سما دور جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو جائزو:
مذهبي رويا:
سمن جي دور ۾ سنڌ اندر جيڪي سماجي رويا نظر اچن
ٿا، اُنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته سما نهايت ديندار ۽
ڪامل مسلمان هئا ۽ پيرن فقيرن ۽ اوليائن کي عزت ۽
احترام ڏيندا هئا. اُچ ۽ ملتان جا مشائخ سندن مرشد
هئا، جن جي صلاح تي هو وڏا وڏا ڪم سر انجام ڏيندا
هئا. مخدوم جهانيان جلال الدين بخاري، جيڪو اُچ
شريف جو اولياءُ هو، انهيءَ جي چوڻ تي ڄام بابيني
ثاني ۽ ڄام جوڻي اول جو فيروز شاهه تغلق سان ٺاهه
۽ ٻئي ڀيري سندس ئي چوڻ تي ڄام تماچيءَ جو پنهنجي
پٽ سوڌو غير مشروط طور دهلي وڃڻ ۽ ڄام جوڻي جو
واپس اچڻ، اهڙا واقعا آهن جيڪي اوليائن لاءِ سندن
وڏي عقيدت جو ثبوت آهن. نه رڳو ايترو پر ڄام تغلق
جو پنهنجي ملتاني مرشد مولانا محمد صديق جي چوڻ تي
گجرات ۾ سڱاوتي ڪرڻ. باوجود انهيءَ جي جو سما
حڪمران ڪامل مسلم هئا، پيرن ۽ اوليائن کي بي انتها
عزت ڏيندا هئا، پر منجهن بنياد پرستي ۽ مذهبي تعصب
نه هو ۽ سڀني فرقن ۽ قبيلن سان نهايت روادري سان
هلندا هئا. خاص طرح سان ٿر ۾ اُن وقت جيڪي سومرا ۽
سماٽ قبيلا رهندا هئا، جن جا طور طريقا ڪجهه هندن
جهڙا هئا. ان کان سواءِ ڪڇ جا ميمڻ، جيڪي شيعه
فرقي سان تعلق رکندا هئا، انهن جا، طور طريقا به
گهڻي ڀاڱي پڻ هندن جهڙا هئا، گوشت وغيره به ڪونه
کائيندا هئا.( پ354) ۽ مسلمانن سان نهايت ميٺ محبت
سان رهندا هئا.
پدرسري خانداني سرشتو:
دنيا جي ٻين ماڻهن جيان سمن وٽ به پدر سري سماجي
سرشتو هو ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي نالن ۾
Possessive
رهيا آهن، ۽ نالن جو ورجاءُ ڪندا رهيا آهن.
تقريبات:
سما دور حڪومت ۾ اجتماعي تقريبات جا منظر پڻ ڏسڻ ۾
اچن ٿا، خاص طرح ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ ٺٽي جو
عروج ڏسڻ وٽان هو. هر مهيني جي پهرين سومار تي
ماڻهو مانيون ٽڪيون کڻي مڪلي ويندا هئا. ڪچهريون
ڪندا هئا، جتي ڪن ڪن درگاهن تي سماع جي محفل پڻ
ٿيندي هئي. ان سومر کي ”سائو سومار“ ڪري ڪوٺبو هو.
(مغل92) ان کان سواءِ چنڊ جي چوڏهينءَ تي به
مڪليءَ تي خاص رونقون ٿينديون هيون.(شيدائي 359)
جنگ جو طريقو:
وطن تان سر گهورڻ لاءِ سمن وٽ جنگ جو هڪ خاص طريقو
هوندو هو، جنهن ۾
Suicidal Squad
اچي جنگ ڪندا هئا. گهوڙن تان لهي مٿن تان پڳون
لاهي، چادرن جو ڪنڊون هڪٻئي سان ٻڌي، جنگ شروع
ڪندا هئا(قريشي 38)
سڪا:
سمن جي ڏينهن ۾ سندن سڪن سان گڏ دهليءَ جا سڪا پڻ
رائج هوندا هئا، ساموئيءَ وارن بيتن مان لڳي ٿو ته
درهم به ان دور ۾ هلندا هئا. امير تيمور جي ڪاهه
کان پوءِ تيموري اشرفين جو رواج پيو.محمود بيگڙي
جون سونيون اشرفيون به تجارتي مقصدن ۾ استعمال
ٿينديون هيون. گجراتي رپيا”لاڙي“ ڪوٺبا هئا، جن جي
قيمت ٻارنهن پيسا هوندي هئي. گولڪنڊي ۽ بيجاپور
واريون اشرفيون ”پگوڊا“ ڪوٺبيون هيون(مولائي
شيدائي 374)
وڻج واپار:
ڄام نندي ٺٽي کي نئين سر رٿابنديءَ سان اڏايو ۽
هيءُ شهر احمد آباد جيان علم ۽ هنر جي ڪري ايشيا
جي مشهور صنعتي ۽ تجارتي شهرن ۾ ليکجڻ لڳو. ملڪ جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪاريگر ڪمي، ڪاسبي اچي هت گڏ ٿيا.
سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن جا ڪارخانا قائم ٿيا. گُلي،
لاک، ڪپڙي ۽ عاج مان ٺهيل سامان ٻاهرين ملڪن ۾
اماڻيو ويندو هو. شين جا اگهه مقرر هوندا هئا.
ڌاڙيلن ڦورن کي هتان ڀڄايو ويو. ڄام سنجر پنهنجي
دور ۾ سرڪاري ملازمن جا پگهار وڌائي رشوت خوريءَ
کي ٻنجو ڏنو.
سيد مراد شاهه شيرازي جي ”رسالي قطبيه“ ۾ احوال
آهي ته هڪ دفعي هو ڪنهن رڻ پٽ مان پئي لنگهيو ته
هڪڙي قبر مان هڪ شخص نڪري چوڻ لڳو ته ”مون کي چورن
ڦري لٽي شهيد ڪري هتي ڦٽو ڪيو آهي، منهنجا ٻارڙا
گجرات ۾ منهنجو انتظار ڪندا هوندا. وقت جي حاڪم کي
چتاءُ ڪيو ته مون سان انصاف ڪري.“ شاهه صاحب اهو
اطلاع وقت جي بادشاهه کي ڏنو، جنهن ڦورو هٿ ڪري
مال گجرات اُماڻيو. اهڙوئي هڪڙو واقعو خير الدين
ڄام توڳاچي جي دور ۾ به نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڄام
توڳاچي هڪ هنڌ هڏن جو ڍير ڏٺو معلوم ڪرڻ تي خبر
پيئي ته ست ورهيه اڳ ڌاڙيلن قافلي کي لٽيو ۽ قافلي
وارن ماري ڦٽو ڪيو هو. ڄام توڳاچي اهي ڌاڙيل هٿ
ڪيا ۽ اهي مال سوڌو گجرات جي حاڪن جي حوالي ڪيا ته
ڌاڙيلن کي جوڳي سزا ڏيئي مال مالڪن تائين پهچايو
وڃي.(راشدي 350-366)
ٽپال کاتو:
ان دور ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو هو. سندس بيان موجب
سيوهڻ کان ملتان تائين ڏهن ڏينهن جو رستو هو ۽
ملتان کان دهليءَ تائين پنجاهه ڏينهن جو، پر
بادشاهه کي خبرون پنجن ڏينهن تائين رسن ٿيون.
گهوڙي سوار ٽپاليءَ کي ”اولاق“ ڪوٺيو وڃي ٿو.
ٽپالي هر چئن ڪوهن بعد گهوڙو تبديل ڪن ٿا. پيادا
ٽپالي”هرڪار“ ڪوٺجن ٿا. ٽپال جو کاتو”بريد“ ڪوٺبو
هو.(شيدائي 378)
ٻولي:
سومرن جو دور سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت، قصن
ڪهاڻين جي اوسر ۽ ادبي صلاحيتن جي نشونما وارو
تعميري دور هو، جنهن ۾ جنگين ۽ واقعن جا بيت ۽
عشقيه داستان مشهور ٿيا. سنڌي بيت ڳاهن ۽ بيتن جي
صورت ۾ چمڪيا. سمن جي دور ۾ انهيءَ تعميري دور جي
وڌيڪ تڪميل ٿي. سمن جي دور جي شروعات ۾ سنڌي
ٻوليءَ جون خصوصيتون ۽ لساني خواه ادبي روايتون
ساڳيون سومرن جي دور واريون هيون ، البت قوت بيان
۾ وڏو اضافو ٿيو، ۽ لغت جي سرمايي ۾ وسعت پيدا ٿي.
ڳالهين ۽ داستانن بيان ڪرڻ کي هڪ ادبي فن جي درجي
تي پهچايو ويو.(بلوچ-154) تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي جي
حوالي سان بلوچ صاحب جو بيان آهي ته عربن جي حڪومت
کان پوءِ سومرن جي دور ۾ پڻ غالباَ عربي سرڪاري
زبان رهي ۽ عربي ذريعي تعليم جو سلسلو جاري هو.
سمن قبيلن به جيئن ته شروع کان دين اسلام قبول
ڪيو، انڪري سمن ۾ به عربي تعليم جو سلسلو رائج هو.
سمن حاڪن ذاتي طرح درسي ڪتاب لکڻ لاءِ به ڪوشش
ڪئي، پر پوءِ فارسي زبان به سرڪاري زبان جو درجو
حاصل ڪري ورتو، ڇاڪاڻ ته دهليءَ جي حڪمرانن جو اثر
سنڌ تي پيو ۽ انهن سان سنڌي حڪمرانن جي خط و ڪتابت
فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي.(بلوچ 171)
علم ۽ ادب جا مرڪز ۽ عالم؛
سما سلطان شرع جا پابند هئا ۽ اُچ جي گيلاني،
بخاري ۽ ملتان جي سهرورديه مشائخ جا مريد هئا. سنڌ
۾ حنفيت جو زور هو. ويدانت ۽ وحدانيت جي فلسفن جو
به هڪ ٻئي تي هڪ جيترو اثر هوندو هو. صوفي سڳورن
جي روحاني تبليغ ۽ تلقين وارو اثر هندو ۽ مسلمانن
تي هڪجهڙو ٿيو. ڇوت ڇات ۽ اوچ نيچ جا ڦير هتي
ايترا نه هئا، جيترا هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ هئا.
ٺٽي ۾ علم ۽ ادب جا باقاعده مرڪز قائم ڪيا ويا. نه
رڳو ٺٽي ۾ پر بکر، سيوهڻ ۽ ڪاهان ۾ تعليمي مرڪز
هئا. بوبڪ ۽ ٽلٽي عالم قاضين ۽ درويشن جا مرڪز
هئا.
سمن سلطانن کان اڳ مدرسا مسجدن ۾ قائم هوندا هئا،
پر سمن کان پوءِ مدرسن لاءِ جدا عمارتون تعمير
ٿيون، ۽ ان وقت سنڌ ۾ مدرسن جو تعداد چئن هزارن
کان وڌيڪ هو. سلطان نظام الدين جي ڀاءُ ڄام بايزيد
پاڻ عالم هو ۽ عالمن جو قدردان هو. ڀاءُ نندي جي
بي التفاتي باعث ملتان جي لانگاهه حاڪن وٽ آيو،
جنهن کيس شور ڪوٽ ۽ سندس ڀاءُ ڄام ابراهيم کي اُچ
جو پرڳڻو جاگير ڪري ڏنو.
ان دور جو وڏو عالم ۽ درويش مخدوم بلال هو، جيڪو
سمن جي سلطنت جو وڏو حامي هو، جنهن کي ارغونن ڪفر
۽ الحاد جي تهمت هڻي گهاڻي ۾ پيڙايو. مخدوم بلال
رحه ٽلٽيءَ جو ويٺل نيڪ عارف ۽ ڪامل بزرگ هو. ظاهر
ي علمن جو وڏو عالم هو. علم حديث جو وڏو عالم ۽
تفسير جو وڏو ماهر هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو.
ان طرح سيد جلال الدين ثاني بن سيد علي اول به
تفسير ۽ فقه جو جيد عالم ۽ حافظ هو.
شيخ عيسيٰ لنگوٽي بند، جيڪو اصل ۾ سي پي (ڀارت) جو
هو، ڄام نندي جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو. مڪليءَ تي
روحاني درس ڏيندو هو. شيخ حماد جمالي ساموئيءَ ۾
پنهنجي خانقاهه اندر سمورو وقت حجري ۾ منهن ڍڪيو
ويٺو هوندو هو. سندس هڪ بيت ڊاڪٽر بلوچ صاحب
پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪيو آهي:
جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ
سٻاجهي ٻاجهه ئي، توسين ٺٽو راءِ.
قاضي عبدالله بن تاجيه اصل سيوهڻ جي قاضين مان هو.
ڄام نظام الدين جي زماني ۾ سندس لاش مڪليءَ ۾ ظاهر
ٿيو. بزرگن خواب ۾ سندس مدفن جو ڏس پتو ڏنو ۽ ڪنهن
کي اشارو ٿيو ته سندس جنازي جي نماز اُهو شخص
پڙهائي جو سڄي ڄمار وضوءَ ۾ رهيو هجي ۽ ڪڏهن
پنهنجي اوگهڙ نه ڏٺي هجي. اهڙو ماڻهو فقط سلطان
نظام الدين ڄام نندو هو، جنهن سندس جنازي نماز
پڙهائي.(راشدي 86)
ان کان سواءِ مولانا ظهير الدين بکري، مولانا
برهان الدين، خطيب بغدادي، قاضي سيوهاڻي، مخدوم
اسحاق ڀٽي، مخدوم احمد، مخدوم محمد، سخي ڄام
ڏاتار، سخي دادواهي، خليفو وَهيون، درويش سيهڙو،
شيخ ڀريه ويرداس، شيخ طاهر، پير پٺو، مخدوم
عبدالباقي ۽ سيد حيدر سنائي پڻ سمن جي دور جا
مشهور عالم ۽ بزرگ آهن.
استفادي هيٺ آيل مواد
1-
قديم سنڌمرزا قليچ بيگ
2-
مڪلي نامهسيد حسام الدين راشدي
3-
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
4-
جنت السنڌمولائي شيدائي
5-
ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌايم . ايڇ پنهور
6-
تاريخ سنڌ (ارغون ۽ ترخان)اعجاز قريشي
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
شيخ اياز جو ”شاهه جي رسالي“ جو اردو ترجمو
سنڌ جي نامور شاعر ۽ اديب شيخ اياز جي وفات کان
پوءِ سندس علمي، ادبي ۽ فني خدمتن جي اعتراف طور
ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن پاران مختلف وقتن تي
مختلف پروگرام رٿيا ويا. جن ۾ عالمن ۽ اديبن سندس
شخصيت ۽ ڪارنامن متعلق مضمون ۽ مقالا پيش ڪري
پنهنجي عقيدت ۽ محبت، تشريح ۽ ڄاڻ جو اظهار ڪيو.
انهيءَ کان علاوه ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن پاران
خصوصي طور”شيخ اياز نمبر“ به شايع ڪيا ويا، جن ۾
عالمن ۽ اديبن جون شيخ اياز متعلق لکڻيون شايع
ٿيون. ڪن اشاعتي ادارن ڪتاب به ڇپائي پڌرا ڪيا، جي
هڪ طرف انهيءَ عرصي جو يادگار آهن، ته ٻئي طرف
اياز شناسيءَ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ به مفيد
معلومات پيش ڪن ٿا. اهڙن ڪتابن مان هڪ ڪتاب سال
1999ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اشاعتي اداري ”مڪتبه
دانيال“ پاران پڻ ”ذڪر اياز“ جي نالي سان ڇپائي
پڌرو ڪيو ويو آهي. اردوءَ ۾ شايع ٿيل اهو ڪتاب آصف
فرخي ۽ شاهه محمد پيرزادي جو ترتيب ڏنل آهي. اِن
ڪتاب ۾ شيخ اياز متعلق مختلف لکندڙن جون تحريرون
شامل ڪيل آهن. انهيءَ ديده زيب ڪتاب ۾ نامياري
اديب ۽ شاعر شيخ اياز جي هڪ دوست آفاق صديقيءَ جو
ارڙهن صفحن تي مشتمل هڪ مضمون ”اياز ڪهاني ڪي چند
اوراق“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، جو ٻنهي جي وچ ۾
سال 1948ع کان وٺي 1997ع تائين ايڪونجاهه سالن جي
وڏي عرصي جي رفاقت تي مبني ڳالهين ۽ واقعن جو
احاطو ڪري ٿو. مضمون ۾ همعصر دور متعلق ڪيتري
معلومات ڏنل آهي، ۽ اُها تحقيق سان دلچسپي رکندڙ
شاگردن ۽ استادن لاءِ ڪيتري قدر مفيد ٿي سگهي ٿي،
تنهن جو نتيجو تحقيق کانپوءِ ئي آڏو اچي سگهي ٿو.
آفاق صديقي جي اِنهيءَ مضمون ۾ ڪجهه پهلو حقيقتن
جي ابتڙ نظر اچن ٿا، جن سان ڪي اُلجهنون به پيدا
ٿين ٿيون. اهڙن اختلافي پهلوئن کي تحقيق ۽ تنقيد
جي ڪسوٽين تي پرکي صحيح نتيجي تي پهچي پيدا ٿيل
الجهنون ختم ڪري سگهجن ٿيون.
آفاق صديقي پنهنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”سندهه يونيورسٽي کي طرف سي ”شاهه جو رسالو“ ڪي
منظوم اردو ترجمي ڪي بات چلي- ايڪ شام جب اياز سي
ملا تو مجهه سي ڪها” سندهه يونيورسٽي ني شاهه
سائين پر ترجمه اور تحقيق وغيره ڪا ڪام تمهاري پير
صاحب ڪو سونپا هي.“
مين ني پوچها”ڪيا پير سائين ڪا ڪوئي خط آيا هي؟“
”هان يه لو.“ اس خط ڪي ساتهه شاهه ڪي سات آڻهه بيت
اور ڪچهه وائيان هين جن ڪا لفظي اردو ترجمه بهي
ساتهه هي- اگر تم اسڪو منظوم ڪرسڪو تو پهر سوچين
گي.“
مين ني پوري انهماڪ سي منظوم ترجمه ڪيا- اياز ڪو
دکهايا تو بڙي تعريف ڪي اور ڪها”آفاق! اگر همين
پوري ”شاهه جو رسالو“ ڪو ترجمه ڪرنا پڙي تو ڪتني
دنون ۾ هوجائي گا؟ڪم سي ڪم دو ڊهائي برس تو لگين
گي.“
”اچها ايسا ڪرتي هين ڪه ترجمه پير صاحب ڪو بهيجتي
هين پهر ديکها جائي گا.“
ڪچهه دنون ڪي بعد پير حسام الدين راشدي صاحب ني
همين حيدرآباد بلايا. شيخ اياز ني اپني ناگزير
مصروفيات ڪي سبب تنها منجهي بهيج ديا. بهر ڪيف
يونيورسٽي ڪي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي،
پير حسام الدين راشدي اور مخدوم امير احمد
صاحب(شاهه جو رسالو ڪا لفظي ترجمه مخدوم صاحب ڪي
ذمه تها) سي شرف نياز حاصل هوا اور يه طي ڪيا گيا
ڪه منظوم ترجمه ڪا ڪام جيسي بهي هو سال بهر مين
مڪمل هونا هي.“
پير حسام الدين راشدي صاحب ني ميري ترجمي حضرت جوش
مليح آبادي ڪو دکهائي. اور انهون ني پسنديدگي ڪا
اظهار ڪرتي هوئي مجهه سي فرمايا تها”ميان
صاحبزادي! پهلي سي ڪهان ڪي رهني والي تهي؟“
مين ني بتايا”فرخ آباد ڪا هون.“
جوش صاحب ني يه سُن ڪر بڙي شفقت سي سر پر هاتهه
رکها”خوش رهو- هماري بڙون ڪا وطن بهي قائم گنج
تها.“
”شاهه جو رسالو“ ڪي منظوم ترجمي ڪي ڪام مين جو خون
جگر صرف هوا وه دل هي جانتا هي. شيخ اياز سي عشق
تها اسي ڪي ڪاروان اور اس جذبي ڪه اردو مين يه بهت
بڙا ڪام هوگا. متواتر ايڪ سال تڪ ستره اڻهاره
گهنٽي روزانه بس يهي دهن رهتي ڪه ساده اور عام فهم
زبان مين شاهه سائين ڪا عارفانه ڪلام اردو مين پيش
هو سڪي، ليڪن جب سارا ڪام مڪمل هوگيا اور نثري
مقدمه بهي لکهه ڊالا تو پيسي ڻهيڪ ڻهاڪ ملي، البته
وائس چانسلر صاحب ني پوري ڪام ڪا ڻهيڪه اياز ڪي
نام ديا تها اس لئي ميرا نام؟.......هان وه
اندروني صفحه پر هي.“
شيخ اياز اور پير حسام الدين راشدي صاحب ني تلافي
ڪي يه صورت نڪالي ڪه مين ايڪ تحقيقي ڪتاب شاهه ڪي
شخصيت اور شاعري پر نثر ميڻ لکهون. سو مين ني لکهي
اور وه ”عڪس لطيف“ ڪي نام سي مقبول بهي هوئي.“ (1)
شيخ اياز جي شاهه جي ڪلام جي اردو منظوم ترجمي
متعلق شيخ اياز جي وفات کان اڳ مختلف قسم جا ڀُڻڪا
ٻڌڻ ۾ پئي آيا، مگر اُهي صداقت جي بنياد تي محسوس
ڪونه پئي ٿيا، ڇاڪاڻ جو شيخ اياز ۽ آفاق صديقي وقت
بقوقت پنهنجي مختلف تحريرن ۾ انهيءَ متعلق لکيو
پئي ۽ آفاق صديقي”شاهه جو رسالو“ جي اردو منظوم
ترجمي بابت شيخ اياز سان رفاقت ظاهر پئي ڪئي ۽ شيخ
اياز به آفاق صديقي جي مدد جو شڪريي سان اظهار پئي
ڪيو. 28 ڊسمبر 1998ع تي شيخ اياز جي وفات کان
پوءِ آفاق صديقي صاحب ان ڪم ۾ پنهنجي برتري ماڻڻ
جو ”برملا“ اظهار ڪيو آهي. هاڻي جڏهن شيخ اياز ۽
پير حسام الدين راشدي هي جهان ڇڏي چڪا آهن ته پوءِ
آفاق صديقيءَ جي ايتريءَ دعويٰ جي تصديق ڪيئن ٿئي!
انهيءَ متعلق البت تحريرن جي روشنيءَ ۾ حقيقت
تائين پهچڻ جا جتن ٿي سگهن ٿا. هيءَ ڪوشش به اِن
حوالي سان ڪئي ويئي آهي، مگر اِنهيءَ کي ”حتمي“ ۽
”حرف آخر“ چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته اِنهيءَ
کان وڌيڪ ڄاڻ ڪنهن صاحبِ فهم وٽ هجي، جو ڪي قدم
اڳتي وڌي حقيقتن کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. اُميد ته
ڄاڻو ۽ ڏاها انهيءَ سلسلي ۾ پيش رفت ڪري ڪجهه وڌيڪ
ڏيئي سگهندا.
شيخ اياز شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ڏنل منصوبي تحت ڪيو هو. سال 53-
1954ع ۾ پاڪستان سرڪار جي تعليمي وزارت هڪ ”سنڌي
اردو لغت“، هڪ ”اردو سنڌي لغت“، ۽ شاهه عبداللطيف
رحه جي ڪلام جي اردو ترجمي جي تياري ۽ اشاعت لاءِ
سنڌ يونيورسٽيءَ کي لکيو ۽ ان سلسلي ۾ ”اردو
ترقياتي تجويز“ فنڊ مان مدد ڏيڻي ڪئي. وائيس
چانسلر محترم علامه آءِ آءِ قاضي صاحب،اِها آڇ
فوراَ قبول ڪئي، جو سندس خيال موجب هيءَ تجويز
سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي باهمي اتفاق ۽ اتحاد
جو موءثر ذريعو هئي.(2)
تعليمي وزارت جي مذڪوره هدايت جي پيروي ڪندي، سنڌ
يونيورسٽي انتظاميا نامور عالم دين ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ”سنڌي اردو لغت“ ۽ ”اردو
سنڌي لغت“ جي ترتيب ۽ تدوين جو ڪم مڪمل ڪرايو، جو
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب جي
رفاقت ۾ ترتيب هيٺ آيو ۽ تڪميل کي پهتو. اهڙي طرح
”سنڌي اردو لغت“ سن 1959ع ۾”اردو سنڌي لغت“ 1960ع
۾ شايع ٿيون. اُنهن لغتن کان علاوه شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردو ترجمي جي منصوبي جي
نگراني سيد حسام الدين شاهه راشدي صاحب جي سپرد
ڪئي ويئي، جنهن صاحب اِهو اهم ڪم سنڌيءَ جي معروف
شاعر شيخ اياز جي حوالي ڪيو، جو اردوءَ جو پڻ وڏو
ڄاڻو هو ۽ انهيءَ زبان ۾ سندس شعر شايع ٿيندا
رهيا، جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ مڃتا ماڻي شاعر جي
پذيرائيءَ ۾ اضافو ڪري چڪا هئا. شيخ اياز شاهه جي
ڪلام جي ترجمي واري ڪم لاءِ قبوليت جو اظهار ڪيو.
انهيءَ رٿا ۾اهو به طئي ڪيو ويو هو ته ترجمي لاءِ
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه
جي رسالي جو نسخو منتخب ڪيو وڃي، مگر جيئن ته
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“
مڪمل ڪونه هو، تنهن ڪري باقي رهيل حصي جي ترتيب
لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي درخواست ڪئي ويئي هئي.
انهيءَ سان گڏ اهو پڻ ضروري ڄاتو ويو ته رسالي کي
سنڌي مان اردو ۾ ترجمي ڪرڻ وقت اهو به خيال رکيو
وڃي ته جيئن شاهه جي ڪلام جو ڪوبه حصو مبهم ۽
مشڪوڪ نه رهجي وڃي. اِنهيءَ لاءِ مخدوم امير احمد
صاحب پرنسپال،اورينٽل ڪاليج، حيدرآباد کي گذارش
ڪئي ويئي ته هو رسالي جو لفظي ۽ لغوي ترجمو اردو
نثر ۾ ڪري ڏي، ڇاڪاڻ جو مخدوم صاحب کي ٻنهي ٻولين
تي عبور حاصل هو. اِهو لغوي ترجمو پوءِ شيخ اياز
صاحب جي حوالي ڪيو ويو، ته جيئن هو پنهنجي منظوم
ترجمي تيار ڪرڻ وقت اُن کي آڏو رکي.(3) |