”وفا“ ناٿن شاهي
غزل
ڪيئن اچي ڪنهن جو خيال، هَر طرف تنهنجو جمال.
توسان ئي گُذري پيو، ڇا وڇوڙو، ڇا وصال؟
هر خطا توکي مُعاف، هر سزا مُنهنجي بحال!
وصل مون لئه بدشگون، هجر مون لئه نيڪ فال.
سڀ وتن روئندا وفا! بي سبب مُرڪڻ جو حال.
عشق جو جادو، ڪمال، ”حُسن فاني“ ”لازوال“.
مينهن لئه آتو سراب، رُڃ ۾ ڦٽيل غزال.
وصل جو هر سال منٽ، هجر جو هر منٽ سال.
پيٽ کي ڪانهي تميز، ڇا حرام ۽ ڇا حلال!
مارڪون ڇڪتاڻ ۾، مان جواب ۽ تون سوال.
ٻيو نڪو توکان سواءِ، بينظير ۽ بي مثال!
”آثم“ ناٿن شاهي
بيت
قدرت! قلم بڻاءِ، منهنجي ساري جسم کي
ساڻ گڏيو اِن سان اُڏان، هيءَ جا آهه هواءِ،
جِت نه پهچڻ جاءِ، تِت به سچ لِکي اچان!
هي جو گدلو ٻار، آهي ڪولهڻ ڪڇ تي
تنهن کان تُنهنجي هانوَ تي اڄ ڇو بڇان بارُ؟
ڪڍ نه انهيءَ مان ڪوارُ، هوءِ نه ايندڙ روپلو!
هيءُ ڪراچيءَ تي، ڪَڻِ ڪَڻِ مينهن ڪڏهن ڪڏهن
ڪاڙهو ڪُنيون ٿو رنڌي، ڀُونءِ تپائيءَ تي،
ڪنڀر آويءَ تي، ڳاڙِ نه آليون آڱريون!
اندرِ ڇا ته اَڇو، هُو جو ڪارو ڀونئر آ
چهٽي چُمي ٿو، چپ چنبيليءَ ڦول جا!
ڪويلڙي ڪاري، ”ڪُوڪُو“ سُندر ڪيتري
ڳائي ڪوهياري، جهڙو ڪر پئي ”جيوڻي“!
ڪلهه چئوواٽي تي، وَسِ ته ڪهڙي ڏوهه ۾،
منهنجي ڳاٽي تي، ڪارَ مُنهان ڪاتي رکيئه؟
جئن ڪنهن ”ون – وي“ تي هڪ طرفي ٽريفڪ هلي،
هيڻي طبقي تي، ڊِنگن جي تئن ڊوڙ ڇو؟
نيڻين جاءِ وتي ڪَجل، مينديءَ ڇُهيس هَٿَ
نڪَ سان ٻکجي نَٿَ، هُن جي ڳل چُمي پئي!
مون تي اُڇي اڄ، آئيني جو اولڙو
ڀانءِ چيو هُن: ڀَڄ، وِڄُ وراڪن کان پَري!
گهرَ مان تاڻي گهورَ، هُن ڄڻ مون کي هيئن چيو
”حملا هي ڀرپورَ، سهندين، ايڏي سگهه اَٿئي!“
توکي چنڊُ چيم، منهنجو مَنُۡ جَرڪي پيو
توسان پيارُ ڪيم، آءُ اَمر بڻجي ويس!
گهرَ مان نڪتو هوس، گُل پَٽڻ ڪنهن باغ مان
ڇِڪجي پهتو هوس، تُنهنجي دَر تي سانوري!
تُنهنجي ڳالهه ڪيم، ويٺي جيڏن وچ ۾
سُڌ ئي ڪانه پيم، سڄڻي! سانجهي ٿي وئي.
آساريون اکيون، تاساريون تولئه سدا
تُنهنجي دَرشن کان ڪڏهن روڪي مون نه رکيون،
سَکين ريءَ سکيون، ڳُجهه نه ڳَرهن عامَ سان!
مون سان ڪالهه مِلي جيڪا هامَ هنئي هيئه؟
وسري ڪيئن ويئه، اڄ سا هڪڙي ڏينهن ۾؟
ڪلهه جا پَڪ ڏِنئه، مون کي پنهنجي پيارَ جي
تَڪڙي تانگهه ڇِنئه، اَڄ اُها ڇو اوچتو؟
احمد سولنگي
غزل
منهنجي اکڙين آبُ اٿيئي،
هر ڳوڙهو نايابُ اٿيئي!
هُو سانجهيءَ جي پيالي ۾،
لهندڙ سِج شرابُ اٿيئي.
تنهنجي هوڏَ آ پنڇيءَ جهڙي،
هرڪا جهڙپَ عقابُ اٿيئي.
رات آ اڙل وڇيري جنهن جو،
پيلو چنڊُ رڪابُ اٿيئي.
تنهنجي چيلهه چنبيليءَ جهڙي.
چهرو ڄڻ گلابُ اٿيئي،
ڍنڍ سفيد پکين سان پوريل،
ڪنهن شاعر جو خوابُ اٿيئي.
احمد خان ”مدهوش“
غزل
نيڻ پنهنجا ڄمائي ڄمائي ڏٺم،
ڍءُ نه ٿيو، ڪنڌُ ٻيهر ورائي ڏٺم.
ٻيو نه اهڙي مُهَانڊي ڪٿي ڀي مليو،
چهرو چهرو چتائي چتائي ڏٺم.
پُرڪشش تو جيان ڪونه آيو نظر،
ماڻهو ماڻهوءَ سان اک ملائي ڏٺم.
اهڙي ڪاريگري، اهڙي صورت سُٺي،
اوچتو اوچتو ڪيئن الائي ڏٺم.
دل، اکيون، حوصلو ڪين پنهنجا بڻيا،
خيرخواهه سمجهي سڀ آزمائي ڏٺم.
هوش قابو ڪيم پر نه قابو رهيو،
ڪيئي ”مدهوش“ حيلا هلائي ڏٺم.
”سوز“ هالائي
غزل
زبان تي ايترا تالا لڳا ڇو؟
دلين ۾ ايترا ٿيا وسوسا ڇو؟
اهو اسرار ڪو ڏاهو ٻڌائي،
ذهن ساڳيا مگر سوچون جدا ڇو؟
جڏهن سرمد کي پيارن گل هنيا،
تڏهن مُرڪي چيائين ائين ڀلا ڇو؟
ڪڏهن اِن ڳالهه تي سوچيو به ڪنهن آ،
ڳلين ۾ قيس تي پٿر وٺا ڇو؟
اسان جنهن شهر کي محبت ڏني هئي،
اُتي نفرت ڀريا نعرا لڳا ڇو؟
اکين هوندي به ڪي انڌا ٿين ٿا،
ڏسن هيڏي ۽ هوڏي ڀي نٿا ڇو؟
اچي ايڪهين صدي آخر وئي آ،
اسين اڻويهين صدي وارا اڃا ڇو؟
اُلن آڳين جيان جيڪي تتل هئا،
ويا ٿي ”سوز“ سي جذبا ٿڌا ڇو؟
پارس عباسي
نظم
ڪير چئي ٿو وسريا آهيو؟
جڏهن جڏهن ڀي ٻُٽ وڌي آ،
بادل بڻجي برسيا آهيو.
ڪير چئي ٿو ڀَٽڪيا آهيو؟
گهور اَنڌيرن چوراهن تي.
چانڊوڪيءَ جيئن پهتا آهيو!
ڪير چئي ٿو اَٽڪيا آهيو،
جهنگ، جبل ۽ جَل لَتاڙي،
لهرن وانگي ڇُلڪيا آهيو.
ڪير چئي ٿو وڇڙيا آهيو،
مينهن – ڦڙين سان مِٽيءَ جهڙي،
خوشبوءِ بڻجي ڦهليا آهيو.
ذوالفقار سيال
پيار
پيار رڳو هڪ نالو ناهي،
پيار ڇُهاءُ آهي جيون جو.
پيار جو صرف حوالو ناهي،
پيار هڳاءُ آهي ذهنن جو.
پيار ڪلر ۾ ڄڻ ڪو ٻوٽو،
پيار سانوڻ جو ٿڌڙو جهوٽو.
پيار اکين جي آرس ڪوئي،
پٿرن ۾ ڄڻ پارس ڪوئي.
پيار پکين جي لات جيان آ،
ٿر ۾ ڄڻ برسات جيان آ.
پيار صبح جو هير جيان آ،
يادن جي ڪنهن وير جيان آ.
پيار گلن جو ڄڻ ته ڦُٽڻ آ،
منهن تي وارن جو ته اُڏڻ آ.
پيار فجر جي ننڊ جيان آ،
مصري، ماکي، کنڊ جيان آ.
پيار گهڻو آ، پيار آ گورو،
پيار ڪڏهن نه ٿئي ٿو پورو.
پيار سمونڊن ۾
جيئن ڇوليون،
پيار
پکين جون مٺڙيون ٻوليون.
پيار دريا جي پيٽ جيان آ،
اڻ کٽ سهڻي ٻيٽ جيان آ.
هر ذري ۽ هر صورت ۾،
پيار آ ظاهر هر مورت!
علي آڪاش
ناتو
ساريالو ڦوهه کان ڦاٽي پيو،
پاسا ٻئي
ٿي وچ تان واهي وهي،
ڪَڙ مٿي ٽالهيون اُڀيون،
گهاٽيون ڊگهيون،
۽ خماريل ڇانورا
آلي مٽي،
تنهن تي سُتل،
اُٻ اُڪرس جي پليل
هونئن ته ٽالهين جي سَکي،
پر وڏائيءَ کان صفا-
وايرڙي،
”ڪانڊيرڙي“
اَڪ – انبڙيون،
ڦاٽيو پون
مهڪيو پوي،
اُن جي مٿان
لَهڪيو اچن
پوپٽ سوين،
سَهڪيو وڃن،
خوشبو ٿڌي
جا ڇڏي هر ساهه کي،
سنگهر ٻڌي،
هر ڪو وڌي،
هر ڪو وڌي،
موٽيو اچي
بيهيو رهي،
هيڏان ڏسيو،
هوڏان ڌسيو،
سوچي اهو،
ٿي اچي خوشبو ڪٿان!
۽ اوچتو
ديد پيرن ۾ وجهي،
مرڪيو پوي،
ڪڙ تي ستل ڪانڊيرڙي
گل اڇا معصوم ٻارن وانگيان
ڇِنڀيو اکيون
کليو پڇن:
”ڪيئن آهيو!“
تنهن گهڙي گوڏو ڀڃيو
ويهيو اُتي،
هرڪو گلن جا پيار مان
ڳلَ ٿَڀڪيو،
هئن چوي:”جڙيا رهو“
۽ وڃي اڳتي وڌيو
پوئتا گل هٿ لوڏي پتڪڙا
چوندا رهن:
”الوداع! اي دوست شل تون خوش هجين
آسمان ۾ اُن گهڙي،
ڀُوريون ڪي بَدليون
هورڙيان ئي هورڙيان،
اُڏنديون وڃن،
هڪ ٻئي جون همسفر،
هڪ ٻئي کان بي خبر،
ماڳُ تن جو ڪوبه ناهه
ڪانه تن جي رهگذر
هيکليون، مايوس، چُپ چُپ ۽ اداس
هڪ ٻئي کان دور دور
بس ائين وڌنديون وڃن،
ڪانڊيرڙي تن کي ڏسي،
دل ۾ چيو:
جڙ جنهن جي آ مٽيءَ ۾
سو سدا سائو، سڀاڳو ۽ سکيو
آسمان جي آرزوءَ ۾ جو رُلي،
سو سدائين
دربدر، هيکل، اڀاڳو ۽ ڏکيو.
ايوب کوسو
غزل
پيار جي خوشبو سوا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ،
سونهن بنا هاءِ دنيا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ.
روپ راتين جا ٽڙن، ڏور جو تارا کِڙن،
تو سوا پر چنڊ پيارا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ.
ياد ايندو آهين، ڏاڍو خواب جهڙي موسمن ۾،
ڪيئن چوان آخر مِٺا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ.
تون مٺي ڏاڍي مِٺي سُنهن سان ڏاڍي سُٺي،
چنڊ تو آڏو صفا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ.
وقت جو گُذري ويو اُن تي ماتم هاڻ ڪهڙو،
اوڳهيلا اوڳهيلا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ.
ڇا ٿو ڳولين
ڇا ٿو ڦولين ڪُجهه نه ملندئي دُک سوا،
سانورا او بانورا ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ.
وقت ڪچي گار جهڙو آ اُڀو سِر جي مَٿي،
ڪيئن چوين ٿو بابلا، ڪجهه نه آ، او ڪجهه نه آ. |