نياز همايوني
دوها
دنيا وارو! اچو ته سچ نروار ڪجي دل وڏي ڪري،
جنهن جي ساک زماني جي هر ڪوڙ جي قوت جڏي ڪري.
ماڻهوءَ جي مذڪور ۾ شامل اهڙو ڪو دستور هجي،
ڪوبه نه پنهنجي حق جي در حق محروم ۽ مجبور هجي.
پيار سهاڳ جي مينديءَ جان ٿو سُرهو سڀ جو ساهه
رکي،
ماڻهو سُهڻو اُهو جو سڀ سان بنا چوڳڻ جي چاهه رکي.
عشق تمنا، هاءِ تمنا، هر سهڻي شيءِ پنهنجي ٿي
آدم ۽ الله جي اوڏا ٿين ته مشڪل سهنجي ٿي.
درد اُهو جو دل ۾ ڌار ته اَڏايون سڀ فنا ٿين،
ماڻهو ماڻهوءَ جو ٿي رهي بس، اهڙا وعدا وفا ٿين.
اوڻاين کان صاف ۽ سُڌريل آدم دوست سماج کپي،
انسانن جي اوکاين جو آخر ڪو ته علاج کپي.
هُسن جي ڳولا اٿئي ته پهريان پنهنجي اندر ڳول هلي،
تنهن کانپوءِ ڀلي تون ڪنهن ٻي پاسي وارا ڦول هلي.
آءُ ته سوچيون هيڪاند اُٿي، هنگاما ۽ هور ڇڏي،
نيڪيءَ سان نهال ٿي رهجي ٻي سڀڪا تڪ تور ڇڏي.
ميوو آهه مٺاڻ سان جئن تئن ماڻهو آهه مروت سان،
گُل ٿو سونهي خوشبو سان ۽ ماڻهو مِهر محبت سان.
اچو ته مهر محبت سان سڀ تلخيون ترشيون دور ڪريون،
اهڙيءَ ريت مروت سان پڻ ڪُپتيون چڪنا چور ڪريون.
ڌرتيءَ جيڏي دل ڌاري تنهن اُڀ جو آڌرڀاءُ ڪجي،
جنهن ۾ چنڊ ستارن وانگي پاڻ به چمڪي تاءُ ڪجي.
دنيا جيئن ڪنهن زندهه دل جي دل جان روشن ٿي ويندي،
انسانيت عروج تي ايندي، دل دل گلشن ٿي ويندي.
توسان انگ ازل جو، اسان کي سمجهه نه تون بيگاني
جان،
اسان ته توسان عشق ڪريون ٿا، ڌرتي ڪنهن ديواني
جان.
ڪنهن جي ڪاڻ جياپي ۾ ڏک پنهنجا پراوا پاليون ٿا،
سولي ناهه حياتي سائين،تڏهن به خوش ٿي جياليون ٿا.
دل تي تنهنجو داءُ لڳو، وئي ساري موڙي غارت ٿي،
هاڻ ته تنهنجي وس آهيون، او دل جا ڌڻي سڀ پارت ٿي.
جنهن جي روپ جي رونق آڏو چانڊوڪي شرمائي ٿي،
سائي دل جي دولت آهي، ٻيائي کان هيءَ لهرائي ٿي.
تنهنجو ائين اونٽار چڙهي ٿو، رکي رکي اَلمستيءَ ۾،
سونو ٿالهه ٿي اُڀري ٿو ڄڻ ساجهر سج ڪنهن وستيءَ
۾.
تون خيال جي خوشبو آهين، مستي آهين خوابن جي،
تو ۾ جو گم ٿيو نه وٺندو سام ڪڏهن سرابن جي.
تنهنجا دوست اسان ئي آهيون، وفا به توسان ڪريون
پيا،
دل ته ڪئيسي نذر پرين پر جان به تو در ڌريون پيا.
جنم ڏنو جنهن ڌرتي اسان کي سا ڌرتي آباد رهي،
”يار نياز“ اِها دعا ٿي هر دم دل تي ياد رهي.
”سرويچ“ سجاولي
انقلاب
ڇا ڪنڌ قاتل پيو ڪپي، ڇا لال لٽ ۾ پيو لپي،
بس انقلاب آيو کپي، هُو انقلاب آيو کپي!
جيئن جيئن جبر جورو ٿئي ۽ قهر نت ڪورو ٿئي،
تيئن تيئن ٿي ڌرتي تپي، بس انقلاب آيو کپي!
ڇا رَت راڻن جو تَتل، جهوري جبل آيا ڳپل،
مڙسن ڇڏي منزل ملي، بس انقلاب آيو کپي!
سوڍن جي سر سونهن جو قسم، بدڪار جا بارود بم،
جوڌن پُٽن ورتا جهپي، بس انقلاب آيو کپي!
هر هڪ ٻچو، سنڌ سان سچو، سينو ڪڍيو چئي پيو اچو،
ٽينڪن اڳيان بيٺو ٽپي، بس انقلاب آيو کپي!
سوريءَ چڙهڻ سڀ پيا سِکن، ”سرويچ“ سوڀن لئه لکن،
۽ ڇاپڻي ڇاپئي ڇپي، بس انقلاب آيو کپي!
“عنايت“ بلوچ
غزل
مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي.
دل جي حالت، اُنهيءَ بعد سُڌري نٿي.
سور صدما سٺم، ضبط ڏاڍو ڪيم،
حوصلو ڏس مگر، دانهن نڪري نٿي
گُلپري آهي ناراض ڪنهن ڳالهه تي،
ڪين منٿون مڃي، هاءِ! پرچي نٿي.
نيٽ تي ڪالهه مون کي لکيو آ پرين،
”تنهنجي هٿڙن سوا سينڌ سنوري نٿي.“
تون اچڻ جو چئي ڪيئن آئين پرين،
نيڻ واٽون تَڪن، رات نبري نٿي.
مهرباني! اچين وئين ته ڪجهه ترس ڀي،
توکي ڏسندو رهان، دل ته ڀرجي نٿي.
پيار جا پهر لمحن ۾ اُڏري ويا،
هجر جي پر گهڙي يار گذري نٿي.
حسن کي زيورن جي ضرورت نه آ،
سونهن رنگين پوشاڪ پهري نٿي.
جيئن ٻانهون ”عنايت“ وڪوڙي ويون،
جلد ٿيا فيصلا دل ته سوچي نٿي.
نصير مرزا
ڪاغان جي سفر دوران
اڙي ڪاغان جي وادي!
هي هيڏا موڙ تو ۾ ڇو؟
۽ هر هڪ موڙ تي هي ڪجهه
حسينائون،
مٿي تي گاهه جو ڀَريون،
مُڙن ٿيون موڙ تيزيءَ سان!
هوائن جي لفافن تي
نگاهن جي ادائن سان
لکن پيون نانءَ هي ڪنهن جا؟
ڪٿان پيو هي لهي پاڻي
اڙي، ”ڪنهار“ جا دريا!
ازل جي اک مان شايد،
وڃين وهندو ابد تائين!
”محسن “ ڪڪڙائي
غزل
توڙي ڪنهن ساڻ ڀي اظهار ڪيو ئي ناهي
پر، ائين ناهي ته ڪو پيار ڪيو ئي ناهي.
هُن جي وک وک مان لڳي ٿو ته هُو سڀ سمجهي ٿي،
هُن اڃا تائين ته انڪار ڪيو ئي ناهي.
هُن جي هر ڳالهه مان ”هائو“ جي اچي ٿي خوشبو،
گرچ هُن پاڻ ڪو اقرار ڪيو ئي ناهي.
مون ته معصوم نگاهن سان ڇُهيو هو هُن کي،
بي ادب شخص ٿي مون پيار ڪيو ئي ناهي.
بحث جي باهه جلائي ٿي ڇڏي ڪَک پن کي،
تنهن ڪري هُن سان مون تڪرار ڪيو ئي ناهي.
پوءِ پڇتاءَ جي پيڙا ۾ وتان گوماٽيو،
اهڙو يارن سان ڀي وهنوار ڪيو ئي ناهي،
ڪيترا راز لڪايون ٿو وتي سيني ۾،
ڪنهن کي”مُحسن“ ته ڪڏهن خوار ڪيو ئي ناهي.
ادل سومرو
وائي
سَڀُ وڃئون گڏجي،
پوءِ ڪا ڳالهه بڻي:
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا.
خوابن جي تصوير تان، مَن ڪا دز ڇڻي،
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا.
جيڪي لکيو آهه مون توکي شالَ وڻي
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا.
اونداهيءَ جي ڪُک ۾، ڀالو سج هڻي،
نه ته ڏک اُهي ئي رهندا.
”تاج“ بلوچ
اينيٿيسيا کان پوءِ
رات پازيب جي جهنڪار ۾ ترندي آئي
ڪنهن جي سا روپ جي مهڪار ۾ ترندي آئي!
دل جي ويراني ۾ نروار نئون چنڊ ٿيو،
روشني آهه جا خوشبو بڻجي
دل جي آڳر ۾ پکڙجي پيئي
اهڙي خوشبو
جا رڳو تنهنجي بدن جي خوشبو
اهڙو جادو
جو رڳو تنهنجي اکين جو جادو
۽ نئون روپ ڪو مُرڪيو آهي
مشڪيو تنهنجي بدن جي جلون
مون کي آغوش ۾ جڪڙيو آهي
توسان تنهائي ۾ جيڪي ٿيون باتان جانان!
تنهنجي زلفن جيان سُرهيون اُهي راتان جانان!
ڪنهن پرستان مان اُتريون آهن
تنهنجي گلنار بدن جي گفتار
مون کي مستي ڪا الستي بخشي
دل وري زور سان آهي ڌڙڪي
رات پازيب جي جهنڪار ۾ ترندي آئي
تنهنجي سا روپ جي مهڪار ۾ ترندي آئي!
مختيار ملڪ
غزل
ڪيترو مون سان ڪرين انياءُ تون!
دشمنن جهڙو رکين ورتاءُ تون!
تو بنا تارا به تنها ٿا لڳن،
چنڊ، تن جي لاءِ موٽي آءُ تون!
سنڌ منهنجو ساهه ۽ ويساهه تون!
سنڌ منهنجي آهين مٺڙي ماءُ تون!
منهنجي وس ناهي رهيو منهنجو جيئڻ،
ايترو گهرو ڏئي وئين گهاءُ تون!
هر دفعي پرچائڻو مون کي پيو،
ڄڻ نٿي چاهين، ڪڏهن پرچاءُ تون!
پيار مان توکي پُڪاريو اڄ به دل،
پنهنجي هينئڙي ۾ ٻُڌين پڙلاءُ تون!
اياز ”گل“
غزل
فرض پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي،
دوست آهي دغا ڪندو ٿو رهي!
تُهمتون هُن ڇڏيون ورهائي سڀ،
نيڪ آهي، سخا ڪندو ٿو رهي.
اَک اُماڙي، زبان خنجر جيان،
سونهن کي به سزا ڪندو ٿو رهي.
زندگي چار ڏينهن، مگر انسان،
روز ڪيڏا خفا ڪندو ٿو رهي.
هو خدا ناهي، پر اُنهيءَ وانگي،
اڻ گهري ئي عطا ڪندو ٿو رهي.
روز سوچي، لکي ۽ ڳالهائي،
هو خطا تي خطا ڪندو ٿو رهي.
لوڪُ پٿر، وري وري ٿو وَسي،
هُو دعا آ، دُعا ڪندو ٿو رهي.
دادُ ملندو يا دَربَدر ٿيندو،
ڪجهه نه سوچي، وفا ڪندو ٿو رهي.
ماٺ جي شهر ۾ اَڃا تائين،
ڪو مسافر صدا ڪندو ٿو رهي.
وسيم سومرو
ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگيل چُني،
نيٺ ڇا ٿي ڳالهائي؟
رنگن ۽ ڪاون جون ڳالهيون
رڳو اکيون سمجهنديون آهن يا
صرف بدن سمجهندو آهي،
ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگيل چُني،
گونگهٽ ٿي
جڏهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيندي آهي
ته منهنجو سڄو جسم
اکيون ٿي پوندو آهي. |