سندس حڪومت جو حدون سبي ۽ شال(ڪوئيٽا) تائين هيون.
هن ٺٽي کي ٻيهر بهتر نموني آباد ڪيو ۽ سندس دور ۾
نه صرف عالم ۽ فاضل پر ڪيترا علمي گهراڻا ايران ۽
خراسان مان لڏي ٺٽي آيا، جنهن لاءِ علحده پاڙا
بنايا ويا.
مولانا عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽ مولانا اثير
الدين سندس ئي زماني ۾ ٺٽي پهتا ۽ مدرسو جاري
ڪيائون. مير شمس ۽ مير معين به ٺٽي آيا، جن هتي
اچي علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. نه رڳو
مسلمانن پر غير مسلمانن سان به سندس سلوڪ نهايت
رواداريءَ ۽ بهتريءَ وارو هو. ۽ مثالي هو. ڄام
نظام الدين نهايت مردم شناس انسان هو ۽ سندس دور
حڪومت ۾ وزير ۽ امير پڻ اعليٰ درجي وارا معامله
فهم هئا. سندس پهريون وزير دلشاد خان شجاعت ۽
انساني اوصاف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر ۾ هن ڪافي
سڌارا آندا، جيڪي تاريخ ۾ نمايان آهن.(شيدائي97)
ڄام نظام الدين جي حڪومت جي حوالي سان دولهه دريا
خان جو ذڪر بنهه لازم آهي. دريا خان جو اصلي نالو
قبوليو هو ۽ ڄام نظام جي ديوان لکمير جو غلام هو،
جتان ڄام نظام الدين کيس پاڻ وٽ آندو. بادشاهه هن
۾ ڪي جوهر ڏٺا ۽ پوءِ سندس پرورش ڪري، اعليٰ
پيماني جي تربيت ڏئي، وزيراعظم جي درجي تائين
رسايو. ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خطاب ڏئي، کيس
سنڌ جي فوجن جو سپهه سالار مقرر ڪيو، ۽ دريا خان
به نمڪ حلاليءَ جو اعليٰ مظاهرو ڪندي سلطنت جو ڳاٽ
اوچو رکيو. نه رڳو سلطان جي وقت ۾ پر سندس وفات
کان پوءِ به سنڌ جي آزادي ۽ بقا لاءِ وڙهندو رهيو.
مورخن جو قول آهي ته اهڙو دور نه سنڌ پهرين ڏٺو نه
پوءِ. سندس سمورو خاندان وطن سان محبت ۾ سرشار هو.
سندس پٽ علاو الدين عالم هو، جڏهن ته محمود خان ۽
مٺڻ خان جنگي جوڌا هئا. سندس چوٿون پٽ سارنگ به
پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ هنن ارغونن سان ڪافي عرصي
تائين مهاڏو اٽڪايو.(شيدائي 102)
86/1485ع دوران مغلن جي ڏينهن ۾ سلطان حسين مرزا
باقي خراسان جو حاڪم هو. (وچ ايشيا هرات ۽ قنڌار
جي واپارين جي چرچ تي سنڌين انهن سان لٽ مار ڪئي.
اُنهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سلطان سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر
ڪاميابي ماڻي نه سگهيو. (پ356) امير ذوالنون ارغون
تن ڏينهن ۾ هرات جو قندار ۾ نائب هو، جنهن پنهنجي
پٽ شاهه بيگ کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اماڻيو، جنهن ڄام
نظام الدين جي سبيءَ واري قلعي تي قبضو ڪيو، جيڪو
ان وقت ڄام نائب بهادر خان جي هٿ ۾ هو، ۽ اُهو
قلعو هن پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد جي حوالي ڪيو،
جيڪو پوءِ دريا خان ٿان جلوگيز بولان پاس وٽ مارجي
ويو. ان کان پوءِ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾
مغلن وري اک کڻي سنڌ ڏانهن نه ڏٺو.( پ 356)
ناصر الدين ابو الفتح فيروز شاهه(1517-1528ع)
ڄام نندي جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز سنڌ جو حاڪم
بڻيو. جيئن ته فيروز عمر ۾ ننڍو هو، ڄام نندي جي
حڪومت وقت سما قبيلي اندر پڻ ڪجهه اختلاف موجود
هئا، سنڌ جي حڪومت جو دعويدار ڄام صلاح الدين پڻ
ڄام نندي جي ويجهن عزيزن مان هو، تنهن تخت تي ويهڻ
جي خواهش ظاهر ڪئي، پر دريا خان ۽ سارنگ خان جو
جيئن ته اميرن تي اثر هو، تنهنڪري اُنهن ائين ڪرڻ
کان روڪيس ۽ ان تي صلاح الدين ڪاوڙجي گجرات هليو
ويو. سلطان مظفر گجراتي، جيڪو سندس سوٽ جو گهروارو
هو، ان وٽ پهتو. ان دوران سندس حامي فيروز جي خلاف
ٿي پيا ۽ انهن جي ڪوششن جي ڪري ۽ خود ڄام فيروز جي
ماءُ مدينه جي چرچ تي فيروز دريا خان سان ڦٽائي
ويٺو. انڪري دريا خان ٺٽو ڇڏي وڃي پنهنجي جاگير ۾
ويٺو. اهو موقعو صلاح الدين بهتر ڄاتو ۽ گجرات جي
لشڪر سان گڏ فيروز تي ڪاهه ڪئي. فيروز جي فوج
نهايت ڪمزور هئي، سا صلاح الدين جي فوج جو مقابلو
ڪري نه سگهي. نتيجي ۾ ڄام صلاح الدين سنڌ جو
حڪمران بنيو ۽ تقريباَ نو مهينا حڪومت ڪيائين.
هوڏانهن ڄام فيروز کي دريا خان جي ضرورت محسوس ٿي،
سو سندس ماءُ ۽ ٻيا ماڻهو دريا خان وٽ موڪليائين
ته سندس ساٿ ڏي. دريا خان پوءِ بکر ۽ سيوهڻ جي
علائقي مان فوج ڪٺي ڪري ڄام صلاح الدين کي شڪست
ڏني ۽ ائين اقتدار هڪ ڀيرو وري ڄام فيروز کي مليو.
انهيءَ سڄي عمل جي نتيجي ۾ سنڌي سماج کي ڏڦيڙ جو
شڪار ٿيڻو پيو.
ارغونن جون اکيون شروع کان سنڌ جي سرزمين ۽ دولت
تي هيون. اُن لاءِ هو گهاٽ گهڙڻ لڳا ته ڪهڙي طرح
سنڌ کي هڙپ ڪجي. اُن لاءِ پهرين هنن پنهنجا ڇاڙتا
سنڌ ۾ اماڻيا، جيڪي مسافرن ۽ واپارين جي روپ ۾ ٺٽي
۾ داخل ٿيا. ڄام فيروز اُنهن جي اندر کي سڃاڻي نه
سگهيو ۽ سندس خوشامدن باعث کين هڪ خاص علائقو عطا
ڪيو، جيڪو ”مغل پاڙي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، جنهن
۾ آيل ڌاريا دولت شاهي، نور گاهي ۽ ڪيبڪ ارغون رهڻ
لڳا. انهيءَ دوران مير قاسم ڪيبڪ درٻار ۾ به هڪ
خاص مرتبو حاصل ڪيو، جيڪو صورتحال کان پيو شاهه
بيگ کي آگاهه ڪندو هو. ٻيو ٽولو جيڪو شاهه بيگ
ارغون اُنهيءَ مقصد سان اماڻيو هو، اُهو پيرن ۽
مرشدن جي روپ ۾ سنڌ تي نازل ٿيو. اهي ماڻهو چئن
يارن جي چونڪڙيءَ جي نالي سان مشهور هئا. قاضي شڪر
الله شيرازي،سيد منبه، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله هنن
۾ هڪ خاص قسم جو اتحاد هو. پاڻ کي پيران پير
دستگير جو اولاد سڏرائي سنڌ ۾ ارغونن جي حڪومت جا
پير پختا ڪندا هئا.
۽ ٽيون ٽولو، جنهن سنڌ جي عالمن ۽ ماڻهن ۾ ڏڦيڙ ۽
انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سو شاهه بيگ ارغون جي
مرشد ميران محمد جونپوريءَ جي قيادت ۾ ”مهدوي
تحريڪ“ جو فتنو کڻي سنڌ ۾ داخل ٿيو.(قريشي 30)
جيئن ته سنڌ ڄام فيروز جي زماني ۾ ڪمزور ٿي چڪي
هئي. هوڏانهن ارغونن باقاعده رٿابنديءَ سان سنڌ کي
اندران ئي اندران کاٽ به هنيا هئا، ۽ هاڻي وقت
سازگار سمجهي شاهه بيگ ارغون 1518ع ۾ فوج وٺي سنڌ
تي حملي لاءِ روانو ٿيو. جيئن شاهه بيگ ارغون سنڌ
جي علائقي باغبان مان لنگهيو ته درياخان جا پٽ
ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ ٽلٽيءَ جي ميدان تي نڪري نروار
ٿيا. شاهه بيگ ويڙهه ڪرڻ مناسب نه ڄاتي ۽ رستو
مٽائي وڃي ٺٽي ويجهو پهتو، جتي دريا خان جي قيادت
۾ سنڌ جي سُورمن گڏجي جنگ جوٽي، پر سما ارغونن جي
لشڪر جو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ دريا خان 20 ڊسمبر
1520ع تي سنڌ لاءِ شهادت جو جام پيتو. اُهو مهينو
به محرم جو هو. پوڻا نو سو ورهيه اڳ ٿيل ڪربلا
واري تاريخ کان هڪ ڏينهن پوءِ يارهين محرم الحرام
تي درياخان دولهه سنڌ تان سِر ڏئي سُرهو ٿيو.
(قريشي 32) مغلن جي فوج برابر ڏهن ڏينهن تائين ٺٽي
جي دولتمند شهر ۾ ڦرلٽ لائي ڏني. ڄام فيروز توڙي
ٻين آبرو وارن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا، ارغونن هٿان
سنڌ جي قبضي کي ”خرابيءِ سنڌ“ ڪوٺيو وڃي ٿو.
مير معصوم بکري انهي واقعي جو مطلب قرآن پاڪ جي
آيت مان واضح ڪري ٿو:”بادشاهه جڏهن ڪنهن شهر ۾
داخل ٿيندا آهن ته انهيءَ ملڪ کي ويران ڪندا آهن.“
ڄام فيروز، جنهن جا ٻار ٻچا پڻ هت رهجي ويا هئا،
نهايت لاچاري ۽ بيوسيءَ وچان شاهه بيگ ارغون کي
نياپو اُماڻيو ته هو سندس اطاعت ۽ تابعداريءَ لاءِ
تيار آهي. ارغون صلاح مصلحت ڪري ان نتيجي تي پهتا
سڄي سنڌ کي ضابطي هيٺ آڻڻ ڏکيو ٿي پوندو، ان ڪري
اڌ سنڌ ڄام فيروز جهڙي بي پهچ بادشاهه جي حوالي
ڪجي. ائين ارغون ڄام فيروز کي ڪارآمد سمجهي مٿس
پنهنجا اعتبار جوڳا ماڻهو بيهاري سيوستان ڏانهن
روانا ٿيا، جتي سهتن ۽ سوڍن ساڻس جنگ جوٽي ۽
جيستائين جيئرا رهيا وڙهندا رهيا. ان بعد دريا خان
جي پٽن ميان محمود خان، مٺڻ خان، ڄام سارنگ رڻ مل
سوڍي ۽ مخدوم بلاول جي قيادت ۾ هڪ وڏو لشڪر تيار
ٿيو. شاهه بيگ انهيءَ دوران شال مان تازو لشڪر
گهرائي ورتو. جيتوڻيڪ سنڌ جي سرويچن انهن جو
سورهيائيءَ سان مقابلو ڪيو، پر ڪامياب ٿي نه
سگهيا. انهيءَ دوران ارغون فوج ٽي ڏينهن ساندهه
ٽلٽيءَ کي ڦريو ۽ جدا جدا قبيلن جا ماڻهو ماريا.
جڏهن ڄام صلاح الدين کي خبر پيئي ته سنڌ کي آزاد
ڪرائڻ لاءِ هو گجرات جي جاڙيجن، سوڍن، سمن ۽
کنگهارن جو وڏو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ لاءِ روانو ٿيو.
پر جڏهن اها سُڌ ڄام فيروز کي پيئي ته بجاءِ صلاح
الدين جي مدد ڪرڻ جي، هن ارغونن کان مدد ورتي.
چنانچه ٺٽي وٽ صلاح الدين جي لشڪر کي ڄام فيروز ۽
ارغونن جي گڏيل لشڪر سان مقابلو ڪرڻو پيو. صلاح
الدين سندس پٽ هيبت خان ارغونن جي هٿان مارجي
ويا.(قريشي 34) هاڻي سنڌ تي ارغونن جو قبضو وڌيڪ
مضبوط ٿيو. اتان واندو ٿي شاهه بيگ بکر ۽ سيوستان
روانو ٿيو. ارغون لشڪر جڏهن صلاح الدين جي لشڪر
سان جنگ جوٽڻ بعد ٺٽي پهتو ته پٺيان ڌاريجن بکر
قلعي ۾ بند ارغونن سان ڏاڍي ڪئي. شاهه بيگ واپس
اچي راتورات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي انهيءَ برج
کان هيٺ ڦٽو ڪرايو، جو”خوني برج“ جي نالي سان
مشهور آهي.(قريشي 35) شاهه بيگ انهيءَ هڪ سال جي
مهم جوئي دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ وڏو
نقصان ڪيو، ججهي ملڪيت لٽي. جڏهن شاهه بيگ کي خبر
پيئي ته بابر هندستان فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته
خوف وچان دل ٽٽڻ سبب 1524ع ڌاري فوت ٿي ويو ۽ ان
کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو حاڪم
بڻيو. ۽ شاهه حسن ستت ئي وري ٺٽي تي ڪاهه ڪئي،
ڇاڪاڻ ته کيس هاڻي ڄام فيروز جي ڪا ضرورت ڪانه
هئي.ڄام فيروز هن ڀيري به وڃي ڪڇ ڏانهن نڪتو. شاهه
حسن ٺٽي ۾ گهڙڻ شرط قتل عام جو حڪم ڏنو ۽ ايتري حد
تائين قتل غارت ڪئي ويئي جو ڳورهارين ماين جا پيٽ
چيريا ويا، ۽ انهن جي ٻارن کي قتل ڪيو ويو. ڪيترين
عورتن پنهنجي بچاءُ لاءِ دريا ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو
انت آندو. ۽ جيڪي بچيا تن کي قيد ڪيو ويو، بي
انتها صعوبتون ڏنيون ويون، جنهن لاءِ تاريخدان لکن
ٿا ته خدا شل اهڙو ڏينهن ڪنهن به انسان کي نه
ڏيکاري!(پ 387) ڄام فيروز ڪڇ مان وڏو لشڪر تيار
ڪري سنڌ ڏانهن آيو. سنڌين ۽ ارغونن جي وچ ۾ هيءَ
آخري وڏي ويڙهه ٿي.
ويهه هزار سپوت هن جنگ ۾ ڪم آيا ۽ فيروز واپس
گجرات ڏانهن روانو ٿيو، ۽ گجرات ۾ پنهنجي نياڻي
سلطان بهادر جي نڪاح ۾ ڏنائين. سلطان بهادر جي مدد
سان فيروز سنڌ تي وري حملي ڪرڻ جون تياريون ڪيون.
همايون ۽ بهادر جي وچ ۾ جنگ لڳي. بهادر شڪست کاڌي
۽ همايون جي حڪم سان فيروز کي شهيد ڪيو ويو.(راشدي
113) مرزا شاهه حسن ڇهه مهينا ٺٽي ۾ تغلق آباد
واري قلعي ۾ رهيو ۽ سندس دور حڪومت ۾ سمن سان
نهايت ظلم ۽ بربريت وارو سلوڪ ٿيو. پڙهيلن، سپاهين
۽ سردارن کي جهنگ ڏانهن اُماڻي کانئن هارپو ڪرايو
ويو. غلاميءَ جي صورت ۾ کين زنده رهڻ تي مجبور ڪيو
ويو. انحرافيءَ جي سزا قتل هو. نتجي ۾ ڪيترائي
عزتدار ۽ اشراف ماڻهو ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ عرب
ڏانهن لڏي ويا.
سمن جي دور ۾ سنڌ جي عورتن جي حالت:
سمن جي دور حڪومت ۾ ڪيترين ئي سنڌي عورتن جا نالا
نمايان نظر اچن ٿا، جن ملڪي معاملن ۾ نمايان
خدمتون سرانجام ڏنيو. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته
سمن سردارن وٽ عورتن لاءِ نهايت ادب ۽ احترام هو ۽
هو عورتن لاءِ نهايت مهذب ۽ نرميءَ وارو رويو
رکندا هئا.
سما دور حڪومت ۾ سڀ کان پهريائين”نوريءَ“ جو نالو
نظر اچي ٿو، جا هڪ مهاڻي هئي، پر بادشاهه وقت ڄام
تماچي کيس پَٽ راڻي بنائي، عزت ۽ احترام جي انهيءَ
اعليٰ درجي تي رسايو جو تاريخ جو هڪ ورق بنجي
وئي. سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين
سمورن اساسي شاعرن نوريءَ جي گوناگون گڻن کي
پنهنجي دلپذير شاعريءَ ۾ دل کولي بيان ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح ڄام نظام الدين ڄام نندي جي گهر واري
مائي مدينه ماڇياڻي به سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان آهي.
ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سنڌ جي حڪومت سندس پٽ
ڄام فيروز جي حوالي ٿي. ڄام فيروز وقت جو مشهور
سپهه سالار ۽ وزير دريا خان سان ڦٽائي ويٺو، جنهن
جي نتيجي ۾ گجرات مان ڄام صلاح الدين حمله آور ٿيو
۽ اٺ مهينا راڄ ڪيائين، اهڙي صورتحال ڏسي 1512ع ۾
ڄام فيروز جي ماءُ مائي مدينه ماڇياڻي پُٽ سوڌو
دريا خان وٽ سندس جاگير ڳاها ۾ آئي کانئس مدد
گهريائين، دريا خان سندس آمد جو احترام ڪندي ڄام
فيروز جو ساٿ ڏنو ۽ اهڙيءَ ڄام فيروز ٻيهر سنڌ تي
حڪومت ڪئي.( پ 368)
سما دور ۾ اهو به نظر اچي ته سياسي مصلحتن ۽ پاڻ
کي مضبوط بنائڻ لاءِ شهزادين جون مٽيون گجرات جي
سلطانن ۾ به ڪيون ويون. گجرات وارن سردارن سان
سندن اڳواٽ ئي دوستاڻا ناتا هئا، جن کي هنن
رشتيداريءَ وسيلي مضبوطيءَ جو روپ ڏنو. گجرات
وارا به نو مسلم راجپوت هئا ۽ سورج ونسي ڪُل مان
هئا. انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ڄام تغلق ڄام
جوڻي ثانيءَ جو نالو نظر اچي ٿو، جنهن پنهنجي مرشد
مولانا محمد صديق ملتانيءَ جي صلاح تي پنهنجون ٻه
نياڻيون گجرات پرڻايون. هي اُهو دور هو، جنهن ۾ هڪ
طرف ٻاهرين حمله آورن جا خطرا هئا ته ٻئي طرف
اندروني اختلاف هئا. ڄام جوڻي پنهنجون نياڻيون
پنهنجي پٽن ڄام خير الدين ۽ ڄام صلاح الدين سميت
پنهنجي مرشد سميت گجرات روانيون ڪيون.
43/1442ع ڌاري بيبي مغليءَ جي شادي گجرات جي حاڪم
سلطان محمد سان ٿي، جڏهن ته بيبي مرڪيءَ جي شادي
عالم دين شاهه عالم سان ٿي.
46/1445ع ڌاري بيبي مغليءَ کي پٽ ڄائو، جنهن جو
نالو فتح خان رکيو ويو. 1451ع ۾ سلطان محمد وفات
ڪري ويو ۽ اتان جي امير سلطان قطب الدين جي خواهش
هئي ته ڪهڙيءَ طرح فتح خان کي مارائي.اهڙيءَ
صورتحال ۾ بيبي مغلي پٽ سوڌو پنهنجي ڀيڻ مرڪيءَ وٽ
پناهه ورتي.
پر بيبي مرڪيءَ سان به حياتي وفا نه ڪئي. اهڙيءَ
صورتحال ۾ بيبي مغلي پنهنجي ڀيڻيوئي شاهه عالم سان
نڪاح ڪيو ۽ ان لاءِ پنهنجي چاڇي فيروز کان اجازت
طلب ڪيائينس، جنهن کيس اجازت ڏني. ان وقت چيو وڃي
ٿو ته فتح خان جي عمر ڏهه سال کن هئي. انهيءَ مثال
مان ثابت ٿئي ٿو ته سمن سردارن وٽ بيوه جي ٻي شادي
عيب نه سمجهي ويندي هئي.
گجرات جي حاڪم قطب الدين جي وفات کان پوءِ سندس
ڀاءُ دائود حاڪم بڻيو، پر اميرن ساڳئي سال کيس
مارائي ڇڏيو، ۽ فتح خان کي سلطان محمود جو لقب
ڏيئي، 1459ع ۾ گجرات جي تخت تي ويهاريو. سلطان
محمود بيگڙو گجرات جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي.
ان وقت سندس عمر چوڏهن سال هئي ۽ هن پنهنجي ماءُ
جي صلاح مصلحت سان حڪومت هلائي ۽ ماءُ جي ياد ۾
سندس نالي سان هڪ يادگار مسجد به جوڙائي جيڪا
ڀوڏيسر(ٿرپارڪر) ۾ آهي.
اهڙيءَ طرح 12-1511ع ۾ سمه شهزادي بيبي راڻيءَ جي
شادي گجرات جي حاڪم سلطان مظفر سان ٿي. بيبي راڻي
سلطان صدرالدين ڄام سنجر جي پوٽي هئي. بيبي راڻيءَ
سان سلطان کي ڏاڍي محبت هوندي هئي، ۽ کيس سلطنت جي
معاملن خواه سلطان جي ذهن تي ڪامل قبضو هو. بيبي
راڻي وفات وقت پنهنجي پٽ سڪندر کي پنهنجي خاص غلام
خوشقدم عماد الملڪ جي حوالي ڪيو. تخت تي ويهارڻ
بعد خوشقدم کي وزارت نه ملي ۽ هن ٻن مهينن ارڙهن
ڏينهن کان پوءِ سڪندر کي قتل ڪيو.(راشدي 118) بيبي
راڻيءَ جي هڪ ڌيءَ بيبي عائشه، فتح خان بن سلطان
فيروز سمي جي گهر ۾ هئي، جڏهن ته ٻي نياڻي بيبي
رقيه سلطان عادل شاهه فاروقي سلطان پور واري جي
گهر ۾ ڏنل هئي، ۽ سلطان مظفر جي هڪ ٻي نياڻي، جيڪا
ڪنهن راجپوت زال مان هئي، سا هيبت خان پٽ صلاح
الدين سمي جي گهر ۾ هئي. صلاح الدين بيبي راڻي جو
سوٽ هو. ڄام فيروز سان ڪيل جنگ ۾ سلطان مظفر سندس
ساٿ ڏنو.(راشي118)
ڄام فيروز بن ڄام نندو مسلسل جنگين ۽ ڪاهن جي ڪري
گجرات ۾ پناهه وٺندو رهيو. اُت به سندس هڪ نياڻي
سلطان بهادر بن سلطان مظفر کي ڏنل هئي. فيروز
سلطان بهادر جي مدد سان سنڌ تي حملي جون تياريون
ڪري رهيو هو ته همايون ۽ بهادر جي وچ ۾ جنگ لڳي،
جنهن ۾ بهادر کي شڪست آئي ۽ فيروز گرفتار ٿيو ۽
همايون جي حڪم سان کيس شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته ڄام
فيروز جي ٻي نياڻي شيخ ابراهيم جي گهر واري هئي ۽
شيخ ابراهيم شاهه حسن ارغون جي ڪاهه وقت شهيد ٿيو.
(راشدي 113)
اِنهن حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي سمين
شهزادين پنهنجي ذهانتن ۽ غير معمولي صلاحيتن جي
وسيلي پنهنجي وَرن(تاجدارن) وٽ وڏي عزت ۽ مقام
حاصل ڪيا هئا.
1472ع ڌاري سلطان محمود بيگڙو ڪڇ مان لنگهي رهيو
هو، جتي هن کي خبر پيئي ته ڪجهه باغي ڄام نظام
الدين جي خلاف بغاوت جو عَلَم بلند ڪرڻ وارا هئا.
سلطان محمود انهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾
سلطان نظام الدين کيس شڪريي جو خط لکيو ۽ سوکڙين
پاکڙين سان پنهنجي ڌيءَ به گجرات اُماڻي جا امير
حسن خان جي پوٽي قيصر خان سان پرڻي، جنهن ان وقت
گجرات ۾ پناهه ورتي هئي.(پ355) سلطان محمود بيگڙي
انهيءَ دور ۾ همير جاڙيجي کان پنهنجي حرم لاءِ
سندس نياڻيءَ جو سنڱ ورتو. (پ 355)
سما دور ۾ مغلن ۽ ارغونن ٺٽي تي حملا ڪيا، جن سنڌ
جي عورتن سان سخت غير انساني ۽ وحشت وارو سلوڪ
ڪيو. جيتوڻيڪ مغل ۽ ارغون پاڻ کي اسلام جا
علمبردار ڪوٺيندا هئا، پر اُنهن عورتن جون نه رڳو
عصمتون لُٽيون پر اُهي عورتون جيڪي ڳورهاريون
هيون، تن جا پيٽ تلوارن سان چيري سندن ڪچا ٻار
تلوارن جي نوڪن تي لٽڪايا ويا. عورتن جي ڪنن ۽ نڪن
مان زيور لاٿا ويا. اُنهن سان نهايت ئي غير انساني
ڪيو ويو، جنهن جي شاهدي تاريخون ڏين ٿيون، پر سما
دور۾ انهيءَ قسم جي ڪابه روايت نظر ڪانه ٿي اچي. |