هڪ ڏينهن هڪ همراهه زندگيءَ مان ڏاڍو مايوس ٿيو ۽
خودڪشيءَ جو پئي سوچيائين ۽ اچي مون سان صلاح
ڪيائين. مون چيو مانس،”چريو ٿيو آهين، خودڪشي ڀري
ڪر پر
Suicide Pact
واري ڪنهن سان رومانس ڪر، اڻبرابري وارو رومانس.
ان کي ڏٽا پوزيون ڏيئي، ٻئي جهان ۾ ملڻ ۽ ميلاپ
وارا سبز نيرا پيلا ڳاڙها خواب ڏيکار، پوءِ هڪ
معاهدي هيٺ خودڪشي ڪر، اَمر ٿي ويندين. ان طرح سڄي
ڳالهه کي رومانوي بڻاءِ“ وري جو عزيزم عبدالرشيد
جي ڊڪشنري مان
Suicide Pact
جي معنيٰ ڏيکاري وري
Romanticize
ڪرڻ جون ڪيتريون معنائون ڏيکاريون مانس ته وري
پڇيائين ته،”سائين رومانس ٿيندو ڇا آهي.“
مون وري ڊڪشنري کولي رومانس
Romance
جون ڪجهه معنائون ٻڌايون.”حيرت انگيز واقعو،
رومانوي داستان، معاشقو، مبالغه آميز رنگين بياني،
رومانوي انداز يا تخيل، شاعري ۾ تخيلي، جذباتي،
هوائي قلعا ٺاهڻ، خيالي پلاءُ پچائڻ......
”بس سائين بس، مان سمجهي ويس. جلد توهان اخبار ۾
هڪ پريمي جوڙي جي گڏيل معاهدي هيٺ خودڪشي
پڙهندوء.“
ڏينهن ئي ڪونه گذريا ، جو اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي
جي خبر هئي. هن همراهه جو نالو به برابر هو پر
ساڻس گڏ مسمات جو نالو به هو، پر هيءَ خبر خودڪشي
جي نه پر پريمي جوڙي جي ڪورٽ ۾ ڪيل شاديءَ جي هئي.
هن همراهه اِنهن مٿي ڄاڻايل ڪيترين ئي معنائن مان
ڪهڙي معنيٰ کنئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته هُن
Suicidal
واري معنيٰ به پڙهي هجي ته خودڪشي ڏانهن راغب
ڪندڙ يا تباهيءَ ڏانهن ويندڙ. ڪن شادين جو ويندڙ
رستو يا اُنهن جي ترغيب اهڙي به ٿيندي آهي، جيڪا
آخر ۾ خودڪشي ڪرڻ جهڙو ڪري ڇڏيندو آهي.
مان ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا واقعي خودڪشي ۽
رومانس جو پاڻ ۾ ڪو گهاٽو رستو آهي. ڇا خودڪشي سان
رومانس يا عشق ڪري سگهجي ٿو. جوڙن جو رومانس يا
عشق سڀ ڪجهه ڪونهي. مون رومانس کي هميشه انساني
جياپي، جيوت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل ڏٺو آهي. سڄي
ڪائنتا جيڪا مالڪ خلقي سان رومانٽڪ نظارن ۽
وارداتن سان ڀريل آهي. رومانٽڪ ماحول ۽ جذباتي
زندگي ۾ رومانس يا عشق کي جنم ڏيندا آهن. ڪائنات
جي سونهن جڏهن ڪيترائي رنگ وکيريندي آهي. ڌرتي پٽ
پٽِهرن جهڙا وڳا پائيندي آهي، وڄون وسڻ جا ويس
ڪنديون آهن، جبل جاڙون ڇڏي سرسبز ٿي ويندا آهن.
درياءُ پنهنجي موج مستي ۾ اچي پنهنجا خشڪ پيٽارا
به ڀري ڇڏيندو آهي، ڪچا ٻڏڻ لڳندا آهن. پڪا
مالوندن جا هوندا آهن، سکن جا سرمنڊل وڄڻ لڳندا
آهن، ته رومانس به پنهنجا رنگ ڏيکاريندو آهي.
مون کي ياد آهي ته ڌرتيءَ جو رومانس مون تي ڪڏهن
وڌيڪ ڇانيل هوندو هو، جڏهن مان ريل رستي ڪوئيٽا
ويندو هئس. انگريزن جي ٺاهيل هيءُ ريل جي پٽي عجيب
نظارا پسائيندي هئي. بولان ميل جي نالي سان هيءَ
گاڏي، من موهڻي سنڌ جا سير ڪرائيندي، سنڌو درياهه
بادشاهه جون ڇوليون پسائيندي، ڪئين ٻيٽ، پيٽ،
پيٽارا پارڪرائيندي، کيرٿر جبل جي جُسي ۽ جان مان
لنگهندي، لڪيءَ وٽ پير صدرالدين شاهه بادشاهه واري
لَڪُ ٽپي، قلندر جي ننگري سيوهڻ تي ساهه پٽائيندي
هئي. مان سڄو رستو گاڏيءَ جي دريءَ مان ٻيون قديم
۽ قديم قدرن جي امينن جون وستيون، مانجهند، سنُ،
آمري، قديم رڻي ڪوٽ ڏانهن ويندڙ رستو ڏسندو، لڪ
ٽپندو، لڪي شاهه صدر وٽ درياههُ جو آباد چهچ سائو
پيٽ ۽ چرون پسي اندر ۾ خوشي محسوس ڪندو هئس. سائين
صدرالدين بادشاهه کان اجازت پني، قلندر سائينءَ
جو پري کان چمڪندڙ مقبرو ڏسي، دل مان اِها دعا
نڪرندي هئي ته،”بادشاهه! هيءُ سرسبز ۽ آباد سنڌ جي
ننگري هميشه آباد رکجانءِ.“
سيوهڻ جي اسٽيشن تي ماڻهن سان سٿيل هوندي هئي.
ٻهڪندڙ
چهرا، ملڪان ملڪ کان آيل آسروند، چوڌاري نعرا نيهن جا. گاڏي
جيئن قلندر سائينءَ جي مقبري وٽان موڙ مٽيندي هئي
ته ”سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر.........حق
قلندر..........دما دم قلندر“ جا نعرا لڳندا هئا.
خدا آباد، بوبڪ ڏسندا، دادوءَ جي جادونگريءَ ۾
داخل ٿبو هو. ڪي دوست ڦوٽي ۽کير واري خوشبودار
چانهه کنيو بيٺا هوندا هئا، مُرڪون ئي مرُڪون
هيون. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو.................
ڪامريڊ سوڀي جو شهر! دوست سليم خواجه يا ديوان
گوپال داس انب کنيو ٽفن جهليو بيٺا هوندا هئا.
حبيب ڪوٽ جنڪشن ٽپي شڪارپور پهچبو هو ته سڳنڌ ئي
ٻي هوندي هئي. ڪي دوست شڪارپوري خوشبودار ڪلفي ۽
ديوان جي سڱر واري مٺائي کنيو ايندا هئا. هٿن ۽
ڳچيءَ ۾ گلاب ۽ موتئي جون ڪنڍيون، چوڌاري خوشبو ئي
خوشبو! ماڻهن ۾ چرپر ۽ حياتيءَ جا اهڃاڻ پسي خوش
ٿيندو هئس. شڪارپور نينهن وارن ۽ شوقينن جو شهر
آهي. حسن سان گڏ خوشبو سندن سينگار آهي. جيڪب
آباد.......جان جيڪب جي گهڙيال ۽ ٽاور وارو شهر.
عبدالڪريم گدائي، غالب لطيف، فتاح عابد ۽ سڌايي جو
شهر، قرب وارا چانهه جهليو بيٺا آهن. رات به لڙي
هلي آ. گاڏي آهستي آهستي بلوچستان جا برپٽ ميداني
علائقا، جهٽ پٽ، ڊيره مراد، سبي، لتاڙيندي، جابلو
علائقا ٽپندي، ٻن انجڻين سان ڌوڌاٽ ڪندي، چُرن ۽
غارن (ٽنيلز) مان ٿيندي، صبح جا نظارا پسائيندي
اچي ’آب گم‘ پهچندي هئي. هن اسٽيشن تي ٺڪر جي کمرن
۾ چانهه، حلوو پوري ۽ پڪوان. جابلو سيءَ جو مزو
الڳ، ٿڪ ٻڪ لهي ويندا هئا. ماڻهو ڄڻ هڪ پوري
رومانٽڪ دور مان لنگهندو هڪ نئين رومانس ۾ قابو ٿي
ويندو هو. اوچتو خبر پڙهيم ته ريلوي اختياري وارن
بولان ميل بند ڪري، زندگيءَ جي هڪ روان دوان سفر
کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو آهي. ائين ڄڻ ڪنهن وهندڙ پاڻيءَ
جي وهڪري يا مست سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو هجي. مون
پڙهيو ۽ منهنجي اندر ۾ هن سفري رومانس مرڻ شروع
ڪيو. دوستن، خاص طرح عزيزم غلام رباني زور ڏيئي
چيو ته”رومانس کي بنهه مرڻ نه ڏي. تون هاڻ ئي ان
گاڏيءَ ۾ وري وڃي چڙهه، توڙي کڻي اُها هاڻي بولان
ميل نه رهي آهي. ڇاڪاڻ ته مهيني اڌ ۾ اها به بند
ٿيندي. اڃان ويل وئي ناهي. تنهنجي اندر ۾ وهندڙ
رومانس ڪجهه وقت لاءِ يادگيرين ۾ ته زنده رهندو.“
سو هڪ ڏينهن وڃي گاڏي ۾ ورُ چڙهيس. هيءَ اُها ميل
نه هئي، ٻن چئن گاڏن واري لنڊي پئسينجر پئي لڳي.
عمر ڏٺاسين خواب سهڻا سهڻا، سو خواب ساڻ ڪري دل کي
دلبو ڏيئي چيم ته ڪا ڳاله نه آهي. سنڌ جي عشق کي
ورُ مچائڻ لاءِ، اُن جي ماڻهن، ماڳن، مڪانن،
اسٽيشنن، جبلن، سنڌو دريا جي مست پنڌ ۽ وهڪري کي
پسڻ ۽ ملڻ لاءِ، اُنهن سان رومانس کي زنده رکڻ
لاءِ اِهي لنڊيون به چڱيون. بلوچستان جو حُسن الڳ
ڏسبو.
ڪوٽڙيءَ کان گاڏي هلي، ڀڳل گاڏا، ڀڳل دريون، ائين
لُڏان پيو، ڄڻ ڪنهن ڇڪڙي ۾ ويٺو هجان. پر عشق عشق
آهي. مان دريا شاهه کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن هڪ دريءَ
کان، ڪڏهن ٻيءَ دريءَ کان پئي پريس. دريا شاهه
پَٽا ڏيئي گم ٿي ويو هو. ڄامشورو به ٽپي آياسين.
دريا شاهه، جيڪو سنڌ جو گجگوڙ هو، سنڌ جي مستي،
موج ۽ سُڪار جو اهڃاڻ هو، بنهه پَٽا ڏيئي ويو هو.
واري ۽ مٽي پئي اُڏاڻي! ڪٿي ڪٿي سنواريل پاڻيءَ جا
دُٻا هئا، جيڪي ٻڌائين پيا ته هتان ڪڏهن ڪو درياهه
شاهه نالي واٽهڙو لنگهيو هو. جيڪو هڪ مسافر جيان
هيو. الائي سفر جي ڪهڙي موڙ تي دڳ وڃائي ويهي
رهيو.
ٻيٽارا، ٻيٽ، ڍنڍون، ڍورا سب سُڪل هيا. صدرالدين
بادشاهه نٽهڻ ۾ هيو، وڻ سُڪي ڪوڪلا ٿيل هئا. لڪ
وٽان هيٺ نهاريم، سرسبز پَٽن ۽ پوکن جي جاءِ تي
ٺوٺ ڌرتي هئي. چمڪندڙ ڇوليون هڻندڙ ڇرون ڄڻ زمين
اندر پيهي ويون هيون. کرکنا ٿيل هن گاڏيءَ سيوهڻ
تائين پهچائيندي سج لاهي ڇڏيو هو. اسٽيشن تي ايڪڙ
ٻيڪڙ ماڻهو هئا. چڙهيا ته ڏٺم ته سندن منهن ڀيلا ۽
لٿل هئا. حالي احوالي ٿيا ته چيائيون،”قلندر جي
ننگريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ڪانهي. چون ٿا ته
لوڊشيڊنگ آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، دريا شاهه
سڪو پيو آهي، واهه واٽر به سُڪا پيا آهن، فصل سڙي
ويا آهن. شايد دريا شاهه جي به لوڊشيڊنگ ٿي آهي.“
ڳالهائين پيا ته سندن اکين ۾ لڙڪ اوتجي پيا اچن.
گاڏي هلي ته ڪو نعرو ٻڌڻ ۾ نه آيو. ايترو ضرور ٿيو
جو قلندر سائينءَ جي مقبري ويجهو موڙ وٽ گاڏي پهتي
ته ڪيترن ئي دعا لاءِ هٿ کنيا. هڪ نوجوان، جيڪو
پڙهيل ڳڙهيل هو، سو دل جي درد سان پُر هيو. دانهن
ڪندي سُر سان شاهه پڙهيائين:
اندر جُهڙ جهور وهي ٻهر ڪڪر نه ڪوءِ،
وسائي سا وڄڙي جنهن کي حُب هوءِ،
لالن جهين تِنِ اوڪاڻين نه اکيون،
ٻيو جوان هر هر اِها دعا پيو گهري:
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
ڪنهن چيس ته اڳتي به چئه ته ڳوڙهن گاڏڙ کل کليو ۽
آڱر مٿي کڻي چيائين” اڳتي سندس مرضي.“ سيوهڻ کان
اڳتي به ويراني هئي. اوندهه هوندي به پسجي پيو ته
خداآباد جا زبون پراڻا آثار وڌيڪ ويران هئا. بوبڪن
واري ساوڪ جو هڳاءَ به نه هو. لڳو پئي ته سوڪهڙي
جو شڪار هئي. بوبڪن جي ڀنگ ڄڻ ته سڙي وئي هئي، پر
شايد نشئي طوطا به اُڏامي هليا ويا هئا. دادوءَ جو
جادو پورو ساروهو. هڪ يار آيو، وينڊر کان سڙيل
چانهه جو ڪوپ وٺي پياريائين. اصل نسل خوشبو واري
چانهه جو پڇيو مانس ته چيائين،”يار ويا آهن پيئڻ
جي پاڻيءَ جي ڳولا ۾. اڄ مٽ دلا ڀڃي پريس ڪلب آڏو
احتجاج ڪيو اٿائون ۽ ڪي بک هڙتال تي به آهن. پاڻ
واري مينهن کير ئي ڏيڻ ڇڏيو آهي. کيس تڙڳڻ لاءِ
پاڻي ته ٺهيو، پر پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، کير ڌوڙ
تي لاهيندي! باقي رهيا ڦوٽا ته ماڻهن ۾ خوشبو ناهي
رهي ته ڦُوٽن ۾ خوشبو ڪٿان ايندي.“ لاڙڪاڻي ساهه
سيباڻي جو ساهه سُڪو پيو هو. شري گوپال ڪڏهوڪو
سُرڳواس ٿي چڪو هو، سليم خواجا ڪراچي آباد ٿيو هو.
ڪن ٻين دوستن کي حيدرآباد وارن دوستن نياپو ڏنو
هو، سو هڪ همراهه بيٺو هجي، چي،”لالڻ مختيارڪار
وصولي تي ويل آهي، موٽي ئي نٿو جو نوڪري خطري ۾
اٿس. ماڻهن وٽ نه فصل نه روڪڙ، ڍل ڪٿان ڏيندا.“
زرعي بينڪ واري نالي ڀائي دوست عبدالحميد جو نياپو
ڏنائين:”سائين اُهو به شهدادڪوٽ ۾ غيرآباد زمينن
جي آبادگارن کان قرض اُڳاڙڻ جي ناڪام ڪوششن کي
ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ڪاميابي
لاءِ دعا ڪجوس.“ مون سندس پيرن ڏي نه پر هٿن ڏي
نهاريو. اُن هٿن ۾ نه ٽفن هو ۽ نه ديسي انب، هو ته
نياپا ڏيئي هليو ويو، بک به ڏاڍي لڳي هئي. هڪ گاڏي
ڇڪڙو، اي گاڏا ته هليا ويا مين لائين جي نائيٽ
ڪوچن ۽ تيزگامن ۾، تنهن ڪري گرمي، مٽي ۽ ڌوڙ اصل
ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. منجهند واري مانيءَ جي هڙ ۾
مانيءَ ڀور هئا. لهي نل تان هٿ منهن ڌوتم ۽ ٿرماس
۾ پاڻي ڀريم. نل ۾ ڀلا ڍُڪ ڍُڪ پاڻي پي آيس ته
دير لڳي سو ڊوڙي پڪوڙا وٺڻ چاهيم پر اُهي ٿڌا ۽
پاروٿا لڳا. گاڏي واري پڪوڙائي کي ڪجهه چيم ته خار
مان چيائين، ”صبح کان بيٺا آهيون، هڪ ته هن لائين
جون گاڏيون مردار، ماڻهو ڪين. هيءَ ڍير وڪامي ته
گرم مال آڻيون.“ ڀڳس انبن واري ڏي ته هڪ همسفر
ساٿي بيٺو هو. هٿن ۾ ٻه وڍيل انب هيس،”سائين نه
وٺجو، هڪ ڦڪا ٻيو رڌل آهن.“ انبن وارو کليو،” انبن
جي باغن کي پاڻي نه ملندوته ائين ئي ٿيندو. ڪاربيٽ
تي پڪل انب، وري هيءَ گرمي، ڦڪا ۽ رڌل نه هوندا ته
ٻيو ڇا هوندا.“ گاڏي چُري، مان ۽ هو همراهه ڊوڙي
چڙهياسين. مون هڙ کولي، منجهند جا پيل سُڪل ڀور
کائي پاڻي پي ڇڏيم. ڪجهه اُنهي همراهه کي ڏنم. هِن
ڦڪن ۽ رڌل انبن سان ماني کاڌي. گاڏي هلندي هلي ۽
مان سوچيندورهيس:”هئه ڙي سنڌ، تنهنجو دريا بادشاهه
وڃائجي ويو، ساوا پَٽ برپٽ بڻيا، نه سلا نه گاهه،
مينهن کير ڏيڻ ڇڏيو. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. سنڌ ۾
غريبن جو کاڄ پڪوڙو به پاروٿو. انب رسُ ڇڏي ويا.
ماڻهو اُٻاڻڪا، ڀيلا منهن. ڳڻتين ڳاريل، باقي رهيو
ڇا؟“ شڪارپور جو بورڊ ڏٺم ته خوش ٿيس ۽ سوچيم ته
ڪي يار ضرور آيا هوندا ۽ ڪا لکي دروازي واري ڪلفي
کڻي آيا هوندا. ٽپ ڏيئي لٿس. اُنهيءَ همسفر ساٿي
کي شڪارپور ۾ لهڻو هو. مون لهي پنهنجن يارن کي
ڳوليو پئي ته سوري آيو. پڇيائين ته ڪنهن کي ڳوليو
ٿا. ڇا چوانس؟ چيم”يار! سُئي پيو ڳوليان.“ هو
وائڙو ٿي ويو. ”يار، دوستيون ۽ قرب جو ساٿ هاڻ
سُئي مثل رهيو آهي. ڀل ڪلفي يا مٺائي نه کارائين
ها پر اچن ته ها.“ کلي چيائين،”سائين اديب آهيو،
تڏهن ائين چئو ٿا.“ ٿي سگهي ٿو، شڪارپور کي شرم
کان بچائڻ لاءِ نه آيا هجن. نه کير ،نه بجلي، نه
برف، رجيل پاڻي واري ڪلفي کارائين ها ڇا. ديوان جي
اصل ڪلفي ۽ سڱرن واري مٺائي هاڻ خواب رهيو آهي.
مان چپ ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺس، کائنس موڪلايم به
نه.
گاڏي جيسين جيڪب آباد پهتي، منهنجو سڄو سارو سنڌ
جو رومانس ڇڙيون هڻي رهيو هو. مون اڃان اُن کي مرڻ
نه ڏنو. ٽپ ڏيئي جيڪب آباد تي لهي پيس. هاڻي ڪهڙا
وڃي حلوا، سيرا، پوريون، پڪوان کاوان يا بلوچستان
جي مٽي جي سڳنڌ ڏيندڙ کمرن ۾ وڃي چانهه پيان يا
ٿڌڙن مٺن سيئن جو مزو وٺان. گاڏي گذري ته جيڪب
آباد جي اسٽيشن بنهه ويران ٿي ويئي. هت به ڪير
چانهه جو ٿرماس ۽ بسڪوٽن جا پُڙا کڻي نه آيو هو.
اُهي يار دوست شايد جان جيڪب جي مَرم شرم کي
پرچائڻ ڪارڻ نه آيا هئا. نه وري هاڻ اُت گدائي هو
يا فتاح يا غالب هو. هڪ خالي بينچ تي آهلي
پيس.”هيءَ سفر ڪيڏو نه ڀيانڪ هو.“ وسوسن انديشن
اندر گهر ڪري ورتو هو. مان موٽي پنهنجي پوٽڙي
سلمان ارشد کي ڇا ٻڌائيندس، جنهن کي اُٿندي وهندي
دريا شاهه، سنڌ جي سونهن، ماڻهن جي سُکيي ستابي
هجڻ جا داستان، وفا محبت ۽ بهادريءَ جا قصا
ٻڌائيندو هئس. هاڻ سلمان انهن آسُن ۽ اُميدن تي
وڏو ٿي رُڃ پسي مايوس ٿي ڇا نه ڪندو؟ مان ڏڪي ويو
هئس. صبح ٿي ويو هو. آهستي وڃي نل تان منهن ڌوئي.
ٿيلهڙو ۽ خالي هڙ لوڏيندو اسٽيشن کان نڪتس. دوستن
جي گهرن کان لنگهيس. اُهي سڀ دربند هئا. جيڪب آباد
اڄ مون کي آباد نه پئي لڳو. پراڻي ميونسپلٽي ڀرسان
اُنهي ديوان جي هوٽل تي آيس، جتي دال پوري، ڀاڄي
ڦلڪا، مڇي يا پلو تريل ملندو هو. اڄ اُت ڪاريءَ
وارا ڪک هئا. اڳيان هڪ ٻيو هوٽل هو. وڃي ويٺس.
بيرو ڦري آيو.”ڇا کائيندوء ڇا پيئندوء؟“ ”ابا ڪا
مڇي، ڪو پلو، ڪا مڱن جي دال. ڪو ڦلڪو ڪا ڊڳڙي.“
بيرو کلي پيو. ”سائين ڪهڙن ڏينهن جي ڳالهه ٿا ڪيو؟
پاڻي لڀي ڪونه..... ڇا جي مڇي، ڇا جو پلو. فصل ٿيا
ڪونه. مڱن جي دال به مهانگي، ڪير چاڙهي؟ چيم ”يا
ڪو ڏس پنڌ؟“ وراڻيائين ”سائين ٻڌو اٿم ته درياهه ۾
پاڻي آيو آهي. سکر روهڙي وڃو، شايد اُتي ملي پوي.
باقي چانهه پراٺو چئو ته ڏيانو.“ مون چانهه
گهرائي، اُوڦراٽو هاڻ پراٺُو ٿي ويو هو، تنهنڪري
اُنهيءَ کان پاسو ڪيم. ڪا ڊڳڙي يا ڦلڪو هجي ها ته
کڻي کاوان ها. بسڪوٽ چانهه سان کاڌم. اُتان اُٿيس
ته بس اسٽينڊ لاءِ ٽانگو ڳوليم. سوچيم ته ٽڪ ٽڪ
ڪندو گهوڙي جي سنبن سان سُر ملائيندو پراڻن واقف
رستن کي سڃاڻندو، منجهيل من کي پرڀائيندو ڪو مزو
وٺندس. چيائون ته سائين هاڻ ٽانگا گهٽ ، ڪيونچڪي
تي وڃو.هيءَ موٽر سائيڪل سان جوڙيل رڪشا جهڙي
سواري هئي. ٽپ ٺينگ ڏيندو هليس. ٽانگي وارو رومانس
ته ڀورو ٿي چڪو هو. بس هلي ته اُهي ئي سوڪهڙي وارا
نظارا، سارين جا ٻيجارا سڙيل هئا. ڪن ته ٻيجارو ئي
نه ڪيو هو. ماڻهن ۾ اِها ئي ٻُولاچاري هئي. هن
رستي تي ڪئين ئي پنڌ ڪيل هئا. علي نواز پنهور جي
ڳوٺ، آباد، مفتون ۽ نياز همايوني جو شهر همايون،
آغائن ۽ پٺاڻن جو سلطان ڪوٽ، عجيب ماٺ، مايوسي ۽
موڳائي هئي. شڪارپور ٽپي سرسبز سي، اينڊ ايس ڪاليج
وٽان لنگهيس ته اُهو به اُجڙيل هو. جهانو، لکي
لنگهياسين. ٻهراڙيءَ جي هوٽلن تي ماڻهو چانهه تي
ائين ويٺا هئا، ڄڻ ڪي پياڪ غم غلط ڪري رهيا هجن.
سکر جو شهر برابر شهر هو، پر ڪو ڪاڏي پئي ڀڳو ويو
ڪو ڪاڏي، افراتفري جو عالم هو. مان نئين پل تي
نئين بس اسٽينڊ تي لٿس رڪشا ملي ويئي، چيومانس،
”يار چون ٿا سنڌوءَ ۾ پاڻي آيو آهي. پري کان ڏسڻ
آيو آهيان. چون ٿا ته ڏنڀرو به آهي ته پلو به آهي.
يار اُتي وٺي هل ته ڪو دريا شاهه جو ديدار ڪيون.“
رڪشا وارو پهريائين منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو، پوءِ
يڪدم چڙهي ويٺو. ڦٽ ڦٽ ڪندو سڌو بند روڊ تي دريا
شاهه جي ڪناري تي رڪشا بيهاريائين. مون کي ٻانهن
کان وٺي، بند ٽپائي اشارو ڪري چيائين،”هُو ڏس
پنهنجو دريا شاهه“ هڪ واهڙُ هو، جو وهيو پئي. ڪي
ٻيڙيون پاڻيءَ جي آسري سُڪيءَ تي بيٺيون هيون.
سنڌوءَ جاڪنارا آسارا آسارا هئا. هڪ جهونو مهاڻو
سُري آيو. مون کي سڃاتائين. ”سائين، توهان مرحوم
رشيد ڀٽيءَ جا دوست آهيو نه، توهان رشيد سان گڏجي
ڏنڀرو وٺڻ ايندا هئا. تڏهن ته پلا به جام مرندا
هئا. اڄ پلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سير آهي ئي
ڪانه ته پلي جي سواري ڪٿان ايندي. ڏنڀري ۾ ڏينهن
لڳندا . ڪو پاڻي چڙهي، ڪو مالڪ کي رحم پوي. ڪو
دريا شاهه کي جوش اچي. ڏنڀرا ڪُرا کوڙ.“ مان ماٺ
ميٺ ۾ موٽي اچي رڪشا ۾ ويٺس. چيومانس ته روهڙي
اسٽيشن هل، ڪا گاڏي حيدرآباد لاءِ ملي ويندي. مان
نه مَلڪن نه سيدن ڏي ويس، جو سندن سور سُجهيا پئي.
مون سڄي واٽ رشيد کي ياد پئي ڪيو، جنهن سان سکر
آباد هو. اياز ۽ رشيد ڀٽي ڀون ڀيڙا ٿيا. رڪشا
وارو، جيڪو ڏاڍوفهميندو هو، تنهن آرام سان هلي
اسٽيشن آڏو ٿلهي تي رڪشا بيهاري. پئسا ڏنامانس ته
چيائين.” سائين، اوهان نٿا سڃاڻو، آءُ به رشيد
ڀٽيءَ جي پاڙي جاگيراڻي پاڙي جو آهيان. ننڍو هئس
ته مون کي اوهان سندس اوطاق تي ڪئين ڀيرا ڏٺو هو.
بَگن سائين (رشيد ڀٽي) جهڙا ماڻهو نه رهيا ته سڀ
ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. بگن سائين جهڙا سخي،
قربائتا، بهادر ماڻهو هليا ويندا آهن ته درياهه به
سُڪي ويندا آهن. سو سائين، آءٌ پئسا نه وٺندس.“
مون کيس حيرت مان ڏٺو. هو پنڊپهڻ ٿيو ٺنڀ هنيو
بيٺو هو. کمون کيس ڀاڪر پاتو، پيار ڪيو، پر هو مون
وانگر مايوس نه هو. مان هڪ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس مون
کي هوش نه هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي اندر ۾ گهڻو ڪجهه
ڀڄي پيوهو. ائين لڳو پئي ته ڄڻ ڪو مري ويو آهي.
شايد منهنجي رومانس خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.
پر چوندا آهن ته”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام.“
سنڌڙيءَ سان هيءُ رومانس مرندي مرندي شايد ڪا اميد
جو هڪ ڪرڻو ٻاري ويو هو. اُهو هو رڪشا واري نوجوان
جو ڪردار ۽ انداز! مون سوچيو ته خالي هٿين گهر
وڃان پيو. ننڍڙو سلمان ، ڪا نه ڪا شيءِ گهرندو ته
پوءِ مان کيس اُن رڪشا واري پورهيت جي ڪهاڻي
ٻڌائيندس، جيڪو اڃان به ٺنڀ هنيو اسٽيشن تي اُميد
جو اهڃاڻ بڻجي بيٺو آهي. سندس پيشاني منهنجي
رومانس جي آخري چمي سان چمڪي رهي آهي.
زڪريا تامر
سنڌيڪار ولي رام ولڀ
ڏهين ڏينهن جو شينهن
نوٽ: زڪريا تامر 1929ع ۾ شام جي گاديءَ جي هنڌ
دمشق ۾ ڄائو. سندس رسمي تعليم محدود آهي، پر هن
پنهنجي ڪهاڻين جي چئن مجموعن سان عربي ادبي دنيا ۾
هڪ نمايان فڪشن نگار جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي.
سندس ڪهاڻين ۾، جن جو اسلوب نرالو ۽ شفاف آهي،
سياسي خيالن جي جهلڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي. هو ٻارن
جوبه ڏاڍو مقبول اديب آهي. دمشق ۾ ڪيترن ئي سرڪاري
شعبن ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ، هو لنڊن هليو ويو ۽
اُتان جي هڪ عربي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، 1883ع کان
ٻارن جي ڪتابن جي صلاحڪار جي حيثيت سان ڪويت ۾
رهائش اختيار ڪئي اٿس.
پڃري ۾ بند شينهن کان جهنگل گهڻو پري رهجي ويو هو،
پر هو اُن کي وساري نه سگهيو هو. پڃري جي چوطرف گڏ
ٿيل ماڻهن کي غصي سان گهوري رهيو هو ۽ اُهي کانئس
ڊڄڻ بنا کيس ڏسي رهيا هئا.
اُنهن ماڻهن مان هڪ پرسڪون پر حڪم هلائيندڙ آواز
واري شخص ٻين ماڻهن کي چيو ته ”جيڪڏهن اوهين واقعي
چاهيو ٿا ته منهنجوپيشو، يعني هيرائڻ جو پيشو،
اختيار ڪريو ته ڪنهن وقت توهان کي اِهو نه وسارڻ
گهرجي ته توهان جو نشانو مقابلي ڪندڙ جو پيٽ خالي
هئڻ گهرجي ۽ توهان ڏسندوء ته اهو پيشو هڪ ئي وقت
ڏکيو به آهي ۽ سولو به.“
”هن شينهن کي ڏسو – هي هڪ خوفناڪ ۽ خودسر شينهن
آهي. هن کي پنهنجي آزادي، پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي ۽
پنهنجي بي جگريءَ تي ڏاڍو ناز آهي، پر هي بدلجي
ويندو ۽ معصوم ٻار وانگر ڏاڍو شريف، نرم طبع ۽
فرمانبردار بنجي ويندو. جنهن جو پيٽ ڀريل آهي ۽
جنهن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه به ڪينهي، اُنهن ٻنهي جي
وچ ۾ ڇا هوندو آهي، اُهو اِجهو ڏسجو ۽ سکجو.“
اُنهن ماڻهن هڪدم جواب ڏنو ته هو دل لڳائي هيرائڻ
جو ڪم سکندا ۽ هيرائيندڙ شخص خوشيءَ وچان مشڪيو ۽
شينهن کي مخاطب ٿي طنزيه انداز ۾ پڇيائين،” اسان
جو پيارو مهمان ڪهڙي حال ۾ آهي؟“
شينهن ڇيو،”کاڌوڏي هاڻي منهنجي کاڌي کائڻ جو وقت
آهي.“
بناوٽي حيرت وچان هيرائيندڙ شخص چيو:”تون مون تي
حڪم هلائين ٿو، جڏهن ته تون منهنجو قيدي آهين.
واهه، عجيب شينهن آهين تون! هاڻي توکي سمجهڻ گهرجي
ته هتي رڳو مون کي حڪم هلائڻ جو حق آهي.“
”شينهن کي ڪوبه حڪم نه ڏيندو آهي.“ شينهن وراڻيو.
”پر هاڻي تون شينهن ڪٿي آهين.“ هيرائيندڙ شخص
چيو،”جهنگل ۾ رهيو هوندين، پر هاڻي تون ته پڃري ۾
آهين، هاڻي تون غلام آهين، جيڪي رڳو حڪم مڃندا آهن
۽ جيڪي آءٌ چوندس اُهو ڪندين.“
”مان ڪنهن جو به غلام نه بنبس.“ شينهن طيش ۾ اچي
ويو.
”تون منهنجو حڪم مڃڻ تي مجبور آهين. کاڌو ته مون
وٽ آهي.“ هيرائيندڙ شخص چيو.
شينهن چيو،”نه گهرجي مون کي تنهنجو کاڌو.“
”تنهنجي مرضي، ته رهه بُکيو.“ هيرائيندڙ شخص
چيو،”آءٌ توکي تنهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪجهه ڪرڻ تي
مجبور نه ڪندس.“ ۽ پنهنجن شاگردن کي چيائين،”ڏسجو
ته ڪيئن بدلجي ٿو. آڪڙ کان سيٽيل ڪنڌ بک نٿو
مِٽائي سگهي.“
شينهن بکيو رهيو ۽ اُنهن ڏينهن جي ياد ۾ اُداس
اُداس رهيو. جڏهن هو آزاديءَ سان واچوڙي وانگر
پنهنجي شڪار لاءِ جيڏانهن به دل چوندي هئس، حملو
ڪري سگهندو هو.
ٻئي ڏينهن هيرائيندڙ شخص ۽ سندس شاگرد شينهن جي
پڃري جي چوڌاري گڏ ٿيا ته هيرائيندڙ شخص چيو،” بک
نه لڳي اٿيئي ڇا؟ بيشڪ تنهنجي بک هاڻي تولاءِ
تڪليف ۽ اذيت جو سبب هوندي. چئو ته تون بکايل آهين
۽ جيڪو گوشت تون چوندين، توکي ملي ويندو.“
شينهن ڪجهه نه وراڻيو ته هيرائيندڙ شخص
چيو،”بيوقوف نه ٿيءُ، جيڪي آءٌ چوان ٿو، اُهو ڪر.
بس رڳو مڃ ته تون بکايل آهين ۽ فوراَ ئي پيٽ ڀري
کاءُ.“
شينهن چيو،”مان بکايل آهيان.“
هيرائيندڙ شخص کِليو ۽ پنهنجي شاگردن کي
ٻڌايائين،”ڏسو، هاڻي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿو آهي جو نڪري
نه سگهندو.“
هن حڪم ڏنو ۽ شينهن کي ڪافي سارو گوشت کائڻ لاءِ
ڏنو ويو.
ٽئين ڏينهن هيرائيندڙ شخص اچي شينهن کي
چيو،”جيڪڏهن اڄ به کاڌو کپيئي ته جيڪي مان چوان
اُهو ڪر.“
”آءٌ تنهنجو حڪم نه مڃيندس.“ شينهن جواب ڏنو.
”ايڏي جلدبازي نه ڪر، مان جيڪي چاهيان ٿو اُها
تمام خسيس ڳالهه آهي. تون هن وقت پڃري ۾ هتان کان
هُتان چڪر هڻي رهيو آهين، جيڪڏهن مان چوان ته بيهي
رهه ته بس بيهي رهج.“
”اها ته معمولي ڳالهه آهي.“ شينهن دل ۾ چيو،”ائين
به ناهي جو مان انهيءَ تي اڙجي بيهي رهان ۽ بک
مران.“
تمام ڪاوڙ ۽ حڪم ڏيڻ واري لهجي ۾ هيرائيندڙ شخص رڙ
ڪئي،”بيهي رهه.“
شينهن فوراَ ڄمي ويو ۽ هيرائيندڙ شخص خوش ٿي
چيو،”شاباس!“
شينهن به خوش هو. هن هٻڇين وانگر کاڌو. انهيءَ وچ
۾ هيرائيندڙ شخص پنهنجي شاگردن کي چيو،”بس هاڻي
ٿورن ئي ڏينهن ۾ هي ڪاغذي شينهن بنجي ويندو.“
چوٿين ڏينهن شينهن، هيرائيندڙ شخص کي چيو، ”بک لڳي
اٿم، مون کي بيهي رهه چئو نه!“
هيرائيندڙ شخص پنهنجن شاگردن کي چيو،”هاڻي هي
منهنجو حڪم پسند ڪرڻ لڳو آهي.“ پوءِ هن شينهن کي
چيو،”اڄ تون کاڌو اُن وقت تائين نٿو کائي سگهين،
جيستائين ٻلي وانگر ميائون ميائون نه ڪندين.“
شينهن ڪاوڙ کي قابو ۾ رکيو ۽ دل ۾ چيائين،”ٻليءَ
جي نقل ڪرڻ سان ته مان پنهنجي ئي دل کي
وندرائيندس.“
هن فوراَ ئي ٻليءَ جي آواز جو نقل ڪندي،’ميائون
ميائون‘ ڪيو.، پر هيرائيندڙ شخص نرڙ ۾ گهنج وڌا ۽
ڪاوڙ ۾ چيائين،”تنهنجو نقل بلڪل ٺيڪ ناهي. تنهنجي
خيال ۾ ٻليءَ جو آواز ڀونڪڻ جهڙو هوندو آهي؟“
تنهن تي شينهن وري ٻليءَ جو نقل ڪيو، پر هيرائيندڙ
شخص ناپسنديءَ جو اظهار جاري رکيو ۽ حقارت وچان
چيائين،”چپ ڪر، تنهنجو نقل اڃا به بلڪل ردي آهي.
اڄ توکي مشق جو موقعو ڏيان ٿو، سڀاڻي اچي امتحان
وٺندس. جيڪڏهن تون ڪامياب ٿئين ته کاڌو ملندءِ نه
ته بُک مرجان.“
هيرائيندڙ شخص پڃري وٽان پنهنجن شاگردن سان گڏ
هليو ويو. اُهي سڀ پاڻ ۾ سُس پُس ڪري رهيا هئا ۽
کلي رهيا هئا. شينهن گجگوڙ ڪري جهنگل کي ياد ڪيو،
پر اُهو گهڻو پري هو.
پنجين ڏينهن هيرائيندڙ شخص شينهن کي چيو،”چڱو،
جيڪڏهن اڄ تو صحيح طرح سان ميائون ميائون ڪيو ته
تازي گوشت جو تمام وڏو ٽُڪر ملندءِ.“
شينهن ٻليءَ جو نقل ڪيو ۽ هيرائيندڙ شخص خوشي جي
اظهار ۾ تاڙيون وڄائي چيو،”تون عظيم آهين! تون ته
بلڪل اهڙي طرح ميائون ميائون ٿو ڪرين، جيئن ٻليون
سياري ۾ ڪنديون آهن .“ ۽ هن گوشت جو هڪ ٽُڪر ڏانهس
اُڇلايو.
ڇهين ڏينهن جيئن ئي هيرائيندڙ شخص شينهن جي پڃري ۾
اڳيان پهتو ته شينهن ٻليءَ وانگر ميائون ميائون
ڪرڻ شروع ڪيو، پر هيرائيندڙ شخص بلڪل ماٺ رهيو ۽
پنهنجي نرڙ ۾ گهنج وڌل رکيائين.
”ڏٺئه نه، مون ميائون ميائون ڪيو،“ شينهن چيو.
”گڏهه جي هينگڻ جو نقل ڪر.“ هيرائيندڙ شخص چيو.
”مان......! جنهن کان جهنگل جا سڀ جانور ڊنل رهندا
آهن.............شينهن ٿي ڪري، گڏهه جو نقل
ڪريان؟“ شينهن ڪاوڙجي چيو،”ائين ڪرڻ کان مرڻ بهتر
آهي.“
هيرائيندڙ شخص ڪجهه ٻڌڻ چوڻ کان سواءِ پڃري کان
پري هليو ويو.
ستين ڏينهن هُو مشڪندو شينهن جي پڃري جي ڀرسان آيو
۽ شينهن کي چيائين،” ڇو ادا، کاڌو نه کپيئي ڇا؟“
”ڇو نه؟ کاڌو ته کپي.“ شينهن جواب ڏنو.
هيرائيندڙ شخص چيو،” جيڪو گوشت توکي ملندو، اُن جي
قيمت آهي، گڏهه وانگر هينگون ڏيندين ته کاڌو
ملندءِ.“
شينهن جهنگل کي ڌيان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام
رهيو ته اکيون بند ڪري هينگون ڏيڻ لڳو.
”تنهنجون هينگون بيحد خراب آهن.“ هيرائيندڙ شخص
ٻڌايو،”پر خير، توتي رحم کائي مان توکي گوشت جو هڪ
ٽُڪر ڏيان ٿو.“
اٺين ڏينهن هيرائيندڙ شخص شينهن کي چيو،” مان
تقرير ڪرڻ وارو آهيان، جڏهن اُها ختم ٿئي ته تون
تاڙيون وڄائج.“
پوءِ هيرائيندڙ شخص تقرير ڪئي، ”هم وطنو، اسان
پهرين به ڪيترن ئي موقعن تي انهن معاملن تي، جيڪي
اسان جي مستقبل جي باري ۾ آهن، پنهنجي موقف جي
وضاحت ڪئي آهي. اسان جون مخالف قوتون جيتريون
سازشون چاهين، سي ڀل ڪن، پر اسان اِنهيءَ عزم ۽
کليل موقف کان پوئتي نه هٽنداسين. يقين محڪم سان
ئي اسان فتحياب ٿينداسين.“
”مان تنهنجي ڳالهه نه سمجهيس.“ شينهن چيو.
”تنهنجو ڪم بس اِهو آهي ته جيڪي مان چوان، اُن جي
تعريف ڪري تاڙيون وڄاءِ.“ هيرائيندڙ شخص چيو.
”معاف ڪج.“ شينهن چيو،”مان ته جاهل ۽ اڻپڙهيل
آهيان. جيڪي ڪجهه تو چيو، اُهو مون کي عجيب لڳو.
جيڪڏهن تنهنجي خواهش اها آهي ته مان ضرور تاڙيون
وڄائيندس.“ شينهن تاڙيون وڄايون ۽ هيرائيندڙ شخص
چيو، ”مون کي نه منافق پسند آهن ۽ نه منافقي. سزا
۾ اڄ توکي ڪجهه نه ملندو.“
نائين ڏينهن هيرائيندڙ شخص گاهه جي هڪ ڀري کڻي آيو
۽ شينهن جي اڳيان وجهندي چيائين ”وٺ، هي کاءُ!“
”ڇا؟.......هي کاوان؟“ شينهن چيو،” مان ته درندو
آهيان.“
هيرائيندڙ شخص چيو،” اڄ کان پوءِ تون گاهه کان
سواءِ ڪجهه به نه کائيندين.“
بُک جڏهن برداشت کان ٻاهر ٿي ويئي ته شينهن گاهه
ئي کائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اُن جو ذائقو کيس خراب
لڳو ته هو حقارت وچان پوئتي هٽي ويو.پوءِ به هُو
هر هر واپس آيو ۽ آهستي آهستي اُن جو ذائقو کيس
چڱو لڳڻ لڳو.
ڏهين ڏينهن کان پوءِ نه هيرائيندڙ شخص هو، نه سندس
شاگرد، نه شينهن هو، نه اُن جو پڃرو، شينهن شهري
بنجي ويو ۽ پڃرو شهر.
آرٽ بڪوالڊ
سنڌيڪار سليم چنا(سينئر)
گنجائش
ملڪ جي هر رياست ٽئڪسن جو دائرو وڌائڻ لاءِ هر
ممڪن ڪوشش ڪري رهي هئي. ظاهري طرح سڀني شين تي
پهريائين ئي ٽئڪس لڳي چڪو هو، اُنهن ۾ سالياني
آمدني، سگريٽ، پيٽرول، گئس، پيئڻ جون مختلف شيون ۽
سموريون اُهي شيون جيڪي اوهان ڪنهن اسٽور تان خريد
ڪري سگهو ٿا. اهڙي نموني مشڪل سان ئي ڪا اهڙي شيءِ
سامهون ايندي هئي، جنهن تي اڳ ۾ ڪا ٽئڪس لڳل نه
هجي.
ٽئڪس جي وڌائڻ جي سلسلي ۾ مسٽر ميريويدر جي ڏنل
تجويز مون کي نهايت ئي متاثر ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو
پنهنجي ذهانت جي ذريعي هڪ اهڙي تجويز پيش ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو هو، جيڪا ٻئي ڪنهن جي سوچ ۾ اچي نه
سگهي هئي.
ميريويدر سئمپل پنهنجي تجويز بلڊنگ ڪائونٽي جي
نگران ڪاميٽي آڏو پيش ڪئي هئي ۽ سندس رٿ هئي ته
جاگنگ تي ٽئڪس مڙهيو وڃي.
سندس تجويز تي هر هڪ ميمبر جي چهري تي حيرت جا
آثار ظاهر ٿي چڪا هئا.
اُنهن مان هڪ چيو،”جاگنگ تي؟“
ميريويدر سئمپل پنهنجن ڳالهين جو سلسلسو جاري
رکندي چيو،” هن وقت به اسان جي ملڪ ۾ هزارن جي
تعداد ۾ ماڻهو ڊوڙندا رهن ٿا ۽ ان لاءِ کين هڪ
سينٽ به خرچ نٿو ڪرڻو پوي. توهان ٿورو ته سوچيو ته
اُهي ماڻهو نهايت ئي گهڻي عرصي کان ڊوڙڻ جو مزو
ماڻيندي پنهنجي جسماني قوت برقرار رکي رهيا آهن.“
هڪ نهايت ئي ڪمزور جسامت جي سپروائيزر چيو،”ليڪن
اسان مردن ۽ عورتن جي ڊوڙڻ تي ڪهڙي نموني سان ٽئڪس
عائد ڪري سگهون ٿا؟“
”اسين اِهو ڪم نهايت ئي آسانيءَ سان ڪري سگهون ٿا،
ڇاڪاڻ ته اِهي سڀ ماڻهو جاگنگ ڪرڻ وقت ملڪ جون
سڙڪون ۽ فوٽ پاٿ مسلسل استعمال ڪري رهيا آهن ۽
ائين ڪندي هو پنهنجي ڳورن جوتن سان اُنهن کي
لتاڙي ڪافي نقصان پهچائي رهيا آهن؟“ ميريويدر
سئمپل چيو.
”ائين آهي ڇا؟ جو ڊوڙڻ وارا ائين شهر جي رستن کي
نقصان پهچائيندا هجن؟“ هڪ ميمبر حيرت مان پڇيو هو.
”توهان هڪ دفعو سڙڪن تي هلڻ مهل غور ته ڪريو ته هر
طرف رستي تي جهاڪا ۽ ڏار پيل نظر ايندا. ظاهر آهي
ته اُهي پيرن جي دٻاءُ سان پيدا ٿين ٿا. توهان
سوچيو ته ٻه سئو پائونڊ وزني مرد ۽ هڪ سئو ڏهه
پائونڊ وزن واري عورت جو وزن هڪ چڱي خاصي مضبوط
سڙڪ لاءِ ناقابل برداشت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو
اگهاڙن پيرن سان ڊُڪن ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي، نه ته
عام طور کين ٽينس راند وارو بوٽ يا جاگر پاتل
هوندا آهن. اهڙي ڳالهه ڪندي، اسين هڪ يا ٻن ماڻهن
جي ڳالهه نٿا ڪريون، پر هت ته روزانو هزارين ماڻهو
جاگر پائي رستن ۽ فٽ پاٿن کي پامال ڪندا رهن ٿا، ۽
اُنهن کي نيٺ ته احساس هجڻ گهرجي.“ميريويدر سئمپل
چيو.
هڪ عورت سپروائيزر چيو،” جيڪڏهن اسان جاگنگ ڪرڻ
وارن کان ٽئڪس وصول ڪرڻ شروع ڪيو ته هڪ نهايت ئي
وڏو هنگامو شروع ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته جاگنگ ۽ ڊوڙڻ
ئي هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جي مفت ۾ ڪرڻ جو ماڻهو
آزادانه حق سمجهن ٿا.“
مٿئين تبصري تي ميريويدر ڪو خاص توجهه نه ڏنو ۽
چيو،”جاگنگ ڪرڻ وارا به بلڪل اهڙي نموني اُن مان
مزو ماڻين ٿا، جهڙي نموني ٻيا ماڻهو بيئر پيئڻ ۽
سگريٽ نوشي مان لطف اندوز ٿين ٿا. اُنهن ماڻهن کي
جاگنگ ڪرڻ لاءِ ڪو مجبور نٿو ڪري، پر هو محسوس ڪن
ٿا ته ائين ڪرڻ سان سندن صحت بهتر ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن
واقعي ئي ائين آهي ته کين ايمانداريءَ سان اُن جو
معاوضو به ادا ڪرڻ گهرجي.“
”اوهان جي دماغ ۾ ڪهڙي قسم جي ٽئڪس جو تصور آهي؟“
ڪاميٽيءَ جي هڪ ميمبر کانئس پڇيو.
”منهنجو خيال آهي ته شروعات ۾ هڪ سال جي لائسنس
لاءِ پنج ڊالر في وصول ڪرڻ گهرجي. اِن قسم جو
اجازت نامون هڪ پلاسٽڪ جي ننڍڙي تختي تي ڇپيل هجڻ
گهرجي، جيڪا ڊوڙڻ جي وقت ٽريڪ سوٽ جي پٺيان نمايان
طور لڳل هجڻ گهرجي. ٿوري وقت کان پوءِ اسان هر ميل
جي ڊوڙڻ تي سينٽ سرچارج جو وڌيڪ اضافو به ڪري
سگهون ٿا.“ ميريويدر چيو.
”فرض ڪريو ته جيڪڏهن ان سلسلي ۾ هو غلط بياني کان
ڪم وٺن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ٻئي ميمبر پنهنجيءَ
راءِ جو اظهار ڪيو.
”اِها ئي ته اُن جي خاص ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته جاگنگ
ڪرڻ وارن جو وڏو تعداد وڌائي بيان ڪرڻ وارن تي
مشتمل ٿئي ٿو. مون کي اڄ تائين هڪ به اهڙو ماڻهو
نه مليو آهي جنهن پنهنجي ڊُڪڻ جي فاصلي ٻڌائڻ مهل
مبالغي کان ڪم نه ورتو هجي. بلڪل اهڙيءَ طرح هر
جاگنگ ڪرڻ وارو پنهنجي ساڳئي شوق رکڻ واري کي
متاثر ڪرڻ لاءِ ٿوري وڌيڪ رقم ڏيڻ به خوشيءَ سان
قبول ڪندو.“ ميريويدر نهائيت ئي مضبوط لهجي ۾ چيو.
”هائو، اها ترڪيب ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي.“ هڪ
سپروائيزر چيو.
ميريويدر ميز تي تي مُڪ هڻندي چيو،”مفت ۾ ڊوڙڻ
وارن واقعي ٽئڪس کان بچڻ جو هڪ ڪامياب طريقو ڳولي
لڌو هو ۽ هاڻي اِهو اسان جو فرض آهي ته اُن کي ختم
ڪريون!“
”پر هاڻي اسان پنهنجي جاگنگ ڪرڻ وارن دوستن کي
ڪهڙو جواب ڏينداسون جيڪي اِها شڪايت ڪندا ته اسين
کانئن ورزش ڪرڻ جي لاءِ به ٽئڪس وصول ڪرڻ لڳا
آهيون!“ هڪ سينيئر سپروائيزر چيو.
”اُنهن کي اِهو ئي جواب ڏجانءِ، ته زندگي ايتري
سستي شيءِ ڪانه آهي، ۽ اُن کي برقرار رکڻ لاءِ
ڪجهه نه ڪجهه ته ڀرڻو ئي آهي.“
تبصرا
نماز ۾ هٿ مٿي کڻڻ
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪلهوڙا دور جو هڪ بلند
مرتبي وارو عالم، مفتي، محدث ۽ فقيهه ٿي گذريو
آهي. سندس دور ۾ ٺٽو علم ۽ عرفان جو وڏو مرڪز هو.
وڏن وڏن عالمن، محققن، فاضلن ۽ شاعرن جي اچ وڃ ۽
مسڪن جي ڪري، ٺٽي ۾ مختلف نون خيالن ۽ نظرين جي
بنياد تي علمي نڪتن، رمزن ۽ رازن تي سير حاصل بحث
ڪرڻ، هڪ عام مشغلي جي صورت اختيار ڪري چڪو هو.
اهوئي سبب آهي جو هن وقت اسان وٽ جيڪو ديني ادب جو
هڪ وڏو ذخيرو نظر اچي ٿو، سو هن دور جي عالمن ۽
فاضلن جو تصنيف ۽ تاليف ڪيل آهي. مشهور مستشرق
رچرڊ برٽن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ اِنهيءَ ڳالهه جي
تصديق ڪئي آهي. اهڙي علمي ماحول ۾ مختلف الخيال
نظرياتي ڪتابن جو تصنيف ۽ تاليف ٿيڻ فطري ڳالهه
آهي. ڪنهن شخص طرفان پڇيل سوال ته”نماز ۾ رفع
اليدين ڪجي يا نه؟“ تي مختصر جواب ڏيڻ بجاءِ، علمي
دليلن سان مسئلي کي تفصيل سان پيرائتو سمجهائڻ،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ئي شايان شان نظر اچي ٿو.
هيءُ ڪتاب”ڪشف الردين عن مسئله رفع اليدين.“
يعني نماز ۾ هٿ کڻڻ 1149هه ۾ ۾ مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي جو تصنيف ڪيل آهي. ڪتاب ٻن فصلن تي مشتمل
آهي: پهرين فصل ۾ ”رفع يدين“ جي موافقت ۾ ۽ ٻئي
فصل ۾ اُن جي مخالفت ۾ آيل حديثن ۽ آثارن کي بيان
ڪيو ويو آهي. اُن کان پوءِ مخدوم صاحب اُنهن ذّڪر
ڪيل حديثن کي روايت ۽ درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکي،
علمي لحاظ کان عالمانه بحث ڪيو آهي. محترم حافظ
عبدالرزاق مهراڻ سڪندري صاحب مخدوم صاحب جي هن
ڪتاب جو ترجمو ڪري سنڌي ديني ادب ۾ بلاشبه نمايان
اضافو ڪيو آهي. حافظ صاحب جو ترجمو سليس، سولو ۽
سُپڪ آهي. شروع ۾ پروفيسر نثار احمد جان سرهنديءَ
جي مهاڳ، علامه مفتي محمد جان نعيمي ۽ ڊاڪٽر
عبدالرسول قادري جي تقريظن ۽ مترجم طرفان مخدوم
صاحب جي سوانح حيات ڪتاب کي هيڪاري سهڻو بنايو
آهي.
حافظ سڪندري صاحب، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جهڙي
جليل القدر عالم جي انهيءَ مبارڪ تصنيف کي ترجمو
ڪري، پنهنجي علمي قابليت جو ثبوت سان گڏ هڪ اهم
ديني ضرورت جو پڻ پورائو ڪيو آهي. سهڻي سرورق سان،
عربي متن سان، سوا سئو صفحن تي ڦهليل هيءَ ڪتاب
مڪتبه حزب الاحناف جامع مسجد پوليس لائين سانگهڙ
شايع ڪيو آهي.
- ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو
نسب
نامه مهراڻ
تبصري هيٺ آيل ڪتاب جو مولف فقير حافظ سخي محمد
حبيب الله مهراڻ قادري آهي. هن ڪتاب ۾ سوڍا قبيلي
جي ”مهراڻ“ شاخ جي حسب نسب کي پيش ڪيو ويو آهي.
سوڍا قبيلي جي هڪ شاخ جڏهن اسلام قبول ڪيو، تڏهن
کان ”مهراڻ“ قبيلو وجود ۾ آيو، جيڪو پنهنجي خاندان
جي سربراهه”مهراڻ“ سن ئي موسوم آهي. عام طرح سان
اسان کي هيءَ ڄاڻ آهي ته ”مهراڻ“ سنڌو درياهه جو
آڳاٽو نالو آهي، پر هن مختصر ڪتاب جي اشاعت سان هي
واضح ٿيو ته سنڌ ۾ ”مهراڻ“ نالي سان هڪ ناميارو ۽
نيڪ،ديندار ۽ پرهيزگار علمي خاندان به موجود آهي.
هي مختصر ڪتابڙو لائق مولف حافظ سخي محمد حبيب
الله ”مهراڻ، وڏي محنت سان لکيو آهي. اڃا سڄو ڪتاب
پريس ۾ نه آيو آهي، حافظ صاحب في الحال اُن جي هڪ
تلخيص منظر عام تي آندي آهي. هن ڪتاب جا ڪل ٽي باب
آهن، جن ۾ ڪُل پنجونجاهه ننڍا وڏا عنوان آهن. باب
پهرين ۾ مهراڻ سوڍي جي مسلمان ٿيڻ جو احوال ڏنو
ويو آهي. راجپوتن جي سرطان نُک مان مهراڻ پٽ
جيتمال ۽ هن جي ڀيڻ ڄامان، سيد تاج الدين المعروف
شاهه طريل(794ع-786هه) جي اثر هيٺ مشرف به اسلام
ٿيا. سندن تعلق رتي ڪوٽ سان هو. ان حوالي سان
بهاءَ الدين ذڪريا ملتاني شاهه اسماعيل هيرل
واري(سامارو تعلقو) ۽ قلندر لعل شهباز، پير سائين
سيد محمد راشد روضي ڌڻي جو مريد ٿيو. ٽئين باب ۾
مهراڻن جو شجرو ڏنو ويو آهي. هن باب ۾ قبيلي سان
وابسته مختلف پاڙون، ڳوٺ ۽ مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. هن ڏس ۾ خاص ڪري ڳوٺ واوڙي، ڳوٺ تماچي واري ۽
ڳوٺ ڊوڙي جو ذڪر دلچسپ ڏسجي ٿو.
”نسب نامه مهراڻ، جي اشاعت سان هڪ طرف سنڌ جي هن
اهم قبيلي جي اڀياس ۾ مدد ملندي، ٻئي طرف مجموعي
طرح سان سنڌ جي قبيلن ۽ قومن کي مطالعي ۾ آڻڻ طرف
رغبت پيدا ٿيندي. هن ڪتاب جي اشاعت تي حافظ صاحب
بجا طور تي مبارڪباد جو مستحق آهي. ڪتاب تي ڊاڪٽر
بلوچ صاحب وٽان ”ٻه اکر“ لکرائي ڪتاب جي اهميت ۾
اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو سون تي سهاڳو آهي. ڪتاب
جي ڇپائي ۽ ڪاغذ جي معيار تي ڌيان ڏيڻ کپندو هو.
سڪندريه لائبريري واوڙي (ڇاڇرو) پاران ڇپيل هن
ڪتاب جي قيمت 50 رپيا مناسب آهي. ڊيمي سائز جي 95
صفحن تي مشتمل آهي.
ن.ا.ش
آشوبِ
سنده اور اردو فکشن
قومن جي عالمي اڀياس مان معلوم ٿئي ته سنڌو سڀيتا
پنهنجي مختلف جاگرافيائي، سماجي، تاريخي ۽ ثقافتي
ورقن تي پنهنجي عظمت جا چٽا نقش ڇڏيا آهن. رگ ويد
کان وٺي اقبال جي نغمه سرائيءَ تائين، شان ۽ شرف
وارو خطو هيءَ ئي رهيو آهي:
”مير عرب کو آئي ڻهنڊي هوا جهان سي،
ميرا وطن وهي هي، ميرا وطن وهي هي!“
سنڌ جي دُکن دردن کي ورهاڱي کان پوءِ اردو لکندڙ
اديبن ڪيئن جانچيو، پرکيو ۽ ٻاهران آيل لوڪن جي
ٻولي ۽ ڪلچر سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙيون ڏکيايون
پيدا ڪيون، اهو سربستو تفصيل سيد مظهر جميل جي
ڪتاب ”آشوب سنده اور اردو فڪشن“ ۾ نهايت اثرائتي
نموني ۾ ڏنل آهي.
”مهراڻ جو دُک“ جي سري سان ڇپيل هيءُ ڪتاب اُنهن
سڀني اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي سنڌ ڌرتيءَ سان
محبت ۽ خلوص کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي سنڌ جي تهذيب ۾
روحاني سڪون ۽ هلندڙ دور جي پڙاڏن کي ايندڙ دور جو
”سڏ“ ٿا سمجهن. مجموعي طور ڏٺو وڃي ته اڄ جي سنڌ
جا دُک ڌرتيءَ جي مڙني لوڪن جا گڏيل گهاوَ آهن.
زخمي هٿن سان سنڌي اديبن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي
لاءِ جيڪي جنگيون وڙهيون هيون، اُنهن ۾ ڪي اردو
ڳالهائيندڙ اديب به شامل آهن. اهڙن اهم نالم ۾ سيد
مظهر جميل سر فهرست آهي، جنهن جو ڪتاب ”آشوب سنده
اور اردو فکشن“ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت ٿو
رکي.
ڪتاب ۾ سنڌي قوميت جي تحريڪ، سنڌي ماڻهن ۾ احساس
محروميءَ ۽ جديد سنڌي ادب جي تحريڪن تي گهڻو لکيو
ويو آهي. جڏهن پڙهندڙ قيام پاڪستان کان اڳ واري
سنڌ جي حالت ۽ ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ جو ڪيس
وڙهندڙ عالمن ۽ اديبن ۾ مسلمان ۽ هندو ڪلهو ڪلهي
سان ملايو نظر ٿا اچن. جديد سنڌي فڪشن ۾ اڀرندڙ هڪ
چمڪندڙ ڪهڪشان وجود ۾ نظر ٿي اچي، تڏهن اسان کي
آسانند مامتوراءِ، امر لال هنڱوراڻي، مرزا نادر
بيگ، گوبند مالهي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز،
ڪرشن کٽواڻي، سڳن آهوجا، محمد عثمان ڏيپلائي، جمال
ابڙي، غلام رباني آگري، شيخ حفيظ، سراج الحق، اياز
قادري، ع.ق شيخ، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، قمر شهباز،
آغا سليم، نسيم کرل، امر جليل، علي بابا، طارق
اشرف، نور الهديٰ شاهه، خيرالنساءَ جعفري، شوڪت
حسين شوري ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا نالا تارن وانگر
چمڪندڙ نظر اچن ٿا.
هن ڪتاب ۾ نامور اردو اديبن مشتاق احمد يوسفي،
شوڪت صديقي، قرت العين حيدر، ڊاڪٽر احسن فاروقي،
ممتاز شيرين، محمد خالد اختر، حسن منظر، اسد محمد
خان، غلام عباس، سيد محمد انور، هاجره مسرور،
انتظار حسين، جو گندر پال، زاهده حنا، احمد هميش،
فهميده رياض ۽ شهناز شوري جا سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن
تي تحريرن جا عمدا نمونا بيان ڪيا ويا آهن.
”آشوب سنده اور اردو فکشن“ جو ليکڪ سيد مظهر جميل
پنهجي ڪميونٽي جي فردن کي هن ڪتاب وسيلي اهو نياپو
رسائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جا ڏُک
مستقبل ۾ اُردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا ڏک ٿي سگهن
ٿا. - ثناءُ الله ”عتيق“ چنجڻي.
عالمن جو آفتاب
هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ وڏو واڌارو آهي، پر ان جي
شروعاتي صفحن ۾ ڇپائيندڙ يعني ناشر جو نالو ته
لکيل آهي، پر ڇپيندڙ جو نالو ڏنل ڪونهي. نڪي وري
اهو ڄاڻايل آهي ته ڪهڙي شهر ۽ ڪهڙي ڪتب فروش وٽان
ملي سگهي ٿو؟
”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ جي سرپرست عثمان منگيءَ
پنهنجي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته ”هي ضخيم ڪتاب تاج
جويي ۽ نظير احمد (سائين قاسمي صاحب جي فرزند) جي
محنت جو ئي نتيجو آهي.“
رب پاڪ نظير احمد جهڙا لائق فرزند سائين قاسمي
صاحب وانگر شال ٻين عالمن ۽ اديبن کي به نصيب ڪري
۽ سنڌ کي محمد عثمان منگيءَ جهڙا علم دوست ۽ تاج
جويي جهڙا وطن دوست ججها نصيب ڪري، جيڪي پنهنجن
عالمن جي علم ۽ فضل جو قدر ڪن ۽ اهڙن ”سياهه ڪار-
قلم ڪارن“ لاءِ مثال قائم ڪن جن کي سنڌ جي عالمن
۽ اديبن خاص ڪري سنڌ دوست اديبن سان بغض آهي ۽
سندن بيحرمتي ڪري پنهنجو قد وڏو ڪرڻ جو ڏاڍو شوق
اٿن.
تاج جويي ۽ نظير قاسميءَ ڪتاب ۾ سائين قاسمي صاحب
جي شخصيت ۽ علمي خدمتن بابت نهايت ڪارائتو ۽ خاص
طرح هيءُ احوال شامل ڪيو آهي:
1- سائينءَ جي سوانح، تعليمي لياقت، علمي ۽
تدريسي تجربي، ادارن سان وابستگي، سائين جي تصنيفن
۽ سائينءَ تي لکيل مضمونن متعلق لکيل ۽ ڇپيل مودا،
غير ملڪي دورن جو ذڪر ۽ سندس رهبري هيٺ پي ايڇ ڊي
ڪندڙ شاگردن جي فهرست.
2- سائينءَ ڏي لکيل خط، سائينءَ جا اخباري
ايڊيٽوريل، مولانا سنڌيءَ سان سندس قربت، سائينءَ
جون ڳالهيون ۽ سائينءَ تي لکيل مختلف اديبن جا
مضمون.
3- ڪتاب ۾ اُردو جا ٻه ٽي مضمون به شامل آهن.
4- شروع ۾ انهن احبابن سان سائينءَ جي تصويرون ڏنل
آهن، جن سان سندس قربت رهي اهي: ڪي تصويرون خاص
خاص موقعن تي ورتل آهن. ڪي رنگين آهن ۽ ڪي بلئڪ
اينڊ وائيٽ.
گويا اعتماد سان ائين چئي سگهجي ٿو ته محمد عثمان
منگيءَ، تاج جويي ۽ نظير احمد قاسمي سچ پڇ ڏاڍو
سٺو ڪم ڪيو آهي. سائين قاسمي صاحب کي سندن زندگي ۾
خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اِهو ئي سهڻو طريقو هو.
هيءُ ڪتاب هڪ طرح اِنهيءَ حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو
ته سائين قاسمي صاحب جهڙي وڏي عالم جي پنهنجي
زندگي ۾ ڪنهن ڪنهن سان صحبت رهي ۽ هن پنهنجي اخلاق
سان سنڌي ذهن تي ڪهڙو اثر ڇڏيو.
سنڌ جي علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري ۽ اُٿي ويٺي جي هڪ
شاندار روايت آهي، جيڪا سنڌي ڪلچر جو روح آهي.
سائين قاسمي صاحب سان جنهن جو به واسطو پيو هوندو،
سو اِها ئي ڳالهه ڪندو ته وڏو لائق انسان ڏٺوسون.
ڪنهن جو به مَدو گهرڻ وارو ڪونه هو. هر ڪنهن سان
قرب ۽ لڳ لاڳاپو رکندو هو. کانئس علم ۽ اخلاق جون
ڳالهيون ٻڌيون سون. ڪڏهن سندس زبان تي گٿو لفظ
ڪونه آيو. کيس ڏسي لطيف سائينءَ جو شعر چپن تي
ايندو آهي:
حبيبن هٿان، ڪونه ڏکويو ڪڏهين!“
رفيق شيخ
اسٽنٽ رجسٽرار
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور، سنڌ
سنڌ جي تاريخ جي ٽن اردو ترجمن جي تقريب رونمائي
1-
فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه
2- تاريخ معصومي
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب شايع
ڪيا آهن، تن مان ”فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه“،
”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفت الڪرام“ کي هڪ خاص اهميت
حاصل آهي. اِهي ٽيئي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جا سڀ کان
آڳاٽا ۽ بنيادي ماخذ آهن. بلڪه، ائين به چون ٿا ته
”فتح نامو عرف چچ نامو“ ته هندستان ۽ پاڪستان جي
پهرين پهرين لکيل تاريخ آهي. غالباَ، اُن کان پوءِ
ٻئي نمبر تي ڪشمير جي تاريخ لکي ويئي هئي. بورڊ
سنڌ جي تاريخ تي جڏهن ڪم شروع ڪيو، تڏهن سڀ کان
اول اِنهن ٽنهي ڪتابن ۾ هٿ وڌائين. ٽيئي ڪتاب اول
عربي ۽ فارسي ۾ هئا. سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع
ڪيائين. پوءِ اردو ۾.
فتح نامو عرف چچ نامو، برهمڻ خاندان جي آخري راجا
ڏاهر جي شڪست ۽ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءِ هيٺ
اسلامي لشڪر جي فتح سنڌ جو تاريخي داستان آهي. اصل
عربيءَ ۾ لکيل هو. پوءِ فارسي ۾ ترجمو ٿيو. فارسي
مترجم، علي ڪوفيءَ جي هن سونهري ڪارنامي کي مخدوم
صاحب امير احمد(مرحوم) سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نظر ثاني ڪري،
ضروري تصحيح، اضافن، حاشين، تعليقات ۽ ٻيءَ مفيد
معلومات وسيلي، ٺاهي جوڙي راس ڪيو.
تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جي سنڌ جي
تاريخ آهي، جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جي فتح سنڌ تائين
حالات قلمبد ٿيل آهن. بورڊ اِهو ڪتاب پڻ مخدوم
امير احمد(مرحوم) کان ترجمو ڪرايو. اُن کي به
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڏي قابليت سان پنهنجي تحقيقي
نگرانيءَ ۾ راس ڪيو.
تحفت الڪرام ٺٽي جي مشهور عالم مير علي شير قانع
جي تصنيف آهي. منجهنس تاريخ جي آڳاٽن احوالن سان
گڏ ڪلهوڙن جي دور جي تائين واقعا پيش ڪيا ويا آهن.
اِهو ڪتاب پڻ مخدوم امير احمد(مرحوم) ترجمو ڪيو ۽
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق، تصحيح ۽ تعليقات سان
ڇپيو. ڪتاب ۾ قانع جي سوانح ۽ علمي خدمتن تي سيد
حسان الدين راشديءَ جو جامع مضمون سون تي سهاڳ مثل
آهي.
ٽئي ڪتاب گذريل ويهن پنجويهن سالن کان اڻلڀ هئا،
جي بورڊ تازو ئي وري شايع ڪيا آهن. ٽنهي ڪتابن جو
اردوءَ ۾ ترجمو محترم اختر رضويءَ ڪيو. هاڻي،
اِنهن ٽنهي بنيادي ڪتابن وسيلي، غير سنڌي حلقن کي
سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي. سو،
اُنهن جي دوباره اشاعت جو علمي حلقن ۾ گرمجوشيءَ
سان خير مقدم ڪيو ويو. ڪراچي جي انگريزي اخبار ڊان
جي 23 مارچ واري اشاعت ۾ محترمه ممتاز راشديءَ
ڪتابن تي جامع تبصرو ڪيو ۽ بورڊ کي اُنهن جي نئين
سر اشاعت تي مبارڪباد ڏني.
هن پس منظر ۾ 25 مارچ 2003ع (اڱاري) تي، هوٽل
آواري ٽاورس(ڪراچي) جي انڊس هال ۾، اِنهن ٽنهي
ڪتابن جي اردو ترجمن جي رونمائيءَ جي تقريب سنڌي
ادبي بورڊ ۽ سنڌي ڪتاب گهر ڪراچيءَ جي باهمي تعاون
۽ ايڪيڊمي آف ليٽرس ڪراچي جي ريزيڊنٽ ڊئريڪٽر آغا
نور محمد جي ڪوششن سان منعقد ٿي، جنهن جو مکيه
مهمان سنڌ جو گورنر، محترم ڊاڪٽر عشرت العباد صاحب
هو. ساڻس گڏ سنڌ جو وزير ثقافت، محترم شبير
قائمخاني، پڻ تقريب ۾ شريڪ ٿيو، تقريب ۾ سنڌي ۽
اردو زبان جا چونڊ هڪ سئو عالم، اديب ۽ شاعر سڏايل
هئا، ليڪن اڱاري ڏينهن، هڪ بجي منجهند جي گرميءَ
جي باوجود معزز مهمان جو تعداد ڏيڍ سئو کان به وڌي
ويو.
گورنر سنڌ ۽ وزير ثقافت جي هال ۾ تشريف آوريءَ تي
ميزبان طرفان اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ريزيڊنٽ
ڊئريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ ۽ بورڊ جي ٽماهي
”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر مسٽر نفيس احمد ناشاد کين
سنڌ جي ثقافتي روايت موجب اجرڪون پارايون.
تقريب جي ڪاروائي قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿي.
بورڊ جي چيئرمين، جناب غلام رباني آگري مرحبائي
تقرير ڪئي، جنهن کان پوءِ نامور دانشورن – محترمه
مهتاب اڪبر راشدي، سيڪريٽري اطلاعات، حڪومت سنڌ ۽
ڊاڪٽر پيرزاده قاسم، وائيس چانسيلر وفاقي اردو
يونيورسٽي – ٽنهي ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت تي جامع
تقريرون ڪيون ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي اِنهن ڪتابن جي
وقت جي تقاضا موجب نئين سر شايع ڪرڻ تي دلي
مبارڪباد ڏني.
محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي انهيءَ جو
سنڌ ۾ ته ڪو مثال ئي ڪونهي، جنهن جو کُليءَ دل سان
اعتراف ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر پيرزاده قاسم وائيس چانسيلر اردو
يونيورسٽيءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته غلام رباني
آگرو ادب ۾ هڪ وڏو نالو آهي. هُن مرحبائي تقرير ۾
سنڌي ادبي بورڊ جي مالي مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آهي،
پر حقيقت اها آهي ته ملڪ جا لڳ ڀڳ سمورا ادارا
ساڳيءَ صورتحال ۾ مبتلا آهن. ليڪن، مان پنهنجي
ڀاءُ کي يقين ڏياريان ٿو ته اردو يونيورسٽي سنڌي
ادبي بورڊ سان هميشه ۽ هر وقت علمي ساٿ ڏيندي. اها
ڪڏهن به بورڊ کي اڪيلائي جو احساس نه ڏيندي.
هُن چيو ته بورڊ نهايت شاندار ڪم ڪيو آهي. ٽي سئو
اعليٰ پايي جا معياري ڪتاب شايع ڪيا آهن. حقيقت
اِها آهي ته قومون تعليم جي اضافي وسيلي ئي ترقي
ڏانهن پير وڌائينديون آهن ۽ تعليم جو دارومدار
ڪتاب ۽ قلم تي آهي. اسان کي ڪتاب جو قدر ڪرڻ گهرجي
۽ ڪتاب لکندڙن ۽ شايع ڪندڙن جو احترام ڪرڻ گهرجي.
بورڊ جي چيئرمين جناب غلام رباني آگري، محترمه
مهتاب اڪبر راشدي ۽ ڊاڪٽر پيرزاده قاسم پنهنجي
تقريرن ۾ سنڌ صوبي ۾ سنڌي ۽ اردو دانشورن جي وچ ۾
ڀائيچاري ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ لاءِ زور ڏنو
۽ چيو ته سنڌ صوبي جا رهاڪو شهرن ۾ رهندڙ هجن يا
ڳوٺن ۾، سڀني سان هڪجهڙو انصاف وارو سلوڪ ٿيڻ
گهرجي. سندن تقريرن دوران تائيد ۽ تحسين طور
سامعين طرفان بار بار تاڙيون وڄنديون رهيون.
صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت، جناب شبير قائمخاني،
پنهنجي تقرير ۾ جناب غلام رباني آگري جي هن ڳالهه
کي ساراهيندي فرمايو ته”سنڌ صوبي ۾ رهندڙ سمورا
رهاڪو پاڻ ۾ ڀائر آهن. اسين ڀائپي، محبت، اخوت ۽
راوداريءَ جي اُصول جا قائل آهيون. هن چيو ته اسان
کي سڀني فنڪارن، خاص طور تي ٻهراڙيءَ ۽ ڏورانهن
علائقن ۾ وسندڙ اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي فلاح ۽
بهبود لاءِ قدم کڻڻو آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد
به صوفين وانگر امن ۽ محبت پکيڙڻ آهي. اسان ماضيءَ
۾ گهڻو ڀٽڪيا آهيون. ڪجهه ماڻهن ڪن جي غلط چوڻ تي
هليا، جن نقصان کاڌو. اسين سنڌ جي چپي چپي ۾ وڃي
محبتون ونڊينداسين. هن چيو ته مان پاڻ کي وزير نه،
پر سنڌ جو خادم تصور ڪندو آهيان. اسان صوبي جي
بگڙيل حالتن کي سڌارڻ جي جاکوڙ ڪري رهيا آهيون.
اسان جا دروازا هر عام ۽ خاص لاءِ کُليل آهن. اسان
سنڌ جي اديب ۽ شاعر کي مايوسي جو شڪار ٿيڻ نه
ڏينداسون، ڇو ته اُهي ئي اسان جا رهبر آهن.“
آخر ۾، تقريب جي مکيه مهمان، محترم ڊاڪٽر عشرت
العباد گورنر نهايت دلپذير تقرير ڪئي، جا دل کي
ڇهندڙ هئي. هن چيو ته اُهو اديب ۽ دانشور ئي آهي
جيڪو
Perception
کي تشڪيل ڏئي ٿو. سنڌ صوبي جو بنيادي مسئلو هي آهي
ته هتي شهر ي۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ تفريق آهي. اسان
کي اِنهي تفريق کي مٽائي سمورن رهاڪن کي حق ۽
انصاف جي روايتن کي فروغ ڏيڻو آهي. اسان هن مِشن
جي شروعات ڪئي آهي ۽ اُن تفريق جي خاتمي لاءِ عملي
قدم کڻي رهيا آهيون.
گورنر سنڌ فرمايو ته اديب ۽ دانشور هن ڏس ۾ اهم
ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. مون پنجاب جي دوري ۾ به
اها ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ جي ڌرتي، جيڪا صوفين جي
ڌرتي آهي، اتي امن آشتيءَ آهي. اسان محبتون
ورهائينداسين.
گورنر سنڌ چيو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ ماڻهو
وڏي مان جا حقدار آهن. اسان کي تاريخ مان سبق حاصل
ڪندي صوبائي ۽ قومي ايڪتا پيدا ڪرڻ گهرجي.
هن سنڌي ادبي بورڊ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته
سنڌ جي تاريخ کي ترجمن وسيلي اردو ۾ شايع ڪري بورڊ
هڪ قومي ضرورت کي پورو ڪيو آهي، جنهن سان قومي
يڪجهتي کي مدد ملي سگهندي.
هن چيو ته بورڊ جي چيئرمين آگري صاحب اداري جي
ملازمن جي پگهارن ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ گهربل
وسيلن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو بنيادي طرح سان
انتظامي مسئلا آهن. آءٌ کيس يقين ڏياريان ٿو ته
حڪومت اُنهن کي جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش وٺندي.
جناب غلام رباني آگري اُن موقعي تي گورنر سنڌ ۽
وزير ثقافت کي بورڊ طرفان حضرت مخدوم نوح رحه جي
فارسي ترجمي واري قرآن شريف جا نسخا تحفاَ هديو
ڪيا.
رونمائيءَ جي تقريب ۾ بورڊ جا معزز ميمبر محترمه
مهتاب اڪر راشدي، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر انور
فگار هڪڙو، ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي، محترم رسول بخش
شيخ ۽ محترمه عاليه سومرو شريڪ ٿيا، جن کان علاوه
تقريب ۾ شريڪ ٿيل معزز مهمان ۾ ، جيڪي اديب، شاعر
۽ دانشور موجود هئا، تن ۾ ڪي نالا هي آهن: محترم
ڊاڪٽر فرمان فتحپوري، محترمه ممتاز راشدي صاحبه،
محترمه ممتاز ڀٽو صاحبه، محترمه پروفيسر چاند بيبي
سلطانه، محترم شوڪت حسين شورو، محترم اياز راشدي،
محترم ڊاڪٽر ايس ايم معين قريشي، محترم امداد
اوڍو، محترم ڊاڪٽر امير احمد، محترم عبدالرشيد
ميمڻ، محترم عنايت بلوچ، محترم تاج جويو، محترم
نصير مرزا، محترم اڪبر لغاري، محترم انجنيئر شفيق
احمد مهيسر، محترم ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، محترم آفاق
صديقي، محترم محسن ڀوپالي، محترم پروفيسر غفار
شاد، محترم امير حمزه مينگل، محترمه نگهت بريلوي،
محترم ڪمال ڄامڙو، محترم آفتاب ابڙو، محترم راز
ناٿن شاهي، محترم محمد خان سيال، محترم ستار
پيرزادو، محترم رمضان نول، محترم کتري عصمت علي
پٽي، محترم رسول احمد ڪليمي، محترم ثاقب انجان،
محترم شبير ارمان، محترم اعجاز رحماني، محترم
خورشيد احمد، محترم پروفيسر غلام عباس منگي، محترم
ريحان مصطفيٰ، محترمه ڊاڪٽر طاهره نگهت نير،
محترمه ڊاڪٽر هُما مير، محترم امير احمد ابڙو،
محترم نصير سومرو، محترم بابر عطا، محترم ڪليم
چغتائي، محترم غالب عرفان، محترمه بلقيس سيما،
محترمه روبينه تحسين، محترمه گلنار آفرين، محترمه
ريحانه احساس، محترمه ياسين ياس، محترم عقيل احمد
وفا، محترم دين علي پيرزاده، محترم غفران احمد،
محترم پروفيسر خيال آفاقي، محترم طاهر آفريدي،
محترم رحمان بنيري، محترم محمد يوسف قريشي، محترم
نامدار خان بوزائي، محترم اسلم عباسي، محترم رکيل
مورائي، محترم الطاف آگرو، محترمه گلبدن مرزا،
محترمه نجمه پنهور، محترم فياض چنڊ ڪليري ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جا سينيئر عملدار ۽ ڪارڪن.
گورنر سنڌ پنهنجيءَ تقرير ۾، سنڌي ادبي بورڊ کي
قومي يڪجهتيءَ جي پروگرامن لاءِ ٽن لکن رپين جي
مالي مدد جو اعلان ڪيو ۽ خاطري ڏني ته بورڊ کي
مستحڪم ڪرڻ لاءِ اُن جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو.
”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”سنڌي ڪتاب گهر“ طرفان ڪن
نامور عالمن ۽ علم دوست صاحب: محترم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، محترم سيد سردار احمد، هوم منسٽر سنڌ،
محترم آفتاب احمد شيخ، مالي مشير وزيراعليٰ سنڌ،
محترم جميل الدين عالي، محترم قلي بخش رند، چيف
سيڪريٽري سنڌ ۽ محترم گل محمد عمراڻي ڊئريڪٽر جنرل
ثقافت سنڌ لاءِ انهيءَ موقعي تي ٽنهي ڪتابن جا سيٽ
تحفاَ اعلان ڪيا ويا.
تقريب جي انعقاد ۾ سنڌي ادبي بورڊ سان گڏ سنڌي
ڪتاب گهر ڪراچي جو شروع کان وٺي سهڪار شامل رهيو،
سندس ڀرپور شراڪت سان ئي تقريب جي ڪاميابي ممڪن ٿي
سگهي. هونئن به هن سنڌ جي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي
آهي سا سونهري لفظن ۾ لکڻ لائق آهي. ڪجهه عرصو اڳ
هن سورلي جي ڪتاب
SHAH ABDUL LATIF OF BHIT
، ليلارام وطڻ مل جو شاهه تي لکيل ڪتاب ۽ ٻيا
ڪيترائي اڻلڀ ڪتاب وري شايع ڪيا آهن. تقريب جي آخر
۾ سندس فرزند نديم مظهر مهمانن جي شڪرادائي ڪئي.
پروگرام کي محترمه ڊاڪٽر هُما مير پنهنجي مخصوص
دلڪش انداز سان ڪمپئير ڪيو ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي
مهمانن لاءِ مفرحات جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ به سنڌي
ڪتاب گهر ساڻس شريڪ ڪار هو.
سنڌي ۽ اردو اخبارن جا نمائندا، ٽيليوزن ۽ ريڊيو
جي عيوضين سان گڏ ڪثير تعداد ۾ هال ۾ موجود هئا،
جن ٻئي ڏينهن تي تقريب جي ڪارروائي جي نشرواشاعت
جو نهايت سهڻي نموني ۾ انتظام ڪيو. انگريزي، سنڌي
۽ اردو پريس تقريب جي ڪاروائيءَ کي اهميت سان
ڇاپيو. جنهن جا اقتباس هيٺ پيش ڪجن ٿا.
روزنامه ”ڪاوش“ حيدرآباد
شهر ۽ ٻهراڙي جي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻون پيا: گورنر سنڌ
الطاف حسين ٻهراڙي جي فنڪارن جي فلاح لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي: شبير
قائمخاني
گورنر پاران چچ نامو، تاريخ معصومي ۽ تحفت الڪرام جي اردو ترجمن جي مهورت
ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت
العباد چيو آهي ته سنڌ محبت، امن ۽ آشتي جي سرزمين
آهي، ۽ اُن ۾ وسندڙ محبت جا سفير آهن. هو ڪلهه سنڌ
جي تاريخ تي ٻڌل ٽن ناميارن ڪتابن چچ نامو، تاريخ
معصومي ۽ تحفت الڪرام جي اردو ترجمي جي مهورت واري
تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ٽئي ڪتاب سنڌي ڪتاب
گهر، سنڌي ادبي بورڊ جي سهڪار سان شايع ڪرايا آهن.
تقريب کي صوبائي وزير ثقافت شبير قائمخاني،
سڌسماءُ کاتي جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي
چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ غلام رباني آگري، وائيس
چانسلر فيڊرل اردو يونيورسٽي ڊاڪٽر پيرزاده قاسم
پڻ خطاب ڪيو. گورنر عشرت العباد چيو ته شهري ۽
ٻهراڙي جي فرق جي خاتمي جي وڏي ضرورت آهي. گورنر
چيو ته اسان اُن مشن جي شروعات ڪئي آهي ۽ اُن جي
خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ڊاڪٽر عشرت
العباد چيو ته اديب ۽ شاعر اِن ڏس ۾ اهم ڪردار ادا
ڪري سگهن ٿا. هن سنڌي ادبي بورڊ جي محنت کي
ساراهيو. گورنر سنڌي ادبي بورڊ لاءِ 3 لک رپيا
امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته لاڳاپيل کاتن کي
سنڌي ادبي بورڊ جي مسئلن ۽ ملازمن جي پگهارن جي
ادائيگي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي.
صوبائي وزير ثقافت شبير قائمخاني ٻڌايو ته متحده
قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين صوبي ۾ وسندڙ
سڀني فنڪارن خاص طور ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن ۾
وسندڙ اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ
قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان کان پهرين ڊاڪٽر
عشرت العباد ٽنهي ڪتابن جي مهورت ڪئي. بورڊ جي
چيئرمين غلام رباني آگري سنڌ جي گورنر ۽ صوبائي
وزير کي مخدوم نوح جي قرآن شريف جي فارسي ۾ ڪيل
ترجمي جا تاريخي نسخا به پيش ڪيا.
روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي
سنڌ جا اديب ۽ شاعر ٻهراڙي ۽ شهري فرق ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن:گورنر
سنڌ ۾ ٻهراڙي ۽ شهري مسئلو هاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي
سنڌ جي چپي چپي ۾ وڃي، محبتون ونڊينداسين: شبير قائمخاني ۽ ٻين جو خطاب
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ۽ سنڌي ڪتاب گهر ڪراچي
پاران شايع ڪرايل سنڌ جي تاريخ تي ٻڌل ٽن تارخي
ڪتابن چچ نامه، جنهن کي فتح نامه سنڌ چيو وڃي ٿو،
تاريخ معصومي ۽ تحفت الڪرام جي مهورت واري تقريب
کي خطاب ڪندي، سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان
چيو ته سنڌ جا شاعر، ليکڪ، اديب ۽ دانشور سنڌ جي
عوام ۾ پيدا ٿيل وٿي جيڪا شهري ۽ ٻهراڙي جي روپ ۾
آهي، کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو سٺو ڪردار ادا ڪري سگهن
ٿا. هن چيو سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جي فرق جو
مسئلوآهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي ختم ٿيندو پيو وڃي.
ثقافت واري صوبائي وزير شبير قائمخاني چيو آهي ته
اسان جو مقصد به صوفين واروآهي. اسان ماضي ۾ گهڻو
ڀٽڪيا آهيون. ڪجهه ماڻهو ڪن جي غلط چوڻ تي هليا،
جن نقصان کاڌو. هن چيو ته اسين سنڌ جي چپي چپي ۾
وڃي محبتون ونڊينداسون. سنڌ جي اطلاعات کاتي واري
سيڪريٽري محترم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته جن ڪتابن
جي اڄ مهورت ٿي رهي آهي، اصل ۾ اُهي سنڌ جي تاريخ
متعلق آهن. هن چيو ته چچ نامه اصل ۾ عربي زبان ۾
هو، جيڪو قاضي محمد اسماعيل بن علي لکيو، جيڪو
محمد بن قاسم سان گڏ آيو هو.
روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي
سنڌ جو دانشور طبقو ئي سماجي وڇوٽي ختم ڪري سگهي ٿو: ڊاڪٽر عشرت العباد
هن وقت قومي ۽ صوبائي ايڪتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي
هاڻ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ويڇا ختم ٿي رهيا آهن: شبير
قائمخاني
ڪراچي(فياض چنڊ ڪليري) اسين جنهن دور مان گذري
رهيا آهيون، اُن دور ۾ سنڌ جو دانشور ۽ ادبي طبقو
ئي اعليٰ تصور ۽ فڪري سگهه ڏيئي معاشري مان
وڇوٽيون ختم ڪري سگهي ٿو ۽ اسان کي تاريخ مان سبق
پرائي مستقبل جا رستا طئي ڪرڻا پوندا. اهڙو اظهار
سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچيءَ جي مقامي
هوٽل ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ڪتاب گهر طرفان
تاريخ جي ٽن ڪتابن چچ نامو، تاريخ معصومي ۽ تحفت
الڪرام جي مهورتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته سنڌ جا اديب سنڌ جي پراڻي مسئلي شهري ۽
ٻهراڙيءَ واري فرق کي ميٽڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪري
سگهن ٿا. ان فرق ڪارڻ ئي سنڌ ترقي ڪري نه سگهي
آهي. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ ماڻهو وڏي
مان جا حقدار آهن. اسان کي تاريخ مان سبق حاصل
ڪندي صوبائي ۽ قومي ايڪتا پيدا ڪرڻ گهرجي. ان
موقعي تي هن سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ 3 لک رپيا ڏيڻ
جو اعلان ڪيو ۽ اهو يقين ڏياريو ته هو ذاتي دلچسپي
وٺي سنڌي ادبي بورڊ کي بحران مان ڪڍرائيندو. تقريب
کي خطاب ڪندي سنڌ جي ثقافت ۽ نوجوانن جي مامرن
واري وزير شبير قائمخاني چيو ته اسان کان به ماضي
۾ ڪجهه غلطيون ٿيون، پر هاڻ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو
ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويڇا ختم ٿي رهيا آهن. هن چيو
ته اسان جو پيغام ۽ مقصد به اهو ساڳيو سنڌ جي
صوفين ۽ درويشن وارو ماڻهن ۾ محبت ۽ امن پکيڙڻ
آهي. هن چيو ته مان پاڻ کي وزير نه پر سنڌ جو خادم
تصور ڪندو آهيان. هن چيو ته اسين ملڪ جي بگڙيل
حالتن کي سڌارڻ جي جاکوڙ ڪري رهيا آهيون. اسان جا
دروازا هر عام ۽ خاص لاءِ کليل آهن. اسين سنڌ جي
اديب ۽ دانشور کي مايوسي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿيڻ نه
ڏينداسين، ڇو ته اُهي ئي اسان جا رهبر آهن. ان
موقعي تي ڳالهائيندي سڌسماءُ جي صوبائي سيڪريٽري
ناليواري دانشور ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته
تاريخ قومن جي بنياد هوندي آهي. قومون ماضيءَ جي
آڌار، مستقبل جي ديوار کڙي ڪنديون آهن. سڌريل
قومون تاريخ جي اونداهن پهلوئن مان سبق پرائيندي،
آئينده جي حڪمت عملي جوڙينديون آهن. هن چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ بحرانن جي باوجود علمي، ادبي ۽
تحقيقي ڪتاب ڏنا آهن ۽ هاڻ به اميدجو روشن ڪرڻو
نظر اچي رهيو آهي. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسيلر پيرزادي قاسم تقرير ڪندي چيو ته
اسان جو سماج غربت، جهالت ۽ پسماندگيءَ جي ڌٻڻ ۾
ڦاٿل آهي. صرف علم ئي اُنهن مسئلن جو حل آهي. اسان
کيڪتابن جي حرمت، عزت ۽ مان جو ادراڪ هئڻ گهرجي.
هن چيو ته، سنڌ عالمي سطح تي هڪ امير ثقافتي ادبي
خطو رهي آهي. اسان سڀني کي گڏجي ان جي تاريخ،
تهذيب، ادب ۽ شاعريءَ کي سهيڙڻو پوندو. ان موقعي
تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين غلام رباني آگري
آجياڻي تقرير ڪئي ۽ بورڊ جي مسئلن بابت آگاهي ڏني.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ ناليواري آرٽسٽ ڊاڪٽر هُما
مير ڪئي.
Daily “Dawn”, Karachi
Urdu Version of books on Sindh launched
Karachi,
March 25: Sindh Governor Dr Ishrat ul Ebad has
said that Sindh province is the land of peace
and harmony and its inhabitants are ambassadors
and protagonists of love.
He was speaking as Chief Guest at the launching ceremony of the Urdu
Translation of three popular books….. Chach Nama,
Taarikh-i-Masoomi and Tuhfatul Karam.. on the
history of Sindh here on Tuesday. The books have
been published by the Sindhi Kitab Ghar in
collaboration with the Sindhi Adabi Board.
The Governor Said: “Sindh is the
land of Sufis and saints from where the
fragrance of the message of love propagated by
Qalander Shahbaz, Sachal Sarmast and Shah Abdul
Latif Bhittai has been spreading for centuries.”
Today there is a great importance for national cohesion and harmony and
there is a great need for elimination for urban
and rural divide in the province,” he observed.
“We have started this mission and have started taking practical steps
for bridging this gap.”
Dr. Ebad stressed the importance of perception in this regard and said
writers and poets can play an important role in
keeping this perception in the right direction.
He hoped that they (Writers and poets) would use
the best of their abilities in this regard.
He praised the endeavors of the Sindhi Adabi Board for
fulfilling a longstanding need with the Urdu
translation of books on Sindh’s history. He said
this would speed up the progress towards
national unity. He announced a grant of 0.3
million for the Board.
The Minister for Culture Shabbir Qaimkhani said the Government was taking
steps for promoting the inter – provincial
harmony.
Board’s Chairman Ghulam Rabbani Agro presented copies of historic Persian
translation of the Holy Quran done by Makhdoom
Nooh of Hala(Sindh) to the Governor and the
Minister.
Secretary information, Mehtab Akber Rashdi praised the efforts of the
Sindhi Adabi Board for launching the books,
saying that it had provided the inhabitants of
Sindh with knowledge about their centuries old
civilization, traditions and culture.
Chairman Sndhi Adabi Board Ghulam Rabbani Agro
and Vice Chancelor of the Federal Urdu
University Dr. Pirzada Qasmim also spoke. APP /PPI |