهڻو عرصو مغل دوءر
(1000هه/1592ع – 1112هه/1700ع) ۾ گذريو.
(5) سيد رحمت الله بن قاسم بيگلار:
هي خطاط، ”نستعليق خط“ ۾ ماهر خطاط هو. قاسم
بيگلار جي قبر تي (تورڪي قبرستان ۾). پٿر تي
”نستعليق خط“ ۾ هن جي خطاطي ڪيل آهي. قاسم بيگلار
جو احوال ”بيگلار نامي“ ۾ پڙهي سگهجي ٿو.
(ت) مغل دور(1000هه/1592ع – 1112هه/1700ع)جا خطاط:
هن دور جا مشهور خطاط هي هئا:
1- سيد محمد طابر بن سيد حسن بن سيد ڪبير
الدين: هن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو ويو آهي. هي
ترخان دور ۽ مغل دور جو لاثاني خطاط هو. هن جي
خطاطيءَ جا نمونا، بادشاهي مسجد ٺٽي جي اولهه طرف
واريءَ ڇتائين عمارت جي داخلي دروازي تي، ٻاهران
ٽن ڪنارن تي ”خط ثلث“ ۾، ڪاشيءَ جي سرن تي موجود
آهن.
2- ڀمڀو بن سيد حسن بن سيد ڪبير الدين:
هن جو به ذڪر اڳ ۾ ڪيو ويو آهي. بادشاهي مسجد ٺٽي
۾ محراب جي مٿان جيڪو ڪتبو لڳل آهي، سو هن خطاط جي
ڪم جو هڪ بهترين نمونو آهي.
3- سيد عبدالله حسيني(وفات: 1068هه/1657ع) هيءُ هڪ نازڪ قلم خطاط هو. ٺٽي واريءَ بادشاهي مسجد جي اُڀرندينءَ عمارت
اندر داخلي دروازي جي ڏکڻ واري پاسي کان ٽن پٿرن
تي اُڪر سان لکيل ”خط نستعليق“ ۾ لڳل ڪتبو، هن خوش
نويس جو لکيل آهي.(سيد حسام الدين شاهه راشدي،
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 193)
4- مخدوم الياس بن مخدوم يوسف:
”خط نستعليق“ ۽ ”خط نسخ“ جو مشهور خطاط هو. هن
ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.(سيد حسام الدين راشدي،
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص97)
5- سيد علي بن عبدالقدوس مازنداني؛ (وفات: 1057
هه/1646ع) هي خطاط ايران کان آيل هو. ”خط ثلث“ ۽ ”خط نسخ“ ۾ سٺي خطاطي
ڪندو هو. هي خطاط مخدوم الياس بن مخدوم يوسف خوش
نويس جو شاگرد هو.
6- شيخ محمد فاضل(وفات 1187هه/89- 1668ع)
شاهجهاني دور جو خوش نويس هو. ”خط ثلث“ ۾ ماهر هو.
7- شيخ محمد علي:
شيخ محمد فاضل جو فرزند هو، هي به سٺو خوش نويس
هو.
8- شجاع ٺٽوي:
مشهور خطاط هو. ”خط ثلث“ ۽ ”خط نسخ“ ۾ ماهر هوندو
هو.
اهڙيءَ طرح هن دور جا ٻيا خطاط هي هئا:
مير معصوم بکري(وفات 1015هه/1605ع) شيخ محمد اسلم
بن شيخ محمد پناهه(وفات1187هه/89-1787ع) شيخ
عبدالوصي، شيخ عبدالسميع بن شيخ عبدالوصي ۽ شيخ
عبدالغفور بن شيخ عبدالوصي عبدالله.
ٺٽي ۽ مڪليءَ جي خطاطيءَ جي فن جي سلسلي ۾ وڌيڪ
تفصيل انگريزيءَ ۾ منهنجي لکيل ڪتابArt
of Sindh”“
۾ پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ خطاطيءَ جي فن جون
تصويرون پڻ ڏنل آهن. جن عمارتن جون تصويرون ڏنل
آهن، اُهي هي آهن:
1- ڄام نظام الدين سمي (وفات914هه/1508ع) جو
مقبرو.
2- دولهه دريا خان جو مقبرو.
3- شاهه حسن ارغون (وفات:938هه/1535ع) جو مقبرو.
4- سلطان ابراهيم جو مقبرو(وفات: 961هه/1554ع)
مقبري جي چئني طرفن کان حاشين تي گلڪاريءَ واري
ڊزائين جي اڇي رنگ مٿان، ڪاري رنگ سان خطاطي ڪئي
وئي آهي.
5- مرزا عيسيٰ خان ترخان اول(وفات 973ه/1558ع)
6- ماهه بيگم جو مقبرو(وفات:968هه/1577ع)
7- مرزا محمد باقي بيگ ترخان(وفات 992هه/1584ع) جو
مقبرو.
هن جي مقبري تي ”خط نسخ“ ۾ خطاطي ڪيل آهي، جنهن جي
چوڌاري گلڪاريءَ ۾ ڊزائين ٺهيل آهي.
8- مرزا جان بابا جو مقبرو.
9- مرزا عيسيٰ خان ترخان ثاني(وفات 1008هه/1600ع)
ولد مرزا جان بابا جي رانڪ
10- شرفا خان(وفات:1040هه/1638ع) جو مقبرو.
11- مرزا جاني بيگ(وفات: 1062هه/1644ع) جو
مقبرو.
12- دبگير مسجد.
13- بادشاهي مسجد: هن مسجد جي تعمير جي شروعات
سن 1054هه کان ٿي ۽ 1068ع ۾ ختم ٿي. سيد عليءَ جي
گلڪاريءَ ۾ چوڌاري آرائش ڪيل آهي.
14- نواب سيف الله خان جو مقبرو.
(ث) ڪلهوڙن جي دور(1112هه/1700ع -1198هه/1783ع) جا
خطاط:
1- ڪلهوڙن جي دور ۾ خطاطيءَ جي فن کي فروغ مليو.
هن دور ۾ ڪلهوڙا حاڪم به صاحب ذوق هئا ۽ پاڻ به
خطاطيءَ جي فن جا ماهر هئا.
وقت جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو (حڪومت جو
زمانو: 1131هه/1718ع-1167هه/1753ع) پاڻ به هڪ
بهترين خوش نويس هو. ٻن قلمي نسخن جي ڪتابت
ڪيائين. اُنهن مان هڪ نسخي جو عنوان هو:”بياض طب
فارسي“ ۽ ٻيو قرآن ڪريم جو نسخو ڪتاب ڪيو هئائين.
پهريون نسخو سنڌ الاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ قلمي
نسخن واري حصي ۾ موجود آهي، ۽ قرآن پاڪ وارو نسخو،
مولانا غلام رسول مهر جي لکڻ موجب”مشهد مقدس“ جي
ڪتبخاني ۾ موجود هو. قرآن ڪريم وارو نسخو، ميان
صاحب 1140هه ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ 1163هه ۾ ختم ڪيو
هئائين.
2- ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪتبخانا به قائم ٿيا، جن لاءِ
وقت جي مشهور خطاطن ۽ خوش نويسن کان ڪتابن جا نسخا
لکرايا ويندا هئا، جن کي شاهي خزاني مان لوازمات
ملندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ جڏهن
نادر شاهه 1739ع ۾ سنڌ تي حملو ڪيو تڏهن هُن شاهي
ڪتبخاني کي نه فقط تلف ۽ تاراخ ڪيو، پر ڪيترائي
ڪتاب به پاڻ سان کڻي ويو. ميان صاحب پنهنجي ڪتاب
”منشورالوصيت و دستور الحڪومت“ ۾ لکي ٿو ته:
”رسالو سهروردي، جيڪو چوڏهن خاندانن واري رسالي
سان گڏ موجود هو، اُهو جڏهن سفاڪ ناپاڪ اسان جي
ملڪ سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن اسان جي ڪتبخاني ۾
موجود ڪتابن ۽ رسالن سان گڏ کڻي ويو. هاڻي اسان هن
جي خدمت ۾ اثر رکندڙ امير کي موڪليو آهي. جيڪڏهن
هن اهو رسالو واپس ڪرڻ جي مهرباني ڪئي ته پوءِ اُن
رسالي کي هن نسخي، جنهن جو نالو منشور الوصيت و
دستور الحڪومت آهي، تنهن سان شامل ڪيو ويندو.“
3- ميان يار محمد ڪلهوڙي 1112هه/1700ع ۾، ڪلهوڙا
حڪومت جو بنياد مستحڪم ڪيو ۽ خداآباد جو شهر اڏائي
اُن ۾ پنهنجو تختگاهه قائم ڪيائين.
ميان يار محمد ڪلهوڙي 1131هه/1718ع ۾ وفات ڪئي، ۽
خدا آباد ۾ ئي دفن ٿيو. سندس مقبري تي، قرآن پاڪ
جون اُهي آيتون، ڪاشيءَ تي خط ثلث ۽ خط نسخ ۾
لکرايون ويون، جن ۾ تخت جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙيءَ
طرح خداآباد واريءِ جامع مسجد تي ”خط ثلث“ ۽ ”خط
نسخ“ ۾ قرآن پاڪ جون آيتون ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل
آهن.
هن دور تائين، سنڌ جي خطاطن قلمي نسخن، چوغن،
خلعتن، ڪپڙي(ڇر جي ڪم ذريعي) کان سواءِ پٿر ۽ ڪاٺ
تي اُڪر جي ذريعي، عمارتن جي دروازن، ٿنڀن ۽
شهتيرن تي اُڪر ذريعي خطاطيءَ جو مظاهرو ڪيو. هنن
خنجرن ۽ تلوارن تي پڻ خطاطيءَ جي فن جا جوهر
ڏيکاريا.
4- مغلن جي دور(962هه/1555ع -1112هه/1700ع) ۾، سنڌ
۾ ٺٽي، سيوهڻ، روهڙيءَ، بکر، سکر ۽ نصرپور ۾
خطاطيءَ جي فن ۾ نوان تجربا ڪيا ويا. ٺٽي جا خطاط،
ٺٽوي فن خطاطيءَ جي ڪري، ”ٺٽويءَ“ جي لقب سان
شهرت رکندا هئا. ٺٽي جي انهيءَ فن ۽ خطاطي جو ذڪر،
مغل دور جي سنڌ جي تاريخ نويسن به ڪيو آهي، ۽ سندن
فن ۽ قابليت جي ساراهه ڪئي آهي.
5- جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جي دور ۾، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ
ٺٽي مان بدلائي سندن (ڪلهوڙن) جي اڏايل نئين شهر
خداآباد ۾ ڪيو ويو، پر ٺٽي ۾، هن فن توڙي ٻين فنن،
علم، ادب، درس ۽ تدريس جي ترقيءَ تي ڪوبه اثر ڪونه
ٿيو.
6- ڪلهوڙن جي حڪومت سن1112هه/1700ع کان
1198هه/1783ع تائين رهي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.
انهيءَ عرصي ۾ خداآباد، محمد آباد، مراد آباد،
شاهه بندر ۽ آخر ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان
1767ع ۾ ٻَڌايل نئين شهر حيدرآباد کي حڪومت جو
تختگاهه بنايو ويو. گاديءَ جوهنڌ بنجڻ کانپوءِ
حيدرآباد جو شهر لطيف فنن جو مرڪز بڻجي ويو.
7- ڪلهوڙن جي دور ۾، وقت جو حاڪم ميان نور محمد
ڪلهوڙو(حڪومت جو زمانو ؛
1131هه/1718ع-1167هه/1753ع) هڪ وڏو خوش نويس هو،
جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. ميان نور محمد کانسواءِ هن
دور جي مشهور خطاطن مان ڪي هي هئا:
1- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي(وفات: 1127هه/1714ع)
ڪلهوڙا دور جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندن
خطاطيءَ جا نمونا علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
ڪتاب”سنڌي صورتختي ۽ خطاطيءَ“ ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
2- آخوند هارون متعلوي(وفات: 1130هه/1719ع)
3- شيخ عبدالڪريم(وفات:1140هه/1727ع)
4- محمد بچل ٺٽوي(وفات: 1142هه/1729ع)
5- نواب سيف الله خان(وفات:1143هه/1730ع)
6- غوث محمد بن شير محمد عباسي
(وفات:1148هه/1735ع)
7- محمد شريف ولد ملا طالب ٺٽوي(
وفات:1153هه/1740ع)
8- سيد جعفر ولد سيد محمد باقر
الحسيني(وفات:1164هه/1750ع)
9- آخوند شيخ نٿو ولد شيخ فتح محمد(وفات:1186هه)
10- مقتول اليدئين: هيءُ ڪلهوڙن جي دور جو هڪ
ماهر خطاط هو. هن جو نالو محمد عالم هو. چون ٿا ته
هوُ ايتري قدر ته ماهر هوندو هو جو هُو سرڪاري
رڪارڊ جي نقل ڪرڻ ۾ به ماهر ليکيو ويندو هو،
انهيءَ ڪري وقت جي حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
حڪم تي، سزا طور هن جا ٻئي هٿ وڍايا ويا هئا، پر
انهيءَ جي باوجود به هو ٻانهن جي وچ ۾ قلم جهلي،
ڪتابت جو ڪم ڪري سگهندو هو. ٻنهي هٿن جي وڍجي وڃڻ
کان پوءِ به هن خطاطيءَ جي فن ۾ قلمي نسخا تيار
ڪيا، جيڪي مشهور آهن.
(ج) ٽالپرن جي دور(1198هه/1783ع کان 1259هه/1843ع)
جا خطاط:
ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا. ٽالپرن
جي حڪومت خاندانن ۾ ورهائي وئي: اُهي خاندان هي
هئا:1- شهداداڻي ٽالپر 2- رستماڻي ٽالپر 3-
ماڻڪاڻي ٽالپر. شهداداڻي ٽالپرن حيدرآباد کي
پنهنجو تخت گاهه بنايو ۽ ماڻڪاڻي ٽالپرن،
ميرپورخاص جو نئون شهر اڏائي، اُتي پنهنجي حڪومت
قائم ڪئي. حيدرآباد جي شهداداڻي ۽ ميرپور خاص جي
ماڻڪاڻي ٽالپرن جي حڪومت 1843ع ۾ انگريزن جي هٿان
ختم ٿي، پر خيرپور جي رستماڻي ميرن جي حڪومت کي
انگريزن بحال ڪيو ۽ اُها حڪومت 1954ع ۾ ون يونٽ جي
قائم ٿيڻ کان پوءِ، مغربي پاڪستان ۾ ضم ڪئي وئي.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جيئن حيدرآباد جي شهر کي
پنهنجو تختگاهه بنايو هو، اُن زماني کان وٺي 1847ع
تائين، حيدرآباد، پهرين ميرن جي دور ۾ ۽ پوءِ
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جو تخت گاهه رهيو. انهيءَ
ڪري حيدرآباد لطيف فنن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. هن
شهر ۾ ٻين لطيف فنن کان سواءِ خطاطيءَ ۽ خوش
نويسيءَ ۾ سٺا سٺا فنڪار پيدا ٿيا، ۽ شهر خطاطيءَ
جي فن ۾ اوج تي هو. خطاطيءَ ۽ خوش نويسيءَ کان
سواءِ مصوري، گلوڪاري، نقش نگاري، چٽساليءَ،
ڪاشيگريءَ، اُڪر جي ڪم، ڇر جي ڪم، وينجهر جي هنر،
اوڄي جي هنر، ڀرت جي هنر، زردوزيءَ ۽ خاطو بند جي
هنر، توڙي ٻين هنرن ۾ ٺٽي کان سواءِ، بلڙي شاهه
ڪريم، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، هالا، مٽياريون،
سعيد پور(ٽڪرن واري)، نصرپور، سيوهڻ،شڪارپور،
روهڙي، بکر، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مشهور
مرڪز هئا.
خيرپور ۽ حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن ۽ اميرن لطيف
فنن جي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي. ٽالپر حاڪم فن
جا شوقين هئا. انهن فنڪارن کي حڪومت جي طرفان
نوازيو ۽ انعام و اڪرام ڏنا. حاڪمن جي همت
افزائيءَ ڪري هنرمندن ۽ ڪاريگرن، مصورن، نقاشن،
ڪاشيگرن، ڪمانگرن، ڪورين، اُڪر جي ڪم جي ماهرن،
خوش نويسيءَ ۽ خطاطيءَ، سنگ تراشيءَ جي اعليٰ
روايت کي محفوظ رکيو، ڇاڪاڻ ته ٽالپرن جي حڪومت
واري زماني ۾ مسجدن، مقبرن، درگاهن، امام بارگاهن،
حاڪمن ۽ اميرن جي محلاتن جي ديوارن، ڇتين ۽ محرابن
تي ڪاشيءَ جي سرن تي مصوريءَ، نقش نگاريءَ،
چٽساليءَ کان سواءِ خوش نويسيءَ، خطاطيءَ ۽ اُڪر
جي هنر جا اعليٰ مثال موجود آهن.
ڊاڪٽر ايم اي غفور صاحب جو رايو آهي ته ٽالپر
حاڪمن، ٻين لطيف فنن سان گڏخطاطيءَ جي فن جي تمام
گهڻي سرپرستي ڪئي. ٽالپر حاڪمن جا جيئن ته ايران ۽
هندستان جي رياستن جي حاڪمن، راجائن سان دوستاڻا
ناتا هئا، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي سٺا ۽ ماهر
خوش نويس ۽ خطاط ايران، دهلي، حيدرآباد دکن، ڀوپال
۽ راجسٿان جي ٻين شهرن کان لڏي اچي حيدرآباد ۾
آباد ٿيا. ڊاڪٽر ايم اي غفور صاحب اُنهن خطاطن مان
ڪن جا نالا به ڏنا آهن، جيڪي ٽالپرن جي دور ۾
ايران کان لڏي ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيا هئا:
1- سيد علي بن سيد حسن شيرازي(وفات:1252هه)
2- مير حسين علي نقاش
3- غلام احمد خطاط
4- علي مراد خطاط
5- سيد محمد زار حسيني
6- مشڪين قلم
ٽالپرن جي دور جا ٻيا مشهور خطاط هي هئا:
1- خادم بردواني: هيءُ فارسي زبان جو سٺو شاعر ۽
مشهور خطاط هو. مير نور محمد بن مير مراد علي خان
ٽالپر جي درٻار ۾ رهندو هو.(پير حسام الدين راشدي،
ص 417(
2- غلام حسين سيوهاڻي(وفات: 1208هه کان پوءِ)
(علامه قاسمي ص 575)
3- فيض محمد ولد ميان عبدالحڪيم(وفات: 1209هه)
سيوهڻ جو رهاڪو هو.(علامه قاسمي، ص575)
4- شرف الدين(وفات 1209هه) سيوهڻ جو رهاڪو
هو.(علامه قاسمي، ص575)
5- ميان محمد حسين سومرو( وفات 1209هه) ڳوٺ چيهي،
پڊعيدن جو رهاڪو هو.
6- محمد عارف بن محمد فضل(وفات 1224هه)
7- مرزا حسن شيرازي(وفات: 1228هه)
8- لطف علي(وفات 1239هه) (علامه قاسمي ص 574)
9- آغا مير حسين نقاش(وفات:1248)
10- محمد جيئو هالائي(وفات 1250هه)
11- سيد علي بن حسن شيرازي(وفات:1252هه)
12- محمد افضل فقيع مهيسر(وفات 1257هه) هيءُ
خطاط ڪمال ديري جو رهاڪو هو.
13- آخوند فضل علي(وفات: 1268هه) هي خطاط
نصرپور جو رهاڪو هو.
14- سيد حيدر شاهه ولد سيد مير علي شاه(وفات:
1276هه)
15- رحمت الله ولد عبدالرشيد نورنگ(وفات:1276هه)
هيءُ خطاط لاڙڪاڻي ضلعي جو رهاڪو هو.
16- ذوالفقار الحسيني ولد آغا اسماعيل شاهه-
آغا اسماعيل شاهه، مير ڪرم علي خان جي دور حڪومت ۾
وزير خارجه هو.
17- مرزا قربان علي بيگ گُرجي – ٽنڊي ٺوڙهي جو
رهاڪو هو.
18- مرزا ٻڍل بيگ – ٽنڊي ٺوڙهي جو رهاڪو هو.
سنڌي زبان جو تمام سٺو شاعر ۽ ماهر خطاط هو.
19- مرزا فتح علي بيگ – هن خطاط سورت اخلاص جي
خط طغرا ۾ خطاطي ڪئي.
20- محمد شفيع – حافظ معزالدين سيوهاڻي جو
فرزند هو.(علامه قاسمي: ص 575)
21- محمد وارث سيوهاڻي. هي خطاط حافظ نصير الدين
سيوهاڻيءَ جو فرزند هو.(علامه قاسمي ص575)
انهن خطاطن ۽ خوش نويسن جي پونيرن، خطاطيءَ جي فن
کي ورثي وانگر سنڀاليو ۽ قائم رکيو. ڪيترن ئي
خاندانن هالا، نصرپور، سيوهڻ، روهڙي، حيدآباد، ٺٽي
۽ ڪن ٻين شهرن ۾ خوش نويسيءَ جي فن کي زنده رکيو.
حيدرآباد جي ٽنڊي آغا واري علائقي ۾، مرزا ٻڍل بيگ
جي پونيرن آغا اسماعيل شاهه جي پونيرن خطاطيءَ جي
فن کي قائم رکيو آهي. هن وقت مرزا خاندان جو
نوجوان ڊاڪٽر امام علي بيگ، خوش نويسيءَ ۽ خطاطيءَ
۾ وڏي ڪمال جو صاحب آهي. هالا، نصرپور، مٽياري،
ٺٽي، سيوهڻ ۽ بلڙي شاهه ڪريم ۾، ڪاشيگرن، اُڪر جي
ڪم جي ماهرن، ڪمانگرن ۽ اوڄي جي ڪم ۽ خوش نويسيءَ
۾ سٺا فنڪار اڄ به موجود آهن. |