سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2003ع

مضمون

صفحو :6

عامر سيال

ريشمي ٻانهن ۾ منهنجو جسم آهي!

چاندني اڄ رات آهي

۽ ڊسمبر جو سيارو وکريل آ

رات جو پويون پهر آ

زرد خاموشي فضا ۾ ڇانيل آ

ڳوٺ جا ماڻهو سُتل آهن مگر مان

بند ڪوٺيءَ منجهه يادون ساريان ٿو

۽ گهڻي گرمي وري محسوس ٿي آ

مينهن بڻجي ڄڻ پگهر پيو آ وسي ۽

ساهه تيزي سان کڻان ٿو

ڄڻ سمندر جي لهر جو هي دُکي آواز آهي

ڪيترو اُن ۾ ردم آ

ڪيتري موسيقي آهي

مان اُٿان ٿو ۽ لکان ٿو

ڊائريءَ ۾

”هي حياتي درد آهي

يا پرينءَ جو ورد آهي

روح زخمي ٿي پيو آ

ساٿ ڪنهن جو ڪونه آهي

مان اڪيلو، مان اڪيلو

زندگيءَ جي هن سفر ۾

منهنجو پنهنجو ڪوبه ناهي“

ڊائري کي مان رکي پو

بستري تي ئي ڪران ٿو

ننڊ جي آغوش ۾ تنها لهان ٿو

۽ ڏسان ٿو

زندگي مُرڪي رهي آ

هر خوشي مُرڪي رهي آ

سانوري سُرهي بدن جي

شاعري مُرڪي رهي آ

۽ ڏسان ٿو، سانوريءَ جي

ريشمي ٻانهن ۾ منهنجو جسم آهي!

ريشمي ٻانهن ۾ منهنجو جسم آهي!

ظهير زرداري

وائي

يار منهنجو آ گلاب!

ڇو نه مان سُرهو ٿيان.

ڄڻ لٿو منهنجي اڱڻ تي آهي هڪڙو ماهتاب!

ڇو نه مان سُرهو ٿيان.

پيار ۽ پياري سواءِ آ حياتي هيءَ خراب!

ڇو نه مان سُرهو ٿيان.

پاڻ کي ارپي ڇڏيان، زندگي بنجي ثواب،

ڇو نه مان سُرهو ٿيان.

هن جي نيڻن تان ظهير، گهورجن سارا شراب،

ڇو نه مان سُرهو ٿيان.

”ساگر“ ڪوري

وائي

 

ڌرتي ڀائر مون سان وڙهيا، بڻجي رهزن - غير-

آءٌ چوان ڪيئن - ڪير.

 

اُجرا اُجرا چهرا تن جا، من ۾ تن جي مير-

آءٌ چوان ڪيئن - ڪير.

 

ڪَنَ ڪَنَ ۾ ڪيهه بُکارن جي، ڇَنَ ڇَنَ ڇمڪي ڇير-

آءٌ چوان ڪيئن - ڪير.

 

باک بسنتيءَ جي ويراکي، سمجهن گهگهه انڌير-

آءٌ چوان ڪيئن - ڪير.

 

پنهنجن ئي بس آهن رکيا، نانگن وارا وير-

آءٌ چوان ڪيئن - ڪير.

آءٌ چوان ڪيئن - ڪير.

”گل“ ٽکڙائي

غزل

خوبصورت رات کي ڳاڙهو وڳو پارائجي،
ڏينهن سارو آگ آهي، آگ کي لهرائجي.
وقت جي ڪانٽي تي تنهنجي اک کُتي آهي پئي،
دلربا جي ياد کي ڇا پاڻ وٽ ترسائجي.
دل هئي جيڪا اسان وٽ سا به زخمي ٿي پئي،
حالتن کان خوف کائي ڪيئن ڀلا گهٻرائجي.
جيڪو ڏاڍو سو آ گابو سنڌ ۾ چوڻي هلي،
هاڻ هيڻي کي ٿي ڪاوڙ ماٺ ۾ کارائجي.
روزٿي منصور ماري سوچ قاتل بي حيا،
ڪيترن کي دوستو ڪو نئون ڪفن پارائجي.
ٿي تتر کرڙي پيو هي چنڊ سارو اوچتو،
ظلم کي ساراهجي يا شوق کي ساراهجي.
پاڻ رسوا لوڪ قاتل چاهتون آهن فرار،
دل تونگر داءُ هڪ ۾ نيسٺ ٿي هارائجي.
هُن ڏٺو هو نيڻ کولي مون لکي ورتو غزل،
چپ چٽائي ڪنهن سريليءَ کان اهو ڳارائجي.
وئي چمي آهي ڳلن کي رات جي پاڳل هوا،
ڏينهن کي بدبو کان پهرين  ها کڻي سينگارجي.
آجيان ڪريو اسان جي پاڻ آياسين هلي،
سج وانگر ٿي سخي دنيا سڄي پرچائجي.
اي ڪوي تون پنهنجي ڪوتا کي لڪائين ڇو پيو،
گل به شاعر آهي تنهن کان شعر ڪو چَورائجي.

شائق ڪمبوهه

غزل

ڪنهن جي يادن جو کڙو مهتاب هو،
رات نيڻن ۾ وري سيلاب هو.
 

شعر منهنجي تي ڪئي هُن واهه واهه،
زندگيءَ جو پل اُهو ناياب هو.
 

چنڊ! چئه هُن کي به منهنجي سار هئي،
چنڊ! چئه هُن جو به من بيتاب هو.
 

اجنبين وانگر ملون ٿا پاڻ اڄ،
عشق پنهنجو ڀي پرين ڄڻ خواب هو.

“آصف“ مٺياڻوي

غزل

مون کي ننڍپڻ جي سار ماري ٿي،
پنهنجي هڪ ئي ڄمار ماري ٿي.
پاڻ گڏجي ڪچي هلياسين ٿي،
اڄ به ساڳي پچار ماري ٿي.
اڄ به ڪجلين ڪُٺو، ڪُٺو پئي ۽،
اڄ به اکڙين اُلار ماري ٿي.
تنهنجو مُرڪڻ مٺو، مٺو جاني،
تنهنجي وارن جي وار ماري ٿي.
تنهنجي آڏو اچان ته ڪيئن اچان،
دل جي ڌڪ ڌڪ هي ڌار ماري ٿي.
توسان پنهنجو وچن ٽٽي ويو جو،
تنهنجي اڄ ڀي ميار ماري ٿي.
قيد نظرن سان جو ڪيئي آصف،
نينهن واري نهار ماري ٿي.

گل بهار باغائي

غزل

خوبصورت ساٿ جا پل ۽ گهڙيون انمول ارپي ٿي وڃي،
شام جي سندر سمي ۾ پيار جو هو جهول ارپي ٿي وڃي.
ماءُ جهڙو روپ هن جو، آءٌ آهيان ٻار ننڍڙي جي سمان
هو اچي مون وٽ چميون ڀاڪر ۽ ٿڦڪيون، ٽول ارپي ٿي وڃي.
مان نماڻي نار جهڙو هن اڳيان چپ چاپ ٿو بيٺو هجان،
حرڪتي هو ٻار وانگر هر گهڙي چوٻول ارپي ٿي وڃي.
بس سڀاڻي ڪونه ايندس! ڇو ڀلا ناراض آهين؟ بس ائين،
ڳالهه ڪا اهڙي نه هئي پر پوءِ ڀي دل هول ارپي ٿي وڃي.
گهر منجهان نڪران صبح جو رات جو ٿو دير ڪافي مان وران،
هو اچي القابَ، واندو، بي ڪمو ۽ رول ارپي ٿي وڃي.
هو اچي ٿي مرڪ جيون ۽ خوشيءَ ۾ ماپجان ڪپڙن نٿو،
جي وڃي ٿي، غم غصي ڪاوڙ سندو ماحول ارپي ٿي وڃي.
عشق جي پُرپيچ راهن جو مسافر”گل“ چريو شاعر ٿيو،
شاعري مڃتا جو جنهن کي پيار وانگر مول ارپي ٿي وڃي.

”گهائل“ لغاري

غزل

درد جوڀن جو روپ بدلايو،
آئينو تو ڇالاءِ اُڇلايو.
عشق مشتاق سونهن جو آهي،
عاشقن جا ڪتاب اُٿلايو.
هانءُ تي پوي هوا خوشبو،
بند در ۽ دري تي کُلرايو.
زندگي کي ڇڏي سنواري ٿو،
روشني جيئن پيار ڦهلايو.
روپ ساڳيو ڏيکار آئينا،
مون چيو: يا چرئي ٿي فرمايو.
پاڻ ۾ پس پرين اندر ۾ ٿئي،
روح ڇو تو آرڻ ۾ ڊوڙايو.
پاند پائي ڳچي ۾، ليلائي،
مس مون آ دلربا پرچايو.
قرب ڏيو يا نه ڏيو مگر”گهائل“
منهن ڏئي ڪو ته لفظ ڳالهايو.

جبار جوش

غزل

تو بنان ڳوڙهي هتي ڳڻتي رهي ٿي،
زندگي منهنجي ڪٿي تنها ٺهي ٿي.
 

تون نه ئي سڏڪن منجهان سمجهين نه پرچين،
تڏ ته نيڻن جي ندي هاڻي وهي ٿي.
 

تنهنجي يادن جو ڪنارو ڪين آهي،
روڳ جي دل ڳاهه روزانو ڳهي ٿي.
 

سج اُڀرئي کان اول تازي هوا ۾،
ديد هي اُڏري هتان تو وٽ لهي ٿي.
 

ڪيترو توکان جدا منهنجو وجود،
دل لڳي ڪاٿي وڇوڙي کي سهي ٿي.
 

روڪ پنهنجي بي رخيءَ کي اي مٺا!
جوش ۾ احساس جي دنيا ڊهي ٿي.

امين چانڊيو

غزل

تون نه ڪر دل لڳي زماني ۾،
آ وڏي بي رخي زماني ۾.
ويس ڪارو نه ڪر، نه رو ايڏو،
ٿيندئي ڇا ڇوڪري! زماني ۾.
پير پنهنجن جا ٿو ڪڍي هر ڪو،
ڇا رهي دوستي زماني ۾.
درد احساس ماڻهپو ناهي،
وئي وڍي خودڪشي زماني ۾.
چنڊ سان چاهه ٿو ڪري جيڪو،
ڀوڳي سو آدمي زماني ۾.
عڪس اُجرا بڻي پئي اهي،
شاعري آرسي زماني ۾.
پيار محبت خلوص ڪٿ آهي،
فريب دوکا ٺڳي زماني ۾.
زلف پنهنجا پرين سنواري ڇڏ،
آ هوا ڇيڳري زماني ۾.

ابراهيم ”ملاح“

غزل

درد ماڻهو پٿر، تلاش نه ڪر،
ڪنهن جون يادون اندر، تلاش نه ڪر.
 

هن کي ئي ڳول هو لڀي پوندو،
هن جون يادون مگر تلاش نه ڪر.
 

ڏور جيڪا ڀلا هجي منزل،
هاڻ اهڙو سفر تلاش نه ڪر.
 

ڌوڙ جنهن کي لٽي وئي آهي،
يار ويران گهر تلاش نه ڪر.
 

دل جي صحرا تي ڪين ڪي وسندا،
هاڻ  ڪوئي ڪڪر تلاش نه ڪر.
 

ڇو ته جوڀن جو سج لهي ويو آ،
پنهنجي ساڳي عمر تلاش نه ڪر.
 

زندگي بس گذار تنها ٿي،
پنهنجو ڪو همسفر تلاش نه ڪر.

خطائي ٿيٻو

غزل

تو سڏايو نٿي ڪنهن کي،
چين آيو نٿي ڪنهن کي.
 

پنهنجي سر جي لڳي جڳ کي،
ڪنهن بچايو نٿي ڪنهن کي.
 

شخص هڪڙي ڪيون دانهون،
ترس آيو نٿي ڪنهن کي.
 

ڏک ويڙهي ويا اُن کي،
جنهن ڏُکايو نٿي ڪنهن کي.
 

تون ته سمجهين نٿو چريا،
دل رُلايو نٿي ڪنهن کي.
 

وقت چورن جيان گذريو،
تنهن ٻُڌايو نٿي ڪنهن کي.

محمد هنڱورجو

بيت

پري پنڌ سُڄن، ولر وانڍ يارن جا،

اُتي رک اُنهن کي مولا! منجهه امن،

واري آڻ وطن، سڳر ثابت سپرين.

 

سڳر ثابت سپرين، واري وطن آڻ،

دلي دلبرن کي، هجر وجهه مَ هاڻ،

ڪاڻون ڪرم ساڻ، لاهي ڇڏ لوڪ جون.

 

والي! ولهارن تي، مينهن کي موٽاءِ،

ٿڪي پيو ٿرن ۾، مارن مال بچاءِ،

وطن ڏانهن وراءِ، کيرون سڀ خير سان.

 

کيرون سڀ خير سان، يا الاهي! اچن،

رهاڻيون رَچن، موٽي محبوبن جون.

 

موٽي محبوبن جون،، ٿين اوطاقون آباد،

سانگي رهن شاد، سدائين ساڻيهه ۾!

حبدار سولنگي

وائي

تون ته ڪا سُرهاڻ آهين،

لوڪ کان  او  عاشقي!

ڪيترو توکي لڪايان؟

 

زندگيءَ کان قيمتي آن، پيار جي پهرين چٺي!

ڪيترو توکي لڪايان؟

 

سونهن، خوشبو، رقص آهين، ساهه ۾ او ڇوڪري!

ڪيترو توکي لڪايان؟

 

چاندني جهڙي ڪهاڻي! پنهنجي نيڻن ۾ وري،

ڪيترو توکي لڪايان؟

 

ٻن چپن جي ڀاڪرن ۾، او نشاني نينهن جي!

ڪيترو توکي لڪايان؟

ڪيترو توکي لڪايان؟

 

ياسين چانڊيو

وائي

تنهنجي مُرڪڻ سان مٺي!

موسمن مُرڪي ڏنو.

صبح سان ئي ساجهري، تنهنجي نيڻن کي ڏسي،

موسمن مُرڪي ڏنو.

پيار مان تنهنجي لکيل، جو ملي مون کي چٺي،

موسمن مُرڪي ڏنو.

تو ڏني مون کي جڏهن، پيار جي پهرين چُمي،

موسمن مُرڪي ڏنو.

گل ڇُهي توکي چيو،”ڇا ته آ سُندر سَکي“،

موسمن مُرڪي ڏنو.

تنهنجي نيڻن ۾ ته ڪا، سونهن جي آهي نَدي،

موسمن مُرڪي ڏنو.

چاهه مان ”ياسين“ کي، تو ڏنو گل جي چُمي،

موسمن مُرڪي ڏِنو.

ساجد لعلپوري

غزل

ويو پريشاني وڌائي پيار جون ڳالهيون ڪري،
عهد جون انجام جون، اقرار جون ڳالهيون ڪري.
 

سڀ نه ڪن سنسار ساري ۾ عزيزو! پر اچي،
ڪو ته مون سان محب ۽ منٺار جون ڳالهيون ڪري.
 

جي رسائن روح منهنجي کي سڪون و چين سي،
ڪو پرينءَ جون يا پرينءَ جي پار جون ڳالهيون ڪري.
 

همنوا همدرد جيڪو غم گهٽائي ڪجهه نه ڪجهه،
غمزده غمگين سان غمٽار جون ڳالهيون ڪري
 

ٻئي نه ڪنهن جون ٿو ٻڌڻ چاهيان جهان ۾ مان رڳو،
جو ڪرڻ چاهي ته مون يار جون ڳالهيون ڪري.
 

جنهن وڇوڙو ٿو ڏکيو وينجهر سندو هر دم لڳي،
ڪو ته مون سان تنهن وڏي وينجهار جون ڳالهيون ڪري.
 

آدمي ڪو عشق وارو ئي زماني ۾ فقط،
عاشقن سان عشق جي اسرار جون ڳالهيون ڪري.
 

جو نڀائي دوستن سان دوستي پوري طرح،
ڪو ته اهڙي دلربا دلدار جون ڳالهيون ڪري.
 

دوستو! دنيا اندر هن بره جي بيمار سان،
ڪو ته هاڻي به جي بيمار جون ڳالهيون ڪري.
 

سونهن جنهن جي چنڊ تارن کي به شرمائي ڇڏي،
ڪو ته اهڙي سونهن جي سردار جون ڳالهيون ڪري.
 

ڪو ڪري ساراه سائين جي سدا ”ساجد“ ته ٺيڪ،
ڪو اچي قربائتي ڪوهيار جون ڳالهيون ڪري.

اداس سولنگي

غزل

ماضيءَ کي ورجائين ڇو ٿو،
پنهنجو جيءُ جلائين ڇو ٿو؟
 

دل ۾ درد لڪائي ڇڏ تون،
جڳ کي حال ٻڌائين ڇو ٿو؟
 

ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري،
پنهنجو وقت وڃائين ڇو ٿو؟
 

ويندڙ واپس ڪونه ورن ٿا،
ڪوڙي آس لڳائين ڇو ٿو؟
 

ڪيسين ڳولا جاري رکندين،
در در کي کڙڪائين ڇو ٿو؟
 

پاڻ اداس پلي وڃ پننهنجو،
غم جا گيت بنائين ڇو ٿو؟

زبير سومرو

غزل

 

هجر ڪونهي، وصال ڪونهي ڪو!
حال پنهنجي ۾ حال ڪونهي ڪو!
 

رات ويندي وري وري ايندي،
ظلم کي ڪو زوال ڪونهي ڪو!
 

سنڌ سائي ۽ هوءَ آئي هجي،
اهڙو ڪوئي به سال ڪونهي ڪو!
 

ٻانگ جي آجپي جي ڏئي، اهڙو،
ڇا اسان ۾ بلال ڪونهي ڪو!
 

توکي منهنجو ته ڇا منهنجي جانان،
توکي پنهنجو ئي خيال ڪونهي ڪو!
 

تولئه تشبيهه ئي اجائي آ،
تنهنجو ڪوئي مثال ڪونهي ڪو!
 

ها پسي سونهن پو لکين ٿو ”زبير“،
تنهنجو ڪوئي ڪمال ڪونهي ڪو!


بخت عابد

غزل

اسان وٽ اي جانان! آهي بي قراري،
رڳو انتظاري، رڳو انتظاري!

• توهان وٽ ته گُلڙن جي سرهاڻ آهي،

اسان وٽ ته اکڙين ۾ مهراڻ آهي.
توهان جي ئي اُلت جي هڪ ڪاڻ آهي،
ٿي محبت عبادت ۾ گُذر رات ساري.
اسان وٽ اي جانان! آهي بي قراري!

• اسان رات ڏينهان لُڇندا رهون ٿا،

پتنگ جيئن اي جانان پچندا رهون ٿا،
غزل گيت اوهان تي لکندا رهون ٿا،
نڪو گُل ۽ گلشن، نڪي ڪا بهاري،
اسان وٽ اي جانان! آهي بي قراري!

• توهين آهيو دنيا ۾ افلاڪ جانان!

اسين آهيون دنيا ۾ رولاڪ جانان!
وسائي آ محبت ۾ خاڪ جانان!
آ بيرنگ هولي، انڌياري ڏياري،
اسان وٽ اي جانان! آهي بي قراري!

• رڳو ساز اُلفت جا من ۾ وڄن ٿا،

محبت جو معراج هن کي چڳون ٿا،
اهڙي باهه من ۾ آهي عشق ٻاري،
اسان وٽ اي جانان! آهي بي قراري!

روبينه ابڙو

غزل

ڪو آسرو به ڪيترو؟ ڪو ڀَر جهلو به ڪيترو؟
هوُ آه بس ڀلو، مگر، ڀَلو ڀَلو به ڪيترو؟
سدائين سوچ ۾ رهان، هي سلسلو به ڪيترو؟
هن مَنُ بَنَ جان اُڃو، هي وڏڦڙو به ڪيترو؟
نه مان کُلي سگهان ڪڏهن، مِلو مِلو به ڪيترو؟
اُداس پيا لڳو گهڻا، کِلو کِلو به ڪيترو؟
چوين ٿو موه ٿَم گهڻو، گهڻو گهڻو به ڪيترو؟

خيال سنڌي

غزل

ايئن مان آهيان توکان ڇڄڻ کان پوءِ،
شيشو هوندو آ جيئن ٽُٽڻ کان پوءِ.
روز ٿا پاڻ سان رُسون پرچون،
تنهنجي پرچي وري رُسڻ کان پوءِ.
راهون پيون سڀ ُٻاڻڪيون ٿيون لڳن،
پيار جي راهه تي هلڻ کانپوءِ.
روز جانان! مرڻ لڳا آهيون،
آس تنهنجي رکي جيئڻ کان پوءِ.
ڪيڏي بارش وٺي هئي يارو!
منهنجي جهوپي جلي وڃڻ کان پوءِ.
جڳ سڄي جو سڄُو ٿي ٻوڙو ويو،
مون کي يارو! زبان ملڻ کان پوءِ.
مون کي منهنجو قلم ٿو سونو لڳي،
سنڌ جي لاءِ ڪا سِٽ لکڻ کان پوءِ.
ننڊ جون گوريون روز کاوان پيو،
تنهنجي گوڏي تي ننڊ ڪرڻ کان پوءِ.
هن چريءَ کي هي ڪير سمجهائي،
ناهي گهونگهٽ ڪبو نچڻ کان پوءِ.
خيال! ڪارٺ کان هاڻ ڪهڙو ڊڄڻ،
ڪوئلا هٿ ۾ هيئن کڻڻ کان پوءِ.

عارف ڀنڊ

غزل

ساٿ ڏي ساٿ ڏي، همسفر ساٿ ڏي،
آءُ منهنجو اچي رهگذر ساٿ ڏي.
 

زندگي مان ٿيو آءٌ تنگ آهيان،
هاڻ منهنجو اچي زهر ساٿ ڏي.
 

روشني ٿي ختم وئي آ ڪمري اندر،
آءٌ نڪرڻ گهران ٿو اي در ساٿ ڏي.
 

دور مون کان ويو قافلو آ هليو،
قافلي کي ڏسان بس نظر ساٿ ڏي.
 

پنڌ آهي پري، سج ويو آ لهي،
ماڳ پهچي سگهان او ڏهر ساٿ ڏي.

ساڀيا سانگي

غزل

پيار جا اظهار ڏاڍا ئي ڏکيا، ماٺ جا پر بار ڏاڍا ڏکيا.
مون چيو گل آن ته خوشبو ڏي کڻي، پر مُڪائين خار ڏاڍا ئي ڏکيا.
مان ڪندس ڇا هوڏ تو آڏو ڀلا، او پرين دلدار! ڏاڍا ئي ڏکيا.
ڪيئن ٿي چوٽي ڪرين اُس آ تکي، پر چوي هَن وار ڏاڍا ئي ڏکيا.
ڪين گڏ ٿيندا ڪڏهن هڪ ڳالهه تي، ٿيا سنڌين ۾ ڏار ڏاڍا ئي ڏکيا.
هاءِ ڦاسي روز ٿي ساڀيا پوي، خواب جا هي ڄار ڏاڍا ئي ڏکيا.

انجم قاضي

گيت

سُڏڪي، تڙپي گهاريون راتيون،

هيل به تنهنجي اوسيئرڙي ۾.

 

سمنڊ ڪناري تنهنجون سارون،

سارن ۾ ڪي هن مهڪارون،

تنها مون کي راس نه آيون،

موسم پير ۾ ڇيرون پاتيون،

هيل به تنهنجي اوسيئرڙي ۾.

 

ڏاڍو مون کي تڙپائينديون،

روح منهنجي کي روئارينديون،

سورن ۾ پئي الجهائينديون،

ڪاريون دردن واريون راتيون،

هيل به تنهنجي اوسيئرڙي ۾.

 

ڪويل جي ٻُڌ ڪوڪ اچي ٿي،

منهنجي من ۾ باهه ٻري ٿي،

سانئڻ! تنهنجي تات تپي ٿي،

نيڻ گسن ۾ پائن جهاتيون،

هيل به تنهنجي اوسيئرڙي ۾.

 

اُڀ ڇانيا بادل ڪارا،

ڪيڏا ڏس ڪن ٿا وسڪارا،

تون ڀي موٽي آءٌ پيارا،

وڻنديون هيڪل ڪيئن برساتيون،

هيل به تنهنجي اوسيئرڙي ۾.

عبدالحميد آس ٻٻر

مان ڏسان ٿو....

 

هي هوا ڪو ساز آهي،

راز آهي،

وڻ راڳي،

ڌڻ راڳي،

کيٽ جهونگاري رهيو آ،

سج پنهنجو رنگ ڳاڙهو،

ڳوٺ تي هاري رهيو آ.

مان ڏسان ٿو......

هنيانو منهنجو؛

خواب موسم ۾ رکي ٿو.

نيڻ ٻُوٽي مان ڏسان ٿو.....

سنڌ ڳاڙهي ٿي وئي آ!

سج ڦاڙي نيڻ نِوڙي ٿو ڏسي،

۽ ڪلاچيءَ جي بدن تان،

هٿ ڪارو ٿو ڇڪي،

سونهن جو روپو وڳو.

لڱ ڪوسا ٿي وڃن ٿا،

ڇرڪ ڇاتي مان اُڏي ۽،

آڱريون بڻجي وڃي ٿو!

مان ڏسان ٿو-

هٿ ڪارو رت ۾ لڙهندو وڃي ٿو.

نيڻ مهٽي مان ڏسان ٿو....

سج ڳاڙهو نيڻ ميڇيندو رهي ٿو.

مان ڏسان ٿو.

رات جهوليءَ ۾ گلابي خواب مهڪائي وئي آ،

۽ ڪلاچيءَ جي حجابن جون هوائون،

سنڌ جي ڄڻ سينڌ ٻيهر ٿيون سجائن

مان ڏسان ٿو دل لڳيءَ سان،

۽ ڀٽائيءَ پنهنجي ڌيمي، سُر وانگر،

ٿو ٽڙي ڇيڙي سمندر جو قصو،

مان ڏسان ٿو، خواب منهنجو

کيٽ سان مُرڪي رهيو آ،

چيٽ سان مرڪي رهيو آ

مان ڏسان ٿو...

سج ڳاڙهو.

نيڻ ميڇيندو رهي ٿو!

نيڻ ميڇيندو رهي ٿو!

ابرار ابڙو

غزل

 

ڪاٿي ته حياتيءَ جي حد آ، ڪاٿي ته اکين جي منزل آ،
ڇا لاءِ رُلان ٿو رولاڪيون، تو تائين ڳلين جي منزل آ.
پئي وکرياسي، پئي نکرياسي، هر شيءِ هئي ڄڻ چنچلتا،
ٻٽڙي توسان ڪٽجن جانان! بس پوءِ گهڙين جي منزل آ.
هر خواب اکيون ڀٽڪائي ٿو، توکي نه تڏهن ڀي پائي ٿو،
ٿو ڀاسي. تو تائين پهچڻ، مون لاءِ صدين جي منزل آ.
سڀ وکري ويا گل جذبن جا، احساس سلامت ڪٿ آهن،
هر پل جي ان ڏسائن ۾، ڇا لاءِ ڪلين جي منزل آ.
هر چنڊ حياتيءَ جي اڀري، ڪيڏانهن ويو ڪا ڪل نه پئي،
آ تنها رات ڍلي ڪيڏي، چوڦير ڪتين جي منزل آ.

(2)

هو وڇڙڻ وڳ لئه پٿر، پر هي خال ته آخر ٿيڻو هو،
هن عمر نماڻيءَ جي در تي هڙتال ته آخر ٿيڻو هو.
دل ڪلراٺي مٽيءَ جي هئي، جا ڌڙڪي ڌڙڪي دز ٿي وئي،
هيءُ روح بغير وجود ڊهي، ڪنگال ته آخر ٿيڻو هو.
تون نظرن جا اهڃاڻ ڍڪي، ڀل گذري وڃ ڪيڏو به پري،
ڪا ورسي نيٺ ته ورڻي هئي، ڪو سال ته آخر ٿيڻو هو.
ڪيڏو به لڪايم عمر سڄي، ويران حياتيءَ جو نوحو،
لُڙڪن ۾ ٽمي پيو راز سڄو، احوال ته آخر ٿيڻو هو.
هڪ جملي جيڏي ڀي نه هُئي، هُئي لفظن ۾ هر ڳالهه لڪل،
جا چپڙن تان نه عيان ٿي پوءِ بدحال ته آخر ٿيڻو هو.
منُ مست هوائن جو جهونڪو، ڪلهه هتڙي هو، اڄ هُتڙي آ،
ڇا ڇا به ٿئي اک آليءَ لئه، جنجالَ ته آّخر ٿيڻو هو.

 

(3)

ڪنهن نيڻ کڻي نه نهاريو آ، مان شهر سڄو ڀٽڪي آيس،
اڄ منظر منظر ڪاوڙيل آ، مان هر ڪنهن کي سمجهي آيس!
تو نرڙ مٿان بنديا پوکي آ اُن جو شال ڀرم رهجي،
اڳ ڪيئي بنديائون وکريون، مان سڀني تي سڏڪي آيس!
او موکي! اڄ مٽ خالي ڪجهه پيئڻ ڪاڻ نه آ تو وٽ،
مان پياس اُجهائڻ نيڻن جي ڏس ڪيڏو پنڌ ڪهي آيس!
اڄ ٿوري تبسم ڀي ڪانهي چپڙن تي ڏيک سجائڻ لئه،
آ جيون ايڏي مات ڏني مان هر ڪنهن وٽ وکري آيس!
تو سمجهيو ڪين حياتيءَ جو، هو ساٿ ئي محور سنگتياڻي!
تو سمجهو ڪين مان ساٿ بنا ڪئن ٽڪرا ٽڪرا ٿي آيس.

(4)

جي پنکڙين تي پنڌ رهيا ها ماڪ جا ڦڙا،
سي پوپٽن جي عشق جا قصا ها ماڪ جا ڦُڙا.
اُٻاڻڪين اکين منجهان جي هارجي پيا هئا،
سي لڙڪ مُک تي ڄڻ ته ٿي پيا ها ماڪ جا ڦُڙا.
سڄي شهر جي پاند تي چٽيل رهيو هو چنڊ ڪو،

۽ مون سان ساڻ راهه تي رُليا ها ماڪ جا ڦُڙا.
اُداس زندگيءَ جو خيال پيو هو ميز تي،
۽ بيوسيءَ جا ميز تي ڪريا ها ماڪ جا ڦُڙا.
سهاڳڻين اکين اندر خواب پورجي ويا،
نه ساڀيا جا عمر ڀر مليا ها ماڪ جا ڦُڙا.
اسان سڃي حيات تي ويا هئاسي ٻوجهه ٿي،
نه ڪي چپن تي مُرڪَ جا مِڙيا ها ماڪ جا ڦُڙا.

(5)

ماضيءَ جا ڪجهه لمحا تصويرون بڻجي،
منهنجي آڏو آيا تصويرون بڻجي.
ڪيڏي وقت پُڄاڻا آئي منهنجي گهر،
ياد اچي ويو ڇا ڇا تصويرون بڻجي.
روز اکين جي ديوارن تي مُرڪن ٿا،
نيڻ اڃا ڀي تنهنجا تصويرون بڻجي.
منهنجي گهر ۾ ڪاٽيل ماضيءَ جا لمحا،
توکي ياد به ايندا تصويرون بڻجي.
جيڪي توسان گڏجي خواب ڏٺا مون، سي،
مون کي ياد اچن ٿا تصويرون بڻجي.
عڪس اوهان جي چهري جا گهر منهنجي ۾،
اڄ ڀي ڄڻ ته رهن ٿا تصويرون بڻجي.
 

(6)

اُس ۾ گهاٽي بڙ جون ڇانئون ڳولهي ٿو،
نيڻن ۾ ڪو شخص پناهون ڳولهي ٿو.
ارمانن جي ٻيڙي تاري ڏيهه اندر،
ماڻهن ۾ هُو اڄ به وفائون ڳولهي ٿو.
هڪڙو پوڙهو پياسا نيڻ کڻي اُڀ ۾،
پنهنجي گهر مان روز گهٽائون ڳولهي ٿو.
پنڇي ڪهڙي پار منجهان هو آيو آ؟
جيڪو هر هر اُڌري گائون ڳولهي ٿو.
فطرت جي رنگين نظارن کي جهاڙي،
پوڙهو راڳي روز ڪلائون ڳولهي ٿو.
نينگر شام سمئي جو تنها هٿڙن جي،
ڄڻ ته لڪيرن منجهه حنائون ڳولهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com