خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن ۽ سندن پونيرن فنونِ
لطيفه کي اڄ به زنده رکيو آهي. خيرپور، ڪوٽ ڏجي ۽
ٻين شهرن ۾ سندن ٺهرايل محل، ماڙيون، مسجدون،
مقبرا ۽ امام بارگاهون، خطاطيءَ، خوش نويسيءَ،
ڪاشيگريءَ، گلڪاريءَ ۽ مصوريءَ جي فن جي اڄ به
شاهدي ڏين ٿا. هن حاڪمن لائبرريون به قائم ڪيون،
جن ۾ قلمي نسخا نقل ڪرائي رکيائون. حاڪمن خطاطن ۽
خوش نويسن کي پنهنجيءَ درٻار ۾، درٻاريءَ جي حيثيت
۾ جايون ڏنيون. اُنهن خطاطن، خطاطيءَ جي سڀني
قسمن، خط ڪوفي، خط نسخ، خط طغرا، خط نستعليق، خط
ريحان، خط گلزار، خط شفيع، خط غبار ۽ خط بهار ۾
پنهنجا جوهر ڏيکاريا.
(ح) انگريزن جو دور(1259هه/1843ع .......1947ع)
هن دور ۾ خطاطيءَ ۽ خوش نويسيءَ جي فن جو زوال
شروع ٿيو. هن دور ۾ پهرين بمبئي شهر ۾، ۽ پوءِ سنڌ
جي ٻين شهرن ۾ ليٿو ڇاپخانا شروع ٿيا. سنڌي ٻوليءَ
۾ ڪتاب به بمبئيءَ ۾ ڇپجڻ شروع ٿيا(ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ : ص 17) ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
”ڪاٺياواڙ جي ميمڻ شاهوڪارن جي مادري زبان ڪڇي –
سنڌي هئي ۽ اُنهن جڏهن ليٿو ڇاپخانا قائم ڪيا ته
سنڌي ڪاتبن کان، سنڌي قلمي ڪتاب، ليٿو ڇاپي لاءِ
نقل ڪرايائون، انهيءَ نقل نويسيءَ ذريعي، ڪتابت جو
فن پنهنجن پوين پساهن ۾ جيئرو رهيو.“ (ص 17)
ڊاڪتر بلوچ صاحب جن ساڳئي صفحي تي اڳتي لکن ٿا ته:
” ليٿو ڇاپي جو پهريون شاهڪار ”شاهه جو رسالو“
جيڪو سڄو، سربستو لڳ ڀڳ انهيءَ ساڳيئ سال
(83-1282هه) ۾، بمبئيءَ مان ڇپيو، جنهن سال
(1866ع) ارنسٽ ٽرمپ اڌورو رسالو پنهنجي ٺاهيل سنڌي
ٽائيپ ۾، جرمنيءَ جي شهر ”لپزيا“ مان شايع ڪيو. ان
بمبئي ڇاپي جو ڪاتب حاجي محمد سمون سنڌي هو، جيڪو
ڪرناڻين وارن ڪُنائي سمن جي پاڙي مان هو، ۽ جيڪو
پوءِ وڃي مڪي شريف ۾ رهيو. هن ٻيا ڪتاب به ليٿو
ڇاپي لاءِ نقل ڪيا، ۽ کانئن پوءِ، سندس پٽ توڙي
ٻيا سنڌي ڪاتب، نقل نويسي ڪندا رهيا.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مذڪوره ڪتاب ۾، اهڙن 57 ڪاتبن
جا نالا موجود آهن، جن مان ڪي ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي
گذريا، ته ڪي ٽالپرن جي دور جا خوش نويس هئا، ته
ڪي وري انگريزن جي دور ۾ ٿي گذريا، جن ليٿو
ڇپائيءَ لاءِ نقل نويسيءَ جو ڪم ڪيو. انهن 75
ڪاتبن مان، ڪن جا، سندن سنن مطابق نالا ڏجن ٿا:
ڪاتب جو نالو |
ڪتاب جو نالو |
ڪتابت جو سن |
حڪومت جو دور |
عزت بن سليمان |
آڳاٽا سنڌي منظوميا |
1067/1068هه |
مغل دور |
الهڏنو بن ابراهيم |
شاهه لطف الله قادريءَ جو رسالو |
1084هه کان
1100هه تائين |
مغل دور |
مولانا فقير عبدالغفور بن شيخ ابراهيم |
مقدمت الصلوات سنڌي |
1115هه |
ڪلهوڙا دور |
فقير محمد ولد حافظ
غلام حسين سيوستاني |
مقدمت الصلوات سنڌي |
1115هه |
ڪلهوڙا دور |
محمد وارث ولد مرحوم نيڪ محمد |
قوت العاشقين |
1164هه |
ڪلهوڙا دور |
عبدالواحد بن محمد حسن نيرون ڪوٽي |
تفسير هاشمي – پاره عم |
1169هه |
ڪلهوڙا دور |
حافظ سلام الله
حافظ لالنه |
تفسير سورت يوسف |
1197هه |
ڪلهوڙا دور |
فقير ابوبڪر |
شاهه عبداللطيف جو رسالو(انتخاب) |
1206هه |
ٽالپر دور |
فقير سيد عبدالغظيم عرف وڏل شاهه |
شاهه عبداللطيف جو رسالو(گنج) |
1207هه |
ٽالپر دور |
فقير قاسم ولد مرحوم يعقوب |
قوت العاشقين |
1242هه |
ٽالپر دور |
محمد طيب سپيد باف ساڪن قريت ملان، تعلقو دادو |
ڪنزالعبرت |
1244هه |
ٽالپر دور |
محمد هاشم |
ميين شاهه عنايت جو رسالو |
1257هه |
ٽالپر دور |
آّخوند عبدالرحيم ”وفات“ |
جواهر لغات سنڌي اڪيچار |
1262هه |
انگريزن جو دور |
فقير عبدا الله لاکو، ويٺل لڳ ميرپور بٺورو. |
سراج المشتاقين |
1260هه |
انگريزن جو دور |
خير محمد فقير هالائي |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1267هه |
انگريزن جو دور |
آخوند فضل علي ولد مرحوم محمد حافظ، ساڪن نصرپور |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1267هه |
انگريزن جو دور |
عبدالحق هالائي |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1270هه |
انگريزن جو دور |
محمد حافظ واقع مڪان لتڻي |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1270هه |
انگريزن جو دور |
مائي مُلي نعمت |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1270هه |
انگريزن جو دور |
حاجي هدايت الله مجاور هالائي |
الف – ب جي سٽاءُ جا ٻه نمونا |
1270 هه |
انگريزن جو دور |
حاجي هدايت الله مجاور هالائي |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1270هه |
انگريزن جو دور |
عبدالرحمان بن حافظ محمد نورنگ پوٽو |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1275هه |
انگريزن جو دور |
حاجي محمد صالح |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1277هه |
انگريزن جو دور |
رحمت الله بن عبدالرشيد از اولاد مخدوم نورنگ |
معراج نامو |
1279هه |
انگريزن جو دور |
عبدالحميد بن مرحوم قاضي عبدالباقي |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1281هه |
انگريزن جو دور |
حاجي امين، مجاور درگاهه مخدوم نوح سرور |
ڪنز العبرت |
1283هه |
انگريزن جو دور |
حاجي محمد سمون |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1284هه |
انگريزن جو دور |
محمد مقيم بن قاضي |
قمبر علي شاهه ڀاڏائيءَ جو رسالو |
1284هه |
انگريزن جو دور |
محمد ڪامل سهتو، مٽياريون |
- |
1288هه |
انگريزن جو دور |
محمد يعقوب |
تفسير هاشمي |
1303هه |
انگريزن جو دور |
ميون احمد هالائي |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1294هه |
انگريزن جو دور |
گل محمد بن حاجي مقيم نورنگ پوٽو |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1303هه |
انگريزن جو دور |
عبدالصمد |
حسن الاموال |
1303هه |
انگريزن جو دور |
محمد صالح بن حاجي اسماعيل |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1310هه |
انگريزن جو دور |
احمد خطيب |
نور الابصار |
1314هه |
انگريزن جو دور |
محمد عمر بختيارپوري |
معراج نامو |
1325هه |
انگريزن جو دور |
مولوي محمد اسماعيل ولد ابراهيم ساڪن ڀُڄ |
ڪتاب روضت الحسنات |
1332هه |
انگريزن جو دور |
عبدالله سومرو |
شاهه عبداللطيف جو رسالو |
1350هه |
انگريزن جو دور |
8. ٽائيپ پريس جو قيام:
(الف) انگريزن جي دور ۾، ٽائيپ پريس جي قائم ٿيڻ
کان پوءِ سنڌ مان ڪتابت ۽ خوش نويسيءَ جو فن لڳ ڀڳ
ختم ٿي ويو، البت ڪن ڪن مدرسن ۾ ڪتابت جي فن جي
سکيا جاري رهي.انهيءَ ڪري ڪٿي ڪٿي ڪي سٺا ”ڪاتب“ ۽
”خوش نويس“ نظر ايندا هئا، ۽ ڪن خاندانن ۾ ڪي ايڪڙ
ٻيڪڙ خوش نويس يا خطاط نطر ايندو هو.
(ب) سنڌ الاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ جڏهن قلمي نسخن
جو شعبو قائم ڪيو ويو، تڏهن ڪوششن کان پوءِ مولانا
محمد صديق ”مائر“ هٿ آيو. ”مائر صاحب“ سنڌ الاجيءَ
۾ اچڻ کان اڳ سنڌي ادبي بورد ۾ ”ڪاتب“ جي حيثيت ۾
ڪم ڪندوهو، ۽ ٻني شهر مان ارباب نور محمد پليجي
صاحب جي معرفت سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1960ع ڌاري پهتو
هو. 1978ع ۾ ”مائر صاحب“ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري
ويو. اُن کان پوءِ، سنڌ الاجيءَ لاءِ دادو ضلعي
مان هڪ نوجوان ڪاتب هٿ ڪيو ويو. هُو ڪنهن مدرسي ۾
ڪم ڪندوهو. اُهونوجوان سنڌ الاجيءَ ۾ ڪو گهڻُو وقت
نه رهيو ۽ استعيفيٰ ڏيئي هليو ويو. اُن کان پوءِ
ٽنڊي آغا مان قاري امان الله ڪربلائي هٿ ڪيو ويو.
قاري صاحب هڪ ته گهڻو بيمار رهندو هو ۽ ٻيو ته
پيرسنيءَ جي ڪري ڪجهه زودرنج هو، انهيءَ ڪري هو
لائبرريءَ ۾ ڪارڪنن سان گهڻو وقت هلي نه سگهيو.
وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته مرحوم مرزا عباس علي
بيگ جي معرفت، ٽنڊي آغا جو هڪ نوجوان، امام علي
بيگ مرزا اداري ۾ مقرر ٿي آيو. امام علي بيگ( هاڻي
ڊاڪٽر امام علي بيگ)، سنڌ الاجيءَ ۾ تمام گهڻو وقت
رهيو. هو سنڌ الاجيءَ مان تڏهن ويو، جڏهن کيس سنڌ
پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچرر جي آساميءَ تي
چونڊيو ويو. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر مرزا امام علي
بيگ هڪ تمام سٺو خطاط آهي، جنهن کي ”خط نسخ“، ”خط
نستعليق“، ”خط ثلث“، ۽ ”خط طغرا“ تي وڏو عبور حاصل
آهي. هو خط ماهيءَ جو به ڄاڻو آهي. منهنجي جڏهن
1983ع ۾، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۾، پاڪستان
جي هڪ مشهور خطاط يوسفي صاحب سان ملاقات ٿي، تڏهن
ئي مون کي مرزا امام علي بيگ جي فن جو قدر ٿيو.
يوسفي صاحب جي فن جي نمائش ايران، بغداد، بصري ۽
دمشق ۾ به ٿي چڪي هئي، پر اسان جي ڊاڪٽر امام علي
بيگ مرزا کي حيدرآباد ۾ به گهڻا ماڻهو ڪونه سڃاڻن!
(ت) هاڻ ته ٺٽي، سيوهڻ، سکر، روهڙي، مٽيارين،
نصرپور، هالا ۽ حيدرآباد ۾ قلمي نسخن جا خوش نويس
۽ خطاط يا پٿر تي اُڪر جي وسيلي خطاطي ڪندڙ ڪي
ورلي ماهر نظر ايندا آهن. البت ڪاشيگرن مان ڪي سٺا
خوش نويس، پنهنجي انهيءَ ورثي کي جاري رکندا اچن.
هالا ۾ گل محمد سومرو ۽ نصرپور ۾ ڪي مڻيادار”خط
نسخ“، خط نستعليق“ ۽ ”خط بهار، جا ماهر ڪاريگر
موجود آهن.
هاڻ ته سنڌ جي مدرسن ۾ به شايد خوش نويسي ۽
خطاطيءَ جي سکيا جو رواج گهٽجي ويو آهي. البت ڪن
ڪن مدرسن ۾ ڪتابت جي سکيا ڏني ويندي آهي، پر اُتي
شاگردن کي، خطاطيءَ جي مختلف قسمن جي نالن جي به
پوري ڄاڻ ڪانه ملندي آهي. سنڌ جي اسڪولن ۾ ته هاڻي
ڊرائنگ جو مضمون پڙهايو ئي نٿو وڃي. البت
حيدرآباد، سکر، ٺٽي يا ڪن ٻين شهرن ۾ عمارتن جي
بنيادي پٿرن جا ڪاتب يا ڪنهن قبر تي مري ويندڙ جي
نالي واري تختي لکندڙ ڪي ڪاريگر موجود آهن، جيڪي
”خط نسخ“ يا ”خط نستعليق“ ۾ ڪتابت ڪندا آهن. انهن
ڪاريگرن ۾ به اڪثريت اُنهن ڪاريگرن جي آهي، جيڪي
ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ڀارت مان خاص ڪري راجسٿان
مان لڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا.
(ث) محترم اعجاز راهيءَ پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ صفحي
204 تي”ڪراچيءَ جي خطاطي واري دبستان“ جي حوالي
سان محترم عبدالرشيد ”رستم قلم“ جو ذڪر ڪيو آهي.
عبدالرشيد صاحب، خطاطيءَ جو فن علي ڳڙهه جي معروف
خطاط منشي عبدالقدير کان سکيو. 1948ع ۾ هو ڀارت
مان لڏي لاهور آيو، جتي هن ايم – اسلم جي ناولن جي
ڪتابت ڪئي. لاهور ۾ هن جي ملاقات منشي تاج الدين
”زرين قلم“ سان ٿي. پوءِ هو لاهور مان ڪراچيءَ
هليو آيو، جتي سندس ملاقات بابائي اردو مولوي
عبدالحق سان ٿي، جنهن هن کي”رستم قلم“ جو خطاب
ڏنو. ڪراچيءَ ۾ هو جنگ اخبار سان وابسته رهيو.
مطلب ته ڪراچيءَ ۾ هن فن ترقيءَ جي باري ۾ وڌيڪ
تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.
9- آفسيٽ پرنٽنگ سسٽم جي ڪري خوش نويسيءَ
جونئون جنم وٺڻ:
خوش قسمتيءَ سان، سٺ واري ڏهاڪي ۾، آفسيٽ پرنٽنگ
سسٽم
سنڌ ۾ شروع ٿيو، انهيءَ ڪري ڪتابت ۽ خوش نويسيءَ جي فن نئون جنم
ورتو آهي. جڏهن کان وٺي، سنڌي پريس آفسيٽ مشينن تي
ڇڀائيءَ طرف رخ موڙيو آهي، تڏهن کان وٺي سنڌي
اخبارن ۽ ڇاپخانن جي مالڪن، اخبارن ۾، خبرن جي
سرخين ۽ ڪتابن جي ناشرن، ڪتابن جي ڪتابت لاءِ،
ڪاتبن ۽ خوش نويسن کان مدد وٺڻ شروع ڪئي آهي.
انهيءَ ڪري هاڻ سنڌي ٻوليءَ جا سٺا سٺا ڪاتب ۽ خوش
نويس نئون جنم وٺي ميدان ۾ اچي ويا آهن، ۽ اُنهن ۾
ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.
10- مصورانه سنڌي خطاطي:
(الف) سنڌ ۾ مصورانه خطاطيءَ جو رجحان ڪو نئون نه
آهي. موجوده وقت مصورانه خطاطي جي رجحان سان
فنڪارن اهلِ نظر کي حيران ڪري وڌو آهي، پر سنڌ ۾
ڪافي زمانو اڳ ، خطاطن خطاطيءَ سان گڏ ڪتابن جي
صفحن کي به رنگين حاشين سان سجايو ۽ سنيگاريو
ٿي.(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي صورتخطي ۽
خطاطي، ص17)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي مذڪوره ڪتاب (ص 17) ۾
مصورانه خطاطيءَ جا 16 صفحا شامل ڪيا آهن. اِهي
قلمي نسخا ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ لکيا ويا
هئا. اُنهن صفحن مان صفحي نمبر 1 ۽ 2، ڪتابت
عبدالحق هالائيءَ جي، سن 1270هه/1854ع ۾، شاهه جي
رسالي جا ڪتابت ڪيل هئا، جيڪي خطاطيءَ جي فن ۽
حاشياه آرائيءَ جا سهڻا مثال آهن.(ص 17)
(ب) ساڳيءَ طرح سنڌ جي درگاهن جهڙوڪ لال شهباز
قلندر جي درگاهه، مخدوم نوح جي درگاهه، شاهه ڪريم
جي درگاهه، ڀٽائي گهوٽ جي درگاهه ۽ مسجد، سچل
سرمست جي درگاهه ۽ مسجد، پير ڳوٺ ۾ روضي ڌڻيءَ جي
درگاهه ۽ مسجد، مخدوم بلاول جي درگاهه واري مسجد،
خيرپور ۾ ٽالپر خاندان جي پونيرن جا محل ۽ رهائش
گاهه ۽ بڙا عَلم مصورانه خطاطيءَ سان سينگاريل
آهن.
(ت) سنڌ جي خطاطن، ويجهڙائيءَ واري زماني ۾، لفظن
۽ رنگن جي ميلاپ سان مصورانه خطاطيءَ سان سنڌ جي
اهل ذوق کان داد حاصل ڪيو آهي. پاڪستان ۾ جتي شاڪر
علي، حنيف راهي ۽ صادقين، مصورانه خطاطيءَ ۾ وڏا
نالا آهن، اُتي سنڌي ٻوليءَ ۾ مصورانه خطاطيءَ ۾
مرحوم گل محمد کتري، اسان جي ڏسندي ڏسندي شايد
پهريون سنڌي فنڪار هو، جنهن ڀٽائي گهوٽ جي بيتن
کي، پنهنجي فن ۽ رنگن جي ميلاپ سان، مصورانه
خطاطيءَ جي ذريعي پيش ڪري، سنڌ جي ماڻهن جون دليون
کٽي ورتيون ۽ پنهنجي عظمت جو سِڪو ڄمايو.
گل محمد کتريءَ کان پوءِ سيد ظفر ڪاظميءَ ۽ علي
اڪبر سومري کانسواءِ خيرپور ميرس ۾ وڏي علم واري
امام بارگاهه ۾، ڪاٺ جي تختن تي، مختلف ۽ وڻندڙ
رنگن ۾، مصورانه خطاطيءَ جو بي مثال ڪم ٿيل آهي.
(ث) 1 – موجوده وقت ۾ سنڌي مصورانه خطاطيءَ ۾
خدابخش ابڙو، راز ناٿن شاهي، قيوم منگي ۽ منور
ابڙو وڏا نالا آهن. انهن فنڪارن تي سنڌ جا ماڻهو
فخر ڪن ٿا. خدا بخش ابڙي”خط نسخ“ ، ”خط نستعليق“
،”خط گلزار“،”خط ثلث“ ۽ ” خط غبار“ ۾ سنڌ وارن کي
هڪ نئون اسلوب ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح منور ابڙي، راز
ناٿن شاهيءَ ۽ قيوم منگيءَ جي مصورانه خطاطي
ساراهه جوڳي آهي.
2- خدا بخش ابڙي جي فن ۾ جتي حرفن، رنگن ۽ لفظن جي
وچ ۾ آميزش، نئون رشتو ۽ خطاطيءَ جي فن جي هڪ نئين
طرز ۽ نئون اسلوب نظر اچي ٿو، اُتي هو هن فن جي
ذريعي، شاهه لطيف، سچل سرمست، ساميءَ ۽ شيخ اياز
جي شاعريءَ جي خوبصورتي ۽ پس منظر، استعمال ڪيل
رنگن ذريعي چٽي ٿو، ۽ هوُ پنهنجي فن جي ذريعي
اُنهن شاعرن جو پيغام، عوام جي اکين تائين پهچائي
ٿو.
3- خدا بخش ابڙي سنڌ جي اُنهن وڏن شاعرن جي ڪلام
کي ”خط نسخ“ ، ”خط نستعليق“،”خط شڪسته“ جي مصورانه
خطاطيءَ جي ذريعي پيش ڪيو آهي. خدا بخش ابڙي جي
قلم جي نوڪ جي هر جنبش ۾ نه صرف فطرت نمايان هوندي
آهي، پر هن (ابڙي) جي مصورانه خطاطيءَ ۾ سنڌ جو
ماضي، حال ۽ مستقبل نمايان طور نظر ايندا آهن.
4- خدا بخش ابڙي کان سواءِ حيدرآباد جي لطيف آباد
واري علائقي ۾ رهندڙ، اردو ڳالهائيندڙ نوجوان
آرٽسٽ عتيق، شاهه لطيف جي بيتن کي مصورانه خطاطيءَ
جي ذريعي شاهه جي پيغام کي، سنڌ جي رنگن جي آميزش
سان، دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
تازو حيدرآباد ۾ هڪ نمائش ۾ شگفته شاهه جي مصورانه
خطاطيءَ سڀني حاضرين کي حيران ڪري وڌو.
مصورانه سنڌي خطاطيءَ ۾ ڀارت ۾ رهندڙ ڪي سنڌي
فنڪار به وڏي مهارت رکن ٿا، جن جي ذڪر سان هي
مقالو اڃا به طويل ٿي ويندو.
ببليو گرافي
1- علي شير قانع: تحفت الڪرام، بتصحيح و حواشي
سيد حسام الدين شاهه راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ، 1981ع.
2- مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽
ماڻهو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1981ع، ص 167.
3- Ghafoor , M.A, Dr, Calligraphers of Thatta,
Karachi,1978/
4- Hidayatullah Siddiqui, an artileL Manucripts, Calligraphy and
Inscriptions.
5- Shaikh Khurshid Hassan, Decorative Art, A paper published in
Archaeology of Sindh, Karachi, Department of
Archaeology, 1975.
6- نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي،
حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
1413هه/1992ع ص 16 ۽ 17.
7- اعجاز راهي: تاريخ خطاطي، اسلام آباد، اداره
ثقافت پاڪستان 1986ع.
8- اسلم انصاري: تاريخ خطاطي.
9- علي ڪوفي: فتح نامه سنڌ عرف چچنامو، حيدرآباد،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
10- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: لاڙ جي ادبي ۽
ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو،
1977ع.
11- غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه: مقالات قاسمي،
نفيس پرنٽنگ پريس حيدرآباد،2002ع ص 574 ۽ 575.
12- پير حسام الدين شاهه راشدي: ڳالهيون ڳوٺ
وڻن جون.
13- حامد علي، خانائي، قريشي، ڊاڪٽر: خطاطيءَ
جو فن ۽ سنڌ، ماهوار نئين زندگي، اپريل 1968ع، ص
29 کان 32.
14- Allana, G. A, Dr.
Art of Sindh, Islamabad, National Institute of
Folk Heritage,1987.
15-
Sachau. C, Dr. Al-Berunis India,
Lahore
p27.
16- الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي،
(چوٿون ڇاپو) حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار
ادارو، 1413هه/1993ع.
17- ابن ڪليم: تاريخ فن خطاطي، دبستان فن
خطاطي، ملتان، 1988 |