سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2003ع

مضمون

صفحو :19

سچل هڪو ٻڪو رهجي ويو ۽ کيس بيبيءَ جا لفظ اُن جهڳٽي ۾ بيهندي ائين لڳا، ڄڻ پس منظر ۾ ڪا موسيقي هلي رهي هجي. سندس دل فطرت سان ابتدائي لاڳاپو قائم ڪري اُهي لفظ وري ٻُڌڻ لڳي. آخرڪار هو هڪ هاري هو. چمڪندڙ اکين مان وهندڙ خوشيءَ جا لڙڪ وهائيندي سچل اُٻاڻڪو لڳي رهيو هو. سندس اُن پراڻي شوق، سندس سٺين وصفن ۽ ايترن ئي خوبصورت وارن واري مٿي کي ويتر وڌيڪ خوبصورت بنائي ڇڏيو هو.

بيبي چوڻ لڳي، ”سچل، آءٌ توکي هنن وڻن جهڙو هڪ وڻ ڏينديس ته جيئن تون اُهو پنهنجي اڱڻ تي پوکي سگهين. حقيقت ۾ توکي جيترن به قسمن جا وڻ کپن، اُهي تون منهنجي باغ مان حاصل ڪري سگهين ٿو. آءٌ مالهيءَ کي چئي ٿي ڇڏيان، اُهو توکي ٻڌائيندو ته اِهي ڪيئن پوکجن ۽ مئنيجر کي چوان ٿي، ته اُهو توکي ڀاڻ ڏيندو. پوءِ اِهي وڻ جڏهن وڏا ٿي ويندا ته آءٌ توسان چانهه پيئنديس، اُنهن هيٺان ويهي.“

سچل ظاهري طرح ڦڪو ٿيو ۽ ڳالهائڻ جو حوصلو پيدا ڪري چيائين،”مهرباني بيبي! توهان جا مبارڪ قدم جڏهن منهنجي اڱڻ تي داخل ٿيندا ته اُهو ڏينهن مون لاءِ سڀاڳو هوندو آءُ اکين سان توهان جو آڌرڀاءُ ڪندس.“ سچل جي تقرير احساسن سان ڀريل هئي ۽ سندس سڄي ڦڪائي ختم ٿي ويئي هئي.

ايتري دير ۾ نوڪر ڪرسيون  ۽ ٽيبل مٿي تي کڻي پهچي ويا.

اُنهن مان ڪي وري ڍڪيل وڏي دسترخوان ۾ جوئر يا ٻاجهريءَ جي ماني ۽ مکڻ کڻي آيا. هڪ ٻيو وري ٺڪر جي ٿانوَ ۾ گهاٽي لسي ۽ ماکيءَ جو شيشو به کڻي آيو. ٻارڙا عرب نسل جي گهوڙن تي صبح جو سوير واري سواري ڪرڻ کان پوءِ فخر سان ڊوڙندا آيا. نيرن جو وقت هو، انڪري سڀ کائڻ ۾ لڳي ويا. هاري ۽ مزور هڪ پاسي پنهنجي ماني کائڻ لاءِ هليا ويا. پيرو، سچل کي وڃڻ کان روڪيو. هُن سچل کي تيلين وارو پکو ڏنو ته جيئن هو بيبي ۽ ٻارن تان ناشتو ڪرڻ مهل مکيون هڪلي. وڏي سائينءَ جي نيرن، جنهن پاسي ٽريڪٽر هلي رهيا هئا، اوڏانهن موڪلي ويئي. سچل پکو هڻندي سوچيو،”ڪيڏو نه پُرسڪون ۽ پُر امن ماحول آهي.“

سندس سوچون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري هيون، جڏهن ته پيرو وري بيبيءَ کي ڳوٺ جي معاملن بابت تازي ڄاڻ ڏيئي رهيو هو. سندس پسند جو موضوع ڳوٺ جو صوبيدار ۽ پرائمري اسڪول جو ماستر هئا، جيڪي هر ڪم ڪرڻ جي عيوض ڪُڪڙ گهرندا هئا.

”اهڙي زندگي گذارڻ ڪيڏي نه سٺي لڳندي. اسان وٽ ايڏا نوڪر چاڪر ته نه هوندا، پر جڏهن آءٌ اڱڻ ۾ کٽ تي ويٺو هوندس ته سڀاڳي مون لاءِ ماني کڻي ايندي. پوءِ گرميون به وڌيڪ برداشت ڪري سگهبيون.“ سچل جي احساسن سان ڀريل سوچ جاري هئي. کيس اڄوڪي ڏينهن جي ڪارگذاري تي ڏاڍو تعجب لڳو. کيس اِن ڳالهه تي اچرج اچڻ لڳو ته، ”ولايتي ماڻهن سان ڳالهائڻ ڪا ڏکي ڳالهه ته ناهي. وڏي ڳالهه ته اُها به وري عورت هجي!.....هوءَ مردن وانگر ڇوٿي ڳالهائي.“

هُن جڏهن بيبيءَ جو آواز ٻڌو ته خيالن مان واپس اچي ويو. اصل ۾ هوءَ ساڻس ڳالهائي رهي هئي، ”....رحيم مالهي توکي ٻوٽا ڏيندو، پيروءَ سان گڏجي نرسري ڏي وڃ. رحيم تنهنجي مدد ڪندو، ها، ڏس اُنهن ٻوٽن کي روز پاڻي ڏيڻ جو خاص خيال رکجان. جيڪڏهن توکي ضرورت پوي ته پوءِ هتان ٽيوب ويلن جو تازو پاڻي کڻي وڃجانءِ. تنهنجو ڳوٺ ڪجهه پري آهي. آهي نه؟ اسان جا واٽر اُتي نه پهچندا، سچل! توکي پنهنجا وڻ ٿي پوندا. مون کي خوشي ٿي آهي ته پيرو توکي مون وٽ وٺي آيو آهي. تون پنهنجا وڻ پوک. ميويدار وڻ به پوکجانءِ. اُن سان توکي ڏوڪڙ به ملندا ۽ توکي جنهن به شيءَ جي ضرورت پوندي، آءٌ تنهنجي هر قسم جي مدد ڪنديس.“

پوءِ کيس عزت سان موڪل ڏني ويئي. بيبيءَ کي جيڪو ڪجهه چوڻو هو اُهو هُن چئي ڇڏيو. سچل، هٿ ۾ جهليل تصوير کي ڏسندو رستي سان هلندي خوشي خوشي واپس گهر موٽو. هو جلدي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو. کيس سڀاڳيءَ کي اِها خبر ٻڌائڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي ته اڄوڪو ڏينهن ڪيڏو ته سٺو گذريو هو! پثس به بيچينيءَ سان سندس انتظار ڪري رهيو هو. هُن اِهو ڄاڻڻ تي چاهيو ته ڇا کيس هِن مند ۾ فصل پوکڻ لاءِ ٻني ملي؟ سچل جي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪا شيءَ ڦاسي پئي هجي. هُو پنهنجي خيالن مان واپس آيو. کيس اِهو بلڪل وسري ويو هو ته سائين وڏي جي فارم تي هُو ڇالاءِ ويو هو.

هُو پلٿي هڻي ويهي رهيو ۽ پنهنجي مٿي کي ٻنهي هٿن سان جهلي لوڏڻ لڳو.

”بابا، معافي ڏيو. مون کان ته ڳالهه ئي وسري ويئي. بيبي مون کي وڻن ڏانهن وٺي ويئي هئي.“

”گهوڙا ڙي!“ پڻس کان دانهن نڪري ويئي. هُن رڙ ڪري بي صبري، ڪاوڙ ۽ مايوسيءَ  جو گڏيل اظهار ڪيو ۽ چيائين،”اڙي تون ڪنهن ڪم جو ناهن.....وڻ؟.......اڙي ڪهڙا وڻ؟..........هاڻي هينئر ئي وڃ ۽ سائينءَ کي ڳولي کيس ڪم جو عرض ڪر. کيس پنهنجي مسڪيني حالت بابت ٻڌاءِ. کيس خاطري ڏي ته آءٌ سخت محنت ڪندس. کيس اِهو به ٻڌاءِ ته توکي ٻار آهن ۽ اُنهن جو گذران کپي.........وڃ، هاڻي وڃ.....“

سچل اصل چُريو ئي ڪونه ۽ ويٺو رهيو. هُو پڻس جي ڪاوڙ ۽ پنهنجي نڪمي هجڻ تي ڏاڍو شرمندو هو. هو سڄو ڏينهن پنهنجي پاڻ تي ملامت ڪندو رهيو. سڀاڳي کيس ڏسندي رهي. سندس چهرو شفقت ۽ قربت جي هڪ تصوير هو، پر هوءَ خاموش هئي. جڏهن پيءُ پنهنجي پٽ کي دڙڪا ڏيندو هو ته هو وچ ۾ نه ڳالهائيندي هئي.

سچل وڏي سائينءَ جي زمين تي وڃڻ لاءِ اُٿيو. سڀاڳي چاهيو پئي ته کيس نيرن ڪرڻ لاءِ چوي، پر پڻس جي ڪاوڙ جي ڊپ کان کيس آهستي آهستي ٻاهر ويندو ڏسندي رهي.

سچل پنهنجي اڱڻ ۾ بيد مُشڪ جو ٽيون ٻوٽو لڳائي رهيو هو. هن تصوير ۾ اُنهن کي وڏا وڻ ٿيندي ڏٺو، جيڪي اُن تصوير واري وڻ جو نقل هئا.  سندس هٿن دل جي گهراين مان ڌرتيءَ سان پيار ڪيو هو ۽ اُن کي گلي لڳايو هو. اُنهيءَ وچ ۾ کيس ڀاڳن سان روزگار ملي ويو. روز پئسا اچڻ لڳا ۽ لاباري کان پوءِ انعام طور اناج ملڻ جو به واعدو ڪيو ويو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ سال لاءِ ڪافي هو. رڳو حصي تي فصل ڪرڻ کان اِهو ڪيئن ڀيرا بهتر هو. اُن تصوير جي ڪري سندس وڏا ڀاڳ کُلي پيا هئا، ايڏا جو هُن اُنهن جي توقع به ڪانه ڪئي هئي. پڻس به هاڻي ذهني طور ٺيڪ هو ۽ سُٺو کائڻ لڳو هو ۽ گهڻو وقت پنهنجي ٻنيءَ جي ٽڪري تي گذاريندوهو. هُو اڃا وڌيڪ خوش رهي پئي سگهيو، جيڪڏهن آبڪلاڻيءَ واري مُند دوران ڇٽل شاهه سندس ٻنين مان ايندڙ واٽر ڪورس مان عادت جي اُبتڙ پاڻي نه روڪي ها. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه هئي جو سندس زمين جو ٽڪرو ڇٽل شاهه جي زمين جي وچ ۾ هو.

”اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اِها ڳالهه اسان جي وس کان ٻاهر آهي.“ سچل سوچيو، ”تنهن هوندي به شايد آءٌ بيبيءَ سان اِن ظلم بابت ڳالهايان. هوءَ هر سال هتي ايندي آهي. هوءَ سچ پچ هڪ مرد وانگر آهي....الله جو قسم، هوءَ ڪيئن ٿي ڳالهائي.... سڀڪنهن کي وسريو وڃي ته هوءَ ڪا عورت آهي!“

سچل سوچيندي پنهنجي خيالن ۾ ايترو ته گم ٿي ويندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن هو ڪجهه شيون بلڪل وساري ڇڏيندو هو، جيتوڻيڪ اُهي شيون سندس سامهون هونديون آهن. اِها سوچ بنا ڪنهن اڳواٽ ڪوشش جي وڌي ويئي اٿس ۽ ڪيترا ڀيرا هو ڇرڪ ڀري اُٿندو آهي ۽ محسوس ڪندو آهي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، ڄڻ سندس روح موجوده منظر کان ڇڄي ويو هجي. اِهو ئي سندس وجود ۾ اصلي صوفي هو ۽ هاڻي سڀاڳيءَ کي کيس ڏسڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪرڻو پوندو آهي.

”تون ڪٿي آهي؟“ سڀاڳي مُرڪي ويتر وڌيڪ مهربان ٿي پيئي،”تون اڃا تائين دير پيو ڪرين؟ سج ڏس ته ڪيڏو نه مٿي چڙهي آيو آهي.“

سچل مستيءَ مان مشڪيو  ۽ وراڻيائين،”تون ڪيڏانهن وڃڻ جو سوچي رهي آهين”“ سڀاڳيءَ کي ڪپڙي ۾ ويڙهيل هڪ هڙَ مٿي تي هئي ۽ ڪڇ تي ٺڪر جي ٿانَو ۾ لسي هئس.

”آءٌ بابا جي نيرن کڻي ٻنيءَ تي پيئي وڃان ۽ بهتر ٿيندو ته تون به پنهنجي ڪم تي وڃ ۽ هِنن وڻن بابت خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. جيستائين تون اِهو ڪم ختم ڪندين تيستائين پنهنجي اڱڻ ۾ جهنگل اُڀري ايندو ۽ پوءِ اڱڻ تي باقي ڇا بچندو؟“

سچل اوچتو پڇيو،”تون ڪيڏيءَ مهل واپس ايندينءَ؟“

”ڇو؟..... جيئن ئي بابا نيرن کائي ختم ڪندو ته موٽڻ جي ڪنديس. ها، مون کي پاسي واري ٻنيءَ مان پنهنجي مينهن لاءِ گاهه به ڪرڻو آهي، پر اُن ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳندو.“

”گاهه ڇُٽل شاهه جي ٻنين ۾ آهي.....ائين نه؟“

”ها“سڀاڳيءَ جواب ڏنو. ”پر هُن اُن کي بيڪار سمجهي ڇڏي ڏنو آهي.“

”تنهنجو اڪيلو اُتي وڃڻ مون کي نٿو وڻي.“ سچل آهستي چيو.

”آءٌ اڪيلي نه وينديس. صبح کان وٺي ٻيون به ڪيتريون ئي مايون اُتي آهن. اُهي پنهنجو مال به اُتي ڪاهي آيون آهن، جو اُهي ايترو گهڻو گاهه نٿيون ڪڍي سگهن.“

سچل مشڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي، ٻنيءَ ڏانهن وڃڻ لاءِ موڪلايائين.” آءٌ هِنن وڻن کي پاڻي ڏيئي پوءِ ڪم تي ويندس. آءٌ ٻن پهرن جي ماني وڏي سائينءَ جي ٻنيءَ واري رڌڻي تي کائيندس، ڇاڪاڻ ته اُتي سڀني ملازمن لاءِ ماني تيار ٿيندي آهي. آءٌ شام جو دير سان واپس موٽندس.“

مئي مهيني جي لُڪ ڄڻ دوزخ جي کُوري مان اچي رهي هئي. صبح جو ڏهين وڳي ڌاري سچل ٿڪل هاريل قدم کڻندو باغن مان واپس موٽي. جيئن ئي هو پنهنجي اڱڻ ۾ داخل ٿيو ته سندس نظر بيدمشڪ جي ٻوٽي تي پيئي، جيڪو سج جي نِٽهڻ اُس ۾ مُرجهائجي ويو هو. اُتي ڪو به موجود نه هو. سچل ڪاٺ جي گهڙامنجيءَ تان پاڻيءَ جو ڀريل مٽ کڻي مٿي ۽ منهن تي هاريو ۽ پوءِ گهر جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. سندس ماءُ کٽ تي پنهنجو پاڻ کي پکو هڻي رهي هئي، جڏهن ته سندس پيءُ ٻيءَ کٽ تي حقو پي رهيو هو. ڪمرو گرم چلهه وانگر ٻري رهيو هو ۽ ٻاهر ڇتي گرمي جي ڪري، بند ڪمري جي ٻوسٽ اڃا به وڌي ويئي هئي. سچل وري ٻاهر نڪتو ۽ ڀريل مٽ کڻي آيو ۽ اُن جو پاڻي ڪمري جي مٽيءَ واري سموري فرش تي هاري ڇڏيائين. فرش اُڃايل ماڻهوءَ وانگر سڄو پاڻي جذب ڪري ويو ۽ سڀاڳيءَ جي واپسيءَ بابت پڇڻ کان اڳ خشڪ ٿي ويو.

سندس پُڇڻ تي پڻس جواب ڏيڻ کان ڪن لاٽار ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ ماڻس وراڻيو ته، ”مون بچل کي اُماڻيو آهي ته کيس ٻنيءَ تان وٺي اچي. هوءَ صبح کان اوڏانهن ويل آهي. پنهنجي مينهن لاءِ چڱو خاصو گاهه حاصل ڪرڻ هاڻي ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. تون ڪوشش ڪر ۽ وڏي سائينءَ جي گودام مان ڪجهه چارو هٿ ڪر.“

”امان، آءٌ کيس ڪيئن چوان؟ هُنن وٽ تمام گهڻو مال ۽ گهوڙا آهن، جن کي هو چارو ڏيندا آهن.مينهن به ڪونهن وٺا، ٻنيون به سُڪي ويون آهن ۽ سائينءَ جا ٽيوب ويل باغن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هلندا آهن.“

”ها!“ پوڙهي ٿُڪ اُڇلي،”سائينءَ وٽ گهڻيئي ٽيوب ويل ۽ ججهو پاڻي آهي، ڇٽل شاهه جهنم ۾ ويندو. هُن ۾ ذري به انسانيت ناهي. هو اسان کي هر سال پاڻيءَ کان وانجهو ڪري ڇڏيندو آهي. وٽس اڻ مئي دولت آهي. انجنيئر سندس واٽر ڪورس کي هميشه پاڻيءَ سان تار رکندا آهن. هن سال اسان جو فصل سٺو نه ٿيو آهي، رڳو ان ڪري جو اسان وٽ پاڻي نه هو.“ پوڙهي پيءَ جوآواز اوچو ٿي ويو، جنهن مان سندس شاندار ماضي رکندڙ اُن ڪردار جو پڙاڏو هرڪو ٻڌي سگهيو ٿي، جيڪو سدائين صحيح راهه تي هلندڙ،سچ ڳالهائيندڙ ۽ مضبوط انسان هو.

” ۽ بابا سائين.....“ سچل اُتان کان شروعات ڪئي، جتي پوڙهي پيءُ جو آواز رُڪجي ويو هو. ”توهان جي ڇُٽل شاهه جي ماڻهن سان گرما گرمي ٿي آهي. سندس ڪمدار امير بخش ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته توهان ڇٽل شاهه خلاف جيڪو گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ته اُن بابت کيس ٻڌايو ويو آهي. بابا، توهان کي ته امير بخش جي خبر آهي ته سندس دهشت مالڪ کان به وڌيڪ آهي. هو پنهنجي مالڪ جي زور تي قتل، اغوا ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ڪهڙا ڏوهه ڪرڻ جي باوجود آزاديءَ سان گهمي رهيو آهي. هو وڏو سازشي ماڻهو ۽ توهان ساڻس هٿ پيا اٽڪايو. ڇٽل شاهه وٽ پئسو آهي ۽ سگهارا دوست به اٿس. هو اسلام آباد ۾ اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ اسان هُن سان ڪيئن پُڄي سگهنداسين؟ اِها اسان جي قسمت آهي بابا. اسان کي سڀ ڪجهه خاموشيءَ  سان برداشت ڪرڻو پوندو يا وري ٻيو ڪو رستو ڳولڻو پوندو....... آءٌ هاڻي ڪمايان پيو. آءُ توهان کي ڏوڪڙ ڏيان ٿو، جنهن مان اسان سائينءَ کان جوئر ۽ ڪڻڪ جون ڪجهه ٻوريون وٺنداسين. خراب فصل لهڻ جي ڳڻتي ڇو ڪريون؟ امان، آءٌ ٿڪل آهيان. آءٌ  ٿوري ننڊ ڪندس. مون کي شام جو وري واپس باغن ۾ وڃڻو آهي. باغن کي پاڻي ورائڻ جي نگرانيءَ تي اڄ منهنجو وارو آهي.“

سچل سمهڻ لاءِ هليو ويو، پر سندس پيءُ ڇٽل شاهه جي ظلم خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار جاري رکيو آيو. سچل ڏاڍو ٿڪل هو، ان ڪري جيئن ئي هو کٽ تي ليٽيو ته کيس ننڊ کڻي ويئي.

سچل کي هڪ خراب خواب ڌوڌاڙي اُٿاري ڇڏيو. نه، اِهو خواب نه هو، اِهو اڱڻ کان ٻاهر مختلف آوازن جو ڌنڌلو گوڙ هو، جنهن ۾ سندس پيءَ جو آواز سڀني کان مٿانهون هو.

سچل ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ٻاهر ڀڳو ۽ سندس دل اڃا تائين اُن عجيب خواب جي ڪري ڌڙڪي رهي هئي، جنهن جي ڪري هو اڻڄاتل خوف سان جاڳي پيو هو. هُو جيئن ئي دروازي کان ٻاهر نڪتو ته هُن ڏٺو ته شام جي پاڇولن اڳ ۾ ئي اڱڻ ۾ اونداهي پکيڙي ڇڏي هئي. سندس پيءُ ٻاهر ٽن پاڙيسرين سان بيٺو هو ۽ بچل ۽ فقيرو روئي رهيا هئا.

”بابا“ بچل ڏانهس ڊوڙيو. ”امان ڪٿي به ناهي.“ فقيرو کيس بنا ڳالهائڻ جي گهوري رهيو هو ۽ سندس ڳوڙها وهي رهيا هئا. پڻس جيئن ئي هُن ڏانهس مُڙيو ته پاڙي وارن ڏک مان پنهنجون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.

”هاءِ، اسان سان ظلم ٿي ويو. اسان هر هنڌ ڳوليو اهي.“ اوچتو هُن ڪاوڙ مان پڇيو، ”تون ڪٿي هئين؟“

”بابا، توهان ڇا ٿا چئو؟“ سندس پراڻي دوست جمن آخرڪار چيو ته،”ماين جو چوڻ آهي بچل جي ماءُ منجهند کان پوءِ ساڻن گڏ نه هئي.“ هاڻي کين وڏي خطري جو ڊپ آهي، جو هُنن سمجهيو هو ته هوءَ گهر هلي ويئي آهي.”ٿوري دير اڳ بچل پنهجي ماءُ جو پڇڻ اسان جي ڳوٺ آيو هو. هاڻي اسان کي خبر پيئي آهي ته هوءَ گهر نه آئي آهي. هو ڪٿي به ناهي.“

سندس پيءُ جو وڏي آواز سان روئڻ ۽ مايوسي وارو فرياد، ڀرپاسي ۾ بيٺل ماڻهن جي ڌيمي لهجي واري ڳالهه ٻولهه تي ڇانئجي ويو ۽ اُن جو اثر پريشان حال سچل تي ويتر وڌيڪ ٿيو، جنهن جا اڳ ۾ ئي حوصلا خطا ٿي چڪا هئا ۽ سندس دل ٻُڏي رهي هئي.

”اِها بلڪ ڀُل آهي. سڀاڳي ائين گُم نٿي ٿي سگهي.“

اِها سوچ لاڳيتو ولوڙبي رهي ۽ سندس حواسن ڪم ڪرڻ بلڪل ڇڏي ڏنو. رڳو سندس اندر جو وجود ئي اِن مصيبت ۾ چاقوءَ جي گهري زخم وانگر دماغ ۾ گهڙي ويندڙ تيز احساسن واري نقصان جو اعلان ڪري رهيو هو.

بيسود ڳولا.......سڀاڳيءَ جي قسمت جو خوف.....هيستائين ڇا ٿيو هوندو.......اُن جو صحيح اندازو لڳائڻ واري دهشت ۽ سندس بي يارومددگار هئڻ واري مايوسيءَ کي ٽي ڏينهن گذري ويا، ۽ پوءِ بي سهارا ٿيڻ، نا انصافي تي خاموش تماشائي ٿي ويهي رهڻ ۽ هڪ غير انساني رويي سندس خوشين ڀري زندگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.

خوشي ۽ غم مختلف ماڻهن لاءِ مختلف معنائون رکن ٿا. هر ڪو اُن کي پنهنجي خودغرضيءَ جي نگاهه سان پرکي ٿو ۽ اندازو لڳائي ٿو ۽ اِهو ئي سچل جي ڪٽنب سان ٿي رهيو هو. ظاهري طور تي اُن ۾ سڀ کان گهڻو متاثر سندس پيءٌ ٿيو.هُن ئي سڀني کان پهرين اُن جو ردعمل ظاهر ڪيو ۽ زور زور سان رُنو، اظهار ڪيو ۽ هڪ ئي ساهه ۾ الله پاڪ کي نيازي ڪئي، مٿو پِٽيو ۽ ڇٽل شاهه، سندس قسمت، ۽ انسانذات سان بيحيائي تي مٿس لعنت وجهڻ لڳو. هون اُن رنج ۽ غم کان پاسو ڪندي، اُن ذلت جو ذڪر ڪيو، جيڪا سڀاڳي جي قسمت کان وڌيڪ هئي. هوءَ سندس ڀائٽي به هئي، پر هڪ اهڙي سماج ۾ جتي ريتون ۽ رسمون سخت هجن، پوءِ اُهي بي معنيٰ ڇو نه هجي، اُتي اُهي زندگي ۽ موت جو سوال بنجيو وڃن. غيرت، ان پيڙا ۽ خود زندگيءَ کان به وڌيڪ اهم بنجيو وڃي. سچل جي پوڙهي ماءُ منهن ڏيکارڻ جهڙي نه رهڻ جي احساس هيٺ دهشت ۾ ورتل نظر اچي رهي هئي. پنهنجي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ چُپ چاپ ويهي آهستي آهستي روئي رهي هئي.

ٻارڙو بچل به پنهنجي مزاج مطابق ردعمل ظاهر ڪري رهيو هو. سندس ماءُ هلي ويئي هئي ۽ کيس اِها خبر نه هئي ته ڪيڏانهن ويئي آهي، تنهن ڪري هو ڊنل هو ۽ کيس ياد ڪري رهيو هو. هو ماءُ کان سواءِ ڪيئن رهي سگهندو؟ سچل پنهنجي پيار جي وڃائڻ جي هنگامي کي شدت سان محسوس ڪيو ۽ کيس دل جي هڪ حصي ۾ هلڪو سور محسوس ٿيڻ لڳو. هن جيئن ئي سڀاڳيءَ جو تصور ڪيو ته هوُ پيڙا وچان بيچين ٿي ويو.

خوف جي سخت حملن جي وچ ۾ هُن پنهنجي زندگيءَ تي نظر ڊوڙائي. کيس سڀاڳيءَ جو گلن جهڙو چهرو تصور ۾ نظر آيو. هو سندس اُن خوشيءَ کي ياد ڪرڻ لڳو، جڏهن بچل هڪ سال جو ٿيو هو ۽ ٻاتي ٻولي ڳالهائيندي کيس چنبڙندو هو. هُن پنهنجي گڏ ڪيل هڪ رپئي وارن پنجن نوٽن جو خزانو کنيو هو ۽ رُڪجي رُڪجي اقرار ڪيو هئائين ته هُن قلندر سائين کان بچل جي بچڻ جي لاءِ دعا گهري هئي ۽ هاڻي سيوهڻ شريف هلي سندس درگاهه تي چاڙهڻ لاءِ ريشمي چادر خريد ڪرڻ جو وقت اچي ويو هو.

اُنهن خيالن ۾ گم هوندي اوچتو سچل جَهلڪي مُرڪ اچي ويئي. کيس ياد آيو ته بيبي جڏهن پهريون ڀيرو سندس گهر آئي هئي ته شهر جون ڪجهه عورتون ساڻس گڏ هيون. اُهي عورتون ڏاڍي شاندار طريقي سان هلي رهيون هيون ۽ اُهي جڏهن مينهن جي گهاٽي کير واري چانهه جا ڪوپ کڻي، شعوري طرح تي مٿانهين کٽ تي ويٺيون هيون ته هُنن لامارا هڻندڙ مکين تي ڏاڍو ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو هو. بيبي کانئن لاتعلقي ڏيکاريندي، پنهنجي معمول مطابق پوري ڪٽنب بابت کين ليڪچر ڏنو هو. سڀاڳي جڏهن بيبيءَ جا پير ڇُهي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ ٻاهر آئي هئي ته هُن کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چيو هو. پنهنجن مهمانن جي رد عمل جو مزو وٺندي، هُن سچل ۽ سڀاڳيءَ جي پيار جو به ذڪر ڪيو هو.

”توهان سنڌي ماڻهن جي گهڻين شادين ڪرڻ بابت ڪهاڻيون ته ٻڌنديون رهنديون آهيون......مون کي سنڌي مردن جي ڀٽڪندڙ نظرن جي خبر آهي......تنهن هوندي به آءٌ چاهيان ٿي ته هڪ مرد ۽ عورت جي سچي پيار جو مثال توهان آڏو پيش ڪريان.“ هوءَ اُڙدوءَ ۾ ڳالهائي رهي هئي ۽ سچل سمجهي رهيو هو: هو خوش ته ٿي رهيو هو، پر کيس گهڻي پريشاني پڻ ٿي رهي هئي ۽ هُو ٻاهرئين دروازي ڏانهن هليو ويو هو. بيبي ٿوري دير ترسي سچل جي مزاج جي واکاڻ ڪئي هئي. سندس ڪردار جي سچائي ۽ فطرت سان بي انتها پيار جي باري ۾ پڻ ڳالهايو هئائين.

ڪن موقعن تي هُن کيس چيو هو ته،”سچل! تون جيڪو محسوس ڪرين ٿو، اُن جي اظهار ڪرڻ کان هرگز لنوائيندو نه ڪر. ۽ ٻيا ماڻهو جيڪڏهن توکي ٻوٽن ۽ وڻن پوکڻ کان روڪين ته اُنهن تي ڌيان هرگز نه ڏيندو ڪر.“

هڪ ڀيري گدام  مان ڪجهه ڀاڻ کڻڻ تي مئنيجر جڏهن کيس گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ چوريءَ جو الزام هڻندي بيبيءَ جي سامهون گهِليو هو ته اُن وقت سچل شرم ۾ ٻڏي ويو هو. اِهو ڏسي بيبي اچرج ۾ پئجي ويئي هئي ۽ هُن مئنيجر کي سختيءَ سان چيو هو ته سچل کي مون ئي اجازت ڏني هئي ته کيس جڏهن به ضرورت پوي ته هو ڀاڻ کڻي. مئنيجر پنهنجو ٻُوٿ بڇڙو ڪري اُتان هليو ويو هو. بيبي پوءِ هُن سان مخاطب ٿي کيس چيو هئائين،” سچل، تو هُن کي ڇو نه ٻڌايو؟ تو گاريون ڇو کاڌيون، جڏهن ته توکي خبر هئي ته تون صحيح آهين؟ جڏهن تون صحيح آهين ته پوءِ ڪنهن کي به دٻائڻ جي هرگز اجازت نه ڏي ۽ ٻيو ته اِها نا انصافي ٿيندي، جيڪڏهن ماٺ ڪري ويهندين، پوءِ چاهي اُها ڪنهن جي طرفان به ڇو نه هجي.“

سوچن ۾ بيبيءَ جي آواز جي پڙاڏي جو گهرو اثر وٺندي سچل ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ آرام سان گهر کان ٻاهر نڪري ويو. ”ها، آءٌ ضرور ويندس ۽ سڀاڳي کي واپس وٺي ايندس. هُن منهنجي خلاف اهڙي ڏوهه ڪرڻ جي جرائت ڪيئن ڪئي؟ آءٌ صحيح آهيان، هو غلط آهي. اِها نا انصافي آهي… “

سچل، ڇٽل شاهه جي اوطاق ڏانهن ويندڙ رستي تي پهتو. هو ٿوريءَ دير لاءِ هٻڪيو، پر ڇٽل شاهه جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائيندڙ ڪاوڙ کيس همٿ ڏئي ڇڏي هئي ۽ هو اڳتي وڌيو.

اوطاق جي ٻاهران ڪجهه ماڻهو بيٺل هئا. منجهانئن هڪڙي پاسي ۾ بيٺل ٻئي کي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو، ”الله جو قسم، ڏس، سچل هتي اچي ويو آهي. تون سمجهين ٿو ته ڇا هن کي خبر پئجي ويئي آهي ته اسان جي علائقي جو ميمبر، ڇٽل شاهه جو مهمان آهي؟“

سچل نشي واري ڪيفيت ۾ ورانڊي جي ڏاڪڻين وٽ پهچي ويو. سائينءَ جي خوشامدڙين سميت کيس ڪنهن به نه روڪيو ۽ سڀني جا حوصلا خطا ٿي ويا هئا.

***

مختلف سامان سان ڀريل گرم اونداهو ڪمرو، ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي چڱڻ مڙسن سان ڀريل هو. انهيءَ وڏي گندي ڪمري جي فرش تي غاليچا وڇايل هئا ۽ مٿس ناقابِل بيان صوفا سيٽ ۽ آرام ڪرسيون رکي، اِن خيال سان سجايو ويو هو ته منجهانئس جدت نظر اچي. اِهو سڄو فرنيچر هڪ تمام مهانگي ايراني غاليچي تي رکيل هو، جنهن کي وڇائڻ کان پوءِ اُن کي ڪڏهن به بُرش جو منهن نه ڏيکاريو ويو هو. بدزيبيون ننڍيون ٽيبلون سموري ڪمري ۾ اڍنگيون لڳي رهيون هيون. وڪٽوريائي درين ۾ لڳل اڪثر تصويرون ڪاراٽجي ويون هيون ۽ مختلف ماپن جي گلدانن ۾ رنگ لٿل ڪاغذي گل پيل هئا، جيڪي گلاب ۽ گل دائودي جي رنگن وارا هئا. اُنهن سڀني جي مٿان مٽيءَ جو تهه چڙهيل هو، جيڪا سنڌ جي لازوال آفت آهي. هڪ سنهڙو نوڪر وڏي ڪپڙي جي پکي کي رسيءَ جي ذريعي هڪ ڪنڊ کان ڇڪي لوڏي هوا ڏيئي رهيو هو، جنهن مان مٽيءَ جو ڦوهارو ڪري رهيو هو. دادو ضلعي جي وڏي ايراضيءَ هئڻ جي باوجود، معمول مطابق بجلي هلي ويئي. رڳو وڏي ايراضي هئڻ سان مناسب شهري سهوليتن کي يقيني نٿو بڻائي سگهجي.

سچل کي اندر ويٺل ماڻهن کي نظر ڀري ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو. ڇٽل شاهه پنهنجن مهمانن سان گڏ سڀ کان وڏي صوفي تي ويٺو هو، جي پاڻ ۾ تڪڙ ۾ سُس پُس ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ٻيا ماڻهو خاموش هئا. اِها طاقت سامهون هڪ احترام واري خاموشي هئي.

ڇٽل شاهه تي نظر پوندي ئي سچل شروع ٿي ويو، سندس ڪاوڙ

ڀڀڙڀڙڪي پيئي. اِهو هڪ اهڙوجنون هو، جيڪو سچو ۽ وسيع هو، ڇاڪاڻ جو اُهو اِن درد مان نڪتو هو، جيڪو ناقابل بيان، گهرو ۽ اونداهو هو. هڪ اهڙي ولوڙجندڙ ۽ پريشان ڪندڙ قوت، جنهن ۾ ماڻهو غصي ۾ بلڪل انڌو ٿي ويندو آهي. هو ڪاوڙ مان ڇٽل شاهه کي مخاطب ٿيو. سندس ڌيمي لهجي ۽ نرم آواز ۾ اچانڪ اهڙي طاقت اچي ويئي، جهڙي موت کان اڳ آخري ويڙهه ۾ هڪ زخمي جانور ۾ اچي ويندي آهي. هُن پنهنجي ذلت جو ذڪر ڪيو ۽ اُن جو سڌو الزام مٿس هنيائين ۽ پنهنجيءَ زال جي واپسيءَ جي گُهر ڪيائين.

حيرت ۾ پيل ۽ هڪو ٻڪو ٿي ويل وڏيري جي پنهنجي مهمانن سان خوشامد واري مِڻ مِڻ بند ٿي ويئي ۽ خاموش ڪمري ۾ اڃا وڌيڪ خاموشي ڇانئجي ويئي ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ ائين لڳو، ڄڻ وڏيري ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه سيڪنڊ يا منٽ گذريا هوندا ته اوچتوامير بخش ۾ چُرپُر پيدا ٿي. هُن پنهنجي مضبوط ڏوهاري هٿن سان ڪمزور سچل کي بيدرديءَ سان گهلي ٻاهر ڪڍيو ۽ ٺوڪي گندي گار ڏنائين. ٻيءَ کن ۾ سڄو هجوم ٻاهر  هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هُن سچل جي ساڄي ٻانهن کي مروٽيو ۽ ڀڻڪيو، ”جيڪڏهن تون پنهنجو ڀلو چاهين ٿو ته پوءِ خاموشيءَ سان هڪدم هِتان هليو وڃ.“

سچل همٿ هاري ويٺو. هُو اُن هجوم مان بي پرواهيءَ واري انداز ۾ هليو ويو. بهرحال اِهو ڄاڻندي ته هو بزدل آهي، اُنهيءَ ڳالهه منجهس مونجهه پيدا ڪري وڌي. سندس اِهو عمل سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ واري زندگي گهاريندڙ هڪ بي يارومددگار، ننڍي ماڻهوءَ جي ڪمزوريءَ جو ثبوت هو. ساڻس ٿيل ظلم ناانصافيءَ کان هُن ڄاتو ٿي ته هن سماج ۾ اُن جي ڪابه معنيٰ نٿي ٿي سگهي.

ڳوٺاڻا رات جو دير تائين نه جاڳندا آهن. جيئن ئي سج لهندو آهي، اُهي فوراَ سمهي پوندا آهن. البت گذريل ٽن ڏينهن کان سچل جي ڳوٺ ۾ بتيون ٻرنديون رهيون ۽ اُنهن جي روشني آڌيءَ رات کان پوءِ به ايندي هئي.

اُهو رنج ۽ غم جهوپڙين توڙي پڪن گهرن ۾ ڦهلجي ويو. اهڙي قسم جي هر واقعي سان ساڳيئي نوعيت جو غم ۽ غصو ڇانئجي ويندو آهي ۽ اُنهن جي وري وري ٿيڻ سان گهٽبو ڪونه آهي. سڀاڳي لاءِ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي هر عورت ، مرد ۽ ٻار ڳوڙها وهايا هئا.

اُنهن اِن ڪري ڳوڙها ڳاڙيا هئا، ڇاڪاڻ ته سڀاڳي هلي ويئي هئي ۽ شايد ڪڏهن به نه موٽندي. سندس مستقبل ڪنهن به صورت ۾ موت وانگر هو. اُن کان وڌيڪ عجب جهڙي ڳالهه اِها هئي ته اهڙي ذلت ۽ خواري واري صورتحال ڪنهن سان به پيش نه آئي هئي. اِهو غم ايترو گهرو هو جو ڪنهن به ماڻهو پنهنجو فلسفوپيش نه ڪيو ۽ هر حالت ۾ اِهو ناقابل يقين هو ته، ”سڀاڳي سان ائين نٿو ٿي سگهي.“

سچل لاءِ اِهو اڃا تائين سمجهه کان ٻاهر هو. سور جي ڪري سندس دماغ ٿڙي ويو هو. ڇٽل شاهه جي اوطاق تي ٿيل صبح واري واقعي کيس جسماني طور بي حس ڪري ڇڏيو هو. هُن ڪجهه به نه کاڌو هو. ڪنهن به شخص اِهو نه سوچيو هو ته ڪو سچل ماني کاڌي هوندي يا نه............... شايد هو ٻاهر سمهي رهيو هوندو يا ڪنهن پاڙيسريءَ وٽ رهي پيو هوندو. سچل جون اکيون بتيءَ ڏانهن مُڙيون، جنهن جو شيشو ڪارو ٿي ويو هو، ۽ جنهن روشنيءَ کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو هو. سندس سوچون آهستي آهستي وکرنديون ويون ۽ نيٺ بهار جي مُند ۾ بهڻ جي وڻ جي آهستي ڪرندڙ پنن وانگر ڪِري پيون. پهريون ڀيرو ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان اوچتو هُن بيبيءَ بابت سوچيو،”ها!“ سچل هڪل ڪندو، ٻاهر نڪري اڱڻ ۾ داخل ٿيو، جتي سندس پيءُ ماءُ ڪمري جي ٻرندڙ گرميءَ جي ڪري، نڪري ٻاهر کٽن تي ويٺا هئا.

”بابا سائين.“ سچل ڀڻيڪو،”آءٌ  صبح جو سج اُڀرڻ مهل دادو شهر ۾ بيبيءَ جي گهر ويندس، جتان کيس ڪراچيءَ فون ڪندس. هوءَ اسان لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ها، هو اسان لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. هُو پڪ سان سڀاڳيءَ کي واپس آڻي سگهي ٿي.“

ٿوريءَ دير ماٺ ڇانئجي ويئي. سندس پيءُ فوري طور کيس جواب نه ڏنو. پوءِ ٻاهرئين دروازي تي ٺُڪ ٺُڪ ٿي. جيئن ئي سچل دروازو کولڻ لاءِ مُڙيو ته پڻس کيس جهڪي آواز ۾ چيو،”سڀاڳيءَ کي واپس آڻڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي؟“ سچل کي سندس لفظ گوليءَ وانگر لڳا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو دروازي وٽ پهتو ۽ اُهو کوليائين ته سامهون امير بخش ۽ وڏيري جي ٻين نوڪرن کي ڏٺائين ته ڇرڪي ويو. امير بخش خوش دليءَ سان مشڪيو ۽ چيائين،” اڙي بابا، ڊنل ڇو آهين – آءٌ توکي ماريندس ڪونه. سائين ڇٽل شاهه مونکي، توکي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو آهي. تو صبح هُن کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. توکي سڀاڳي واپس ملندي.“

سچل جو ردعمل بي اختيار هو ۽ بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي هو دروازو بند ڪري، امير بخش سان گڏ روانو ٿيو.

”توکي لائلپور جي هڪ ڪارخاني ۾ سٺي نوڪري وٺرائي ڏبي،پوءِ تون تمام گهڻا پئسا گهر موڪلج. اِن ڪارخاني جو مالڪ منهنجو دوست آهي ۽ هو ڪجهه وقت کان پوءِ توکي فورمين ڪري رکندو.“

سچل ڪمري جي روشني ۾ ظاهر ٿيو. ڇٽل شاهه گهڻي طاقت وارن بلبن جو شوقين هو، جيڪي سکر واري بجليءَ گهر جي باقاعدي وولٽيج جي ڪري جڏهن عجيب و غريب بجلي جا نياپا ڏيندا هئا ته ڪڏهن تيز روشن ٿي ويندا هئا ته ڪڏهن وري جهڪا ٿي پوندا هئا. جڏهن بجلي تيز ۽ جهڪي ٿي، ته اُن جي روشني ۾ ڇٽل شاهه جو چهرو اڳيان اچي چٽو ٿي ويو.

سچل ٿوريءَ دير لاءِ داٻي ۾ اچي ويو ۽ ٺُپ جواب ڏنائين،”آءٌ ڪارخاني ۾ نوڪري عيوض پنهنجي زال هرگز نه وڪڻندس.“

ڇٽل شاهه تعجب وچان کيس گهوري ڏٺو ۽ پوءِ هو پراڻي خوفناڪ کنگهه ۾ وٺجي ويو ۽ جڏهن فارغ ٿيو ته هو سهڪي رهيو هو. ايتريءَ دير ۾ بلڪ اِن سخت بيچينيءَ دوءران ئي هُن پنهنجين شڪاري نگاهن سان امير بخش کي ڪو اشارو ڏنو.

وڏي سائينءَ جي باغ ۾ ڳوٺاڻن جو ميڙو متل هو. اُنهن مان گهڻا اِنهيءَ واقعي جي ڪري پيدا ٿيل سنسي سبب آيا هئا. واقعي اِها خبر سنسي خيز هئي. هن ڳوٺ ۾ قتل ورلي ڪي ٿيندو هو. انهن کان سواءِ ڏينهن ڏٺي جو ٻه ڀيرا اغوا جون وارداتون به پهريون ڀيرو ٿيون هيون. وڏي ڳالهه اِها هڪ ديده دليري هئي، ڇاڪاڻ ته سچل وڏي سائينءَ جو ملازم هو ۽ ان جو مطلب ته اِهو خود وڏي سائينءَ لاءِ هڪ چئلينج هو.

باغ ۾ ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻا صورتحال تي بحث ڪرڻ لڳا. ”وڏو سائين ڇا ٿو ڪري سگهي؟......... سائينءَ جي طاقت ڇٽل شاهه جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي...........جيڪي ماڻهو سرڪار سان آهن، اُهي وڏي سائينءَ جا مخالف آهن...........اڄڪلهه جي ”بادشاهي“ ۾ وڏي سائينءَ لاءِ ڪا جاءِ ناهي..........ڇٽل شاهه وڏو آهي ۽ مٿس سرڪار مهربان آهي. ڊي سي صاحب يا ڪمشنر صاحب به ڪو قدم نٿا کڻي سگهن، پوءِ چاهي وڏو سائين شڪايت ڇو نه ڪري.................ڇٽل شاهه تمام گهڻو طاقت وارو آهي.“

وڏي گهر ۾ هال اندر ماڻهن جو انبوهه ڳاهٽ ٿيل هو. سچل جو پوڙهو پيءَ سائينءَ جي پيرن ۾ ويٺو هو ۽ اکين ۾ چمڪندڙ چمڪ هئس. سندس چهري تي هڏن ۽ گهُنجن جي جهنگلي خوبصورتي پاتل هئي. هو هميشه هڪ پرڪشش مرد هوندو هو ۽ سخت غم ڪڏهن به ان جي چهري تي پنهنجا اثر بلڪل نه ڇڏيا هئا. بيبي لُڙڪ ڳاڙي رهي هئي ۽ ٻيا سڀ ٿڪل هئا. ڪالهه جڏهن فون تي کين اِها خبر ٻڌائي ويئي هئي ته هنن کي گاڏي ڊرائيو ڪري ڪراچيءَ کان ڳوٺ پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳا هئا. اِهو سڄو سفر نهايت ٿڪائيندڙ هو، جيڪو موسم ۽ حالتن ائين ڪيو هو.

”جڏهن مون کيس ڏاڍن سان مقابلو ڪرڻ بابت ليڪچر ڏنو هو منهنجو اهو مطلب هرگز ڪونه هو ته هو وڃي ڇٽل شاهه جهڙن ماڻهن سان مقابلو ڪري. اُف خدا، مان هُن جي حوصله افزائي نه ڪريان ها.“ بيبي بنان ڪنهن مقصد جي ڳالهائيندي رهي. ”ڇهه ڏينهن گذري ويا آهن ۽ ڪنهن کي به خبر ناهي ته هُن سان ڇا وهيو واپريو.“ هوءَ وڏي سائينءَ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳي،” توهان گهٽ ۾ گهٽ ڊي سي صاحب سان ته ڳالهايو. هو پنهنجي ضلعي ۾ ائين ظاهر ظهور ڏوهه ڪرڻ جي اجازت ڪيئن ٿو ڏيئي سگهي؟“

”مون اڳ ۾ ئي ساڻس ڳالهايو آهي.“ وڏي سائينءَ وراڻيو. ”هُن واعدو ڪيو آهي ته جاچ لاءِ پوليس موڪليندو.“

”پر.....“ بيبيءَ احتجاج ڪيو. ”هن کي گم ٿئي ڇهه ڏينهن ٿي ويا آهن. هاءِ! ڇا ٿيندو؟“

اوچتو ئي اوچتو ٻاهر هلچل مچي ويئي. پيرو ڀڄندو اندر آيو. سندس وار وکريل هئا ۽ پاڻ پُسيل هو. کيس پگهر نه هو، پر هُو پاڻي ۾ پُسيل هو.

”سائين......“ هو روئڻ شروع ٿي ويو.

”مون سچل کي ڳولي لڌو آهي. سائين، مون کيس ڳولي لڌو آهي.سائين اچو ۽ ڏسو. سائين آءٌ توهان کي پنهنجو سچل ڏيکاريان.“ هوُ اُتي ويٺل ڳوٺاڻن جي وچان مشڪل سان هلندو آيو، جيڪي کيس ڏسي رهيا هئا. هُو هلندي وڏي سائينءَ جي اڳيان ڪري پيو ۽ دل کولي رُنو. حد کان وڌيڪ گرم ڪمري ۾ ماڻهن کان سيسڙاٽ نڪري ويو. وڏي سائين ۽ ڪجهه ڳوٺاڻن پيروءَ کي سهارو ڏيئي اُٿاريو.

”مون کي قصو ٻڌاءِ، پيرو، ته ڳالهه ڇا آهي؟“ سائين آرام سان حڪم ڪيو. پيرو مشڪل سان پنهنجي پاڻ تي ضابطي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ ڏک ۽ غم ۾ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.”مون موري ڀرسان، سچل کي درياءُ ۾ ڏٺو جتي سندس لاش پاڻيءَ جي مٿان تري رهيو هو. هو چٿيل ۽ چچريل هو.“

”سائين، رات مون کي خبر پيئي ته منهنجو سالو بيمار ٿي  پيو آهي، انڪري اڄ صبح جو آءٌ اوڏانهن هليو ويس. مون کي اِها اُميد ڪانه هئي ته آءٌ اُتي سچل کي ڏسندس.“

”....... سائين، ڪهڙي پڇاڙي ٿي؟ سائين آءٌ توهان کي ڏيکارڻ لاءِ کيس هتي کڻي آيو آهيان. ڏسو ته سهي، هُن سان ڇا ڪيو ويو آهي. سائين! سندس چهرو سڃاڻپ جي قابل ناهي ۽ کيس چٿي ڇڏيو هئائون. سائين، سندس جسم جي مٿان رت ڄميو پيو آهي.........“

ٻئي ڪنهن به ماڻهو نه ڳالهايو. ماڻهن جي بدن ۾ سيسڙاٽ آهستي لهندو ويو ۽ پوءِ سندن ذهن ۾ اُن واقعي جي دهشت آهستي آهستي ويهندي ويئي. ٿورو وقت گذريو، پر اُن جو هر پل پيروءَ جي ڏک سان لاڳاپيل هو. خاموشيءَ ۾ هُنن بيبيءَ جوچٽو آواز ٻڌو،”پيرو! کيس اسان جي بيد مُشڪن واري باغ ۾ دفن ڪري ڇڏ.“ (ماهنامه “SHE” – ڊسمبر 2001ع جي شڪريي سان)

 

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

در لاهه، ڏيئو ٻار…

اڄ هوءَ مون کي گهر جي ڪم کان جواب ڏيئي ويئي آهي. هوءَ ڄامشوري کي ڇڏي، پنهنجي ۽ ڌي جي حياتي بچائڻ لاءِ ڪراچي ويندي. سندس نالو شهناز آهي. هوءَ ڪم جي ڀلي ۽ تڪڙي آهي. هُن جي اچڻ سان منهنجي ذميوارين ۾ گهٽتائي ٿي هئي. مان خوش هيس جو اهڙي سيبائتي ۽ سگهڙ، ڪم ڪرڻ واري مائي ملي اٿم. هن ڇهه مهينا مون وٽ ڪم ڪيو. مون وٽ کيس مالهي وٺي آيو هو، سندس سٺي چال ۽ ايمانداريءَ جي ساک ڏني هئائين. اڃا سج لهڻ ۾ چڱي دير آهي. هِن جو اوسيئڙو اٿم ته هوءَ ايندي، آخري ڀيرو مون سان ملڻ لاءِ هوءَ ضرور ايندي. مان لان تي ڪرسيءَ تي ويٺي آهيان. ايتري ۾ بيل وڳي آهي. تڪڙ ۾ وڃي گيٽ کوليو اٿم. شهناز بيٺي هئي: مُنهن لٿل ۽ ڳڻتيءَ ۾ ورتل، مون کيس پاسيرو ٿي رستو ڏنو، هو اندر لنگهي آئي آهي.

آپا،” اڄ اوهان ٻاهر ويٺا آهيو؟“

”ها، تنهنجي آسري ۾ ته آخري ڀيرو مون کي چانهه ٺاهي پيارين ۽ منهنجا ڪپڙا به اِستري ڪرين.“

منهنجي ايتري چوڻ تي هُن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ”اجهو هينئر ٿي ٺاهي اچان“، چئي Enterence door   کوليو ۽ ڪچن ڏانهن هلي ويئي آهي.

شهناز بدن ۾ سنهي، قد جي پوري، ڦڙت ۽ اڌ وهيءَ ۾ آهي. مِهندي رنڱيل ڳاڙها وار، صاف سٿري انڪري، هوءَ مون کي پهرئين ڏينهن ئي وڻي ويئي هئي. ڪم جي نوعيت، پگهار ۽ وقت طئه ڪرڻ پوءِ، هوءَ ٻئي ڏينهن تي اچڻ جو چئي هلي ويئي هئي. ان صبح سوير پنهنجي معمول واري واڪ ڪرڻ لاءِ نڪرڻ وقت پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ رليڪس محسوس پئي ڪيم. واڪ ڪندي هوءَ ريلوي اسٽيشن جي پٽڙي کي ڪراس ڪندي يونيورسٽيءَ جي بسن جي اڏي وٽ مون کي ملي هئي. اُن مهل واچ ۾ ڏٺم، ساڍا ڇهه ٿيا هئا. هوءَ ڪاري چادر ۾ پنهنجي منهن کي لڪائيندي تڪڙو تڪڙو هلندي مون تائين پهتي. هڪدم سوال ڪيائين،”ايڏو سوير اوهان هِت ڇا پيا ڪريو؟“ مون کيس جواب ڏيندي چيو ته،”روز صبح جو واڪ ڪندي آهيان.“ ”آپا اوهان کي پريشر آهي ڇا؟“ هن همدرديءَ سان پڇيو. مون کي کل اچي ويئي، مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ عجب ۾ پئجي ويئي. ”تون گهر هل ته مان واڪ پوري ڪري اچان ٿي.“ هن پنهنجي هلڻ جي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ هاڻي روز صبح سوير ڳيرن جي وَلَر کي هاءِ وي جي پاسي ۾ ته ڪڏهن وري روڊ جي وچ تي چوڳو ڪندي ۽ وري اوچتو گاڏيءَ جي آواز تي سندن اُڏار منهنجي من ۾ عجب خوشيءَ جو احساس پيدا ڪندي آهي. سنهڙين ڄنگهن سان ٽيٽيهر جو هوا سامهون ٿيڻ مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. پبلڪ اسڪول جي بس جي درين مان ننڍڙن ٻارن جا ليئا ۽ سندن مرڪ، مون کي مرڪائي وجهندي آهي. ڪڏهن ٽرڪ واري جي غير ضروري هارن ۽ مون کي آئيني مان جانچي ڏسڻ، منهنجي من کي مُنجهائي وجهندو آهي ۽ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندي آهيان. ڪيفيتن جو اِهو حصار اُن مهل ٽٽي پوندو اٿم، جڏهن سوسائٽيءَ جي مين روڊ جي اڌ تي تڪڙا قدم کڻي پنهنجي گهر جي گهٽيءَ ۾ قدم رکندي آهيان. منهنجي پناهه گاهه، منهنجو گهر، سڏپنڌ تي نظر ايندو اٿم ته اڃان به تڪڙا قدم کڻڻ لڳندي آهيان. گهر اندر پهچندي آهيان ته هوءَ پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندي آهي. شهناز هاڻي ڄڻ گهر جو ڀاتي هئي. کيس اهو شدت سان احساس هوندو هو ته هوءَ سُکئي گهر جي ۽ بڻ بڻياد واري آهي. کانئس ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندي هئس ته هڪدم چوندي هئي ته ”مجبوري کان پيئي ڪم ڪريان. آپا، ڪاوڙ نه ڪريو، در در جا ڌڪا ڀاڳن ۾ لکيل آهن، انڪري ٿي ڀوڳيان.“ هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئا، ائين جيئن ڪنهن سڪل ڍنڍ ۾ پاڻي تار ٿي اچي. هن جا لڙڪ ڏسي مون کي به افسوس ٿيندو هو ته اجايو ڳالهايومانس ۽ پوءِ کيس پرچائڻو پوندو هو. اڃان همدرديءَ جا ٻه ٻول چوانس ئي مس ته هوءُ شروع ٿي ويندي هئي. پنهنجن جون ڳالهيون، يادون ۽ ساروڻيون پنهنجي ڳوٺ جي ڏاڍي سڪ  ۽ پاٻوهه سان بيان ڪندي هئي، جو ڄڻ ُهي منهنجي ئي وجود جو حصو هجن، منهنجي اصل ۽ ازل هجن. هن جي لهجي ۾ ٿڌڙي پاڻيءَ جي نرمل وهڪري جهڙو ردم ۽ ٿڌاڻ ڀرجي ايندي هئي. لفظن ۾ شيريني نقلن کان وڌيڪ مٺي هوندي هئي. ڪَسِين ڪناري گهاٽن نمن ۽ ٽالهين جي روشن ڇانورن ۾ ويهجي ته سارا ٿڪ لهي وڃن. پير غازي شاهه جي درگاهه تي باس باسڻ، آس پڄڻ تي ڏيئو ٻاري ٻارن ۾ مُستي ورهائڻ جو رنگ تو ناهي ڏٺو آپا، پر اهو سڀ ڪجهه مون ڏٺو آهي. اهو نئون ناهي منهنجي لاءِ، منهنجي من مون سان ڳالهايو. منهنجي لاشعور ۾ اُهو محفوظ آهي، تڏهن ته اوپرائپ نه آهي. پنهنجائپ جو احساس سگهارو لڳو اٿم. ڀلي منهنجون ڪيتريون ئي پيڙهيون شهر جون رهواسي ڇو نه هجن. مون کيس ڪجهه به نه چيو ۽ چپ چاپ کيس ٻڌڻ لڳس. بادشاهه پير جو سوا ڪسيرو رئي جي پلاند ۾ ڳنڍ کي ٻڌڻ اڃا به ياد اٿم. هن پنهنجين يادن جي تسبيح کي سوريو. پر هاڻي ڪابه آس پُڄي ئي نٿي، الائي ڇو؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو. تهه سياري ۾ ٿوٻيءَ تي جوئر جي گول ماني، مکڻ جي چاڻي کي ساڳ مٿان پگهاري گهر جي ننڍڙي وڏي ڀاتيءَ کي ونڊي ورهائي ڏيئي ۽ پوءِ باهه جي مچ جي ڀر ۾ ويهي سک ۽ ڏک  جون باتيون، لابارن ۽ پوکن جون، ڳڻتين ۽ ڳارن جون وسرن ئي نٿيون. چانڊوڪين ۾ ڏينهن وٺڻ ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ننڊاکڙو ٿيڻ ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي سوڙين ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو. مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ته شهناز تون اهو سک ڀريو گهر ڇو  ڇڏيو ۽ شهر ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ سندس منهن تي ويچارگيءَ ۽ اداسيءَ جون ريکائون ڪجهه وڌيڪ گهريون ٿي ويون. اوچتو ئي اوچتو الائي ڪهڙو واءُ لڳو جو محبت جو اِهو گهاٽو وڻ پاڙئون پَٽجي پَٽ پيو. الائجي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي جو راڄ ڀاڳ  دشمن ٿي پيو. پنهنجن ئي پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هڻي تباهيءَ ۽ برباديءَ کي سڏ ڪيو. آپا، پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب، ڪنهن کي ڏوهه ڏيون؟

سکيو ستابو گهر هو. پنهنجيءَ مڇيءَ مانيءَ وارا هئاسين. ائين ڪير ڇڏيندو آهي پنهنجو گهر ۽ تڙ، هن منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو. ڏک هجي يا سک، پنهنجا سنگتي ساٿي هجن ته منهن ڏئي وجهبو آهي. هوءَ رَئي جي پلاند سان وهندڙ لڙڪن کي اُگهڻ لڳي.

مان حياتيءَ جو ڇيد ڪرڻ لڳيس. پنهنجي من ۾، حياتي ريل گاڏي هئي، ڪهڙي ساعت ڀرپور رفتار سان هلندي هلي ۽ ڪنهن مهل، ائين جيئن ڪنهن اسٽيشن تي فيول ڀرڻ لاءِ رُڪجي ۽ لاچار وري هلڻ لڳي پر شهناز وٽ ڪيڏو نه ڀوائتو روپ هو. حياتيءَ  جا سارا خواب ۽ تمنائون کانئس کسجي ويا. ٿوري خوشي ۽ ڇت جي ئي ته کيس گهرج هئي. هوءَ هر حال ۾ خوش هئي. پر پوءِ به سندس دامن ۾ پيلا پوپٽ هئا ۽ مون وٽ پوپٽن جا ڪجهه رنگ، هن جي سُڏڪن تي مون کيس گلاس ۾ پاڻي ڀري ڏنو. آپا، زهر آڻي ڏينم ته کائي انت آڻيان ته منهنجي جند ئي ڇٽي پوي. مون کيس آٿت ڏنو، ڪوڙو دلاسو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ڪجهه به نه ٺهندو آپا، مون کي ڄاڻ آهي.

منهنجي اندر ۾ چهنڊڙي پئجي ويئي. تون به ڪجهه ڪري نه سگهندينءَ مون لاءِ. منهنجي سام جهليندينءَ آپا؟ هن سوال ڪيو. مان، مان، مون پنهنجن هٿن سان پاڻ ڏي اشارو ڪيو. کيس ڪجهه به جواب نه ڏيئي سگهيس. منهنجا لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. مون ڳيت ڏيندي چيو، شهناز، تون ڳالهه ته ڪر، ڪهڙي ويڌن ٿي آهي توسان؟

آپا منهنجو اصل نالو شهناز ناهي ۽ ذات به مٽائي اٿم خوف کان. هي شناختي ڪارڊ ڏسين ٿي نه، اِهو ڪوڙو آهي، هن ڪارڊ ڏيکاريندي چيو(سندس شناختي ڪارڊ مون کانئس گهريو هو، اهو پاڻ سان کڻي آئي هئي) پر منهنجيءَ ڪهاڻيءَ تي توکي يقين ڪرڻو ئي پوندو. سندس سچائيءَ سندس لهجي مان پڌري هئي. اها دهشتناڪ رات اڄ تائين مون کي ناهي وسري. وسري به ڪيئن؟ منهنجي ڏير جو پٽ آڌيءَ رات تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ پاڻي وارڻ لاءِ نڪتو. جڏهن واپس وريو ته پاڻ سان گڏ تباهي ۽ بربادي به کڻي آيو. ڇا ڏسان ته ساران اجرڪ ۾ ويڙهيل هن جي ڀر ۾ بيٺل آهي. شفوءَ کيس ڪرائيءَ مان جهلي اڳتي ڪيو. هن جي اکين ۾ خوف ڇپ هڻي ويٺو هو. سندس بت ۾ ڏڪڻي هئي ۽ چپن تي خشڪيءَ جا تهه ظاهر هيس. هنن سان گڏ ٻه همراهه پڻ هئا، جيڪي شفوءَ جا دوست هئا. هوءَ اسان جي ڳوٺ جي هئي، پر  هن جو ڪٽنب قبيلو ڌار هو ۽ اسان ڌار، زمينون گڏ هيون. ريتون رسمون ساڳيون، هڪٻئي سان اچڻ وڃڻ، اگهائي سگهائيءَ ۾، بيماري بڙيءَ ۾، موتي فوتي، ڪاڄ ۽ ونگار ۾ هڪ ٻئي سان گهرو تعلق هو. پر آپا، اسان جو هنن سان ناتو سالن کان نه پر صدين کان هيو. ٻنهي ڌرين جي وڏڙن جون هڏيون، ان ڌرتيءَ ۾ ئي دفن ٿيل هيون. هي لڪاءُ ڏسي گهر ڀاتين کان دانهن نڪري ويئي. ابا شفو! هي ڪهڙو قهر ڪيئي، منهنجيءَ سس ڏڪندڙ هٿن سان شفوءَ جي ڇاتيءَ ڪٽيندي دانهيو. اسان ٻنهين جي مرضي ۽ رضا شامل آهي. امان، مون هن کي ڀڄايو ته ناهي ۽ نه ئي ڪڌو ڪم ڪيو آهي. امان، ڀاڄائي شفوءَ مون طرف نهاريو. آپا هن جي اکين ۾ التجا هئي. جنهن پيار ۽ خاطريءَ جي کين گهرج هئي، تنهن جي ضمانت اسان کين نه پئي ڏني، تنهنڪري ئي سندس لهجو هيڻُو ٿيندو  پئي آيو.  آزيون نيزاريون پر ڪجهه به نه وريو. مون ساران کي ٻانهن کان ورتو ۽ اندرئين ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويس ۽ ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ساران هي تو ڇا ڪيو، ۽هوءَ اچي سُڏڪن ۾ پيئي.

سج اُڀرندي ئي هنن جي مٿان ته قيامت گذري ويندي، تنهنجي ائين هلي اچڻ تي مون کيس چنبا هڻي ڪڍيا. سندس ڪارا نيڻ ڇُلڪي پيا. من جي آنڌمانڌ هن جي چهري مان ظاهر هئي. مون ڪوبه اهڙو قدم ڪونه کنيو آهي. ڀاڄائي، پر تو تي ڪير اعتبار ڪندو؟ هن جي سڏڪن ۽ لڙڪن مون کي ميڻ وانگر ڳاري وڌو. تون، تون، منهنجي ماءُ وانگر آهين، ڀاڄائي. مان پاڻ تو وٽ لنگهي آئي آهيان. منهنجا مائٽ ته ڪڏهن به راضي نه ٿين ها. اهوئي منهنجو ڏوهه آهي. پر ساران، توکي زندگيءَ جو دان ڪين ملندو چري! مان ڇا ڪريان، تنهنجي لاءِ سڀ در بند ٿي ويا آهن ۽ اِهي تو پاڻ بند ڪيا آهن. تنهنجي ائين گهر ڇڏي اچڻ تي توکي ”ڀاڄوڪڙ “ سڏيندا ۽ ڪاري ڪري ماريندا. هنن وٽ تنهنجو ملهه  ۽ قدر ڪني آڱر وڍي ڀلي جيترو آهي، پر ساران شفوءَ سان تنهنجو ناتو ڪيئن جڙيو.

هن هٻڪندي چيو، غازي شاهه جي درگاهه تي ڏيئو ٻارڻ ويندي هئس. هر جمعرات تي اُتي شفو به ايندو هو. پر مون کي ڄاڻ نه هئي ته هُو مون کي چوريءَ ڏسڻ ايندو هو. هڪ دفعو نما شام مهل ڏيئي ۾ تيل وجهي وَٽ کي سولو ڪري دعا گهري واپس ٿي وريس ته شفو سامهون بيٺو هو. هن جي اکين ۾ منهنجي تصوير هئي  ۽ الائي ڇا هو، ڄڻ منهنجي پيرن ۾ سنگهر پئجي ويا. پنهنجي سهيليءَ  جي جنجهوڙڻ تي سامت ۾ آيس ۽ پوءِ اُهو ناتو وڌيڪ مضبوط ٿيو، جڏهن سرمئي شامن ۾ هڪ ٻئي سان پريت پاڙڻ جا واعدا ۽ قسم کنيا. اُن شام اسان گڏجي غازي شاهه جي درگاهه تي ڏيئو روشن ڪيو ته گڏ جيئنداسين ۽ گڏ مرنداسين!

مان اِهو ٻُڌي رهي نه سگهيس. شهناز، هنن ٻنهي ته پيار جو ديپ جلائي، اونداهين کي روشن ڪرڻ پئي چاهيو. شفو ۽ ساران ته اَڻ اظهاريل محبتن کي زبان ٿي ڏني. اِهو چئي مان چپ ٿي ويس جو منهنجو اندر سُڏڪڻ لڳو. اسان، اسان وٽ محبتن جو انجام الميو ئي ته آهي. اُهو دلين ۾ هميشه لاءِ مٺو سور بنجي دُکندو رهندو آهي. پر آپا، شفو کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. اهڙي پيار جو فائدو، جنهن جي انجام جي اڳواٽ ڄاڻ هجي. اُهو عشق ڪهڙو، جيڪو گهر ڀاتين لاءِ بربادي ۽ ڏک جو سبب بڻجي. هن جي لهجي ۾ نفرت ۽ ڌڪار ڀريل هئي. شهناز ٿوري دير لاءِ مون کي چُپ ڪرائي ڇڏيو، پر هوءَ منهنجي من کي چپ نه ڪرائي سگهي. پريت بربادي جو ڪارڻ نه پر خوشين ۽ شادمانن جو سنيهو آهي. منهنجي اندر هر هر پئي ورجايو. اندر جي گوڙ ۽ شور کي ڪن ڪن لاٽار ڪندي شهناز کي چيم ته پوءِ ڇا ٿيو. شهناز ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته شفوءَ کي مون نپايو هو. سندس ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي مري ويئي هئي، منهنجي ڏير وري وهانءُ ڪونه ڪيو. اولاد ۾ ڄڻ هن جو ساهه هو. ڏاڏهيس ۽ مون کيس نپائي تاتي وڏڙو ڪيو. پنهنجي اولاد جيان ڄاتو مانس. پر هو رکوالو ٿيڻ بجاءِ رهزن ۽ ڌاڙيل بنجي پيو. اُها، اُها رات نه هئي، ڄڻ صور هو، جيڪو ڦوڪجي ويو هو. صلاح اِها ٿي ته شفو ۽ ساران کي گهر ۾ نه رکجي. اِهو ٻُڌي هن جي آيل دوستن پڻ اسان کي چيو ته شفو ۽ ساران کي ڪچي ۾ موڪلي ٿا ڏيون، جو اُتي اسان جا ڪي مائٽ رهن ٿا. رات پيٽ ۾ اُتي رَسي ويندا. شفوءَ ۽ ساران جي موڪلاڻي، موڪلاڻي نه هئي، پر هميشه لاءِ جدائي ۽ وڇوڙو هئي. اسان سڀني پنهنجن سڏڪن کي اندر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.

گهر ڀاتين جي اِها صلاح ٿي ته رات پيٽ ۾ ڳوٺ ڇڏجي. ٺاهه ٿيڻ جي صورت ۾ شهزاديءَ جو سڱ ڏيڻو پوندو ۽ راڄ اسان جو داڻو پاڻي بند ڪندو. پر ڀريل تريل گهر کي ۽ پنهنجي زمين ٽڪر کي ڪيئن ڇڏجي؟ منهنجي ور، شهزاديءَ جي پيءُ چيو ته مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏبو. صبح ٿيڻ تي ساران جي مائٽن ۽ وارثن زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. سندن شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو. جڏهن ساران جي ننڍي لاڪون جي سرتيءَ راڻيءَ کان پڇا ٿي. ڦاٽ ڦاٽي پيو. هو اسان جي گهر تي ڪاهي پيا. منهنجي مڙس عرس ۽ ڏير هڪل ڪري مٿن اُلر ڪئي، ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان، پر الائي ڪيئن، آپا هڪ معجزو ٿيو، جو گهر جي ۽ پاڙي وارن جي وچ ۾ اچڻ ڪري جهيڙو ٽري ويو. معاملو وڃي راڄوڻيءَ تي بيٺو. اسان ڏوهدار هئاسين. راڄ ڌڻين فيصلي لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو. مون کي خبر هئي ته راڄ ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيندو. هنن جي وات اِها ئي وائي هئي ته ٻانهن واپس ٿئي يا سڱ ڀري ڏيو. ساران جي نڪاح جي کين خبر پئجي چڪي هئي. تنهنڪري هو سڱ وٺڻ تي زور ڀري رهيا هئا. سندن نياپا اسان تائين پاڙي وارن ۽ مائٽن وسيلي پهتا. سڱ ڏيڻ جي صورت ۾ هو منهنجي گلڙن جهڙي نياڻيءَ سان جيڪي ڪجهه ڪن ها، اُهو چڱي نموني مون کي سُجهيو پئي. سو مون فيصلو ڪيو ته پنهنجو پاڻ سان ۽ پنهنجي وارواري سان ڳالهه ڪيم.  هن به جيئري پنهنجي ڌيءَ کي آڙاهه ۾ اُڇلائڻ نه پئي چاهيو. اسان کي ڌيءُ به هڪ ئي هئي. ٻيا پٽڙا هئا.

آپا، ڏهه نياڻيون به هجن ها ته ائين نه ڪري سگهان ها. سڀئي اِهو ٻڌي هڪ ڳالهه تي بيٺا ته هي گهر، مال ۽ زمين ۽ پنهنجو ويڙهو ڇڏجي. ٻيءَ صورت ۾ ڌيءَ ڏيئي هميشه لاءِ عذاب سَهجي ۽ اسان کيس هميشه لاءِ جيئري ئي وساري ڇڏيون. اِهو اسان لاءِ سولو نه هو. منهنجن آنڊن ۾ ڄڻ ڪنهن ڇُريون پئي هنيو، پوءِ هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ ڏڍ تي آڌيءَ رات ڀريو تريو گهر ڇڏيوسين.

جنهن مهل گهر جو اڱڻ ٿي ڇڏيم، تڏهن ڪنڍيءَ ۽ چال ورائي ورائي ٿي مون ڏانهن ڏٺو. ننڍڙن ڦرن کي ڏُهائيءَ مهل ڇڏيندي ٿڻن ۾ کير لهڻ ۽ چونئري جو کير سان ڀرجي وڃڻ واري اُها ويل، منهنجي اکين آڏو پئي پري. ڦٽين جو چونڊو  ۽ پلاندن جو ڀرجڻ مونکي ياد اچي رهيو هو. هاڻ ته جهوليءَ ۾ ڪجهه به نه هو. ابابيلن جا ولر ۽ ڪونجڙين جي قطار جو هڪ ٻئي پويان ڍنڍ ڪناري لهڻ ڏسي نه سگهندس. مينهن ڪڻين ۾ ڪچيءَ مٽيءَ جي سڳنڌ جو واس منهنجي روح مان ڪڏهن به نه ويندو. گهر جي ڀتين کي ڀاڪر پائي رُنس.

هن ئي گهر جي اڱڻ تي لائون لڌيون هيم. آپا، وڏن پڌرن ۾ ٻُڪي جي مهل کجڪا ۽ سانگ سڀ پوئتي رهجي ويا. ڇٺين تي ۽ ونواهن تي ڳيچ اڄ به ڄڻ ٻُڌان پئي. ”اکيون لاڏل جون ٻرن مشالا....... ڪجل جوڙ بنايو“، هن جي اکين ۾ يادن جي مشعل ٻرڻ لڳي. سندس چپ چرڻ لڳا: ۽ ، لُڏي لُڏي  ٿو انبن جي ٽارين ۾ ”لڳو ونيءَ جو واءُ او راڻا، توکي لڳو ونيءَ جو واءُ.“

ڀائرن ۽ ڀائٽين کي دعائن جي ڇانو ۾، شل ويڙهو وسندو رهي.، ڪوسو واءُ نه لڳي. ”راڻا تو مان لک ٿيندا، رڻا تو مان راڄ ٿيندا.“ نه اُهي راڄ رهيا ۽ نه اُهي ميل ميلاپ آپا، سڀ ڪک پن ٿي ويا. لڪ ڇپ ۾، ساهه مُٺ ۾ڪري، هڪ درگاهه تي اچي رهياسين. اُتي چلي جي بهاني ڪجهه ڏينهن ترسياسين. اُتي جي مُتوليءَ جون شڪي نگاهون ۽ پوءِ هروڀرو هن جون مهربانيون ککڻ لڳيون. لنگر لهي ته پهرئين ئي فقير اسان کي ڀَت جو ديڳڙو ڀري ڏيئي وڃن. هر وقت اسان جي سار سنڀال جي بهاني اسان جو واءُ سواءُ پئي ورتائون. هڪ ڏينهن متوليءَ کي اِهو چئي روانا ٿياسين ته چلو پورو ٿيو. هاڻ ڳوٺ واپسي آهي. اُتان جان ڇڏائي هڪ وستي، جنهنکي خدا جي بستي ٿي سڏيائون، اُتي هڪ ننڍي ڪوٺي مسواڙ تي وٺي رهياسين.

در تي ڦاٽل ٻوري جو پردو ٽنگيل ۽ گرانٺ جيڏي پڌر تي مٽيءَ جي چلهه ٺهيل هئي، جنهن جي مٿان ڪو ڇپر نه هو. مڙوئي زندگي جو سفر شروع ٿيو. منهنجي سس هن عمر ۾ اِهڙو صدمو برداشت نه ڪري سگهي، سو وڃي الله کي پرتي. نئين سر حياتي ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي آپا، هِن مون ڏي لاچاري مان نهاريو. هي ته زوريءَ جو جيئڻ هو. شهناز مون ڏي نهاريندي چيو. شروع ۾ منهنجي مڙس ۽ ڏير ڏهاڙيءَ تي مزدور ٿيا. شناختي ڪارڊ نه هجڻ ڪري ٺيڪيدار سندن مزدوريءَ مان ڏوڪڙ ڪٽڻ لڳو. کين ڪو هنر يا سکيا ته ڪانه هئي، جو هو ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهن. سو مجبوراَ  اُن تي صبر شڪر ڪري گذران ڪرڻ لڳا. نيٺ ٺيڪيدار جون زيادتيون وڌڻ لڳيون. کين اٻوجهه سمجهي هو من ماني ڪرڻ لڳو. ڄڻ بيگار ڪئمپ هئي ۽ ٺيڪيدار خرڪار. نيٺ اُتئون به ڇڏيائون. اِها حالت ڏسي، سون جا پنڙا ۽ چانديءَ جون ڪڙيون پنهنجي گهر واري کي ڏنم ته اِهي وڪڻي ڪجهه ڪري، سو ائين پهرئين چانهه جو کوکو کوليائين، جيڪوهلڻ لڳو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن جيئن تيئن گذرڻ لڳا. آهستي آهستي کوکو هڪ ڪچي پڪي ننڍڙي هوٽل ۾ تبديل ٿي ويو. اُتي هر قسم جا گراهڪ اچڻ لڳا. منهنجا پٽ ۽ سندن چاچو به کيس هٿ ونڊائڻ لڳا. اسان جي پيٽ جو بلو ته ٿيو، پر هر وقت اُلڪو هوندو هو ته هو اسان کي ڳولهي نه لهن. حياتي پُلصراط تي هئي. هڪ دفعي چانهه پيئڻ لاءِ ڀرپاسي جا ڪي ماڻهو آيا، جن اسان کي نه پئي سڃاتو، سو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڳالهه ڪيائون ته شفو ۽ساران جي جي ڳولا ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو اٿائون ۽ شفوءَ جي مائٽن ۽ سئوٽ جي ڪڍ پڻ آهن. خبر پئي اٿن ته اُهي ڪنهن شهر وڃي رهيا آهن. پاڻ ۾ احوال ڪندي چوڻ لڳا ته ڇوڪريءَ واري ڌر پيڇو نه ڇڏيندي. ٻئي همراهه چيو ته شفوءَ جي وڏن ويساهه گاهتي ڪئي آهي، پلاند وٺڻ

هُنن جو حق آهي. راڄوڻيءَ تي راضي ٿي رات پيٽ ۾ ڀڄي ويا.

هونوس نوس ڪندا ٿا وتن، اِهڙين حالتن کي ڏسندي منهنجو گهروارو اُها ننڍڙي هوٽل بند ڪري هڪ پٺاڻ وٽ وڃي بيٺو. اُها هڪ چڱي وڏي هوٽل هئي. روزگار جي ڳولا ۾ هرڪو  ٽڙيءَ پکڙي ويو. هو اسان ماءُ ڌيءُ کي ڪوٺي ۾ بند ڪري تالو هڻي ويندا هئا. شام لڙي موٽندا هئا. شهزادي منهنجي ڌيءُ چوندي هئي ته هت به باندياڻي آهيان، اُت به غلام ٿي ڏينهڙا گهاريان ها، امان، اجايو پنهنجو گهر، مال، زمين ڇڏي سين. مون هڪهڙي جي ڪري اوهان سڀني ڀوڳيو آهي. ائين نه چئه ڌي! نيٺ چڱا ڏينهن ايندا. ان اڻتڻ ۾ سمجهيم ته شايد ڪي گهڙيون سک جون منهنجي نصيب ۾ به هجن. پر ائين نه هو. شهناز جي اکين مان هڪ ڀيرو وري لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. مون کي سونل ياد اچڻ لڳي. سهڻي، سون جهڙي، سونهري وارن واري. سندس سونهن جي هر هنڌ هاڪ هئي، جا هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ستن ڀائرن سان گڏ رهندي هئي. هڪ ڏينهن هڪ راڪاس سندس اکيون سُئيءَ سان سبي ڇڏيون ۽ وار ٿَنڀ سان ٻڌي ڇڏيا. راڪاس سندس گوڏي تي سمهي رهيو. ڪم ڪار تان سانجهيءَ ويل موٽندي کيس ڀائر سڏ ڪندا هئا.

”ادي سونل، ادي سونل! در لاهه، ڏيئو ٻار.“

سونل ڀائرن جو آواز سڃاڻي جواب ڏنو:

ادا ڙي ادا، اکيون سُئيءَ سِبيون،

چوٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي سُتو.

اهو ٻڌي ڀائر ماٺ ڪري ويا، پرنيٺ ڀائرن راڪاس کي ماري سونل کي قيد مان آجو ڪرايو. پوءِ هو سڀ گڏجي خوش ٿي رهڻ لڳا. پوءِ الائي ڇا ٿيو، جو راڪاس وري روايتن جي سُئيءَ سان سونل جون اکيون ٽوپي ڇڏيون. کيس قيد ڪري ڇڏيو. ڪڙا ۽ قيد هميشه لاءِ ٿيا.

اُها صدا اونداهين جي پولار ۾ گم ٿي ويئي.”در لاهه، ڏيئو ٻار“، منهنجي ڪنن ۾ شهناز جو سُڏڪو ٻُرڻ لڳو. هوءَ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن ۽ نڪ کي رئي جي پلاند سان اگهڻ لڳي. سامت ۾ اچڻ کان پوءِ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. شهزاديءَ جو پيءُ گهر ايندو هو ته پٺاڻ جو ذڪر ڪندو هو ۽ اُن جي ساراهه مان ڍاپندو نه هو. هو ڏاڍو ڀلو آهي. مونکي ڪاروبار ۾ حصيدار بنائڻ چاهي ٿو. شهزاديءَ ماءُ جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان زر زمين جو مالڪ آهيان، پنهنجو ڳوٺ ۽ تر آهي ته هو پهرين حيران ۽ پوءِ ڏاڍو خوش ٿيو. چوڻ لڳو ته هم تمهاري ڳوٺ چلي گا، عرس تمهارا فيصله ڪرائي گا. نيٺ هڪ ڏينهن ڦاٽ ڦاٽو. هن جا لڇڻ هاڻ ٻيا هئا. جنهن ڌيءُ ۾ ساهه هيس. اُها هن کي زهر لڳڻ لڳي.

شهناز منهنجي مڃ ۽ ڳوٺ هلي پيش پئون. اِئين ڪيستائين رهنداسين. هاڻ هو سڄڻ نه پر دشمن هو. اندر ئي اندر ڪا کِچڻي هئي، جيڪا رڌجي پئي. هن پنهنجي جند پئي ڇڏائڻ چاهي. پوءِ پٺاڻ جي طلاق يافته ڌي فيروزه بيگم سان نڪاح ڪري ڇڏيائين. مان هن جي سڳي سئوٽ هيس. پٽن ماءُ هيس. آپا، پرديس ۾ مون کي خراب خوار ڪيائين. پيرئين پئي مانس ته ٻيلي ائين نه ڪر. هو مون کي زندان مان ڌڪي ڪڍڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو ۽ شهزادي کي ڳوٺ وڃي دشمن حوالي ڪرڻ لاءِ زور وڌو. جڏهن مون نه مڃيو ته هن مون کي طلاق ڏيئي ڇڏي. مٿس منهنجين دانهن به اثر نه ڪيو. مان جيئري مري ويندس. جوان ڌيءُ کي وٺي ڪاڏي ويندس. تون منهنجو وارث آهين. مون کي ڀرپاسي ۾ رهڻ ڏي پٽڙا ڪجهه ساهه پٽين، پنهنجي پر ڪو روزگار ڪري سگهن،تيستائين مون کي هتي ئي رهڻ ڏي. الائي ڪيئن کيس خيال آيو. هن اسان کي گهران نه ڪڍيو ۽ فيروزه بيگم کي ڀر ۾ ٻيو گهر وٺي ڏنائين.

وڏو ڏير هيروئيني بنجي ويو. سڄو سڄو ڏينهن، ستوپيوهوندوهو. سڄي ڪمائي فيروزه بيگم تي خرچ ٿيڻ لڳي. پٽ به پيءُ جا ٿيا آپا. ڀيڻ ۽ ماءُ کي بار سمجهڻ لڳا. فيروزه بيگم ۾ الائي ڪهڙو جادو هو. اسان جا ٻه ويلا مٿن ڀاري ٿيا. مان ته پنهنجو ڀريو تريو گهر ڇڏي آئي هيس. هوءَ منهنجا پٽ به هٿ ڪري ويئي. هوءَ وڻ ويڙهي هئي، بنا پاڙ جي، پر هاڻي مان بي پاڙي هيس. منهنجي پيرن هيٺان ڪجهه به نه هو. ڌرتي ٽامو هئي منهنجي لاءِ.

هو ڪڏهن ڪڏهن ڌيءُ جي خبر چار وٺڻ لاءِ اِيندو هو. هڪ دفعوننڍي پٽ کي فيروزه بيگم ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو، جو منهنجي پٽ دلدار کيس جهليو ته امڙ ۽ڀيڻ کي بي گناهه ڇو پيئي گهٽ وڌ ڳالهائين. پوءِ پيءُ جي بي واجبي ڏسي دلدار مون کي ۽ ڀيڻ کي هتان ڪڌي، ڄامشوري ڦاٽڪ تي اچي رهايو. دلدار جي ڏيهاڙي ڪڏهن لڳندي هئي ڪڏهن نه. اِئين مجبوري کان ٻاهر نڪتس ته اوهان وٽ مون کي ڪم مليو. مان ڏاڍي خوش هيس ته هاڻي ڪجهه ساهه پٽينديس. پر آپا، گهر جي پاسي ۾، ڪن شڪي ماڻهن جي چرپر مون کي ڏڪائي وڌو آهي. شهزاديءَ کي ڪوٺيءَ ۾ واڙي تالو ڏيئي اوهان ڏي ايندي هيس، پرهاڻي ائين نه ٿي ڪري سگهان. منهنجي ڌيءُ تازي هوا لاءِ سِڪي مُئي آهي. سندس زرد رنگ، ڪارا حلقا هِن جي چهري تان مٽجن ئي نٿا. هوءَ بيمار رهڻ لڳي آهي. آپا، مان ڪنهن به قيمت تي هن کي هٿن مان وڃائڻ نٿي چاهيان، انڪري هي وسندي ڇڏي پري وڃان ٿي. حياتي رهي ته ٻيهر ملنداسين، چيو آکيو معاف ڪجانءِ آپا!

 اندرئين دروازي کُلڻ تي مون مٿي نهاريو. هوءَ چانهه کڻي آئي هئي. چانهه جو ڪوپ مون کي ڏنو اٿس. سندس لڙڪ خشڪ ٿي چڪا آهن. لڳي ٿو ته هوءَ گهڻو رني آهي. هن جي لاءِ مان ڪجهه نه ڪري سگهيس. پڇتاءُ جو احساس وڪوڙي ويو اٿم، هوءَ سمجهي ويئي آهي، پر ڪجهه چئي نٿي. هوءَ عورت کي سمجهي ٿي. ان جي حيثيت کي ڄاڻي ٿي. هوءَ موڪلائڻ لڳي آهي. هن هٿ ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو آهي. هاڻ هن جو هٿ منهنجي هٿ ۾ آهي. ائين ٿو لڳيم ڄڻ مان پُتلي آهيان. منهنجا هٿ ڪاٺ جا آهن. هٿ جي آڱرين کي چهري ڏانهن ڪري، جانچڻ لڳي آهيان. اُتي ته هڪ پتلي جو چهرو آهي. هوءَ ڪجهه به نٿي ڏسي سگهي. اکيون سُئيءَ سان ٽوپيل آهن. هوءَ هٿ ڇڏائي ٿي ۽ گيٽ طرف مُڙي ٿي.

مان گهٻراهٽ ۾ اکيون کوليان ٿي. هن کي روڪي نٿي سگهان، پرهوءَ گيٽ کولي ٻاهر نڪري ويئي آهي. مون پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن. ڪاري رات لهي آئي آهي. ڪوبه روشن تارو ناهي. تارا پٿر بڻجي وسڻ لڳا آهن. شهناز ۽ شهزادي پورجڻ لڳيون آهن. سنگسار ٿيڻ لڳيون آهن. مان اِهو ڏسي نٿي سگهان. اکيون کولي ڇڏيون اٿم. سانت آهي. ڪوبه آواز ناهي. ڪابه صداقت ناهي، اها صدا ”در لاهه، ڏيئوٻار“ الائي ڪاڏي گم ٿي ويئي آهي. سج لهڻ ۾ دير آهي. سهاندڙي جي اڇڙين مکڙين جا منهن اڌ کليل آهن. بربلين ڀيرا ڏيئي سارو رس چوسي مکڙين کي نستو ڪري وڌو آهي، هوا جي نرم جهوٽن سان ٽارين جا ساوا پن هڪ ٻئي پويان ڪرندا ٿا ويا. توت جي نازڪ ٽارين تي ڪرڻا ترڪندا ٿي ويا. ٻچڙن وات ڦاڙي بلبل ڏي پئي نهاريو. هي سونهن، پيلن ۽ڳاڙهن گلابن سان ڀونئر جا سرٻاٽ. هن منظر تي پنهنجين اکين کي بند ڪري، قيد ڪرڻ چاهيان ٿي. پر سج لهڻ تي آهي، سارو منڊل شفق جي لالاڻ ۾ ريٽجي زخمي ٿي سُڏڪڻ لڳو آهي. اوندهه جي سمونڊ اڳتي وڌي رهيو آهي. رات لهي آئي آهي. ڪاري ٻاٽ. پٿر وسڻ لڳا آهن.، مون پنهنجو چهرو ٻانهن جي گهيري ۾ لڪائي ڇڏيو آهي.

حميد سنڌي

رومانس جي خودڪشي

ڪجهه عرصو ٿيو ته ڪنهن اخبار ۾ هڪ مضمون جو عنوان پڙهيم:”خودڪشيءَ جو رومانس“

وري هڪ نوجوان ليکڪ جي ڪتاب جو عنوان پڙهيم:”خودڪشي جو رومانس.“ وري سنڌ ۾ روز عام جام خودڪشين جا واقعا خبرن ۾ پئي پڙهيم ته وري عنوان اچڻ لڳا:”خودڪشي جو رومانس.“

هر معاشري ۾ خوڪشيءَ جو تصور ڪڏهن به وڻندڙ يا قابل قبول نه رهيو آهي، توڙي جو اُن جا سَو دليل هجن. اُن سان، اُن ماڻهوءَ، نينگرن يا نينگرين جي ڏکن، جداين جو خاتمو ٿيندو هجي ته خدا کي خبر پر اُن دوران سندن توڙي اُن کان پوءِ واسطيدار عزيزن قريبن جو ڪهڙو حشر ٿئي ٿو، اُهو وڌيڪ دکدائڪ ۽ تڙپائيندڙ آهي. پر ڳالهه اِها آهي ته خودڪشي ’سان‘ رومانس آهي يا خودڪشي ’جو‘ رومانس آهي، اِهو ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندڙ قصو  آهي. سمجهه ۾ نه ايندڙ قصو آهي. سمجهڻ لاءِ کڻي ڊڪشنري کوليم. ڌڻي ڀلو ڪري عزيزم عبدالرشيد ميمڻ جو، جنهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ انگريزيءَ مان انگريزي ۽ وري اُن جي سنڌيءَ ۾ معنائن سان ٽن جلدن ۾ ڊڪشنري پڌري ڪئي آهي. وڏي محنت ڪئي اٿائين. ڪڻُ ڪاسو دوستن ۽ اسان جو به هيو. ڀاءُ شمس کي جو جلد موڪليائين، ته مون کڻي قبضو ڪيو. کڻي کوليا ته Suicide  (خودڪشي) جي معنيٰ لکيل هئي: ’پاڻ  گهات، آتم هچا، آپ گهات، پاڻ مارڻ، خودڪشي وغيره وغيره.‘ وري لکيل هو  Suicide pact جي معنيٰ ’ٻن ماڻهن جي وچ ۾ آپ گهات جو معاهدو‘ وري Suicidal  جي لاءِ لکيل هو ته ’آپ گهاتڪ، نقصانڪار، خودڪشي ڏانهن راغب ڪندڙ، تباهڪار، تباهيءَ طرف ويندڙ، وغيره.‘ سوچيم ته،’مار! هيءَ ته وڏي سلسليوار واردات آهي. هڪ پاسي خودڪشي معنيٰ پاڻ مارڻ يا آپ گهات ڪرڻ، ته وري ٻئي پاسي آپ گهات جو معاهدو ڪري مرڻ.‘

پر ڄاڻايل  اِهو معاهدو United Nations Pacts  جا معاهدا يا NATO  جهڙا معاهدا ته نه آهن، جن ۾ گڏ مرڻ جيئڻ جا واعدا هوندا آهن. پر وقت تي ٿيندو ائين آهي،” چڙهه جا بيٽا سولي، پر، ڀڳوان ڀلي ڪري گا.“ پر ڪي معاهدا جيڪي ايفائي عهد نه ٿيندا  آهن شايد اُهي Suicidal  هوندا آهن، جنهن جي معنيٰ لکيل آهي خودڪشي ڏانهن راغب ڪندڙ يا تباهيءَ طرف وٺي ويندڙ. جيئن  شايد عاشق معشوق گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪري زهر گڏ پيئندا آهن. خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هڪ جو زهر سچو هوندو آهي ۽ ٻئي جو ملاوٽ مليل. چون ٿا ته روميو جوليٽ وارو رومانٽڪ قصو اصل ۾ هينئن هو ته ٻنهي گڏ مرڻ جو معاهدو ڪيو هو. جوليٽ ٺڳي ڪري ملاوٽ يا نشي وارو زهر پيتو هو. پاڻ بچي ويئي، روميو وڃي ڌڻيءَ کي پرتو! شيڪسپيئر يا ٻين کڻي جوليٽ کي اَمر ڪيو ۽ هُن خنجر کڻي پاڻ کي هنيو. ڪي چون ٿا ته اِئين نه هو، جوليٽ جيئري رهي ۽ خوش ٿي اُن همراهه سان شادي ڪيائين، جنهن کيس عجيب زهر آڻي ڏنو هو جو  هوءَ ڪجهه وقت لاءِ نه جيئرن ۾ هئي، نه مئلن ۾. (نوٽ: دروغ برگردن راوي) سائين! ڇا به هجي، پر اهڙا داستان به آهن، جن ۾ رومانس جي چاشني ڏاڍي وڻندڙ ۽ جيئري رهڻ وارن جذبن کي پالي تاتي وڏو ڪري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com