سنڌ يونيورسٽي جي اِنهيءَ منصوبي تحت شيخ اياز ،
شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي جو ڪم شروع ڪيو.
رسالي جي ترجمي جي آغاز ۽ انجام متعلق حمايت
علي”شاعر“ پنهنجي ڪتاب”شيخ اياز-شخص ۽عڪس“ ۾ لکي
ٿو ته،”شيخ اياز سن 1956ع ۾ ترجمو شروع ڪيو هو ۽
ڏيڍ سال يا ٻن سالن جي عرصي ۾ تڪملي تي پهچايو.
پوءِ ڇهه هزار ٻه سئو ٽيٽيهن (6233) شعرن ۽ هڪ سو
ڇهانوي وائين جو اِهو مجموعو سنڌ يونيورسٽي سن
1963ع ۾ شايع ڪيو.“ (4)
حمايت علي شاعر جو ڄاڻايل مٿيون سن درست ڪونهي،
ڇاڪاڻ ته شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويي صاحب
ڏانهن لکيل خطن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ
اياز شاهه جي رسالي جي ترجمي جو ڪم 14 جولاءِ
1955ع تي ٿيل معاهدي کان پوءِ شروع ڪيو. هن هيٺ
اُنهن خطن مان ڪن جا اقتباس پيش ڪجن ٿا، جن مان
موضوع سان مطابقت رکندڙ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مگر اِهو
واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته سکر مان لکيل اِنهن خطن
مان ڪن تي تاريخون لکيل آهن ته ڪي بنا تاريخن جي
آهن.(5)
22-5-1955ع
ادا ابراهيم
مان گهڻو ڪري 2 جولاءِ تي ڪراچي پهچي ويندس، تون
سارو انتظام ڪري ڇڏجانءِ جيئن مون کي فقط
ائگريمينٽ تي دستخط ڪرڻو پوي. اُتان پوءِ حيدرآباد
هلنداسين ۽ علام قاضي صاحب کان ترجمي متعلق
هدايتون وٺنداسين. آفاق کي به وئڪيشن آهي. جي اسان
10 جولاءِ کان پوءِ ترجمي جو ڪم شروع ڪيون ته ٻن
مهينن ۾ گهڻو ئي حصو پورو ڪري وينداسين......
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
30-6-1955ع
ادا ابراهيم
اميد ته اوهان معاهدي جا ڪاغذ تيار ڪري ڇڏيا
هوندا. مان اُتي 5 تاريخ تي فقط هڪ ڏينهن لاءِ اچي
سگهندس. جيڪڏهن دير جي گنجائش هجي ته مان 13 تاريخ
تي اچان، ڇو ته پوءِ هفتو کن اُت رهي سگهندس ۽
حيدرآباد به هلي سگهنداسين. مهرباني ڪري جواب
ورنديءَ ٽپال ۾ ڏجانءِ، جيئن مان ٻين ڪمن جو
انتظام ڪري سگهان.
ٿي سگهي ته معاهدي وارن پيسن مان اڌ پيسا يا ڪجهه
گهٽ هڪ وقت اڳواٽ ڏنا وڃن،ڇو ته ائين ڪرڻ سان مون
کي ساري ڪم جي انتظام ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
3-7-1955ع
ادا ابراهيم
واعدي مطابق 5 تاريخ تي اچي ڪونه سگهندس، ڇو ته
منهنجا ٽي ٻار بيمار آهن ۽ سندن نظرداري ڪرڻ وارو
ٻيو ڪوبه نه آهي، ٿي سگهي ته معاهدو پوسٽ ذريعي
موڪلي ڏي ته دستخط ڪري موڪليان. ٻيو ته توکي معلوم
آهي ته مون وٽ گربخشاڻيءَ واري رسالي جا باقي ٻه
جلد ڪونه آهن، مهرباني ڪري اُنهن جو انتظام به ڪري
موڪل. جي تو ائگريمينٽ پوسٽ رستي نه موڪلي ته پوءِ
مان 13 تاريخ تي ايندس، اميد ته تون مجبوريون خيال
۾ رکندين ۽ ڪاوڙ نه ڪندين.
تنهنجو
اياز
ادا ابراهيم
هتي اچڻ سان شاهه جي رسالي جي ترجمي جو ڪم شروع
ڪري ڏنو اٿم. گربخشاڻيءَ جو پهريون جلد اڃا نه ملي
سگهيو آهي، جي توکي ملي وڃي ته بهتر.
تنهنجو پنهنجو
اياز
30 جولاءِ
ادا ابراهيم
اڃا تائين شاهه جي بيتن جو اردو ۾ ترجمو نه پهتو
آهي، هتي گربخشاڻيءَ جو پهريون جلد نٿو ملي. مون
شهواڻيءَ جي رسالي تان ترجمو شروع ڪيو آهي،
جيتوڻيڪ ڪجهه لفظن ۽ سٽن جي مفهوم سمجهڻ ۾ تڪليف
ٿئي ٿي. اميد ته 20 آگسٽ تائين ست اٺ سئو سٽن جو
ترجمو موڪلي ڏيندس،....
آفاق ترجمي ۾ ڪافي مدد ڪرائي رهيو آهي. کيس پئسي
جي ضرورت آهي، جي 30 آگسٽ تي پهرين قسط 333 رپيا
موڪليو ته کيس ڪوئي معاشي فڪر نه رهندو.
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
30 جولاءِ
ادا ابراهيم
گذريل مهيني ۾ گربخشاڻيءَ جي ٽئين جلد مان ليلا
چنيسر، مومل راڻو ۽ مارئي ترجمو ڪيو اٿم. ڪجهه
زياده وقت درڪار آهي، جنهن متعلق توکي اڳئين خط ۾
لکي چڪو آهيان......
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
8 ڊسمبر
ادا ابراهيم
تنهنجو خط پهتو، تنهنجي چوڻ مطابق مان شاهه جي
ڪلام تي تبصرو لکان ٿو. تون اهو ڀلي ڪنهن کي پڙهڻ
لاءِ ڏي، پر شايع نه ڪرائجانءِ، ڇو ته مون کي
رسالي تي اردو مقدمو لکڻو پوندو ۽ اِهو تبصرو
اُنهيءَ جو حصو هوندو.... يونيورسٽيءَ وٽان چيڪ ۽
تنهنجا بل پهتا.......
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
ادا ابراهيم
خط پهتو، حفيظ(هوشيار پوري) صاحب جي اصلاح زياده
تر ته ترجمي جي حسن ۾ اضافو ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي
منهنجو هن سان اختلاف آهي. مان هفتي کن ۾ اِهي
اختلاف واريون درستيون توکي لکي موڪيلندس، ۽ اُنهن
سان گڏ گهربل پيش لفظ به موڪليندس.......
ترجمي جي پئسن لاءِ تڪڙ انڪري ٿو ڪريان جو ”عطائي
آيو“ ڇپائڻو آهي....
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
ادا ابراهيم
P.S........
يونيورسٽي وارن چيڪ اڃا تائين نه موڪليو آهي.اميد
ته راشدي صاحب کي چئي ڪڍائي موڪليندين. پيسا
گهرجن..........
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
ادا ابراهيم
...... مون ڊاڪٽر بلوچ کي ترجمي جي مهاڳ متعلق خط
لکيو هو، پر هن صاحب ڪوئي جواب نه ڏنو آهي. ترجمي
جي مهاڳ جي باري ۾ مون کي تحريري اطلاع ترت ڏياري
موڪل. ٻيا ٽي ڪتاب جن لاءِ تو چيو هو، اُنهن لاءِ
به اطلاع موڪلين ته بهتر. حفيظ هوشيارپوري آيو
آهي؟ جي ها، ته ترجمي جي درستي ٿي ويئي يا
نه؟.......
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
ادا ابراهيم
مون شاهه جي مقدمي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيوآهي. اميد
ته يونيورسٽيءَ وٽان ڪم سپرد ڪرڻ جو اطلاع جلدي
اچي ويندو. نبي بخش خان بلوچ کي زياده مواد واسطي
خط لکي موڪليو اٿم. توسان ذڪر ڪيو هئم ته مقدمي
لاءِ ڪجهه ڪتابن جي مطالعي جي ضرورت پوندي. في
الحال حسام الدين صاحب جو”سنڌي ادب“، مرزا قليچ
بيگ جو شاهه تي ڪتاب،(جهٽمل جو) ”ڍولا مارو“ ۽
سورلي جي نئين تصنيف
Lyrical Poets
موڪلي سگهين ته بهتر. سدا رنگاڻيءَ جو ڪتاب
مليو.... شاهه جودرست ٿيل ترجمو جلد ئي واپس ڪندس.
حفيظ صاحب ڪڏهن ايندو؟......
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
ادا ابراهيم
......... ڪالهه راشدي صاحب کي شاهه جي رسالي جي
مقدمي لکڻ متعلق معاهدي تي دستخط ڪري موڪليم.
مقدمي تي ڪم شروع ڪري ڏنو اٿم. جي نبي بخش خان
انڪار نه ڪري ها ته جيڪر هن وقت تائين مقدمو ختم
ٿي وڃي ها.... رسالي جي مقدمي لاءِ هيٺيان ڪتاب في
الحال گهرجن.
1- ڍولا مارو 2- سورلي جو
Lyrical Poet
3- پنجاب ڪي لوڪ ڪهانيان.
تنهنجو پنهنجو
شيخ اياز
ادا ابراهيم
تنهنجو خط پهتو. مون رسالي جي مقدمي تي ڪم شروع
ڪيوآهي، جو اميد ته چئن پنجن مهينن ۾ مڪمل ٿي
ويندو. راشدي صاحب ڏانهن معاهدي سان گڏ خط به لکيو
هئم، گرچه اُهو نهايت مختصر هو. تون ايترو تاڪيد
اجايو ٿو ڪرين، مان ته هن جي طبع سليم جو اڳيئي
گرويده آهيان. جي هو ايتري دلچسبي نه وٺي ها، ته
نه مون کي شاهه جي ترجمي جو ڪم سونپيو وڃي ها ۽ نه
ٻيءَ ڪنهن طرح مان اِهو ڪم سرانجام ڏيان ها.
شاهه تي جيترا به ڪتاب توکي ملي سگهن، موڪلي ڏي.
مون وٽ فقط سورلي جا ٻه ڪتاب، ڊاڪٽر گربخشاڻي جاٽي
جلد، ”ڪامل جو ڪلام“ ۽ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب
آهي.
تنهنجو پنهنجو
اياز
ادا ابراهيم
.......... شاهه جو ترجمو عنقريب مڪمل ٿيڻ وارو
آهي. معلوم نه آهي ته حفيظ صاحب اڃا تائين اِتي
آهي يا نه ۽ هن سارو ترجمو نظر مان ڪڍيو آهي يا
نه؟ منهنجو خيال آهي ته سارو ترجمو مڪمل ڪرڻ بعد
مان حفيظ صاحب جي اصلاح ڏسان، پر جي اوهان اصلاح
ڪيل ترجمو موڪلي ڏيو ته اُن کي فرصت جي وقت ۾ نظر
مان ڪڍندو رهندس......
تنهنجو پنهنجو
اياز
ادا سائين،
........ اسين شاهه جي ترجمي سان ڏينهن رات لڳا
پيا آهيون. گربخشاڻيءَ جو پهريون جلد پورو ٿيو جو
توڏانهن جلد ئي موڪلي ڏيندس. ترجمي متعلق راشدي
صاحب جو رايو موڪلجانءِ. جيڪڏهن اُن ۾ ٿوريون
گهڻيون ڪوتاهيون آهن ته اُهي نظر ثاني ڪري درست
ڪري ڇڏبيون...
تنهنجو پنهنجو
اياز
ادا ابراهيم
”شاهه جو رسالو“ عنقريب پورو ٿي ويندو. تو مون کي
حفيظ صاحب جو درست ڪيل ترجمو اڃا تائين ڪونه
موڪليو. تنهنجو ۽ راشدي صاحب جو ڪم جي تڪميل متعلق
ڪهڙو ويچار آهي، سو لکي موڪل....
تنهنجو پنهنجو
اياز
ادا ابراهيم
شاهه جي رسالي جي ترجمي متعلق معاهدو 14 جولاءِ تي
لکيو ويو هو ۽ پندرنهن مهينن جي معياد ترجمي لاءِ
ڏنو ويو هو ۽اهو يونيورسٽيءَ کي اختيار ڏنو ويو هو
ته هو ٽي مهينا معياد وڌائي سگهن ٿا. معاهدي مطابق
معياد 14 جولاءِ کان شروع ٿيو، حالانڪه مون کي
مخدوم امير احمد صاحب نثر ۾ ترجمو ئي سيپٽمبر ۾
موڪليو هو، انڪري اِهو مناسب ٿيندو ته مون کي ٽي
مهينا وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، جيڪڏهن اوهان چئو ته مان
انگريزيءَ ۾ اهڙو خط وائيس چانسلر ڏانهن به
لکان......
تنهنجو پنهنجو
اياز
مٿين خطن جي مطالعي مان ڪجهه نڪتا آڏو اچن ٿا، جن
مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ اياز کي شاهه جي رسالي جي
اردو ترجمي دوران ڪهڙن مرحلن مان گذرڻُ پيو. اهڙن
نڪتن کي هتي مختصر طور پيش ڪجي ٿو.
شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي جي ابتدا کان اڳ شيخ
اياز، علامه آءِ آءِ قاضي کان به ڪي ضروري هدايتون
حاصل ڪيون هيون، جن جا اشارا مختلف تحريرن مان ملن
ٿا، جيئن مٿي ڏنل هڪ خط مان يا شيخ اياز جي هڪ
تقرير مان پڻ .
شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر
هو، تڏهن علامه صاحب جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي
تقرير ڪندي چيو هئائين ته،”.... مان علامه صاحب
سان زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو مليو هوس. مان ۽ منهنجا
دوست غلام رباني ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي گڏجي
هن جي گهر ويا هئاسين....“ هن وڌيڪ چيو هو
ته”....... علامه صاحب سان ملاقات ٿي، اُن کان
گهڻو اڳ هو مون تي ڪافي مهربان هو ۽ جڏهن مرڪزي
حڪومت هن کي شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي جو
ڪم سونپيو هو، تڏهن هن پاڪستان جي سمورن شاعرن مان
مون کي اِنهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو هو ۽ جڏهن مون اُهو
ترجمو پورو ڪيو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ مون کي
دعائون ڪيو هئائين.....“(6)
شيخ اياز، شاهه جي رسالي جي اردو منظوم ترجمي
دوران آفاق صديقي کان به مدد حاصل ڪئي هئي. اُن
مدد يا سهڪار جي نوعيت ڪيئن ۽ ڪهڙي هئي، تنهن جو
اندازو آفاق صديقي ۽ شيخ اياز جي مختلف وقتن تي
لکيل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو.
سڀ کان اڳ ۾ آفاق صديقي آگسٽ 1962ع ۾ ”ريگزار ڪي
موتي“ نالي هڪ ڪتاب پاڪستان رائيٽرس گلڊ سب ريجن
سکر پاران ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ٻين شاعرن
سان گڏ شيخ اياز جي اردو ڪلام جو انتخاب به ڏنو
ويو، اُنهيءَ ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ هنڌ تي لکي ٿو
ته،”...... سنڌ يونيورسٽيءَ جي طرفان شاهه لطيف
ڀٽائي رحه جي پوري مجموعه ڪلام يعني ”شاهه جو
رسالو“ جي منظوم اردو ترجمي جو ڪم به اياز کي
سونپيو ويو. شاهه جي ڪلام جو هي منظوم ترجمو
عنقريب ظاهر ٿيڻ وارو آهي. منظوم ترجمي ۾ تخليقي
”اُپج“ جو بانڪي پڻو، هڪ طرف اياز جي اعليٰ
شاعراڻين صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌي
شاعريءَ جي راهه رسم اردو شاعريءَ سان وڌائي
ٿو.....“
اڳتي هلي آفاق صديقي، پاڪستان ٽيليوزن تان بيدل
مسرور جي ڪيل پروگرام ”شهرِوفا“ ۾ پنهنجي خيالات
جي اظهار دوران چيو هو ته،”..... هڪڙي ڳالهه مان
هتي ٻڌائيندو هلان ته شيخ اياز کي اردو، فارسي،
انگريزي ۽ هندي ادب تي به عبور حاصل آهي ۽ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ترجمي جي جڏهن ڳالهه آئي، ته
شاهه جي رسالي جو ترجمو سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان
شايع ڪيو وڃي، ته اُن جو انچارج يا اُن جو منتظم
پير حسام الدين راشدي هو ۽ پير صاحب جي نظر انتخاب
شيخ اياز تي پيئي. انڪري به ته شيخ اياز اردو توڙي
سنڌي، ٻنهي حلقن ۾ ڏاڍو مقبول هو ۽ ظاهر آهي ته
سنڌ جي ادبي ۽ تهذيبي سلسلي جي سڀني محفلن ۾ مان
ساڻس گڏ هوندو هوس، ته مون به شيخ اياز سان گڏجي
ترجمي جو ڪم ڏاڍي لگن سان ڪيو. اُهو ترجمو ايترو
ته مقبول ٿيو، جو اُنهيءَ تي کيس انعام ڏنو ويو،
جنهن ڪري شيخ اياز جي ادبي دنيا ۾ شهرت وڌي
ويئي.“(8)
هن بيان ۾ آفاق صديقي پاڻ اِها ڳالهه مڃي چڪو آهي
ته هن شيخ اياز سان گڏجي ترجمي جو ڪم ڪيو، نه ڪِه
اڪيلي سر ترجمو ڪيو.
شيخ اياز 30- جولاءِ 1955ع جي خط ۾ محمد ابراهيم
جويي کي لکيو آهي ته،”اڃا تائين شاهه جي بيتن
جواردو ترجمو نه پهتو آهي.“ اُنهي ترجمي مان مراد
مخدوم امير احمد جي لفظي ۽ لغوي ترجمي جي آهي. يا
گربخشاڻيءَ جي شاهه جي رسالي جي پهرين جلد نه ملڻ
سبب هن شهواڻيءَ جي رسالي تان اردو ترجمي جي
شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ترجمي جي رفتار کي نظر ۾
رکي لکيائين ته 20 آگسٽ تائين ست اٺ سئو سٽن جو
ترجمو ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح ساڳيءَ تاريخ تي لکيل
هڪ ٻئي خط ۾ لکيائين ته گربخشاڻيءَ جي ٽئين جلد
مان ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ مارئي ترجمو ڪيو اٿم.
شيخ اياز جي شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي کي ڏسجي
ٿو ته سُر ليلا چنيسر ۾ ٽي داستان آهن جن ۾ 17
بيت ۽ 2 وايون اهن. سُر مومل راڻو نون (9) داستانن
تي ٻَڌل آهي، جن ۾ 86 بيت ۽ 10 وايون آهن. ائين ئي
سُر مارئي يارنهن داستانن تي مشتمل آهي، جن ۾ 154
بيت ۽ 11 وايون آهن. اهڙيءَ ريت ڪُل 23 داستان،
275 بيت ۽ 23 وايون ترجمو ٿيون.
پنڌرهن يا ويهن ڏينهن ۾ ايترن داستانن، بيتن، واين
توڙي سُرن جو ترجمو ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي.
اهڙي رفتار سان منظوم ترجمي جهڙو ڪٺن ڪم اُهوئي
شاعر يا تخليقڪار ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٻنهي ٻولين
تي پوري قدرت حاصل هجي ۽ اُن ۾ تخليقي قوت به غير
معمولي هجي.
اُنهيءَ زماني ۾ گويا ساڳئي سال1955ع سنڌي ادبي
بورڊ پاران شايع ٿيندڙ رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي
گذارش تي شيخ اياز اُن ۾ علمي ۽ ادبي نوع جا خط
لکندو هو، جو پوءِ اڳتي هلي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“
جي نالي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. اُنهن خطن مان هڪ
خط 1955ع جي مطالعي مان شاهه جي رسالي جي منظوم
اردو ترجمي ڪرڻ دوران مٿس طاري ٿيل ڪيفيت جي خبر
پوي ٿي. هو لکي ٿو ته:
ادا،
هاڻي ”سر يمن ڪلياڻ“ جي پنجين داستان جي آخري وائي
اردوگيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن.
ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊکرا
آهن. وائيءَ جي هيٺين سِٽ روح ۾ رقت جي لهرون
اُڀاري رهي آهي.
”سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!“
اڄ اِها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي
ساريءَ روحاني ڪشمڪش جي آئينددار آهي. اها سٽ هڪ
هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هينئون جهولي رهيو آهي.
ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي. اُن ۾ ڪهڙو نه
معنيٰ ڀريو ميٺاج!” ننڊ نه هيريو نيڻ...!“ منهنجو
تصور اُڏاڻو: صديون سميٽجي ويون ۽ مون اُنهيءَ
ازلي مست کي ڀِٽ تي ستارن جي ڇانو هيٺان ڏٺو. مون
ڏٺو ته لطيف پنهنجي لات ۾ سراپا محو هو. هن جي
اکين اڳيان لفظ ڪتين جيان جهرمر لڳائي بيٺا هئا ۽
هو اُنهن مان ستارا ڇنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري
جهرجهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو. پسون پکي سُتا
پيا هئا، ليڪن ڀٽ ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو
هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو. گويا
رمزن ۽ راز اُن جي مڌ ڀري هڳاءُ وانگر ڦهلجي رهيا
هئا. هن تنبورو کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان
سيسراٽ اُڀري ويا. تند وڄڻ لڳي. رڳون رباب ٿينديون
ويون. هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا، سمائبا ويا.
راڳ ويراڳ وسڻ لڳو.
وسارج مَ ويڻ، جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا !
لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ،
جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا !
اصل اَسارن جا، سُتي ويڙا سيڻ،
جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا !
جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ،
جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا !
راتڙيون جاڳن جي، سي آءٌ ڪندڙي سيڻ،
جو ڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا !
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون ننڊا نيڻ،
جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا !
هر سٽ ۾ هڪ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت
آهي، جنهن جو تاثر جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو ٿو
وڃي. اِنهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ
۽ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو ته حسين تضاد
پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ چمي اکين تي رکي، روح
جي رحل ۾ ويڙهجي رکجي! مٿئينءَ وائيءَ جي گهرائي
اُهو ئي محسوس ڪري ٿو سگهي، جنهن جي اکڙين جي
اوجاڳن سان ياراڻي هجي، جنهن ساريون ساريون راتيون
ستارن جي سنگ ۾ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس
نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جو جاڳي، جلي، لوچي ۽ لهي.
ادا! هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ
کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن
جي عظمت محسوس ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت
کي ڪيئي ڀيرا پڙهندو آهيان. ڪائي ازلي مستي وير
وانگي وڌندي ويندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي
ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي
سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾
پيهي سِپون سونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي. رسالي جو
اردوترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي، شال مان اِهو
ڪم توڙ تائين سر انجام ڏيئي سگهان(9)
هن هيٺ پڙهندڙن جي لطف لاءِ مٿين وائيءَ جو شيخ
اياز جو ڪيل اردو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
ميرا ڪهنا بهول نه جا،
جوبن دودن ڪي مايا
بهوربهئي هرپاپن ڪي، درگت هوتي ديکهه دشا
جوبن دودن ڪي مايا
ننديا ڪا جو ميت هوا، پريتمم ڪو اُس ني کهويا
جوبن دودن ڪي مايا
سکهيو! يه جهوٽا بندهن، نيند ڪا نينون سي ناتا
جوبن دودن ڪي مايا
ڪوري آنکهون ڪاٽي رين ميت وهي ميري تن ڪا
جوبن دودن ڪي مايا
آدهي رات هي دور هٽا نيند ڪي نينون سي چهايا
جوبن دودن ڪي مايا
شيخ اياز جي هيٺينءَ وائيءَ جي مطالعي کان پوءِ
چئي سگهجي ٿو ته اُن جي تخليق جو محرڪ جذبو به
اُهو ئي اثر آهي:
تترَ تيزُ اوڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
اچ، رڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏارَ
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
متان ڦُول ڇڻي وڃن، ڏِئي مُندَ ميارَ
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
مُنڌَ! نِڀائن ڪِينَ ٿا، ڪنهن سا ڪارا وار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا (11)
ساڳئي دور جي هڪ ٻي ڳالهه هيءُ به آهي ته شيخ اياز
ڪنهن اڻڄاتل ڇوڪريءَ کي سندس لکيل خط جا جواب
لکندو هو، جي پوءِ سن 1988ع ۾ ناز سنائيءَ ترتيب
ڏيئي، پنهنجي اداري ”سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران
”شيخ اياز – هڪ شاعر، هڪ عاشق“ جي نالي سان ڪتابي
صورت ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. اُنهن خطن مان هڪ خط ۾
اياز ڏانهن لکي ٿوته: شاهه جي رسالي جا پهريان ٻه
جلد(گربخشاڻي وارا) ترجمو ڪري چڪو آهيان. باقي
ترجمو به چئن پنجن مهينن ۾ مڪمل ڪندس. ڪجهه ترجمو
موڪليانءِ ٿو. مان روزانو ڪم ازڪم ڏهه ڪلاڪ وڪالت
جي معاملات ۾ مصروف هوندو آهيان. رات جو نوين وڳي
فارغ ٿيندو آهيان، جيڪڏهنن ڪائي رندانه مصروفيت نه
هوندي آهي ته ڪلاڪ سوا انگريزيءَ ۽ اردو رسالن ۽
ڪتابن جو مطالعو ڪندو آهيان. اٽڪل 11 وڳي کان 2
وڳي تائين ترجمو ڪندو آهيان ۽ پوءِ ليٽي آسمان
ڏانهن نهاريندو آهيان. جيستائين ننڊ اچي ويندي
آهي. (12)
گهڻُو وقت پوءِ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي.” ڪٿي
ته ڀڃبو ٿڪ
مسافر“ ۾ به پنهنجي اُن وقت جي احساسن ۽ مشاهدن کي ياد ڪندي هڪ
هنڌ لکيو آهي ته” ...... اونهاري ۾ جڏهن پرهه جو
هير هندوري وانگر گهلندي هئي، تڏهن مان چئين بجي
صبح جو اُٿي بجليءَ جي روشنيءَ تي شاهه جو اردو ۾
منظوم ترجمو ڪندو هوس. اُن ترجمي ۾ ڪڏهن پنهنجي
ڪائي خوبصورت سٽ وڌائي ڇڏيندو هوس ڇو ته دل ۾
ايندو هو ته اُها سٽ ڀٽائي کان ڀُلجي وئي هئي ۽ هن
نه لکي هئي. اٽڪل پنجين بجي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ مان ڪَرَ
موڙي ڇت جي ڀت تان ڏسندو هوس، جڏهن پرهه سنڌوءَ تي
ڪَرَ موڙيندي هئي ۽ ڀرسان ٻيلي مان هزارين پکي
قطارون ڪري آسمان ۾ ڀٽائيءَ جي سٽن وانگر اُڏامندا
هئا. گهڻو ڪري اُهي وَهيا هوندا هئا، جي روهڙي ۽
خيرپور جي کجين ڏانهن ويندا هئا. زرينا جي ننڊ مان
اک کُلندي هئي ته ڪاوڙجي چوندي هئي؛توکي اهڙي ڪهڙي
عادت آهي، ساجهر بتي ٻاري ڪچيءَ ننڊ مان ٿو
جاڳائين. ڀٽائي ڪو ڀڄي نٿو وڃي!“ پوءِ روشنيءَ تي
ئي اکيون ٻوٽي سمهي پوندي هئي. جوانيءَ جي ننڊ به
ڪيتري پياري ٿي ٿئي! پر مونکي ڀٽائيءَ جي وائيءَ
جي اِها سٽ: ”وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا! “
دل ۾ کُپي وئي هئي.“ ( ص 66)
مٿي ڏنل محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل خطن مان هڪ
خط ۾ شاهه جي رسالي جي ڪيل اردو منظوم ترجمي تي
حفيظ هوشيارپوريءَ جي اصلاح سان به شيخ اياز جي
اختلاف رکي ٿو، ۽ ترجمي جي حُسن ۾ اضافي تي به
اڪتفا نٿو ڪري. اُنهيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته هو اصل
جي روح کي قائم رکڻ ٿو چاهي.
شيخ اياز ”شاهه جي رسالي“ جي اردو منظوم ترجمي جو
گهڻو حصو مڪمل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هن اُن جو
مقدمو لکڻ لاءِ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽جناب
پير حسام الدين راشدي کي لکيو،جن جي اجازت ملڻ کان
پوءِ هن اُهو ڪم شروع ڪيو. اهڙا اشارا هن کان اڳ
ڏنل خطن ۾ به ڏسي سگهجن ٿا. هتي طوالت سبب اُنهن
جو ورجاءُ نٿو ڪجي، اُن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”شاهه
جي رسالي“ جي منظوم اردو ترجمي دوران پهريون
معاهدو رڳو ڪلام جي منظوم اردو ترجمي ڪرڻ تائين
ٿيل هو ۽ مقدمي لکڻ وارو معاهدو الڳ ۽ بعد ۾ ٿيو
هو. بهرحال شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويي انهن
لکيل خطن تي تاريخون ۽ سن نه هئڻ سبب فقط اندازو
ٿئي ٿو ته شيخ اياز شاهه جي ڪلام جو اردو منظوم
ترجمو ڊسمبر 1956ع تائين مڪمل ڪيو هوندو. اهڙيءَ
طرح هن مقدمي لکڻ لاءِ مختلف ڪتابن جي مطالعي مان
مقصد جي موتين هٿ ڪرڻ بعد اُن جي پڄاڻيءَ تائين به
ڪجهه وقت ورتو هوندو.
اردو ترجمي دوران پنهنجو ڪيل ڪم شيخ اياز وقت بوقت
پنهنجن دوستن ۽ سنڌي ۽ اردو شاعرن کي به ٻڌائيندو
هو، جتي اُهو بيحد پسند ڪندا هئا. اِن سلسلي ۾ هڪ
هنڌ لکي ٿو ته،”اٽڪل 10-15ڏينهن اڳ جگر مراد
آبادي، روشن صديقي ۽ شان الحق حقي هتي (سکر)
منهنجي دوست ”راز“ (شيخ عبدالرزاق) وٽ مانيءَ تي
مدعو هئا، جتي کين مون شاهه جي ترجمي جا ڪيترا
ٽُڪرا پڙهي ٻڌايا جي هُنن بيحد پسند ڪيا.“(13)
اهڙيءَ طرح هن هڪ هنڌ ان ڪم جي معاوضي جي ڳالهه
ڪندي لکيو آهي ته””شاهه جي رسالي جي منظوم ترجمي
جو معاوضو اٺ هزار آهي، جو(سنڌ يونيورسٽيءَ پاران)
قسطن ۾ ڏيڻ ۾ ايندو.“(14)
ترجمي مڪمل ڪرڻ ۽ مقدمي لکڻ کان پوءِ جڏهن اِهو
سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو ته اُهو اردو
ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان کان
علاوه حفيظ هوشيارپوري به نظرن کان ڪڍيو. اُنهن
مرحلن مان گذرندي اُن جي اشاعت تائين لڳ ڀڳ ڇهن
کان ستن سالن جو عرصو لڳي ويو. آخر جون 1963ع ۾
اُهو ڊيمي سائيز جي نوانوي صفحن جي مقدمي ۽ پنج سو
ايڪيهن صفحن تي ڇپيل ڪلام کان علاوه پيش لفظ
۽گذارش سميت شايع ٿيو. اُن جي پيش لفظ ۾ تڏهوڪو
وائيس چانسلر رضي الدين صديقي لکي ٿو ته”..... سنڌ
يونيورسٽيءَ پاران سنڌي ادب جي اعليٰ ۽ عظيم ترين
شاهڪار”شاهه جي رسالي“ کي اردو ۾ منظوم ترجمي جي
شڪل ۾ شايع ڪرڻ جو شرف حاصل ڪندي انتهائي مسرت
محسوس ڪري رهيو آهيان....“
هو وڌيڪ لکي ٿو ته،”...... منهنجي محترم پيش رو
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي سرپرستيءَ ۾ اهو ڪم
شروع ٿيو ۽ مختلف عالمن ۽ فاضلن جي سهڪار سان اهو
سلسلو جاري رهيو. ”سنڌي اردو“ ”اردو سنڌي“ لغتن جا
ٻيئي جلد ٽي سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ پريس مان ڇپجي
شايع ٿيا آهن. جن پنهنجن حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل
ڪئي آهي. هاڻي شاهه صاحب رحمت الله عليه جي ٻه سو
يارهين ورسيءَ جي موقعي تي اُن جي لافاني ڪلام جو
منظوم ترجمو اهِل علم جي خدمت ۾ پيش ڪيو پيو
وڃي..... “
صديقي صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته”.....منظوم ترجمي جو
اصل ڪم جناب شيخ ايازصاحب ڪيو آهي، جو اردو ۽
سنڌيءَ جو معروف شاعر آهي. انهيءَ ترجمي کان علاوه
شيخ صاحب شاهه سائين رحه جي سوانح حيات ۽ سندس
ڪلام جي خوبين ۽ خاصيتن تي هڪ تفصيلي مقدمو به
لکيو آهي. يقيناَ شاهه صاحب جي ذات ۽ سندس خيالات
کي اردودان طبقي سان روشناس ڪرائڻ لاءِ بيحد مفيد
ثابت ٿيندو.....“
منظوم ترجمي تي نظر ثانيءَ جي حوالي سان صديقي
صاحب لکي ٿو ته،“ اُن کان پوءِ جو مرحلو اِهو هو
ته اُن منظوم ترجمي تي اردوءَ جي ڪنهن وڏي مستند
شاعر کان نظر ثاني ڪرائي وڃي. اِنهيءَ ڪم لاءِ
جناب حفيظ هوشيارپوريءَ صاحب کي درخواست ڪئي
ويئي، جنهن وڏي پاٻوهه سان اِن ڪم ۾ حصو ورتو ۽
نهايت مفيد مشورا ڏنا......“
آّخر ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، صدر شعبه اردو سنڌ
يونيورسٽي، منظوم ترجمي ۽ مقدمي ٻنهي تي وڏي محنت
سان تنقيدي نظر وڌي. اُن کان پوءِ هي مسودو پريس
جي حوالي ڪيو ويو. اُنهن سڀني مرحلن مان ظاهر آهي
ته سڀ کان اهم مرحلو منظوم ترجمي جو هو، جنهن کي
سرانجام ڏيڻ جو سهرو شيخ اياز صاحب جي سر تي آهي.“
(15)
محترم رضي الدين صديقي پنهنجي پيش لفظ ۾ صاف وضاحت
سان لکيو آهي ته،” منظوم ترجمي جو اصل ڪم شيخ اياز
ڪيو آهي.“ صديقي صاحب جي اِنهي چِٽائي مان اِهو
سمجهي سگهجي ٿو ته اُن زماني ۾ به ٿي سگهي ٿو ته
منظوم ترجمي متعلق ڪي وائي –تبائي ڳالهيون
اُڏاميون هجن، جن جي وضاحت هن صاحب ضروري سمجهي ۽
برملا ڪئي به آهي.
محترم پير حسام الدين راشدي ”گذارش“ جي عنوان هيٺ
هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”...... فاضل مترجم جو مان شڪر
گذار آهيان جو هن منهنجي گذارش تي هي اهم ڪم
پنهنجي ذمي کڻي خير خوبيءَ سان اختتام تائين
پهچايو. شعراء حضرات عموماَ ذميواري ۽ پابندي قبول
ڪرڻ کان لنوائيندا آهن، پر هي ته شيخ اياز صاحب
آهي، جو نه رڳو هن دور جو مايئه ناز شاعر آهي، پر
وڪالت ۾ به انتهائي مصروف زندگي گذاريندڙ آهي. مون
کي خوشي ٿي آهي جو هن پنهنجي گوناگون مصروفيتن جي
باوجود ڪنهن نه ڪنهن طرح وقت بچائي، محبت، محنت ۽
وڏي عرق ريزي ۽ سليقي سان اِن ڪَٺن ڪم کي پايئه
تڪميل تائين پهچايو....“(16)
شيخ اياز پاران مقدمي کان علاوه ارڙهن سٽن ۾
”اظهار تشڪر“ هيئن شايع ٿيل آهي:
”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مجموعه ڪلام جي هن
اردو ترجمي کي پايئه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ پير
حسام الدين راشدي صاحب، ابراهيم جويي صاحب، مخدوم
امير احمد صاحب، حفيظ هوشيار پوريءَ صاحب ۽ عزيزي
آفاق صديقي منهنجي وڏي مدد ڪئي آهي. راشدي صاحب جو
گرانقدر ۽ مشفقانه تعاون ۽ جويي صاحب جا پر خلوص
مشورا هر منزل تي مون کي حاصل ٿيندا رهيا. ٻنهي
بزرگن جي مشترڪه عمل سان ئي هي مشڪل ڪم پُڄاڻي تي
پهتو. مڃيم آفاق صديقي صاحب سنڌي ادبي بورڊ سان
دلي وابستگيءَ جي بنياد تي مون سان هٿ ونڊائڻ ۾
جيتري محنت ڪئي آهي، اُها هر لحاظ کان قابل قدر
آهي.
مخدوم امير احمد صاحب جي نثري ترجمي پهچڻ سان گڏ
حفيظ هوشيارپوريءَ صاحب منظوم ترجمي تي نظرثاني
ڪرڻ جي زحمت گوارا ڪئي، جنهن لاءِ مان اُنهن ٻنهي
بزرگن جو تهدل سان شڪر گذار آهيان.سنڌي زبان ۽ ادب
جي جن مايئه ناز محققن جي تصنيفن تان مون استفادو
حاصل ڪيو آهي،اُنهن ۾ ڊاڪٽر سورلي صاحب، ڊاڪٽر
گربخشاڻي صاحب، ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب، مولانا دين
محمد وفائي صاحب، پروفيسر جهٽ مل صاحب، جي ايم سيد
صاحب ۽ موجوده دور جي مشهور ۽ معروف محقق ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن.“
شيخ اياز جي ”شاهه جي رسالي“ جي منظوم اردو ترجمي
۾ لکيل مقدمي کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
اُنهيءَ ۾ مواد جي تحقيقي پهلو، ترتيب، توڙي
تنقيدي راين جي مطالعي کان پوءِ نئين سوچ ڏانهن
راغب ٿجي ٿو. هو هڪ هنڌ ڊاڪٽر سولري جي حوالي سان
لکي ٿو ته ، ”رومي، جامي ۽ حافظ(وغيره) جيڪي ڪجهه
چيو آهي، شاهه اُن کان گهڻو بهترين طور بيان ڪيو
آهي.
“No might is here of Rumis verse
No Jami’s Soul-wrapt music swings,
NO hight tuned note of Hafiz’s wit,
Within your humble minstrel song,
And Yet! Strange paradox it be,
That not less searchings is the clm,
The Simple music of his lays,
Than wise deep utterance of Islam.”(17)
شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو جون 1963ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. 6 جون 1963ع تي ڇنڇر ڏينهن
شاهه لطيف جي ٻه سئو يارهين ورسي ”ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڪميٽيءَ“ جي سهاري هيٺ ڀٽ شاهه ۾ نهايت
اهتمام سان ملهائي ويئي. اُنهيءَ موقعي تي منعقد
ڪيل ڪانفرنس جو افتتاح تڏهوڪي صدر محمد ايوب خان
ڪيو هو، جنهن کي شاهه جي رسالي جو اردو منظوم
ترجمو پيش ڪيو ويو هو. لطيف سالگره مخزن 62-1963ع
۾بيان ڪيل آهي ته، ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ
اُن وقت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ
يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر رضي الدين صديقي
صاحب پاران شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي جو
مطبوعه نسخو صدر صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو. صدر
گرامي اُنهيءَ تي پنهنجي انتهائي مسرت جو اظهار
ڪندي، مترجم شيخ اياز صاحب سان هٿ ملايو ۽ اُنهيءَ
نمايان خدمت سر انجام ڏيڻ تي دلي مبارڪباد پيش
ڪئي.(18)
اِن سلسلي ۾ صدر مملڪت ۽ اياز صاحب جي وچ ۾ ٿيل
مڪالمو دلچسپي وٽان آهي، جو ڪتاب ”ذڪر اياز“ ۾ آيل
آهي.
صدر صاحب شيخ اياز کان پڇيو،”ڪٿان جا رهاڪو آهيو؟“
شيخ اياز وراڻيو، ”سنڌ جو.“
صدر محمد ايوب چيو، ”سنڌ ته تمام وڏي آهي.“
شيخ اياز چيس ته، ” مان به وڏو آهيان.“
اِهو ٻڌي صدر محمد ايوب مسڪرائي شاباس ڏيندي کيس
رخصت ڪيو.(19)
”شاهه جي رسالي“ جي اردو منظوم ترجمي جي اشاعت جي
علمي حلقن پاران وڏي آجيان ڪئي ويئي. ڪجهه عالمن
اُنهيءَ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اردو زبان
جي هاڪاري محقق جميل جالبي اردوءَ ۾ اُن جو
جائزو”حرف عرفان“ جي عنوان هيٺ لکيو، جو ”ماه نو“
ڪراچي (جون 1966ع) ۾ شايع ٿيو. اُن جو سنڌي ترجمو
ماهوار نئين زندگي (جون 1966) ۾ شايع ٿيو، جنهن
مان اقتباس پيش ڪجي ٿو.
”سنڌ يونيورسٽي شاهه لطيف جي شاعريءَ کي اردوءَ ۾
آڻائي هڪ وڏو قومي فرض پورو ڪيو آهي ۽ شيخ اياز
پنهنجن سڀني صلاحيتن کي اُنهيءَ ترجمي ۾ شامل ڪري،
اُنهيءَ اهم ڪم کي هڪ ڪارنامو بنائي ڇڏيو آهي.
”مون ترجمي کي ائين ئي پڙهيو آهي، جيئن ڪنهن اردو
شاعر جي ديوان جو اڀياس ڪندو آهيان، شعرن جو لطف
ورتو اٿم ۽ سٺي شعر مان ملندڙ خوشيءَ سان پنهنجي
روح کي نسرندو محسوس ڪيو اٿم.“
”شيخ اياز شاهه لطيف جي شاعريءَ جو منظوم ترجمو
ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي، ايترو وڏو جو ان جي تصور ڪرڻ
سان ئي پگهر وٺيو وڃن. هيءُ ترجمو زبان ۽ بيان جي
لحاظ کان بي عيب آهي، بحرن ۽ وزنن جي چونڊ ۾
لاثاني پڻ. اِهو ترجمو پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن
ڪلاسيڪل شاعر جوديوان پڙهندا هجون، جنهن ۾ ترجمو
هوندي ته ترجمي جي آورد جو احساس نٿو ٿئي. مان اِن
ترجمي کي ورهاڱي کان پوءِ جي ادب جو هڪ وڏو
ڪارنامو ٿو سمجهان.“
شاهه لطيف جا خيال ۽ ويچار قومي سطح تي اسان جي
سڀاءُ جو حصو بڻجي نئين تخليقي قوتن جي شروعات جو
سبب بنجي سگهن ٿا.“
ساجن مجهه ڪو سونپ دي ڪوئي ايسا ڪام
جس ڪي ڪارن هوسڪي جگ مين ميرا نام
” ۽ شيخ اياز اِهو ترجمو ڪري جڳ ۾ پنهنجي نانءُ جو
جهنڊو جهولائي ڇڏيو آهي.“ (20)
شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي جو ٻيو ڇاپو
آڪٽوبر 1977ع ۾ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ ڄامشوري
پاران مرڪزي وزارت ثقافتي امور جي امداد ۽ تعاون
سان ساڳيئي سائيز ۾ اشاعتي سلسلي جي ڪتاب نمبر 47
جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ٽيون
ڇاپو ڊسمبر 1991ع ۾ ”سنڌيڪا اڪيڊميءَ“ ڪراچي پاران
اردو اشاعتي سلسلي جي ڪتاب نمبر پهرين جي صورت ۾
ميگزين سائيز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. اِنهيءَ اشاعت
جو ديباچو فهميده رياض لکيو آهي. جيڪو ڇهن صفحن تي
مشتمل آهي.
مقصد ۽ نتيجو
هن مقالي لکڻ جي ضرورت تڏهن پيش آئي، جڏهن محترم
آفاق صديقي، شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي
متعلق پنهنجو مضمون ”اياز ڪهاني کي چند اوراق“ ۾
اها دعويٰ ڪئي آهي ته اُهي منظوم اردو ترجمو شيخ
اياز نه پر هِن (آفاق صديقي) ڪيو آهي، اُن کان اڳ
به ڪي ڳالهيون اُڏامنديون رهيون هيون. شيخ اياز
جي حياتيءَ ۾ آفاق صديقي ڪڏهن به اهڙو تاثر نه
ڏنو، حالانڪه رسالي جا ٽي ڇاپا ڇپجي منظر عام تي
اچي چڪا هئا. شيخ اياز جي وفات کان پوءِ اِهو تاثر
ڏيڻ ڪنهن الزام کان گهٽ نه آهي. اُنهي جي زد ۾ نه
رڳو اڪيلو شيخ اياز اچي ٿو وڃي، پر سنڌ جو اعليٰ
تعليمي ادارو سنڌ يونيورسٽي، علامه آءِ آءِ قاضي،
پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر رضي الدين صديقي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽
حفيظ هوشيارپوري وغيره به اچي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته
شاهه جي رسالي جي منظوم ترجمي واري رٿا ۾ اهي سڀئي
هستيون شامل هيون جن هِن (آفاق صديقي)جو نالو نه
ڏيئي هن سان نا انصافي ڪئي! ڀلا جڏهن پورهيو هڪڙو
ماڻهو ڪري ته نالو ٻئي جو ڇو اچي؟ هيڏا وڏا عالم ۽
اسڪالر ڪيئن ٿا ائين ڪري سگهن ته معاهدو هڪڙي شخص
جي نالي سان هجي ۽ ڪم ٻيو ڪري. سنجيده علمي ادبي
دنيا ۾ ۽ اعليٰ تعليمي اداري ۾ اهڙي بي انصافي جو
تصور ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي!
هن مقالي لکڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته تحقيقي طور
معلوم ڪجي ته ”شاهه جي رسالي، جو منظوم اردو ترجمي
واري رٿا ڪڏهن شروع ٿي ۽ ڪيئن تڪميل تائين پهتي؟
يا شيخ اياز کي ڪهڙن تخليقي ۽ تحقيقي مرحلن مان
گذرڻو پيو. انهن سڀني ثابتين ۽ دليلن جي روشنيءَ
۾ ”اياز شناسي“ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙن آڏو
”اصل حقيقت“ چٽيءَ طرح واضح ڪري ڇڏجي، ته جيئن بي
بنياد ۽ بي دليل تاثرن جي ڪري پيدا ٿيل غلط فهميءَ
جو پڙاڏو علمي دنيا ۾ باقي نه رهي.
هن مقالي جي مطالعي سان اُهي سڀئي گهربل نتيجا
حاصل ٿين ٿا ته شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي
جو ڪم ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ٿيو. ترجمي واري رٿا ٻن
مرحلن يا حصن ۾ ورهايل هئي، هڪ ڪلام جو منظوم اردو
ترجمو ۽ ٻيو مقدمي لکڻ جو ڪم، رٿا موجب اهوبه طئه
هو ته شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ واري نسخي تان ڪيو وڃي ۽ اُن جي مڪمل
نه هئڻ واري صورت ۾ باقي رهيل متن جي ترتيب ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ پاران ڏني ويئي. هتي اِها ڳالهه به
واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن پڙهندڙ
جي ذهن ۾ اِهو خيال پيدا ٿئي ته علامه آءِ آءِ
قاضي صاحب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇو ڪونه
منتخب ڪيوويو؟ تنهن جي متعلق اِهو چئي سگهجي ٿو ته
”سنڌي ادبي بورڊ“ سن 1960ع ۾ شاهه جي شاعرانه
پرواز ۽ فڪر بابت جامع ڪتاب توڙي شاهه جي ڪلام جي
هڪ معياري متن تيار ڪرڻ جو ڪم علامه آءِ آءِ قاضي
صاحب کي سونپيو هو، جن مان ڪلام جو متن (شاهه جو
رسالو) پهريون ڀيرو 1961ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو.
شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي واري عرصي کي
نظر ۾ رکي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شيخ اياز
اُنهيءَ وقت بيحد مصروف هجڻ جي باوجود اِهو علمي ۽
تخليقي ڪم ڪيڏي نه محبت، محنت ۽ جانفشانيءَ سان سر
انجام ڏنو آهي. جنهن جا دليل مقالي ۾ پيش ڪيل آهن.
ان دوءر ۾ جيڪڏهن ڪنهن دوست يا ساٿيءَ کان ڪائي
مدد طلب ڪيائين ته اُن جو مقصد اهو ته نه ٿيو ته
اڳتي هلي،مددگار ئي اُن ڪم جي مالڪي جتائي!
حوالا
1-
آفاق صديقي: ”اياز ڪهاني کي چند اوراق“ (مضمون)
”ذڪرِ اياز“ مرتب: آصف فرخي ۽ شاهه محمد پيرزادو:
مڪتبه دانيال ڪراچي ص 149- 151
2- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”اردو سنڌي لغت“:
مهاڳ: سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد:1961ع
3- صديقي، رضي الدين: ”رساله شاهه عبداللطيف“: پيش
لفظ(ب) سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1963ع
4- شاعر، حمايت علي:”شيخ اياز“ (شخص ۽ عڪس):
المصنفين ڪراچي: 1983ع ص 29
5- ٽماهي مهراڻ: شيخ اياز نمبر: 1-2/1998ع، ص
74-76
6- ”پرک“ مخزن، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي
76-1977ع، ص 77-78
7- آفاق صديقي: ”ريگزار ڪي موتي“: پاڪستان رائيٽرس
گلڊ سب ريجن سکر بحواله”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“:
شيخ اياز، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، ڊسمبر
1997ع، ص 144
8- ماهوار ”سهڻي“: شيخ اياز نمبر“: مارچ 1990ع، ص
187
9-
شيخ اياز: ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“: ڊسمبر
1963ع ص 152-154
10- ”رساله شاهه عبداللطيف“: مترجم: شيخ اياز: سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد: 1963ع ص 34
11- شيخ اياز:”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“:نيو فيلڊس پبليڪيشن
حيدرآباد:1986ع: ص 297
12-
”شيخ اياز – هڪ شاعر، هڪ عاشق“:مرتب: ناز سنائي:
سنڌي ساهت گهر حيدرآباد:1998ع ص 140
13-
ايضاَ: ص 137
14 ايضاَ: ص 28
15-
صديقي، رضي الدين: ”رساله شاهه عبداللطيف“: پيش
لفظ ص الف، ب، ج
16-
راشدي، حسام الدين: ”رساله شاهه عبداللطيف“؛
گذارش: ص – و
17-
ڏسو حوالو: 10 : ص 26
18-
”لطيف سالگره مخزن“: ٻه سئو ڏهين ۽ يارهين ورسي:
1962-1963ع ص 16
19- ڏسوحوالو 1- ص 154(ذڪر اياز)
20-
جالبي، جميل: ”ڀٽائيءَ جو اردو منظوم ترجمو“ هڪ
جائزو: ماهوار نئين زندگي، ڪراچي: جون 1966ع ص 6،7
۽ 58 |