غلام رباني آگرو
سير ۽ سفر چين
ولايت جو
دنيا ۾ ٿورڙن ملڪن جي تاريخ ائين تابناڪ آهي جيئن
چين جي. هزارن ورهين کان وٺي چين هڪ طاقتور ملڪ
رهيو آهي. چيئرمن مائوءَ تڏهن ته مغربي ملڪن کي
چتاءُ ڏنو هو ته: ”ٽينءَ مهاڀاري لڙائيءَ جو اسان
کي دڙڪو نه ڏيو، چين اُنهيءَ مان به لنگهي وڃي پار
پوندو، پر، توهان چَٽ ٿي ويندوء!”
قديم انساني تهذيب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ” جڏهن
دنيا جا اڪثر ملڪ اڃا اونداهيءَ ۾ هئا، تڏهن جن
هنڌن تي روشنيءَ جا چراغَ اول اول روشن ٿيا، تن ۾
واديءِ سنڌ، بابل ۽ نينوا وارو علائقو، دجلي ۽
فرات ندين واري ماٿري، چين ۽ مصر ملڪ نمايان آهن.
پر، مڙني ۾ اهم آهي چين، سو، انڪري جو اڄ به اُن
جو شان شوڪت ۽ دٻدٻو ائين ئي آهي جيئن اڳي هو.“
هو ائين به چون ٿا ته انسان ذات، درحقيقت، جيڪا
گهڻي ۾ گهڻي ترقي ڪئي آهي سا قلم ۽ ڪاغذ جي وسيلي
۽ ڪاغذ سڀ کان اول چين ايجاد ڪيو هو.
ساڳئيءَ ريت، اِها حقيقت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ فتح
۽ شڪست جو دارومدار جنگ جي ميدان ۾ شمشيرزنيءَ تي
هوندو هو، پر، چين بارود ايجاد ڪيو، ته ترار جي
اهميت گهٽجي ويئي.
هاڻي، ويهينءَ صديءَ ۾ دنيا ۾ ايڏي ته ترقي ٿي
آهي، جو ماڻهو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا پَرَ پائي،
ڌرتيءَ تان اُڏاڻو،ته وڃي چنڊ تي لٿو!، پر، جڏهن
موٽي آيو، تڏهن ٻڌايائين ته”چنڊ تان ڌرتيءَ تي
نگاهه ڪرڻ سان انسان ذات جو فقط هڪڙو ئي عظيم
ڪارنامو نظر اچي ٿو ... ديوارِ چين.“
مٿين مڙني ڳالهين جو مطلب وڃي اِهو ٿيو، ته چين
هزارن ورهين کان وٺي علم، هنر ۽ ڪاريگريءَ جو
سرچشمو آهي. سو، حضور پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه
وآله وسلم (جن جا هاڻي هڪ ارب کان به وڌيڪ پوئلڳ
مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا) جو ارشاد آهي ته”علم حاصل
ڪريو، پوءِ کڻي اوهان کي چين ۾ ملي.“
هن پس منظر ۾، جنهن شخص کي مفت ۾ چين مُلڪ گهمڻ جو
موقعو ملي، سو خوشنصيب چئبو!
***
چيٽ جي مُند هئي. هڪ ڏينهن صبح جو ، دستور موجب،
سنڌي ادبي بورڊ ۾ پنهنجيءَ آفيس ۾ گهڙيس، ته
ٽيليفون جي گهنٽي وڄي رهي هئي. رسيور کنيم، ته
مسيح الدين صديقي صاحب جو آواز ٻُڌم. هو سنڏ مسلم
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي اي جي پوئين سال ۾ ”انگريزي
ادبيات“ ۾ منهنجو پروفيسرهو. بعد ۾ ”پاڪستان
اڪيڊمي آف ليٽرس“ ٺهي، ته اُن جو ڊئريڪٽر جنرل
مقرر ٿي اسلام آباد هليو ويو. پر، سرڪاري ڪم سان
ڪراچيءَ ايندو هو، ته حيدرآباد مون سان ملڻ ايندو
هو.
فون تي خوش خير و عافيت ڪري چيائين ته:” اوهان کي
چين گهمايون؟“
مون چيو ته،”مهرباني.“
چيائين ته”پندرهن ڏينهن جي ”غير ملڪي سفر“ جي
تياري ڪري، هيڏي هليا اچو. اوهان کي اسلام آباد
لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي رهياآهيون.“
***
مان اسلام آباد پهتس. ايئرپورٽ تي، ايڪيڊميءَ جو
ايڊمن آفيسر مسٽر فريد احمد اڳيئي استقبال لاءِ
موجود هو. ڪار ۾ ويهاري آڻي هڪ سٺيءَ هوٽل ۾
ٽڪايائين، جنهن جو نالو تڏهن ”اسلام آباد هوٽل“
هو. هاڻي، ”هاليڊي – اِن “ آهي.
شام جو مسيح الدين الدين صديقي صاحب ملڻ آيو ۽
ٻڌايائين ته” چين جي دوري ۾ اوهان جا ٻه رفيق ٻيا
به آهن: هڪ سليم احمد، جيڪو ڪراچيءَ جو مشهور اردو
اديب آهي ۽ ٻيو مرزا اديب، جيڪو لاهور ۾ رهندو آهي
۽ اوهان جي وَفَد جو اڳواڻ آهي.
سليم احمد جو نالو ته مشهور هو، پر ساڻس ميل
ملاقات ڪانه ٿي هئي. ٻئي ساٿيءَ مرزا اديب متعلق
مسيح الدين صديقي صاحب اهو به ٻڌايو ته ،”پنجاب جو
سينيئر افسانه نويس آهي“ پر تمام سادو شخص آهي.“
مسٽر سليم احمد ۽ مرزا اديب به اسلام آباد هوٽل ۾
ئي ٽڪيل هئا. سو پاڻ ۾ ملياسين، ته خوشي ٿي. پر،
مسٽر سليم احمد عليل هو. سو، افسوس ٿيو ته چين جي
سَفَرَ جي سگهه ساري ڪونه سگهيو. ٻئي ڏينهن ئي
واپس ڪراچي موٽي ويو. باقي بچيو منهنجو هڪڙو ساٿي
محترم مرزا اديب. عمر ۾ ته مون کان ڏهاڪو سال وڏو
هو، پر، مسيح الدين صديقي صاحب ڳالهه گهڻي گهٽائي
ڪئي هئي. مزرا صاحب ”سادو“ ڪونه هو:”تمام ڏاڍو
سادو“ هو. چين جي سفر ۾ سندس ”سادگي“ بعضي بعضي
مسئلا پيدا ڪري وجهندي هئي. لاچار، مون کي ڳنڍ
ٽوپو ڪري، مڙئي ڳالهه ٺاهڻي پوندي هئي. مرزا صاحب
هوٽل ۾ اچي کِلي چوندو هو ته” يارَ، تون ڏاڍو
چالاڪ آهين!“
مان کانئس پڇندو هئس ته،”مرزا صاحب، اِهو وري
ڪيئن؟“
تڏهن جواب ڏيندو هو ته“”مان اڳي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾
ڪونه ويو آهيان، سو غلطيون ڪري وجهان ٿو. تون
ايران گهمي آيو آهين، سو چالاڪ آهين.“ اِهو ٻڌي
ٻڌي نيٺ ڪڪ ٿيس. هڪ ڏينهن کيس ٽي اکرن ۾ چئي ڏنم
ته،”يار، مرزا صاحب، اصل ڳالهه اِها آهي ته، تون
پنهنجيءَ سادگيءَ کي مهنجي چالاڪي ٿو سمجهين.“
مرزا صاحب جي سادگيءَ کي سمجهڻ لاءِ هت هڪ مثال
ڏيڻ مناسب ٿيندو؛ هڪ ڏينهن چين جي ڪنهن شهر ۾ ”گفٽ
شاپ“ تان خريداري ڪئيسون. مون مرزا صاحب کي مشورو
ڏنو ته،”سنهيون ٿلهيون شيون وٺڻ بدران سوٽ ڪيس وٺ.
چيني سوٽ ڪيس سستا به آهن ۽ سٺا به. تنهنجو ”سوٽ
ڪيس“ پراڻو ٿي ويو آهي.“ مرزا صاحب گفٽ شاپ تان
ٻيو سڀڪجهه ورتو، ٻارن جا رانديڪا به ورتائين، پر،
سوٽ ڪيس نه وٺي، نه ورتائين. هوٽل پهتو، ته سڄو
سامان پراڻي سوٽ ڪيس ۾ ڀريندو رهيو.
جڏهن اسان اُنهيءَ شهر جو دورو پورو ڪري، ٻئي شهر
ڏي وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ تي پهتاسون، ته هوائي جهاز
جي اچڻ کان اڳ، لوڊر اسان جو سامان کڻي، بڪ ڪرائڻ
ويو.مرزا صاحب جي بيگ ۾ هٿ وجهي، ٻه ٽي وکون مس
کنيائين،”ته فقط مُٺيو(هينڊل) هٿ ۾ رهجي ويس.
پراڻي سوٽ ڪيس پَٽ تي وڃي ڦهڪو ڪيو!
سوٽ ڪيس، جو زور- مس سان بند ٿيل هو، سو، ڪِرڻ سان
ڦاٽي پيو. مرزا صاحب جا ڌوتل ۽ ميرا ڪپڙا لٽا،
ٽوال، صابڻ، شيو جو سامان، ڊگهيءَ زنجيرَ ۾ ٻڌل
چانديءَ مان ٺهيل ڏندَ کوٽڻي، عاج مان ٺهيل وارن
جي ڦڻي ۽ لاهور مان آندل خالصُ روغنِ بادام جي
پلاسٽڪ واري بوتلَ جنهن مٿان ڪاغذَ تي حڪيم نابينا
جو سرٽيفڪيٽ ڇاپيل هو ۽ ٻيو الائي ته ڇا ڇا، ويندي
چين ۾ خريد ڪيل ٻارن جا رانديڪا،سڀ پَٽ تي هيڏي
هوڏي ٽڙي پکڙي ويا. ..... مرزا صاحب ڏاڍو ششدر
ٿيو!
هاڻي، ايئرپورٽ تي ٻيو سوٽ ڪيس اچي ته ڪٿان اچي؟
لاچار، لوڊر سڀ سامان گڏ ڪيو، ساڳئي سوٽ ڪيس ۾
وجهي، اول سوٽ ڪيس چادر ۾ ٻڌو ۽ پوءِ اُن کي رسيءَ
سان وري قابو ڪري ٻَڌو.اُن کان پوءِ وڃي بڪ ڪرائي
آيو...... جڏهن اسان هوائي جهاز ۾ سوار ٿياسين، ته
مرزا صاحب ٿڌو ساهه ڀري منهنجي ڪن ۾ ڀُڻڪو
ڪيو:”يار، تون ڏاڍو چالاڪ آهين!“
چين ويندڙ هوائي جهاز صبح جو سوير، اسان کي کڻي
اسلام آباد ايئرپورٽ تان اُڏاڻو هو، مرزا صاحب ۽
مون کي هڪٻئي جي پٺيان پر، درين جي ڀرسان سيٽون
مليون هيون. درين مان ٻاهر جو نظارو نظر پئي آيو.
ڪلاڪ کن سفر ائين ئي گذريو هوندو. مان سمورو عرصو
پنهنجا تاثرات لکندو رهيس. پر، اوچتو اهڙو عجب
نظارو آيو، جو مون کان قلم هٿ مان ڇڏائجي ويو.
هاڻي، چين جي اُنهيءَ سفر کي ويهه ٻاويهه سال گذري
ويا آهن، پر،اڄ به ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريان ٿو ته
ائين ڀانيان ٿو ته چين جو سفر هڪ طرف ۽ اُهو ”سحر
انگيز نظارو“ ٻئي طرف!
جڏهن جهاز قراقرم ۽ هماليه جبل جي مٿان اُڏامي ٿو
ته زمين تي ڪو وڻ ٽڻ ۽ جانور ته ڇا، آسمان ۾ ڪو
پکي پَکڻ ئي نظر ڪونه ايندو. فقط هڪڙو ئي منظر نظر
ايندو: جاڏي نهار تاڏي ڪوهن جا ڪوهه کيَر جهڙو
سفيد برف جي چادروڇائي پيئي آهي. ان جو ماحول تي
اهڙو ڪو اثر ٿيو جو ڄڻ ته جهاز جو آواز به ڄمي برف
ٿي ويو!
ڪنهن ڪنهن مهل ائين ٿي لڳو ته هوائي جهاز ڄاڻ ڪنهن
وڏي سفيد پهاڙ سان وڃي ٽڪرائبو شايد، اُهي هماليه
جبل جون ڪي ايڏيون ته اوچيون چوٽيون هونديون، جي
پري کان به ويجهيون ٿي لڳيون،
اسان کي اِهو برفاني علائقو پار ڪرڻ ۾ ڪلاڪ کن ته
واهه جو لڳو هوندو. پوءِ مس مس وڃي زمين نظر آئي ۽
ڪئپٽن جو اعلان ٻڌڻ ۾ آيو ته، ”هاڻي اسين چين جي
آسمان ۾ سفر ڪري رهيا آهيون.“
مون جهاز جي دريءَ مان مٿي نهاريو، پر، ڏٺم ته
آسمان مڙئي آسمان آهي: سنڌجو هجي ته ڇا جي هند جو
هجي ته ڇا، چين جو هجي ته ڇا، ماچين جو هجي ته ڇا!
مان پنهنجن ئي خيالن ۾ هئس ته هڪ شيرين آواز ڪَنَ
تي پيم: ”ڪافي يا چاءِ؟“
دريءَ تان نظرون هٽائي ڏٺم ته پي آءِ اي جي
ايئرهوسٽيس، هٿن ۾ ٽري کنيو بيٺي هئي. چيائين ته
”اوهان پهريائين لکڻ ۾ مصروف هئا. وري آيس، ته
اوهان پنهنجن خيالن ۾ گم هئا”... معاف ڪجو، جو مون
اوهان کي ڊسٽرب ڪيو.“
مون کيس ٿينڪس چئي، ڪافيءَ جو ڪم ورتو. هن چيو ته
.گرم آهي يا ٻي کڻي اچان؟“
مون دوباره سندس شڪريو ادا ڪيو. هوءَ اڳڀري هلي
ويئي. گهڙي کن کان پوءِ پٺيان واري سيٽ تان مرزا
صاحب جو آهستي آواز ٻڌڻ ۾ آيو؛
تيري هونٽون ڪي طرح گرم بهي هي اور شيرين بهي
پيئچنگ ايئرپورٽ وڏو ويڪرو آهي. جهاز هيٺ لٿو، پر
مسافرن جي لهڻ لاءِ ڏاڪڻ لڳي ئي ڪانه. جهاز آهستي
آهستي رڙهندو رڙهندو اچي هڪ لوهي دروازي سان جڪڙجي
بيٺو. دروازي مان نڪتاسين، ته هڪ سرنگهه نما لوهي
گهٽيءَ ۾ گهڙياسين، جنهن مان لنگهي، ايئرپورٽ جي
عمارت ۾ داخل ٿياسين.(تڏهن اسان لاءِ اِهو اچرج
جهڙو منظر هو. پر، هاڻي ڪراچيءَ جي نئين ايئرپورٽ
تان جهاز ۾ ساڳيئ نموني لهڻ چڙهڻ سان پَئيچنگ
ايئرپورٽ ياد ايندو آهي.)
ٻاهر نڪتاسين ته پنجاهه ورهين جي پيٽي ۾، هڪ شخص،
ٽيهن پنجٽيهن ورهين جي هڪ نوجوان سان گڏ، اسان جي
استقبال لاءِ بيٺو هو. هڪٻئي سان تعارف ڪرايوسون
ته خبر پيئي، ته مسٽر کهه لان چين ۾ اسان جو
سرڪاري طور ميزبان آهي ۽ نوجوان اسان جو مترجم
آهي. سندس نالو مسٽر چُو آهي.
مسٽر کهه لان ”سرڪاري..غير ملڪي وفدن“ جي
ميزبانيءَ سان گڏ”سرخ پرچم“ رسالي جي ايڊيٽر جا
فرائض پڻ سر انجام ڏيندو هو. مسٽر چُو فقط مترجم
هو. اسان کي سندس رفاقت ۾ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي پتو
پئجي ويو، ته هڪڙو تجربيڪار ۽ وڏو انسان شناس آهي
۽ ٻيو سراسر رنگروٽ. مسٽر چُو هروڀرو ڪو نازڪ نفيس
ڇوڪرو به ڪونه هو، ليڪن، خبر ناهي ته ڇو زالن وارو
مزاج هئس. هڪ ته زالن وانگر، وارن جي چوٽي
رکانئيدو هو. ٻيو ته ٻانهن ۾ چانديءَ جي چوڙي پاتل
هئس. چوندو هو ته “اهو هانگ ڪانگ جو فئشن آهي.“
اُتي ڪي ٻه ٽي ڏينهن ڀاڻس وٽ ٽِڪي آيو هو. سو،
سموري سفر ۾، مهل موقعي ملڻ تي، اِها ڳالهه اسان
جي ڪَنَ تي وري وري وجهندو هو ته ”مون کي جيڪا
پينٽ پاتل آهي، سا هانگ ڪانگ جي ٺهيل آهي.“ اها
پينٽ اهڙي نموني سبيل هئي جهڙيون يورپ ۽ آمريڪا ۾
منڊمون پائينديون آهن.
پنهنجي ملڪ جي هر ڳالهه کان ڏاڍي بڇان هئس. وس
پڄيس ها ته جيڪر هوائي جهاز ۾ چڙهي، پاڻ به ڀاءُ
وٽ هانگ ڪانگ هليو وڃي ها. ڪنڌ ورائي پوئتي نهاري
به ڪونه ها.
سندس مقابلي ۾ مسٽر کهه لان جي
ڪهڙي ڳالهه ڪجي! مون کي سندس عظمت بيان ڪرڻ لاءِ
ڪا تشبيهه ئي ڪانه ٿي سُجهي.... اسان کي ديوار چين
گهمائڻ وٺي ويا. اُتي مون مسٽر کهه لان کي ديوار
چين جي اڳيان بيهاري پنهنجي ڪئميرا سان سندس تصوير
ورتي. جڏهن تصويرون ڌوپي آيون، ته کهه لان واري
تصوير ڏسڻ سان ائين ڀانيم ته:”ديوارِ چين واقعي
عظيم آهي، کهه لان جي شخصيت اُن کان به عظيم آهي.“
کهه لان چيني انقلاب ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو. هڪ
دفعي مون کيس انقلاب جو ڪو واقعو ٻڌائڻ لاءِ چيو.
چيائين ته. انقلاب ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. هڪ ڀيري
ڪنهن وڏي ٻيٽ کي پار ڪري رهيا هئاسون دشمن اسان جي
ڪَڍَ هئا. نظر پوڻ سان گوليون هڻن ها. ساههُ هر
ڪنهن کي مِٺو آهي، سو ساهي پٽڻ کان سواءِ سفر جاري
رکيوسون. تان جو انُ پاڻي کپي ويو، پر پوءِ به
ڪماندر جي حڪم تي لاڳيتو ٻارهن ڪلاڪ، اُڃ بک تي
پنڌ ڪيوسون. ساڻا ٿي پياسون. مس مس ڪمانڊر جي وات
مان ”هالٽ“ لفظ نڪتو. ٻڌڻ شرط، اسين جيئن هئاسون،
تيئن مٿان ٿي ڪرياسين. اُتي جو اُتي ننڊ کڻي ويئي.
صبح جو سج مٿي چڙهي آيو، جو آهستي آهستي لنڱ چوري،
اُٻاسيون ڏيئي، اٿي ويٺاسون، پر نه انُ نه پاڻي!
ڏهاڪو منٽ گذري، ته ڪمانڊر جو آرڊر آيو: ”قطار
ٺاهي بيهو“ هڪڙي سپاهيءَ کي ڪهلي تي بندوق هئي،
ٻئي سپاهيءَ جي هٿ ۾ بالٽي ۽ لوهي گلاس هو. هن
اُهو گلاس بالٽيءَ مان ڀري قطار ۾ پهرئين سپاهيءَ
کي پيئڻ لاءِ ڏنو، جنهن ڏاڍي خوشيءَ سان ورتو. پر،
جيئن ئي گلاس مُنهن جي ويجهو ڪيائين ته سخت نفرت
سان بالٽيءَ واري سپاهي کي موٽائي ڏنائين.
اهو ڏسي ڪمانڊر بندوق واري سپاهي کي اشارو ڏنو. هن
هڪدم قطار ۾ بيٺل پهرين سپاهيءَ ڏي بندوق جي نالي
سڌي ڪئي. هن مجبور ٿي گلاس ورتو ۽ اکيون ٻُوٽي پي
ويو. پوءِ ٻئي ۽ پوءِ ٽئين پيتو، جڏهن منهنجو وارو
آيو، ته مون به اکيون ٻوٽي گلاس پي ڇڏيو.
مون چيو: ته: کهه لان گلاس ۾ ڇا هو؟
کهه لان جو ڪنڌ جهڪي ويو. ڄڻ ته ڪيئي سال پوئتي
موٽي ويو. جڏهن اکيون کوليائين ته سندس چهري تي
سخت ذهني پيڙا هئي. آهستي چياين ته: ”بالٽيءَ ۾
گهوڙن جو پيشاب هو، جو ڪمانڊر سڄي رات گڏ ڪرايو
هو.... اسان ٽن ڏينهن کان اُڃيا هئاسين.“
مون کي انقلاب جو ٻيو واقعو ٻُڌڻ جي همت ڪانه ٿي!
مسٽر کهه لان ۽ مسٽر چُو اسان کي ڪار ۾ ويهاري،
پَئيچنگ ايئرپورٽ تان شهر ۾ وٺي آيا. موٽرون هڪ
هوٽل وٽ هلي بيٺيون. جنهن جو انگريزي ۾ نالو هو:PEACE HOTEL
(امن هوٽل). بئنڊونگ ڪانفرنس جي موقعي تي ايشيا جا
ڪي وڏا ليڊر منجهس ٽڪيا هئا. چڱي هوٽل هئي. مون
واري ڪمري ۾ پٽ تي غاليچو وڇايل هو. درين تي ريشمي
پردا ڏنل هئا. ٻه بيڊ هئا. هڪ رفريجريٽر هو. رنگين
ٽي وي هئي. پر، مرزا اديب جو ڪمرو وڌيڪ سٺو هو....
هو وَفَدَ جو ليڊر هو.
چين ۾ ليڊر جي وڏي اهميت آهي. چئن پنجن سالن کان
پوءِ، مان سرڪاري حڪم تي، پاڪستاني اديبن جو وفد
وٺي، ليڊر جي حيثيت ۾،ٻيو ڀيرو چين ويس ته
سنڪيانگ(چيني ترڪستان) جي گاديءَ ”ارومچي“ ۾، اسان
کي هڪ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايائون. اسان جي وفد
جي سمورن ساٿين کي ته تمام سٺا ڪمرا ڏنائون، پر
مون کي ليڊر جي حيثيت ۾ هڪ عاليشان سوٽ ڏنائون،
جنهن ۾ ٽي ڪمرا هئا: هڪ بيڊ روم، هڪ ڊائنگ روم ۽
ڊرائنگ روم. پاڻ ئي ٻڌايائون ته اسان ساڳئي سوٽ ۾
روس جي وزيراعظم بُلگانِنِ کي ٽڪايون هو.
پيس هوٽل ۾ ٽي وي، سيٽ تي سمورا پروگرام چيني زبان
۾ ايندا هئا، جيڪي اسان جي سمجهه کان زور هئا،
گانا به سڀ چيني زبان ۾ هوندا هئا، ۽ ائين لڳندوهو
ته سڀني جو سُرُ ۽ تارَ، ساڳيئي نموني تي آهي.
گلوڪار اڪثر زالون هونديون هيون. پر، ڄڻ ته رڳو
مِيڪاٽَ ڪنديون رهنديون هيون، ٻيو ته ٽي وي تي
اهڙو ته بڇڙو ميڪ اپ ڪري اينديون هيون، جو کين ڏسڻ
سان ڪِرڀ ايندي هئي. آخر ڪار، مون ته ٽي وي ئي بند
ڪري ڇڏي.
هڪ ڏينهن پردو هٽائي، دري کوليم ته ٻاهر جي نظاري
کان لطف اندور ٿيان. پر، پري پري تائين رڳو جاين
جون ڇتيون هيون، جيڪي اسان وٽ مروج ڳاڙهسري رنگ جي
بئنگلور ٽائيلس وانگر چمڪي رهيون هيون. اسان جي
هوٽل ۽ سامهون واري جاءِ جي وچ ۾ هڪ گهٽي هئي، جا
سراسر سُڃي هئي. ڪو هڪڙو ٻه سائيڪل سوار لنگهندا
هئا. ”نه ته گُهرُ خيرُ“ پيس هوٽل اسم با مسميٰ
امن هوٽل هئي! هن صورتحال ۾، اسان جي وندر ورنهن
جو سڄو دارومدار چيني ميزبانن جي رٿيل پروگرام تي
وڃي بيٺو.
هو پهرين ڏينهن، اسان کي پَئيچنگ جي جامع مسجد
ڏيکارڻ وٺي ويا. مسجد شريف جي عمارت ننڍي ۽ چيني
طرز جي هئي. گنبذ ڪونه هئس، محراب ڪاٺ مان ٺهيل
هئس. سڄيءَ عمارت ۾ سيمنٽ ۽ سرن کان وڌيڪ ڪاٺ
استعمال ٿيل هو. اسان جو استبقال مسجد جي پيش امام
محمد صالح ڪيو. سبز چاءِ پياريائين ۽ خوشخبري
ڏنائين ته” چين ۾ مذهب جي مڪمل آزادي آهي.“ اِهو
به ٻڌايائين ته،”مسجد شريف ۾ وڇايل هيءُ غاليچو
پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءُ الحق جو تحفو
آهي.“ (اُن کان اڳي مسجد جي فرش تي ڇا وڇايل هو،
سو، ڪونه ٻڌايائين) اسان کي قرآن ڪريم جا ڇپيل
چيني ترجما تحفي طور ڏنائين. قرآن ڪريم جا ڪي
تاريخي قلمي نسخا به ڏيکاريائين، جن لاءِ سندس چوڻ
هو ته ست سئو سال قديم آهن. انهن تاريخي نسخن جي
قدر قيمت جو اندازو لڳائڻ لاءِ ته ڪنهن ماهر جي
ضرورت هئي. پر، هڪ ڳالهه پڌري پيئي هئي ته انهن
قلمي نسخن جي عربي عبارت ٿلهن ڪارن اکرن ۾ لکيل
هئي ۽ هيٺان معنيٰ سنهن ڳاڙهن اکرن ۾ هئي.
جڏهن موٽي هوٽل آياسين، ته مرزا صاحب چيو ته،”تون
سمجين ٿو، ته اِهي قلمي نسخا ست سئو سال قديم
آهن؟“
مون چيو ته،”مرزا، ڪيئن چئجي؟“
مرزا چيو ته:”آخر تو به ته ڪجهه سوچيو هوندو؟“
مون چيو ته:”مرزا صاحب، مان ڪجهه به چئي نٿو
سگهان. البت، اِهي تاريخي نسخا ڏسي،مون کي ياد آيو
آهي ته سنڌي ادبي بورڊ مخدوم نوح رحمت الله عليه
جو قرآن مجيد جو فارسي ترجمو ڇاپيو آهي، جو
هندستان پاڪستان جو غالباَ اولين فارسي ترجمو آهي.
انهيءَ جو اصل نسخو به ڪاري مَس سان ٿلهن اکرن ۾
لکيل آهي ۽ هيٺان معنيٰ سنهي ڳاڙهن اکرن ۾ ڏنل
اٿس. ساڳيءَ طرح، ڀٽ شاهه ۾ قرآن مجيد جو هڪ نسخو
رکيل آهي، جنهن لاءِ چون ٿا ته ساڳيو اُهو آهي،
جنهن جي شاهه سائين تلاوت ڪندو هو. عجيب ڳالهه آهي
ته اُنهيءَ جي به اصل عربي عبارت ٿلهن اکرن ۾
ڪاريءَ مس سان لکيل آهي ۽ معنيٰ هيٺان سنهن ڳاڙهن
اکرن ۾ ڏنل اٿس. سو، مان سوچيان ٿو ته سوين سال
اڳ، چين ۽ سنڌ ۾ هزارن ميلن جي مفاصلي تي، اهي
نسخا ساڳئي نموني ۾ ڪيئن لکيا ويا؟ ائين ته ناهي
ته شاهراهه ريشم جي وسيلي هڪڙي ملڪ مان لکڻ جو هنر
ٻئي ملڪ ۾ پهتو هو؟“
اسان قرآن شريف جا چيني ترجما احترام سان پنهنجن
پنهنجن ڪمرن ۾ رکي، منجهند جي ماني کائڻ لاءِ ڇت
واري ڊائنگ هال ۾ هليا وياسين. هوٽل ۾ کاڌي جا
ڪمرا يا ڊائنگ هال ٻه هئا: هڪ گرائونڊ فلور تي،
چيني طرز جو ۽ ٻيو ڇت تي، يورپي طرز جو. پهرين
ڏينهن کهه لان ۽ چُو اسان کي چيني طرز جي هال ۾
وٺي ويا هئا. پر، سمجهي ويا ته اسان کي چيني ماني
ڪانه وڻي، سو ٻئي ڏينهن اسان کي يورپي ڊائننگ هال
۾ ماني کائڻ لاءِ چيائون. پاڻ هيٺ چيني هال ۾ هليا
ويا.
مرزا ۽ مان لفٽ ۾ چڙهي يورپي هال ۾ وياسون. سامهون
هڪڙو نوجوان ڇوڪرو ويٽر بيٺو هو ۽ پرڀرو يارهن
جوان ويٽريسون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون. سڀني
کي ساڳيو يونيفارم پاتل هو، يعني ڇوٽين ٻانهن سان
سفيد بشرٽ، سفيد پينٽ ۽ پيرن ۾ ڪارو بوٽ. ويٽر
ڇوڪرو اسان کان آرڊر وٺي ويو ته مرزا ۽ مان
انگريزي اخبار پڙهندا رهياسين. ڪجهه دير کان پوءِ
هو کاڌو کڻي آيو. اسان ماني کائي ڇڏي، ته ٿانوَ
واپس کڻي ويو. پر، اڃا رڌڻي جي در وٽ مس پهتو، ته
هڪڙيءَ ويٽريس، شرارت ڪري، اوچتو پيرن ۾ ٽنگ
اڙايس، اهڙو ته ٿاٻڙجي پيو جو ذري گهٽ ٿانون سوڌو
فرش تي منهن ڀر ڪرڻ وارو هو. پر، الائي ڪيئن لوڏا
لما کائي بچي ويو. ويٽريسون سندس اِهو حال ڏسي کِل
۾ ڇُٽڪيون!
اسان کي پوءِ خبر پيئي ته اها کيچل هو روز ڪندا
رهندا آهن. جوانُ اڪيلو ڄڻو هو ۽ جوانڙيون يارهن
ڄڻيون هيون! سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هڪ ڌَنوُن، اٺ
رنُون“ ..... هت ته يارهن رنُون هيون. سو، ڌنوُنُ
ويچارو، هر وقت ۽ هر گهڙيءَ پاڻ بچائڻ ۾ پورو هو.
اِهو مضحڪه خيز منظر پنهنجي جاءِ تي... هِتِ
سنجيدگيءَ سان سمجهڻ گهرجي ته سوشلسٽ انقلاب کان
اڳ چين ۾ ”عورت“ جي حيثيت ڪهڙي هئي؟
نامور صحافي ۽ اديب پير علي محمد راشدي سنه 1961ع
ڌاران چين ۾ پاڪستان جو سفير هو. اهم واقعن جي
ڊائري رکندو رهندو هو. جيڪا ”چين جي ڊائري“ نالي
سان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ، سنه 1995ع ۾ شايع
ڪئي آهي. منجهس لکيو اٿس ته:
1-
سوشلسٽ انقلاب کان اڳ چين ۾ قحبه خانا هوندا هئا ۽
فحش ڪاري عام هوندي هئي. خود پئيچنگ ۾ چڪلا هوندا
هئا، پر ڪڃريون رستن تي به جَهَٽ مارينديون
وتنديون هيون.
2- هاڻي، ڪڃرين کي چڪلن مان ڪڍي، هنرن ۾ لڳايو ويو
آهي. عورتن مان ميڪ اپ يا هار سينگار جورواج ئي
ختم ڪيو ويو آهي. هن ساري مهيني اندر مون هڪ به
اهڙي عورت ڪانه ڏٺي آهي، جنهن جي چپن تي سرخي يا
منهن تي پائوڊر لڳل هجي.
راشدي صاحب پنهنجيءَ چين جي ڊائريءَ ۾ اِهي اکر
تاريخ 4 نومبر، 1961ع تي لکيا هئا. اسان چين ڏٺو.
سنه 1982ع ۾. تيسين مائو هي جهان ڇڏي چڪو هو، پر
ويهه ورهيه پوءِ به سندس آندل انقلاب جا هي آثار
چٽا بيٺا هئا:
1-
چين جي ڪنهن به شهر ۾ قحبه خانو ڏسڻ يا ٻُڌڻ ۾
ڪونه آيو.
2- چين جي ڪنهن به انگريزي اخبار ۾ عصمت فروشيءَ
يا زوريءَ زنا جون خبرون ڪونه هيون. قتل جا ايڪڙ
ٻيڪڙ واقعا نظر آيا.
3- عورتون، مردن وانگر جسماني پورهئو ڪنديون هيون.
نانچنگ ۾، هوٽل جي ڪمري جي دريءَ مان ليئو پاتو،
ته ٻاهر ميدان ۾ هڪ جاءِ تي اڏاوت جو ڪم هلي رهيو
هو. مزورن ۾ زالون به هيون ته مرد به هئا. سڀني کي
سفيد بش شرٽ، بلو جينس ۽ پيرن ۾ بوٽ پاتل هئا.
ٻانهن ۾ واچون. شڪل شباهت ۾ ٺيڪ ٺاڪ ۽ بلڪل سمارٽ،
پوءِ خبر پيئي، ته سڀُ يونيورسٽيءَ مان جسماني
پورهئي جي تربيت لاءِ آيل هئا. مون جنهن مهل کين
ڏٺو تنهن مهل هو بيلچن سان، سيمنٽ ۽ ڪانڪريٽ
ملائي، ٽرالين ۾ وجهي، اڏاوت لاءِ ڍوئي رهيا هئا.
اهڙي ريت، پئيچنگ ۾ ڏٺم ته مسافرن سان ڀريل ڊبل
ڊيڪر بسون مرد ڊرائيور به هلائي رهيا هئا ته
عورتون به.
4-
پورهيت زالن توڙي مردن جو لباس ساڳيو هو: سفيد،
بِلوُ، هلڪي ناسي ۽ هلڪي پيلي رنگ جون بشرٽون ۽
پينٽون. بوٽَ به سڀني لاءِ ساڳيا هئا. اسان کان اڳ
۾ جيڪو ادبي ۽ ثقافتي وفد ويو هو، تنهن جي ميمبر ۽
لاهور جي مشهور محقق ڊاڪٽر وحيد قريشيءَ مون کي
ٻڌايو ته اسان مائوءَ جي حياتيءَ ۾ چين ويا
هئاسين. سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ مردن کي هڪڙي ئي رنگ جو
لباس پاتل هو، جيڪو واڱڻائي ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل
هو: انگريزن جي زماني ۾ اسان وٽ اهڙو يونيفارم
ريلوائي گارڊ پائيندا هئا.
5- اسان به راشدي صاحب وانگر ڪنهن به شهر ۾، ڪنهن
به عورت کي، منهن تي ميڪ اپ ڪونه ڏٺو.
6- شانگهائيءَ ۾، اسان کي هڪڙي بلند و بالا يارهن
ٻارهن ماڙ هوٽل ۾ ٽڪايائون. چيني دستور موجب، اسان
جا ميزبان ڇهين بجي شام جو رات جي ماني کارائي،
موڪلائي هليا ويندا هئا، سو مون کي رات جو اٺين
نوين وڳي بک لڳندي هئي ۽ بکئي پيٽ تي ننڊ ڪانه
ايندي هئي. سو، شام جو هوٽل جي شاپنگ سينٽر تان
بسڪوٽن جو دٻو وٺي ايندو هوس. رات جو ڪڏهن اٺين،
ڪڏهن نائين بجي دٻو کولي، بسڪوٽ ڪڍي روم سروس کي
چانهن جو آرڊر ڏيندو هئس. روز ساڳي جوانُ ۽ سمارٽ
ويٽريس چانهن کڻي ايندي هئي، جوان ۽ سمارٽ هئي. پر
ايڏي ته حياءَ واري هئي، جو اکيون مٿي کڻي
نهاريندي به ڪانه هئي. خاموشيءَ سان ايندي هئي.
ميز تي چانهن جو ٽري رکي، وري خاموشيءَ سان واپس
ويندي هئي.
هي ساڳيون چين هو، جنهن ۾ سوشلسٽ انقلاب کان اڳ جي
قحبه خانن جي تصوير، سفير جي اعليٰ عهدي تي فائز
راشدي صاحب جهڙي ذهين شخص، پنهنجيءَ ڊائريءَ ۾
چِٽي آهي. منجهس مٿي ذڪر ڪيل ”ڪرشمو“ مائو جي
انقلاب آندو هو.
چين ايڏو ته وڏو ملڪ آهي، جو اُن کي پندرهن ڏينهن
۾ ته ڇا، پندرهن مهينن ۾ به ڏسڻ ممڪن ڪونهي، سو،
چيني ميزبانن، پندرهن ڏينهن جو مدو خيال ۾ رکي،
اسان جي پروگرام ۾ پنج مکيه شهر شامل ڪيا هئا؛
پَئيچند، نانچنگ، شنگهائي، هوانگچو ۽
ڪوانگچو.(جنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪئنٽن ڪوٺيندا آهن)
ليڪن، پروگرام ۾ سِر فهرست پئَيچنگ جو شهر
رکيائون، جو چين جي گاديءَ جو هنڌ آهي.(ان کي
پيڪنگ يا بيجنگ ڪوٺڻ لکڻ غلط آهي) وڏو تاريخي شهر
آهي. منجهس ٽي ڏينهن ٽڪياسون. پهرين ڏينهن جامع
مسجد، ٻئي ڏينهن تي يونيورسٽي جو اردو شعبو ۽ ٽئين
ڏينهن تي اڳوڻو بادشاهي محلات ڏيکاريائون.
بادشاهي محلات کي هاڻي شهرِ ممنوعFoprbidden
City
ڪوٺين ٿا. بادشاهه ۽ سندن محلات گهڻو ڪري، سڀ
هڪجهڙا هوندا آهن: وڏا، ڪشادا، گلمن، غاليچن، ريشم
۽ ڪيمخواب جي پردن ۽ نفيس فرنيچر سان سينگاريل.
اڳي ته ڪي بادشاهه پنهنجن محلاتن ۾ سونَ ۽ چانديءَ
جون سِرون به هڻائيندا هئا. مثلاَ چين جو منقول
بادشاهه قبلائي خان. هاڻي شايد اڃا به وڌيڪ قيمتي
ساز و سامان هڻائين ٿا...بادشاهه جو ٿيا! وقت جي
گذرڻ سان سندن ترجيحات جو بدلجڻ به سمجهه ۾ اچي
ٿو. پر، حقيقت هيءَ آهي ته سون، چانديءَءِ،
پلئٽينم ۽ هيرن جواهرن مان ماڻهوءَ جي من کي قرار
ڪونه ٿو اچي. قرار اچي ٿو ته ٻئي انسان جي قرب ۽
پيار مان. مرد ڪهڙي به ملڪ جو هجي ۽ڪيڏو به امير
هجي، پر سندس من کي قرار فقط عورت جي مُرڪ ۽ محبت
مان ملندو. ساڳيئي ڳالهه عورت لاءِ به چئي سگهجي
ٿي: اها راڻي هجي، مهاراڻي هجي يا نوڪرياڻي هجي،
پر، هر ڪا ڳالهه اعتدالَ ۽ حَدَ جي اندر هئڻ
گهرجي. حدن اندر رهڻ جو نالو ئي اخلاق آهي.
چين ۾ سرڪار جو هڪ کاتو هوندو هو، جيڪو بادشاهه جي
دل وندرائڻ لاءِ سڄي ملڪ مان سهڻيون زالون ڳولي
محلات ۾ آڻيندو هو. اسان جي ميزبانن ٻڌايو ته”جڏهن
سوشلسٽ انقلاب آيو، ته محلات ۾ ٻه هزار ۽ چار سئو
خوبصورت خواتين بادشاهه جي دل وندرائڻ لاءِ پنهنجي
واري جو انتظار ڪري رهيون هيون. بادشاهه جون
پنهنجيون راڻيون اُنهن کان الڳ هيون. اُهي
پنهنجيءَ دل جي وندر ورنهن لاءِ ڪهڙا شغل ۽ شوق
رکنديون هيون، سو اسان کي ڪونه ٻڌايائون. پر، هرڪو
ماڻهو اِهو سمجهي سگهي ٿو ته چين جي بادشاهه کي
کٽڪو ته ضرور هوندو ته ايترين راڻين تي ڪنٽرول
ڪيئن ڪري؟، سو محلات ۾ ڪم ڪندڙ سمورن مردن کي کدڙا
ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ کين راڻين جي ڪٽڪ ۾ ڇيڪ
ڇڏيندو هو. ان سلسلي ۾ راشدي صاحب چين جي ڊائريءَ
۾ لکيو آهي ته:
”بادشاهه جي هڪ راڻي، پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ
محلات جي هڪ کدڙي سان شطرنج راند ڪندي هئي. هڪ
ڏينهن کدڙو کانئس راند کٽي ويو. راڻيءَ ڏٺو ته
هاڻي شڪست ٿي اچي، سوحڪم ڏنائين ته،”هن جي منڍي
لاهي ڇڏيو.“
سندس حڪم جي فوراَ تعميل ٿي. سو، کيس شطرنج جي
راند ۾ شڪست ڪانه آئي،“
راشدي صاحب،انقلاب کان اڳ، چين جي راڻين جي ٻين
شاهاڻن شوقن جو به ڪافي احوال گڏ ڪري لکيو آهي:
مثلاَ، هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:
” ايمپريس ڊوايچر نالي هڪ راڻي پنهنجي جسم جي کَلَ
تازي رکڻ لاءِ هر صبح جو هڪ ننڍڙي پيالي انساني
کير جي پيئندي هئي، جنهن ۾ موتين جو خاڪو پڻ ملايو
ويندو هو. کير سپلاءِ ڪرڻ لاءِ، آلوڙيون عورتون هر
وقت موجود رکيون وينديون هيون.“
اهڙن نازيبا ڪمن جو نتيجو نيٺ المناڪ نڪتو. ملڪ ۾
انقلاب آيو. باغين بادشاهه جي محلات تي ڪاهه ڪئي.
پر، بادشاهه سندن ڀَوَ کان اڳئي هڪ وڻ ۾ ڦاهو ٻڌي،
پنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ پاڻ ڦندو وجهي لڙڪي لڙڪي دم ڏنو.
چيني ميزبان اسان کي اُهو وڻ ڏيکاريو.
پَئيچنگ مان، ٽن ڏينهن جي رهائش کان پوءِ، اسان
نانچنگ وياسين. اُهو شهر بادشاهي دور ۾ هر سال
ڪجهه عرصو چين جي گاديءَ جو هنڌ هوندو هو. سفر
هوائي جهاز وسيلي ڪيوسون، جيڪو پاڪستاني هوائي
جهاز جي سفر وانگر آهي. ٻنهي ۾ ڪو فرق ڪونهي.
نانچنگ شهر پئيچنگ کان به سٺو هو. هڪ ته اسان کي
جنهن هوٽل ۾ ٽڪايائون، اُها پيچنگ واري امن هوٽل
کان سٺي هئي. ٻيو ته نانچنگ جي مند موسم پڻ پئچينگ
کان بهتر هئي. نانچنگ ۾ به اسان جي رهائش ٽي ڏينهن
هئي. سو، اسان جي ميزبان مکيه پروگرام ٻه رٿيا
هئا.هڪڙو چيني اديبن سان گفتگو ۽ ٻيو وڻن ۽ ٻُوٽن
جي نمائش.
”چيني اديبن جي انجمن“ جي ڪلب، شهر جي ٻاهران
نهايت پر فضا مقام تي هڪ تلاءُ جي ڪناري تي ٺهيل
هئي، جنهن جي چوڌاري خوبصورت وڏا شاهي وڻ هئا. ڪلب
۾ وڃڻ لاءِ اسان کي بانس جي لڪڙن جون ٽي پليون
ٽپڻيون پيون. سانجهيءَ جي مهل هئي. تلاءُ ۾ وڻن جي
پاڇن ۽ شفق جي رنگ برنگي ڪڪرن جا عڪس ڏاڍا سهڻا ٿي
لڳا.
ڏهاڪو کن برک چيني اديب ۽ شاعر اسان جو انتظار ڪري
رهيا هئا. ساڻن اسان جي گفتگوءَ جو موضوع ”ادب ۽
اديب“ رٿيل هو. مرزا اديب مختصر گفتگو ڪئي. چيني
اديبن ۽ مون دل کولي ڳالهايو. منهنجيءَ گفتگو جو
تاتپرج اِهو هو ته:
”جيئن ڪو ٻوٽو اُس ۽هوا کان سواءِ اُسري ڪونه
سگهندو آهي، تيئن صحتمند ادب به ذهني آزادي کان
سواءِ اُسري نٿو سگهي. پر افسوس آهي ته سوشلسٽ
نظام ۾ جبر آهي. اديبن جي ذهن ۽زبان تي پهرو آهي.
هيءَ ڳالهه مارڪسزم ۽ لينزم جي خلاف آهي ۽هوءَ
ڳالهه چيئرمين مائوءَ جي تعليم سان مطابقت ۾
ڪانهي. اديبن کي پريس انفارميشن کاتي جي ملازمن
وانگر موضوع ڏنا وڃن ٿا ته هن عنوان تي اسڪرپٽ لکي
ڏيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ ادب به اهڙو ئي پيدا ٿيندو،
جنهن جو پيغام اهو هوندو ته مائوءَ جي سوچ تي عمل
ڪرڻ سان سٺا گدرا ۽ ڇانهيون ڪيئن پوکجن.“
مون ائين به چيو ته،”اسان جي ملڪ ۾ اديب آزاد آهي،
سندس قلم تي ڪابه روڪ ٽوڪ ڪانهي.“
چيني اديب حالي ته چپ ٿي ويا، ڪجهه دير کان پوءِ،
هڪڙي ڄڻي منهنجي پوئين جملي تي طنز ۾ چيو ته:Friend,
You are talkinf of woolen Heights
ٻئي اديب پڇيو ته:”اوهان جي ملڪ ۾ ڪي نه ڪي
نظرياتي بنياد هوندا؟“
مون چيو ته؛”هائو“
چيائين ته”اوهان جو اديب اُنهن نظرياتي بنيادن جي
خلاف قلم کڻي سگهي ٿو.“
جڏهن ٻنهي ڌرين دليل دلائل ڏنا ته محفل ۾ گرمي اچي
وئي. حقيقت اها آهي ته چيني اديبن سان گفتگوءَ ۾
ڏاڍو لطف آيو. گفتگو پوري ٿي ته سڀ چانهن پيئڻ
لاءِ اٿياسين. چيني اديبن گفتگوءَ دوران جيڪي
ڳالهيون ڪيون، تن مان اسان کي احساس ٿيو، ته چين
جو ميڪسم گورڪي،لوهسونِ آهي.
ٻئي ڏينهن اسان جا ميزبان وڻن ۽ ٻوٽن جي نمائش
ڏيکارڻ وٺي هليا. چيني مالهين ڪمال اهو ڪيو هو ته
ٺڪر جي ٿانوَن، پاٽ وغيره ۾ مٽي، ڀاڻ ۽ ٻج وجهي،
ان کي پاڻي ڏنو هئائون. پاٽيون وڏيون به هيون ته
ننڍيون به. منجهن مٽي ۽ ڀاڻ به اُن حساب سان پيل
هو. ڪن پاٽين ۾ بڙ جيڏن وڻن جا ٻج وڌل هئا، اُنهن
کي جيتري غذا ٿي ملي،اوترا وڏا ٿي، پوءِ اُتي ئي
بيهي ٿي ويا. اهو لقاءُ واقعي حيرت جهڙو هو، ته بڙ
جو وڻ فقط ٻه فوٽ اوچو بيٺو هو. پر، لڳو ائين ئي
ٿي جيئن بَڙَ جا عام تناور درخت لڳندا آهن. دلچسپ
ڳالهه هيءَ هئي ته عمر جي لحاظ کان به ڪي وڻ ٽڻ
سوَ ورهين جا هئا. هر وڻ جي عمر، ٻج پوکڻ جي
تاريخ، وڻ جي وڏي ٿيڻ جي سڄي هسٽري، ٺڪر جي ٿانوَ
جي پاسي ۾ لڳل پليٽ تي لکيل هئي.
نمائش ڏسي موٽياسين، ته کهه لان مون کان پڇيو ته،
”اوهان کي نمائش وڻي؟“
مون چيو ته،”ڏاڍي“
چيائين ته،” اوهان وٽ به اهڙو هنر آهي؟.“
مون چيو ته ،” آهي، پر عام جام ڪونهي. ڪن خاص خاص
هنڌن تي استعمال ٿيندو آهي. ليڪن ٻوٽن ۽ وڻن بدران
ماڻهن تي.“
حيران ٿي پڇيائين ته،”اهو وري ڪيئن؟.“
مون چيو ته،” اسان وٽ ڪي درگاهون آهي، جن جا متولي
آمدنيءَ لاءِ پنهنجن مريدن جي ٻارن کي مٿي ۾ لوهي
ٽوپ پارائي ڇڏيندا آهن. پوءِ اهو ٻار وڏو ته ٿيندو
آهي،پر سندس مٿولوهي ٽوپ ۾ ڦاٿل هوندو آهي،سو اُهو
ننڍڙو ئي رهندو آهي. نتيجو اِهو نڪرندو آهي ته
جڏهن هو مڪمل مرد ٿي ويندو آهي تڏهن به مٿو ٻارَ
جيڏو هوندو اٿس. درگاهه جا متولي کانئس پنڻ جو ڪم
وٺندا آهن. کيس پنهنجي ”پيرَ جا چوها“ ڪوٺيندا
آهن. عام ماڻهو کيس ڏسي حيرت ۾ پوندا آهن، ۽ ٿوري
گهڻي خيرات ڏيندا آهن.
اها ڳالهه ٻڌي، کهه لان ٻڌايو ته،” انقلاب کان اڳ
چين ۾ جاگيردار ڪنهن هاريءَ تي ڪاوڙبو هو ته کيس
نوڪرن کان جهلائي، هٿ ۾ لوڻ جو ڳنڍو ڏئي، مٺ بند
ڪرائي، سندس سڄيءَ ٻانهن جي مٿان پلاسٽر آف پيرس
چاڙهائي، پهري هيٺ رکندو هو، ته ڀڄي نه وڃي!
لوڻ جو ڳنڍو هاريءَ جي هٿ جي گوشت کي ڳاري، ڳاري،
آهستي آهستي، ڦَٽُ ڪري وجهندو هو. پوءِ ته هو غريب
رات ڏينهن عذاب ۾ هوندو هو، ڦٿڪندو رهندو هو. تان
جو سندس هٿ جو گوشت سُڪي ٺوٺ ٿي، ڄڻ هو بنجي ويندو
هو. اُن کان پوءِ جاگيردار سندس ٻانهن تان پلاسٽر
آف پيرس لهرائي کيس آزاد ڇڏي ڏيندو هو،ته ٻين
هارين لاءِ عبرت ٿئي، ۽ وري ڪنهن به هاريءَ کي
جاگيردار جي سامهون ٿيڻ جي جرئت نه ٿئي!“
اسان جي ميزبانن ٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ
شانگهائيءَ هلڻ جون تياريون ڪيون ۽ اسان کي اطلاع
ڏنو ته سفر ريل رستي ٿيندو. اِهو ٻڌي ڏاڍي خوشي
ٿي. مرزا صاحب ۽ مون سامان پئڪ ڪيو. هر شيءِ سنڀال
سان بئگ م وڌيسون، پر بدقسمتيءَ سان مون کان نماز
پڙهڻ جو مصَلو هوٽل جي ڪمري ۾ وسري ويو. ننڍڙو ٻار
هوندو هئس، جو والد صاحب جي پاسي ۾ انهيءَ مصلي تي
بيهي نماز پڙهندو هئس. سرخ رنگ جو ڪيمخاب مان ٺهيل
هو. ڏاڍو سهڻو هو، ڄڻ ته ڪو قيمتي وال ڪارپيٽ آهي.
بابا سائين هي جهانُ ڇڏي ويو، ته مون اهو مصلو
سندس يادگار ڪري پاڻ وٽ رکيو. چين ويس ، ته به
نماز پڙهڻ لاءِ ساڻ کنيو ويس. هاڻي جو هوٽل ۾
وساري ويٺس ته پريشاني ٿيم. پر، ابن انشا جو چين
جي دوري جو لکيل احوال ياد آيم ته،”چين جي دوري ۾،
ڪنهن شهر ۾ نئين چپل ورتم ۽ پراڻي اُتي هوٽل ۾
ڇڏيم. پر، جڏهن دورو پورو ڪري پئيچنگ پهتاسين، ته
مون کي ٽپال ۾ هڪ پارسل اچي مليو. اڃا جو کوليان،
ته منجهانئس پراڻي چپل نڪتي.“
مون چيني ميزبانن سان ڳالهه ڪئي. هنن تسلي ڏني
ته،”پريشان ٿيڻ جو ڪو به سبب ڪونهي. اوهان دورو
پورو ڪري موٽي پَئيچنگ پهچندا، ته اوهان جي امانت،
انهيءَ کان اڳ اُتي موجود هوندي. اِهو ٻڌي خوش
ٿيس.“ پر، پوءِ کيس ڏينهن ٻن کانپوءِ وري وري
يادگيري ڏياريندو رهيس،
اسان چين جو دورو پورو ڪري پَئيچنگ پهتاسين، پر
مصلي جو نالو نشان ڪونه هو. کههَ لانِ کي ڏک سان
چيم ته،”مائوءَ جي حياتي ۾ ابن انشاءَ کي پراڻا
پادر به موٽي مليا، پر مون کي منهنجي امانت ڪانه
ملي. مائوءَ جي موت چين ۾ ايترو فرق ته آندو
آهي.“...... کهه لان وٽ ڪوبه جواب ڪونه هو.
نانچنگ مان اسان ريل رستي شانگهائيءَ روانا
ٿياسين. هوٽل مان سامان کڻي،ريلوائي اسٽيشن تي
پهتاسين. ريل گاڏي صبح جو يارهين بجي اچڻي هئي.
گهڙيال جي سُئي يارهن تي پهتي ته گاڏي ڌڌڪا ڪندي
اچي پلئٽ فارم تي بيٺي. منٽ جو به فرق ڪونه ٿيو.
اسان وارو ريل جو گاڏو پنهنجي ملڪ جي
A.C.C.
گاڏن کان بهتر ڪونه هو، ته اُنهن کان گهٽ به ڪونه
هو. منجهس سڀ سهوليتون هيو. اسان جي ريل گاڏين
وانگر، منجهانئس به اندران ئي انداران، ڊائنگ
هال(کاڌي جي ڪمري) ۾ وڃڻ جو رستو هو. شانگهائي ٻه
ٽي سئو ميل پري هو، سو اسان سفر دوران ماني کائڻ
يا چانهن پيئڻ لاءِ آرام سان ڊائننگ هال ۾ ايندا
ويندا رهياسين.
گاڏي جي درين مان ٻاهر جو نظارو صاف نظر پئي آيو.
ريل گاڏي ٻهراڙيءَ جي علائقي مان لنگهڻ لڳي ته
چيني هاري ناري ٻنين ۾ ريج ڪندي نظر آيا. زالون
گهٽ، مرد گهڻا هئا. کين پراڻيون پينٽون ۽ بشرٽون
پاتل هيون ۽ مٿي ۾ ڪکاوان ٽوپلا پيا هئا. ٻنين ۾
ريج لاءِ پاڻي ڇڏيو هئائون. هٿن ۾ بانس جا ڊگها
لڪڙا هئن، جن سان ٻاري ۾ ڪم ڪار پئي ڪيائون. شام
جي مهل هئي. ڏاڍو وڻندڙ نظارو هو.
رات ٿي ته چيني ميزبان ڊائننگ هال ۾ وٺي هليا.
ماني کائي موٽياسون، ته اونداهي ٿي ويئي. بتيون
ٻريون هيون، انڪري ٻاهر وارو نظارو درين مان نظر
ڪونه ٿي آيو، سو ميزبانن اسان جي دل وندرائڻ لاءِ
ڪچهري شروع ڪئي ۽ سبز چاءِ گهرائي. مون کهه لان
کي چيو ته .تون ننڍپڻ جا ڪي احوال ٻڌاءِ؟.“
چيائين ته“” ارڙهن ورهين جو هوندس جو گهر ڇڏي، وڃي
انقلابين سان گڏيس. ڇاپي جي مشين ڏنائون ته انقلاب
جا پوسٽر ڇاپيان ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ورهايان. مشين ننڍي
هئي. گهوڙي تي کڻندا هئاسون. سمورو وقت گرفتاريءَ
کان بچڻ لاءِ سفر ۾ هوندا هئاسين. ڏاڍيون تڪليفون
ڏٺيوسين. ليڪن، پورهيو صاب پيو. انقلاب آيو. چين
جي دنيا بدلجي ويئي. جڏهن ورهين کان پوءِ موٽي گهر
آياسين ته ڏٺم ته اُني دنيا پڻ بدلجي وئي هئي:
منهنجا ماءُ پيءَ جهان ڇڏي ويا هئا. فقط ڀيڻ جيئري
هئي.“
مون چيو ته ”کههَ لان، گهر جي مڙني ڀاتين ۾ تنهنجي
ڪنهن سان گهڻي هئي؟.“
چيائين ته،”اُنهيءَ ئي ڀيڻ سان، جيڪا جيئري بچي
هئي. ننڍپڻ ۾ گڏ رانديون رونديون ڪندا هئاسين.
موٽي آيس ته ڏاڍي خوشي ٿي. ٻنهي جا گهر گڏوگڏ هئا،
وچ ۾ ڪا نالي ماتر وِيري هئي، سو گهڻو وقت گڏ
هوندا هئاسين. آخرڪار، اُها ويچاري به گذاري ويئي!
مون کي سندس وفات جو ايڏو ته ڏک ٿيو، ايڏو ته ڏک
ٿيو،جو ٻَئي گَهر گڏ هوندي به مان سندس گهر ۾ پير
پائي ڪونه سگهيس. اڪيلو رُئندو رهيس.“... ايترو
چئي کَهه لان چپ ٿي ويو. سندس آواز ويهي ويو ۽
اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.
اسان سڀ به ڏک ۾ ويڙهجي وياسين. مون کهه لان جو غم
غلط ڪرڻ لاءِ چيو، ته،”تون پنهنجيءَ ڀيڻ سان ٻيهر
ملڻ گهرين ٿو؟.“
ڏکاري آواز ۾ چيائين ته،” هائو،پر، ممڪن ڪونهي.“
مون کيس چيو ته،” مون کي اميد آهي ته تون ساڻس وري
ملندين.“
هو حيرت مان مون ڏي ڏسڻ لڳو.
مون کيس چيو ته،”کههَ لان، اڄ کان سو ورهيه اڳي
تون ڪاٿي هئين؟.“
چيائين ته،”مون کي خبر ڪانهي.“
مون چيو ته،”ڀلا اڄ کان سئو ورهيه پوءِ ڪاٿي
هوندين؟.“
وري چيائين،”اها به خبر ڪانهي.“
مون کيس چيو ته،”تون اُتي ئي پنهنجيءَ ڀيڻ سان
ملندين، جتان جي هاڻي توکي ڪا به خبر ڪانهي.“
کهه لان اِهو ٻڌي ڏاڍي اُڪير سان چيو ته،” مون
ڳالهه ڪانه سمجهي؟“
مون چيو ته،”سج روزانو صبح جو اوڀر مان اُڀري ٿو ۽
اولهه ۾لهي ٿو. مون ٻڌو آهي ته اهو فيصلو اقوام
متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ڪيو آهي،يا جنرل
اسيمبليءَءَ. پر، تون داناءُ شخص آهين. انقلاب کان
اڳ ۽ پوءِ وارو زمانو ڏٺوپ اٿئي. سو، توکي پڪي خبر
هوندي ته اِهو فيصلو ڪنهن ڪيو آهي؟.“
چيائين ته،”مون کي خبر ڪانهي.“
مون چيو ته،”دوست، هيڏيءَ ڄاڻ ۽ تجربي وارو ڏاهو
شخص، جنهن هيڏي وڏي ڪامياب انقلاب ۾ ڀرپور حصو
ورتو، تنهن کي اِها ڳالهه به معلوم
ڪانهي.........پوءِ ته پاڻ کي اها ڳالهه مڃڻي
پوندي ته ماڻهوءَ جي سوچ ۽ سمجهه محدود آهي. سندس
نظر فقط هڪ حد تائين پوي ٿي. اڳتي جو پتو ئي
ڪونهي.“
کهه لان اونهيءَ سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان
پوءِ اکيون کڻي ڏاڍي پنهنجائپ سان نهاريائين. وڌيڪ
گفتگو ڪانه ٿي. ٻئي ڄڻا خاموش رهياسين. پر، اِها
خاموشي هر گفتگوءَ کان زياده با معنيٰ هئي.
ريل گاڏي رات جي وقت شانگهائيءَ پهتي. چيني اديبن
جي انجمن جي مقامي شاخ جا ڪي نمائندا اسان جي
استقبال لاءِ آيا هئا، سي اسان کي موٽرن ۾ ويهاري
هڪ هوٽل ۾ وٺي هليا، جا يارهن ٻارهن ماڙ هئي. طرزِ
تعمير ۾ يورپي نموني جي هئي. اسان سڀني کي منجهس
هڪجهڙا ڪمرا مليا. مون پنهنجي ڪمري جي دري کولي
ٻاهر نهاريو..... رات جي وقت شهر جو نظارو ڏاڍو
دلفريب هو. نظر جي حد تائين رنگبرنگي بجلي بتين جي
جهومر هئي!
شانگهائي دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي. مون پهريون
دفعو اُن جو نالو، ٽيهارو ورهيه اڳ، ٻڍڙي آغا يوسف
کان ٻُڌو هو، جو ڪراچيءَ ۾ ”نارٿ ويسٽرن هوٽل“
هلائيندو هو. اُها ڪراچيءَ جي ٻيو نمبر قديم هوٽل
هئي. انگريزن جي زماني ۾ ٺهي هئي. مون کي پهريون
ڀيرو سراج ڏيکاري ۽ منجهس ڏاڍو وڻندڙ شربت
پياريائين. تڏهن پاڻ بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري هو،
يا نئون نئون انڪم ٽيڪس آفيسر ٿيوهو. ان کان پوءِ
هڪ دفعي پير سائين حسام الدين شاهه راشدي اُتي
ماني کارائڻ وٺي هليو. هوٽل جي مالڪ آغا يوسف سان
دوستي هئس. اڳتي هلي آغا صاحب جي مون سان به دوستي
ٿي ويئي. پوءِ ڪراچيءَ ويندو هئس ته اڪثر انهيءَ
ئي هوٽل ۾ ٽڪندو هوس. سڄي پٿر مان ٺهيل هئي. طرز
تعمير يورپي هئس. مٿس ”بيگن ولا“ جون سر سبز وليون
چوٽيءَ تائين چڙهي ويون هيون، جن جا نيرا نيرا گل
ڏاڍا سهڻا لڳندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن آغا يوسف مون کي شام جي چانهن تي سڏيندو
هو. هوٽل ۾ سندس رهائشي سوٽ ٻن ٽن ڪمرن تي مشتمل
هوندو هو. تڏهن پاڻ اسي ورهين جي عمر جي پيٽي ۾
هو. اڳوڻي زماني جي دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته،”شانگهائيءَ ۾ هڪ سٺي هوٽل
هئم. سمورين هوٽلن کي تهخانا هوندا هئا، جن ۾ نفيس
فرنيچر پيل هوندو هو. وڏا وڏا ڪروڙ پتي چيني امير
رات جو يارهين ٻارهين بجي ايندا هئا ۽ تهخانن ۾ ٻه
ٽي ڪمرا ڪرايي تي وٺندا هئا.“
مون چيو ته،”اوهان جي هوٽل ۾ بار به هئي؟.“
ٻه
سال پوءِ سنه 1984ع ۾، حڪومت پاڪستان ڪنهن سبب جي
ڪري مسيح الدين صديقي صاحب تي ناراض تي پيئي، سو،
کيس هٽائي، سندس جاءِ تي پشاور مان خاطر غزنويءَ
نالي هڪ نامور اديب”ڊائريڪٽر ليٽرس“ مقرر ڪيائون ۽
سنڌ مان، مان” ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس“ مقرر
ٿيس. مسٽر خاطر غزنوي ستت ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويو.
سو مان ئي اول اڪيڊميءَ جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پوءِ
چيئرمين مقرر ٿيس. سڀ کان اول مسيح الدين صديقي
صاحب وٽ وڃي حاضري ڏنم. پوءِ مسٽر فريد احمد جو
گهر ڳولي لڌم. هو نوڪريءَ مان رٽائر ڪري ويو هو.
کيس واپس آڻي ايڊمن آفيسر جي ڪرسيءَ تي وهاريم.
سال ٻه مون سان گڏجي ڪم ڪيائين. ڏاڍو محبتي، مخلص
۽ دلچسپ شخص هو. زندگيءَ ۾ سندس بنيادي اصول اِهو
هو ته” پريشان اصل نه ٿجي. آرام سان وقت گذارجي.“
مثلاَ ٽائيم معلوم ڪرڻو آهي،پر، ڪمري ۾ گهڙيال
ڪونهي، ته مسٽر فريد احمد وڏي آرام سان ٻڌائيندو
ته”ڏهه يارهن ٻارهن يا وڌ ۾ وڌ هڪ ٿيو هوندو“ |