انسان جي واسطي سڀ کان وڏي خوشقسمستي ۽ حياتيءَ جو
سڀ کان وڏو انعام اِهو آهي ته هُو پنهنجي پاڻ ۾
ڪنهن اهڙي خاص ڪم ڪرڻ جو لاڙو پيدا ڪري ڇڏي، جنهن
سان هن کي پورو پورو شوق هجي ۽ اُن ڪرڻ سان خوشي
حاصل ٿي هُجيس.
ايمرسن
ڪهاڻيون
”جڏهن اسين پاڻ ۾ هڪ اهڙي خوشيءَ ۽ راحت ڀري دنيا
اُپائڻ جي صلاحيت پيدا ڪري وٺنداسين، جيڪا اڪيچار
مشڪلاتن ۾ گهيريل ۽ بيشمار مصيبتن ۽ ڏاکڙن ۾ ڦاٿل
هوندي به، اسان کي کلندي ڪُڏندي هر ڪنهن مصيبت کي
منهن ڏيڻ ۽ خوش باش رهڻ جي قابل بنائي ڇڏي، ته
پوءِ اوهين يقين ڪريو ته اِها هڪ ايڏي ته وڏي
ڪاميابي ٿيندي، جيڪا هن دنيا کي – جيڪا گهڻن ماڻهن جي خيال پٽاندر سراپا
’ڏکن جو گهر‘ آهي – کن پل ۾ ’خوشي جو گهر‘ ۽ بهشت
جو ڀاڱو بنائي ڇڏيندي!“
ممتاز راشدي
سنڌيڪار: انور علي کٽياڻ
بيد مشڪ جو وڻ
سچل جيئن ئي ٻوٽي جي چوڌاري ڪاري زرخيز مٽيءَ جي
دائري کي ٿڦڪيو ته سندس آڱرين ۾ نئين سر جان اچي
ويئي ۽ اُهي نرم ٿي پيون. ڪم دوءران کيس لڳو ته هي
ٻوٽو، جيڪو کيس شهر مان ورتل ڳُڙ جي چوڌاري ويڙهيل
رسالي جي ڦاٽل رنگين ڪاغذ مان پهريون ڀيرو مليو
هو، سو هڪ مضبوط ۽ قداور وڻ جي صورت ۾ وڏو ٿي رهيو
هو. من کي موهيندڙ پنن ۽ ساواڻ مائل چاندي جهڙين
سنهڙين شاخن اُن وسيع ۽ ڊگهي وڻ کي سُٺي رونق بخشي
هئي. اُنهيءَ ڪاغذ جي ٽڪري جا رنگ ايڏا ته پڪا هئا
جو چئي پيو سگهجي ته يقينن اِهو ڪاغذ ڪنهن ولايتي
رسالي جو آهي. ”سوچيو ته سهي“ سچل سوچيو ته، ”وقت
ڪيڏو نه مَٽجي ويو آهي. ڪجهه ورهين جي ئي ته ڳالهه
آهي جو خدا بخش وٽ ڳوٺ جي اسڪول جي مشقن وارين
ڪاپين جا ڪاغذ ڦاٽل هوندا هئا، جن ۾ هو پنهنجون
شيون ويڙهي ڏيندو هو، پر هاڻي هُو حيدرآباد ۽
ڪراچي ويندو آهي، جتان هو سامان ويڙهڻ لاءِ فينسي
ڪاغذ وٺي ايندوآهي.“ سچل کي اِها ڄاڻ هرگز نه هئي
ته هاڻي ردي وارا اِهي ولايتي رسالا شهري بيگمن
کان وٺيو ٿا اچن.
شام ويلي شهر کان واپس گهر ڏانهن موٽندي هُن اُها
وڏي تصوير ڏٺي هئي. هُن ٿورو ڳُڙ خريد ڪيو هو،
ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جي ويڙهه ۾ هن سڀ پئسا وڃايا هئا.
هو ڳوٺ ۽ پنهنجي ڳوٺ واري گهر کان اڃا گهڻو ڏور
هو. کيرٿر جبلن جي پٺيان جڏهن سج ڪجهه ئي گهڙين ۾
گم ٿيڻ وارو هو ته دادو ڪئنال واري رستي سان هلندي
هلندي، هُن هٿن ۾ جهليل پنهنجي سامان تي نظر وڌي ۽
سوچيوته سندس ننڍو پُٽ بچل ۽ سڀ کان ننڍو ڀاءُ
فقيرو ڏاڍو خوش ٿيندا، جڏهن کين مٺائي ملندي.
هُن سوچيو، ”مون کي اُن مان ٿورو ذرو چکڻ گهرجي ۽
باقي هُنن لاءِ ڇڏڻ گهرجي.“ ۽ پوءِ واهه جي ڪپ سان
ويهي رهيو. جيئن ئي هن سامان کوليو ته لهندڙ سج
جي مڪمل تپش جي ڪري رسالي جي اُن ڪاغذ تي سج لهڻ
وارا رنگ جهلڪڻ لڳا، جن جي موتين جهڙي شاندار چمڪ
سچل جي اکين کي اهڙو ته وڻي ويئي جو هُن اِهو ڪاغذ
سڄو کولي ڇڏيو. هُن ڳُڙ جو ڳنڍو کڻي، ڪاغذ کي سِڌو
ڪيو ۽ اُن کي ڏاڍي ڌيان سان ڏسندو رهيو.
سامهون ئي هڪ نظارو هو، جنهن ۾ اڳيان هڪ وڻ بيٺل
هو، جيڪو آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. اُن جي
نيراڻ وارو رنگ سچل ڪڏهن به نه ڏٺو هو. پري ٽڪريون
پئي نظر آيون، جن جي وچ ۾ چهچ سائو گاهه ڦهليل هو،
جنهن سچل کي موهي وڌو هو. هُو لاڳيتو ڪاغذ کي
تڪيندو رهيو. هُن اِن وڻ جهڙي خوبصورت شيءَ ان کان
اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.
شهر ۽ڳوٺ جي چوڌاري ڪيترائي وڻ هئا، جن مان ڪجهه
نم جا ته گهڻا مانجهاندڙيءَ جا هئا، جيڪي سائينءَ
جي باغ ۾ انبن جي وڻن جي چوڌاري لوڙهي جو ڪم ڏيئي
رهيا هئا ۽ ڪيترائي وڻ ڪنڊن وارن ٻٻرن جا هئا،
ڪنهن به شخص اُنهن وڻن ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو
هو. اُهي ڇانوري لاءِ ڪم ايندا هئا ۽ ٻٻرن وانگر
بنان سار سنڀال جي ئي وڏا ٿي ويا هئا. اُهي وڻ
اڪثر ٻڪريون کائينديون هيون يا وري ڳوٺاڻا ٻارڻ
طور ڪتب آڻيندا هئا يا پنهنجين جهوپڙين ۾ ڪامن طور
استعمال ڪندا هئا. اُنهن جي باري ۾ سوچڻ لاءِ سچل
ڪڏهن به ڪنهن وڻ کي اهڙي نموني نه ڏٺو هو. کيس ڪو
وڻ ايترو متاثر ڪندڙ خوبصورتي سان نظر نه آيو هو،
جنهن سان کيس ڀرپور خوشي محسوس ٿي هجي يا سندس دل
نمايان طور تي ايتري زور سان ڌڙڪي هجي، جيتري سهاڳ
رات جو پهريون ڀيرو سڀاڳي جي چنڊ جهڙي چهري جي
جهلڪ ڏسڻ سان ڌڙڪي هيس.
اوچتو سچل محسوس ڪيو ته هاڻي اوندهه ٿي ويئي آهي ۽
پس منظر ۾ رڳو رنگ ئي رنگ ڦهليل آهن. آسمان ۾ چنڊ
نه هو. شام جي هلڪي اونداهيءَ ۾ ايتري روشني هئي،
جنهن سان نهر جو پاڻي چمڪندي نظر پئي آيو. سچل ٿڌو
ساهه کڻي اُٿي بيٺو. هاڻي کيس بُک نه هئي. هوُ ڳڙ
کي واپس رسالي جي ڪاغذ ۾ ويڙهڻ وارو ئي هو ته کيس
ڪا چڱي ڳالهه سُجهي آئي ۽ هُن اُن کي اجرڪ جي هڪ
ڪُنڊ سان ٻڌي ڇڏيو. هُن جي هٿن هڪ ڀيرو وري تصوير
کي سِڌو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ گهر ڏانهن ٻيهر هلڻ شروع
ڪيائين.
جڏهن هو ڳوٺ پهتو ته معمول کان وڌيڪ دير ٿي ويئي
هئس. جهوپڙين جي سامهون پيل کٽون گهڻُو ڪري خالي
هيون. لڳو پيئي ته ڪچهري ختم ٿي چڪي هئي ۽ ماڻهو
سمهڻ لاءِ پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا هئا. جيئن
ئي هو ڇٽل شاهه جي پڪين سرن واري بنگلي وٽان
لنگهيون ته کيس سندس کنگهه جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. لڳو
ٿي ته هو پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين وڏي اڱڻ ۾ پنهنجين
زالن ۽ ٻارن ۾ هو ۽ پئسا ڳڻي رهيو هو. سندس اوطاق
۾ اونداهي هئي ۽ اُها خالي هئي. سچل هلندو رهيو ۽
شاهه جي ڪنجوسيءَ تي سوچيندو رهيو. کيس خبر هئي ته
هو شهر ۾ سرڪاري اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر وٽ هرگز نه
ويندو ڇو جو اُن لاءِ کيس پئسا خرچ ڪرڻا پوندا. هو
رڳو ڏوڪڙ ميڙي ڄاڻي. ڇٽل شاهه عمر کان اڳ ڪراڙو ٿي
ويو هو ۽ شاندار زندگي گذاري رهيو هو. خوبصورت
نوڪرياڻين يا پنهنجن هارين جي ڌيئرن مان ڪابه
کانئس بچي ڪانه هئي. سندس موجوده ٻه زالون اڳ ۾
نوڪر ۽ ڪمدار جون زالون هيون. خدا بهتر ٿو ڄاڻي
ته اُنهن همراهن جو ڪهڙو حشر ٿيو هوندو. ڀرپاسي
وارن علائقن جا ميمبر ساڻس اُن وقت ملڻ ايندا هئا،
جڏهن کين ووٽرن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت پوندي هئي. بس
ائين کڻي چئجي ته هو پنهنجي راڄ جو چڱو مڙس هو.
کيس سمورن صوبائي کاتن ۾ اهم حيثيت حاصل هئي، پر
اُن جي اُبتڙ هُن کيس ڪائنات ۾ اُنهن بلندين تائين
پهچائڻ واري پنهنجي سئوٽ جي مخالفت ڪئي هئي. کيس
اڃا به وڌيڪ طاقت جي لالچ هئي. ڳوٺ ۾ معيار جي
لحاظ کان هو شروع کان وٺي هڪ بادشاهه وانگر هو ۽
پنهنجن ٻنين لاءِ وقت تي ڀاڻ حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڪڏهن
به ڪو مسئلو نه هو ۽ ڪڏهن به کيس ٻنين لاءِ پاڻيءَ
جي کوٽ به نه رهي. ضلعي انتظاميا سندس ڪڌن ڪرتوتن
تي ڪڏهن به ڪو قدم نه کنيو. سمورا ڪامورا سندس
دسترخوان تي حاضري ڀري چڪا هئا ۽ پوليس جا ڪامورا
ته رڳو انڪري ئي سندس سلام ڀرڻ ايندا هئا جو کين
يا ته مرضيءَ جي هنڌن تي بدلي ڪرائڻي هوندي هئي يا
وري ترقي وٺڻي هوندي هئي.
سچل، ڇٽل شاهه جي ڪارنامن تي سوچيندي ايترو ته گم
ٿي ويو جو جڏهن سندس پاليل وڏي ڪتي ڀئونڪيو ۽ پڇ
لوڏيو ته کيس هوش اچي ويو. هاڻي هو پنهنجي جهوپڙي
تائين پهچي ويو هو. هُن پنهنجي پٽ بچل ۽ ڪراڙي
پيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪي اڃا تائين اڱڻ ۾ پيل کٽ تي
ويٺا هئا.
”تون ڪٿي هئين؟“ پڻس کانئس پڇيو. بچل به پنهنجو
پاڻکي بابا جي ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو. سچل کلي
وراڻيو،”آءٌ شهر مان خير سان موٽيو آهيان. فقيرو
ڪونه ٿو ڏسجي؟.“ هُن پنهنجي پيءُ کان پڇيو. ”هو
ٻڪرين کي واڙي ۾ پورڻ ويو آهي.“ پڻس حُقي مان
ڦوڪون ڀريندي وراڻيو.
”هيڏانهن اچ بچل! تنهنجي لاءِ ڪجهه مٺائي آندي
اٿم. اِن مان فقيري کي به ڪجهه ڏجانءِ.“ بچل
خوشيءَ مان جهُمري پاتي ۽ ڏاڏي ڏانهن وڌيو ۽ کيس
ڳڙ مان ڪجهه ذري ڏيڻ تي زور ڀريائين.
پوڙهي پنهنجو ڪنڌ نراسائيءَ مان لوڏيو ۽ سچل کي
چوڻ لڳو ته،”هن سال جيڪڏهن تون ڪٿي هاري نه بيٺين
ته پاڻ بُک مرنداسين. جيڪڏهن گهر ۾ داڻا هوندا ته
پوءِ ڪڪڙن جي ويڙهه ٺيڪ آهي. توکي ته چڱيءَ ريت
خبر آهي ته پنهنجو جيڪو جريب زمين جو ٽڪرو آهي،اُن
مان ايتري پيداوار نه لهندي، ڇو ته سائين ڇُٽل
شاهه ڳچ پڻي کڻي ويندو.“
سچل پوڙهي پيءُ جي آڏو اوڪڙو ويهي رهيو ۽ کيس
چتائي ڏسڻ لڳو. اڄ هُن پنهنجي پاڻ کي پيءَ، ماءُ،
پٽ، ڀاءُ ۽زال آڏو بيقراريءَ سان ننڍو محسوس ڪندي
ڏانهس ڏٺو.”ڇا تو سوچيو آهي ته تون ٻنيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪو ڪم ڪري سگهين ٿو، جيڪڏهن آءٌ ٻني تي
وڃي ڪم ڪريان؟“ پوڙهي سندس ورنديءَ کان اڳ ئي وري
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ” ڇا مون سدائين ائين نه ڪيو
آهي؟ تون سائينءَ جي ٻنين مان سهن ۽ تترن جو شڪار
ڪندي ۽ سير تفريح ڪندي هيڏو سارو ٿيو آهين. ڪنهن
نه ڪنهن بهاني سيوهڻ ڀڄي ويندو هئين. اڙي پُٽ،
اُنهن ٻارن جو سوچيو اٿيئي، جن کي اسان کي
پالڻُوآهي، نه ته پوءِ اسان کي هن سال مينهن
وڪڻڻي پوندي ۽ پئسا کائي وينداسين. غريب بچل کي
کير ڪٿان ملندو؟ آءٌ ته هاڻي مرڻ ڪنڌيءَ تي ويٺو
آهيان.“ پوڙهي جي سواليه آواز سچل جي ڪنن ۾
گهرائيءَ تائين هليو ويو هو. بهرحال تصوير واري وڻ
جي تجربي سچل جي جذبن کي هڪ نئون اُتساهه ڏنو هو.
سندس دل کُلي پيئي ۽ جذبن جي ڌڙڪن محسوس ڪري سندس
اکين جي ديد وڌيڪ تيز ٿي ويئي ۽ هُن پوڙهي جي چهري
تي لڪيرون ۽ گهنج چٽيءَ طرح ڏٺا، جيڪي کيس اڳ ڪڏهن
به نظر نه آيا هئا.
هُو اُداس ٿي ويو. کيس دل ۾ رحم اچي ويو ۽
چاهيائين ته سندس آڱرين وڻ جي تصوير واري رسالي جي
ڦاٽل ڪاغذ کي جيئن سڌو ڪيو هو تيئن پنهنجي پيءُ جي
چهري تي آيل فڪر ۽ غم کي به دور ڪري.
”حاضر بابا“. هن دل سان چيو،” مون شهر ۾ ٻڌو هو ته
وڏو سائين جنهن کي خدا آباد وٽ زمين آهي، انبن ۽
ليمن جو هڪ وڏو باغ لڳائڻ وارو آهي، اُن لاءِ کيس
مزور کپن. آءُ اُتي ڏهاڙيءَ تي روز ڪمائيندس.“
پوڙهي وچ ۾ سوال پڇيو،” روز ڪيترا پئسا ملندا؟“
”اسان کي اناج کپي!......پئسا؟........تون اِهي
اجاين ڪمن ۾ خرچ ڪندين ۽ هڪ ڏهاڙيءَ جي پئسن مان
تون جوار جي هڪ ٿيلهي به خريد ڪري نه سگهندين؟ تون
ان ڳالهه جي جاچ ڪر ته وڏو سائين وونئڻ يا ڪڻڪ
پوکي ٿو؟ ۽ چوينس ته اسان کي به زمين جو ٽڪرو پوکڻ
لاءِ ڏئي. اسان جيترو وقت به هاري هونداسين، زنده
رهي سگهنداسين. اسان جي جيڪا جريب کن زمين آهي
اُها ڪافي ناهي. اسان ايترا ته بي سهارا آهيون جو
جڏهن ريڊيو تي ٻني پوکڻ بابت ڄاڻ ڏيندا ته ٻني
پوکڻ ڪيئن شروع ڪري سگهنداسين؟ اسان وٽ پاڻي ناهي،
ٽريڪٽر وهرائڻ ۽ ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن.....
رڳو وڏا زميندار ئي.......“
آواز ٻُڏندو ويو ۽ اوچتو سچل اُٿيو ۽ پنهنجي
جهوپڙيءَ جي اڱڻ ڏانهن وڌڻ لڳو. پوڙهي سان بحث ڪرڻ
جو جواز به نه هو. هُو هارپي تي ٻني ڪندڙ پنهنجي
هارپي جي حصي جي، روزاني تاريخ ڪمائيندڙ مزور جي
ڪمائي سان ڀلا ڪيئن ڀيٽ ڪندو؟ جيڪڏهن خان محمد ۽
پيرو ڪڪڙن جي ويڙهه ۾ انهيءَ موضوع تي بحث نه ڪن
ها ته پوءِ اُهي وڏي سائينءَ وٽ وڃن ها ۽ پيرو جي
سفارش ڪافي هئي. اُهي ڪلهوڙا وڏي سائينءَ جي بلڪل
ويجهو هئا ۽ خان محمد ڪيترن ئي سالن لاءِ سائين جو
ڪمدار هجي ها.
سچل جي جهوپڙيءَ جو رڌڻو ننڍڙي اڱڻ جي هڪڙي پاسي
بلڪل کُليل هو. سڀاڳي هڪ وڏي ديڳڙي کي چلهه تي
چاڙهي رهي هئي. اوندهه ۾ چلهه ۾ ٻرندڙ باهه جي ئي
روشني هئي، جنهن ۾ سڀاڳيءَ جو سنهڙو ۽ جوان چهرو
نظر اچي رهيو هو. سچل اڃا تائين سوچن ۾ گم هو ۽
اُن وڻ ذريعي کيس مليل گهري فِڪر ۾ هُن سڀاڳيءَ جي
چنڊ جهڙي چهري تي نظر وڌي، جيڪو شاديءَ جي پنجن
سالن اندر هڪ زنده پُٽ ۽ ٽن مئل ٻارن جي هڪٻئي
پٺيان مرڻ جي ڪري کوکلو ٿي ويو هو.
سڀاڳي چُلهه تي رکيل ديڳڙي رڌڻ ۾ رُڌل هئي. کيس
خبر ئي نه پيئي ته ڪو سچل واپس اچي ويو آهي.
اوندهه ۾ سچل جي خاموشيءَ مان داخل ٿيڻ کيس اڃا
وڌيڪ ڪجهه سوچڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هُن هاڻي آرام
سان سڀاڳيءَ کي سڏ ڪيو. هوءَ تڪڙي مُڙي، مرڪي ۽
چيائين،” او، تون آخر اچي وئين!.....بابا ۽ امڙ
توتي ڪاوڙيا ويٺا آهن. مون تنهنجي ماني رکي آهي.
بهتر آهي ته تون هتي ويهي ماني کاءُ ۽ پوءِ اندر
وڃ. امان توکي ڪن مان پڪڙيندءِ.“ سڀاڳي اُٿي ۽
جهوپڙيءَ جي ڇت جي هڪ پَٽي سان رنگين اُڻيل رسن
واري ٻڌل ڇڪي ۾ رکيل هڪ ٿانو مان چانور ڪڍيا ۽
چُلهه ويجهو رکيل ٺڪر جي هڪ ٿانو مان ٽامي جي
پيالي ۾ کير ڪڍيو.
”چانور!“ سچل جون بکايل اکيون خوشيءَ مان ٻهڪي
پيون.
”ها، مون تنهنجي لاءِ ڪجهه چانور رکيا هئا. گذريل
سان خداآباد واري وڏي سائين جيڪا چانورن جي ٻوري
ورهائي هئي، اُن مان امڙ وٽ اٽڪل چار سير کن چانور
پيا آهن.“ سڀاڳيءَ جواب ڏنو. سچل مليل کاڌي جي
خوشيءَ ۾ اُتي ئي چلهه جي پاسي ۾ ويهي آرام سان ڀت
کائڻ لڳو ۽ هر گرهه کان پوءِ ٽامي جي پيالي مان
کير جو ڍڪ به ڀريندو رهيو ته گڏوگڏ اکين ۾ قائم
مُرڪ سان سڀاڳيءَ کي به ڏسندو رهيو.
سڀاڳي سندس مرڪ کي سمجهي ويئي هئي. اِها ڪا نئين
ڳالهه ڪانه هئي. بهرحال ڪيترن سالن کان پوءِ، اُن
جي ڪري سندس ڏرا ڏنل ڳلن ۾ ڳاڙهاڻ اچي ويئي.
سندس پيار ننڍپڻ کان ئي پروان چڙهيو هو. سڀاڳي سچل
جي چاچي جي ڌي هئي. هُوءَ هميشه سچل کي وڻندي هئي،
انڪري نه، ته ڪا هُوءَ خوبصورت هئي، پر هن هر وقت
خاص ڌيان ڏيئي سچل کي پنهنجو ڪيو هو. سندس پيءُ جي
وڏي ڀيڻ، وڏي پڦيءَ کي جڏهن کان سڀاڳي ڄائي هئي،
تڏهن کان ئي هن کيس پنهنجو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
سچل ڪافي سال کانئس وڏو هو ۽ جڏهن وڏي پڦي سڀاڳيءَ
کي کڻي آئي هئي ته هو ڏاڍو ڦڪو ٿيو هو.
ڪٽنب خوش ۽ شفيق وڏڙن چيو ته هُنن نئين ڄاول ٻارڙي
جي اکين ۾ سچل ڏٺو آهي ۽ کين اِها پڪ هئي. هُنن
اُتي فيصلو ڪيو ته سچل ۽ سڀاڳيءَ جو جوڙو الله
سائينءَ جي طرفان جوڙيو ويو آهي.
سچل ۽ سڀاڳيءَ جو ٻالڪپڻ سگهو ئي گذري ويو. هڪ ئي
گهر ۾ رهندي سندن رويي ۾ هڪ ٻئي کان ڪا جهل پل
ڪانه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳن ۾ هو سڀاڳيءَ جا ڊگها
وار ڇڪي وٺندو هو. جيڪڏهن ڪنهن موقعي تي کيس وڌيڪ
تڪليف ٿيندي هئي ته سندس چمڪندڙ اکين مان وڏا لڙڪ
ڪري پوندا هئا. سچل اِهي لڙڪ اگهڻ ۾ ويرم ئي نه
ڪندو هو. بعد ۾ هو ٻيرن ۽ پڪل انبن يا ساون چڻن يا
وري ٻئي ڪنهن موسمي ميوي جو تحفو کيس ڏيندو هو ته
جيئن سڀاڳيءَ کي مُرڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي.
پر اِهو ٻالڪپڻ تمام ٿوري وقت لاءِ هو. سنڌ جي
وسيع ۽ اڻ کٽندڙ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻالڪپڻو
مڪمل طور تي آزاد ناهي. مردن جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم
ڪرڻ ضروري آهي. بشرطيڪ اُهي مڪمل طور تي آواره ۽
اوباش نه هجن. تنهن هوندي به ڪنهن تدارڪ يا سزا جي
ڪوشش نه ڪئي ويندي آهي. رڳو صبر سان سڀ ڪجهه
برداشت ڪرڻو هوندو آهي. ”الله تي رک.“ بهرحال
ٻالڪپڻو معنيٰ مڪمل طور آزادي. ڪا جهل پل نه.
ڀرپور محبت، پر وڏڙن کان محبت حاصل ڪرڻي هوندي
آهي.
پوءِ هر سال بيمارين جي هڪ وبا ڦهلجي ويئي.
ماتا،ڪالرا، مليريا ۽ ٻيون اڻڄاتل بيماريون، ويندي
موتمار بخار تائين. جيڪي متاثر ٿيا اُنهن مان گهڻا
الله کي پيارا ٿي ويا. سچل ۽ سڀاڳيءَ جهڙي ڪجهه
ماڻهن تي الله پاڪ پنهنجو رحم ڪيو ۽ بچي ويا.
يقيناَ الله پاڪ نهايت رحمدل ۽ ٻاجهارو آهي. سندس
رحم عالم آشڪار هو. ڇاڪاڻ ته گرم ۽ خشڪ موسمن،
جبلن، ٻنين ۽ ميدانن جي رهاڪو هن ٻارن کي اڄ جي
جديد شهرن مان ڪا انساني مدد نه ملي ۽ واهر نه ٿي
ته جيئن اُهي هِنن موتمار بيمارين کي منهن ڏيئي
سگهن. مقامي طور جڙين ٻوٽين وارن عطائي ۽ نيم
حڪيمن جي ٺڳين وارن ڌنڌن جي فهرست سندن ڏاڙهين کان
به ڊگهي آهي ۽ سندن علاج جو طريقو ”هڻکڻ“ يا کڻي
چئجي ته ’پُڙي مريض جي هٿ ۾ ۽ حڪيم غائب‘ وارو
آهي. گهرو علاج گهڻو ڪري ناڪام ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ
ڪڏهن ڪڏهن اهو اثر هڪ معجزي کان گهٽ ناهي ۽ اُهو
تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن الله پاڪ پنهنجو رحم ڪندو
آهي.
جيتوڻيڪ اُهي ڏينهن گذري ويا، پر غمگيني، مسئلن ۽
بيمارين ڪجهه وقت لاءِ مسئلا پيدا ڪيا. اداسي ڪڏهن
به دائمي نه هوندي آهي ۽ الله پاڪ ۾ پڪو يقين ۽
اعتقاد، هنن هاري ماڻهن جي جي فطرت موجب اُنهن
مشڪلاتن ۽ اُن جي اثرن کي پنهنجي ذهن تان ميساري
ڇڏين ٿا. سندن راڳ جون محفلون، کليل ڪچهريون،
عيدون، شاديون ۽ ٻيون خانداني تقريبون ٿينديون
رهنديون هيون. سڀ کان اهم ڳالهه مختلف عظيم صوفي
بزرگن جي مقبرن تي ساليانه عرس ۽ ميلا، جتي
عقيدتمندي جي ڀرپور ۽ طاقتور جذبي جي ڪري ٽيهن
ميلن جو مفاصلو به سڏ پنڌ لڳندو هو، کاڌو رڳو پيٽ
ڀرڻ لاءِ هوندو هو. اُتي پسند تمام گهٽ ۽ محدود
هوندي هئي، پر اها تسلي بخش هوندي هئي. مينهن
گهاٽو کير ڏيندي هئي ۽ لسي ۽ مکڻ جام ٿيندو هو.
ڪڻڪ جي اٽي مان لذيذ ماني ٺهندي هئي. اُتي مٽرن ۽
چڻن جي فصلن جي فرحت بخش ساوڪ هوندي هئي.
سچل گذريل ڪجهه سالن کان پيٽ ڀري ماني کائڻ جي
ضرورت کي محسوس ڪرڻ لڳو هو. هُو ٻالڪپڻ ۽ جوانيءَ
جي شروع ۾ مکڻ کائڻ کي ياد ڪرڻ لڳو. اُن کان پوءِ
کير شهرن ۾ وڪامڻ لڳو، جتان ڪراچي مکڻ ۽ مائو
ٺاهيندر ڏوڪڙن جي لالچ تي اُن تي ڪڙڪي پيا. مفت ۾
لسي ملڻ مشڪل ٿي ويئي. ايتريقدر جو سٺو کير ۽ مکڻ
ملڻ محال ٿي پيو.
سچل جيئن ئي ڀَتَ سان گڏ نج کير پيتو ته اُن جي
ذائقي ڏاڍو متاثر ڪيس. سندس دل مان اوچتو نڪتو،”
نه!.... آءُ پنهنجي مينهن وڪڻڻ جي اجازت هرگز نه
ڏيندس. آءٌ سڀاڻي وڏي سائينءَ وٽ ويندس ۽ ڏوڪڙن
ڪمائڻ لاءِ سخت محنت ڪندس. هاڻي ڪڪڙ ويڙهائڻ جو
شغل نه ڪبو.“ هُن ڏاڍيان چيو ۽ سڀاڳيءَ ڇرڪ ڀريو.
هوءُ مرڪي ۽ چوڻ لڳي،” ها، هاڻي ڪڪڙ ويڙهائڻ جو
شغل نه ڪجانءِ؟ تو مان چڱا خيال هڪ ڦوهاري وانگر
نڪرندا آهن. تون سٺي دل وارو آهين ۽ تون ئي پنهنجي
مينهن کي وڪامجڻ کان بچائي سگهين ٿو ۽ گهر ۾ ڏوڪڙ
آڻي سگهين ٿو.“
سچل اُٿيو. هو پنهنجو پاڻ کي خوش ۽ مطمئن محسوس
ڪرڻ لڳو. هڪ ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳو، جتي هُن سڀاڳي ۽
الهه بچائي سان رهاڻيون ڪيون هيون. دروازي آڏو پيل
لوٽي ۾ پيل پاڻي سان هن پنهنجا پير ڌوتا. جڏهن به
کيس ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوندي هئي ته سڀاڳي ايتري
ته مهربان هئي جو اُها شيءِ سندس استعمال لاءِ هر
وقت تيار رکندي هئي. هن پنهنجو پاڻ کي کٽ تي ڇڏيو،
جنهن جو سخت واڻ، ڀرت ڀريل پرڪشش چادر ۽ وهاڻي جي
ڪري نرم ٿي پيو هو.
ٿانوَ ڌوئڻ ۽ بورچيخاني کي صاف ڪرڻ کان پوءِ ڪلاڪ
کن ۾ سڀاڳي موٽي آئي. بچل کٽ تي گهريءَ ننڊ ۾ ستل
هو. هُو سندس کٽ جي پيرانديءَ کان پيل کٽ تي سُتل
هو. هُن پيار مان پنهنجو هٿ سندس مٿي تي ڦيريو،
پوءِ اِهو ڏسڻ لاءِ پاسو ورايو ته سچل جاڳي رهيو
هو يا نه. هو ڀت ڏانهن منهن ڪيو سُتو پيو هو ۽ اڃا
تائين ننڊ ۾ هو. هو اِهو خيال ڪندي ته متان سندس
آرام ۾ خلل پوي، هوشياريءَ سان سندس پاسي ۾ سمهي
رهي. کٽ تمام ويڪري هئي ۽ جيئن ئي هوءَ ليٽي ته
اوچتو سچل جي ڀاڪر ۾ اچي ويئي. هُن کيس ڀڪوڙي جيئن
ئي آرام ۽ تحمل سان زور ڏنو ته هوءَ شرمائيندي باغ
بهار ٿي ويئي. خوشيءَ جا لڙڪ سندس اکين مان نيسارا
ڪري وهڻ لڳا. سچل پنهنجين کهرين آڱرين سان اُهي
ڳوڙها اُگهيا ۽ سندس ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪري چوڻ لڳو ته،
”تون اُنهيءَ وڻ جهڙي خوبصورت آهين، تو مان مون کي
ساڳي خوشبوءِ اچي ٿي.“
”ڪهڙو وڻ؟“ سڀاڳيءَ حيرت مان اوچتو پنهنجو ڪنڌ مٿي
کنيو.
سچل ڌيرج سان اُن وڻ جي تصوير بابت سُرٻاٽ ڪيو..
”آءٌ هڪ وڻ پنهنجي اڱڻ ۾ پوکينديس. مون ٻُڌو آهي
ته وڏي سائينءَ جي ولائتڻ بيبي ڪيترائي اڻ لڀ وڻ
پوکيا آهن. جيڪڏهن تون سندس باغ کان اڳتي ويندين
ته اُتي هڪ گهاٽو جهنگل اٿيئي. مونکي پڪ آهي ته
اُن تصوير جهڙو هڪ وڻ اُتان توکي ملي ويندو.“
هاڻي هو جوش واري انداز ۾ اُٿي ويهي چوڻ لڳو، ”
توکي اِها خبر ناهي ته هن وڻ تصوير ۾ اُن جڳهه کي
ڪيئن نه روشن ڪري ڇڏيو آهي. صبح جو آءٌ اِها
تصوير توکي ڏيکاريندس. اُن سان ويتر پنهنجو اڱڻ
جڳمڳائجي اُٿندو.“
سڀاڳي هلڪو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين،” تون هاڻي سمهي رهه،
ته جيئن صبح جو تون تصوير ڏسڻ بدران ڪم تي وڃي
سگهين. هيڏانهن ٿي، آءٌ تنهنجي ٽنگن کي زور ڏيان،
تون سمهي رهه.“
سنڌ ۾ سياري جي مند ۾ سج اونهاري جي ڀيٽ ۾ بلڪل
ابتڙ هوندو آهي، جنهن ۾ هو ماڻهن، جانورن، ٻوٽن ۽
زمين کي گرميءَ جي ڪري ساڙي وجهندو آهي، پر، اُن
جي ابتڙ سياري ۾ اڀرڻ کان وٺي منجهس ڪا خاص گرمائش
نه هوندي آهي. بس اُڀرڻ کان وٺي لهڻ تائين وڻندڙ ۽
سُهائيندڙ اُس هوندي آهي.
صبح جي ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي، جيڪا راحت بخشي
رهي هئي. هو وڏا وڏا ساهه کڻندي تڪڙو هلي رهيو هو،
ڄڻ سندس پيرن ۾ اسپرنگ لڳل هجن. هو پنهنجي ساهه کي
ٻاڦ ۾ بدلجندي ڏسي رهيو هو. وڏي سائينءَ جي باغ
تائين پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ لڳڻ جو سوچي سچل
صبح جو سوير ئي روانو ٿيو هو. سڄي ڪائنات سونهري،
تازي تواني ۽ وڻندڙ لڳي رهي هئي.
جڏهن هو باغ جي وڏي لوهي گيٽ تي پهتو ته ٻن ولايتي
ڪتن مٿس ڀونڪڻ شروع ڪيو. وڏي ڪاري ڪتي ته کيس
ڊيڄاري ڇڏيو، پيروءُ جي سڃاڻڻ تائين هو هٻڪي اُتي
ئي بيٺو رهيو.
”ها ته تون اچي وئين،“ ائين ڳالهائيندي هن جرمنيءَ
واري ڪاري ڪتي کي سڏيو ته هو ڍڳي جي لوهه سان
پنهنجي باغ کي چڪاس وارو چڪر ڇڏي، فرمانبرداريءَ
جو مظاهرو ڪندي هليو آيو.
سچل پيروءَ کي چيو،” تون هِتي مالڪ وانگر لڳو پيو
آهين. هوءَ وڏي بلا ٻار وانگر تنهنجي اشاري تي هلي
آئي.“
”هي هتي منهنجي موجودگيءَ تي هريل آهي. کيس هر
چهرو ياد آهي. جيتوڻيڪ هو باغ ۾ فقط سياري ۾ ئي
ايندو آهي.“ هو هڪ ويڪري پيچري تي هلڻ لڳا، جنهن
جي ٻنهي پاسن کان سيمل جا وڻ پوکيل هئا. سچل اُنهن
ڊگهن وڻن کي حيرانيءَ سان ڏسندو رهيو، جيڪي شان
شوڪت سان اهڙي نموني بيٺا هئا، ڄڻ سندس چوٽين تي
ساون پنن جو تاج پهريل هجي. وڻن جي وچ واري
وڇوٽيءَ ۾ مندُ ۾ ٽڙندڙ ڳاڙهن گلن ۽ ڏينن لاءِ
گنجائش هئي، جن ۾ اندر ريشم جهڙي ڪپهه ڀريل هوندي
آهي. وڏا رنگبرنگي خوبصورت تنبو کليل ميدان تي
پکڙيل هئا، جيڪي عمارتن جي سلسلي جي سامهون هئا ۽
هڪ وڏي ٽيوب ويل ۽ سارين ڇڙڻ، اَن پيهڻ، ڪاٺ چيرڻ
۽ ڪمند پيڙڻ جي مشين کي ڍڪيو بيٺا هئا.
”سائينءَ کي اِهي تنبو ڏاڍا وڻندا آهن. ڏس ته سهي
اِهي ڪيڏا نه وڏا آهن ۽ بنگلن کان وڌيڪ سهڻا ٿا
لڳن.“
پيروءَ وٽ معلومات هئي، جيڪا هو وڏي فخر سان بيان
ڪري رهيو هو. جيڪا شيءَ سائين جي هئي اُها ڄڻ ته
پيرو جي هئي. اِها ٻٽاڪ وفاداريءَ جو اظهار هئي.
ڪڏهن ڪڏهن اُن ۾ وڌاءُ به شامل هوندو هو، پر تنهن
هوندي به خلوص ۽ سچائيءَ سان ڀريل هوندي هئي. اِها
واکاڻ جي عڪاسي ڪندي هئي، جيڪا سندس ذاتي تسڪين
سان ڀريل هئي.
”سائين اڳ ۾ ئي ليمن جي باغ ڏانهن هليو ويو آهي.
هو ٿوري دير ۾ ئي نيرن ڪرڻ موٽي ايندو. اسان
تنهنجي نوڪريءَ لاءِ سندس انتظار ٿا ڪريون.
تنهنجي هٿن ۾ ڪهڙو ڪاغذ آهي، ڪا درخواست اٿئي ڇا؟“
پيرو ڪاغذ جي ٽڪري وٺڻ لاءِ پنهنجا هٿ اڳيان
وڌايا. سچل هٻڪندي اِهو سندس حوالي ڪيو. پيرو سندس
پيشانيءَ تي آيل گهنج ۽ پريشانيءَ کي ڏٺو، ڄڻ کيس
ڪو نقصان پهتو هجي.
”هي ڇا هي!........گندو ڪاغذ جو ٽڪر؟“ سچل
شرمندگيءَ وچان اِهو کانئس واپس ڦُري ورتو ۽
چيائينس ته، ”اِهو ڪجهه ناهي، اِها رڳو تصوير
آهي.“
”تون اوچتو ايڏوپيلو ڇو ٿي ويو آهين.“ پيرو وڌيڪ
پريشان ٿي ويو.
”ٻڌاءِ، اِها ڇا جي تصوير آهي؟ الله جو قسم تون
ڊنل پيو لڳين.“
سچل ٿڌو ساهه کڻي ڀڻيڪو، ”او...........هي وڻ جي
تصوير آهي.“ بعد ۾ منجهس فوري طور هڪ جذبو اُڀريو
۽ هُن تڪڙن لفظن ۾ ان اميد سان راتوڪو قصو بيان
ڪيو ته کيس پنهنجي اڱڻ ۾ لڳائڻ لاءِ اهڙو هڪ ٻوٽو
ملندو.
”توکي اِها خبر آهي ته تون جيڪا ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهيو
آهي، اُها ڪير سمجهندو؟ بيبي صاحبه......؟ هُن هِن
زمين ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ لڳايا آهن ۽ هوءَ اڃا
تائين اُهي پوکي رهي آهي. اِجهو هوءَ هُن کڏيءَ ۾
ويهي شايد ڪو باغيچو ٺاهي رهي آهي، جنهن ۾ هُن
سمورا پٿر لڳايا آهن. توکي خبر آهي ته ڊرگهه بالا
مان ٽرڪن ذريعي آندل اِنهن پٿرن تي هُن ڪيترو خرچ
ڪيو آهي؟ هن ٻڪرين جي ڌنار غريب کوسي جي خبر اٿئي،
جنهن کي هُن ٻٻرن جي وڻن وڍڻ تان ڳچيءَ مان پڪڙيو
هو. کيس وڻن ۽ ٻُوٽن جو وڏو اونو هوندو آهي. بيڪار
وڻ رڳو انڪري پوکڻ ته اِهي سهڻا الڳن ۽ باغيچي ۾
پٿر هڻڻ........ٿورو سوچ ته سهي؟“
پيرو ۽ سچل جيئن ئي بيبيءَ وٽ پهتا ته پيرو بيبي
بابت تعارفي لفظ پورا ڪيا. هُو هڪ وڏي کڏ جي ڪناري
تي سندس انتظار ۾ احترام سان بيٺا رهيا. اِها کڏ
هڪ تلاءُ ۽ آبشار لاءِ کوٽي پئي وئي، جنهن جي مٿان
چيني طرز جي ڪاٺ جي پُل تيار ٿيڻي هئي. هوءَ گول
پٿرين کي ائين کڻي رهي هئي، ڄڻڪ اُهي هيرا ۽ جواهر
هجن ۽ اهڙي ڌيان دوران هوءَ ٻي هر شيءِ ڀُلجي ويئي
هجي.
سچل کيس ڏسندو رهيو ۽ حيران ٿيو ته هيءُ عورت
پنهنجين اباڻين ريتن رسمن ۽ ٻولي جي باوجود مختلف
لڳي رهي هئي. سندس جذبا هڪ عجيب ٻوليءَ جو نياپو
ڏيئي رهيا هئا، جيتوڻيڪ هُن پنهنجي گهر جي عورتن ۾
به ساڳئي قسم جو جذبو ڏٺو هو. هُن کي اِها ڳالهه
وسري ويئي ته هو ڪيتريءَ دير تائين ائين بيٺو هو.
اوچتو کيس احساس ٿيو ته بيبي ساڻس ڳالهائي رهي
هئي، ”ها، تون ڪهڙي وڻ بابت چئي رهيو هئين؟ ڪهڙي
قسم جو وڻ آهي؟ مون کي اُها تصوير ڏيکار.“
سچل ڇرڪ ڀريو، ڇاڪاڻ ته هو بيبيءَ کي ڪم ڪندي ڏسڻ
۾ ايڏو ته گم ٿي ويو هو جو هُن پيروءَ جا سندس
باري ۾ تعارفي لفظ ۽ وڻ جي تصوير جي باري ۾ ٿيل
ڳالهه ٻولهه به نه ٻُڌي. سچل خوف ۾ بُت بنجي ويو.
هو ايترو بيوقوف ڪيئن ٿي ويو هو ۽ هاڻي هو اِهو
گندو ڪاغذ بيبيءَ کي ڪيئن ڏئي سگهندو! هُن پنهنجي
عقل ۽ خدشن جي ڪئوڙي گوري ڏاڍي مشڪل سان ڳهي ورتي.
پيرو سندس هٿن مان اُهو ڪاغذ ڦُريو ۽ اُن کي سڌو
ڪرڻ لڳو ۽ اُن ۾ پيل گهُنجن کي سڌو ڪرڻ جي ناڪام
ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ، نيٺ هُن اِهو بيبيءَ جي حوالي
ڪيو، جيڪا ان ٻاراڻي ۽ معصوم حرڪت کي ڏسي رهي هئي
۽ کُلي طرح مرڪڻ لڳي.
”ها.....“ بيبي اُن تي غور ڪرڻ لڳي ۽ اُن مان ائين
لڳو ڄڻ تصوير جي گهُنج ۽ ميراڻ کي نطر انداز ڪندي
هوءَ تصوير جي واکاڻ ڪري رهي هئي.
”توکي هي وڻ وڻي ٿو؟“ بيبي محسوس ڪرايو ته هُن ڪا
عجيب شيءِ لڌي آهي. وڻن سان پيار ڪندڙ هڪ ڳوٺاڻو،
جيڪو اُنهن هزارن مان هڪ هو، جن جي اِها خواهش
هوندي آهي ته جتان به اُهي لنگهندا هجن ته اُتي
بيٺل سمورن وڻن کي وڍي ڇڏين يا گهٽ ۾ گهٽ ٽارين يا
پَنن کان آجو ڪري ڇڏين. هُن پنهنجي فطرت موجب،
جنهن جي ڪري سندس ڪٽنب ۽ سندس حيثيت جي ڪيترن ئي
ماڻهن کي ڪوفت ٿيندي هئي، فوري طور چاهيو پئي ته
اُن شرميلي ڳوٺاڻي جو ذهن کسي وٺان، جنهن اهڙو
خيال پيش ڪيو هو، جنهن جي ذريعي قدرت جي خوبصورتين
کي سٺي موٽ ڏيئي سگهجي ٿي.
بهرحال بيبي پنهنجي ڪمزوريءَ کي سمجهي ورتو، جنهن
جي ڪري هوءَ اِن عظيم جذبي سان خدمت ڪري رهي هئي.
اِها سندس خوش قسمتي هئي جو هُن سمجهي ورتو هو ته
هوءَ ڳوٺاڻن کي سندن جذبن مجروح ڪرڻ کان سواءِ ئي
ثقافتي صلاحون ۽ سماجي سمجهاڻيون ڏيڻ جي لائق هئي.
سندس ڪيترائي سنڌي مائٽ ۽ سهيليون سندس ڪمن مان
تنگ ٿي پوندا هئا. يقيناَ اُهي سندس واکاڻ ڪندا
هئا ۽ چڱي انداز ۾ سندس ڪوششن تي عجب به کائيندا
هئا، ڇاڪاڻ ته اِها هڪ مهذب ڳالهه هئي. ايتريقدر
جو هوءُ مايوس ٿي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس هاڻي
اهو احساس ٿي ويو هو ته ماڻهن ۾ سٺا ۽ بگڙيل رويا
انسانيت ۽ انساني فطرت کي هميشه قائم رکڻ جي عڪاسي
نه ڪندا آهن. کيس مٿن ڏاڍو افسوس ٿيندو هو، جو
اُنهن اِنهي تنگ نظريءَ جي ڪري زندگيءَ ۾ گهڻو
ڪجهه وڃايو هو. کيس اِنهي ڳالهه ۾ شڪ نه هو ته هُن
ساڻن اِن ڳالهه تي اتفاق ڪيو هو ته پڙهائڻ واري
ڪوشش وارو سندس رويو”وڌيڪ ڄاڻڻ ۽ بهتري“ وارو
مساوي اعتقاد جو نتيجو هو. پر چيائين ته،“ اِهو
پاڻ کي ٻئي کان برتر سمجهڻ واري احساس مان ناهي.
اونهيءَ جي بدران توهان نج تعصب واري بيڪار موقف
جا ملزم آهيو.“ هُن پنهنجي نقطئه نظر هڪ ڊگهي
ليڪچر ڏيڻ ذريعي هر اُن ماڻهوءَ کي سمجهايو ٿي،
جنهن کيس ٻُڌو ٿي.
بالا آخر بيبي سنڌي هاريءَ جي ذهن جو اندازو لڳائي
ورتو هو. کيس پنهنجي سِر طريقن جي سرپرستي ڪرڻ نه
وڻندي هئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ ٻين جا برتري محسوس
ڪرائڻ وارا طريقا هضم نه ڪري سگهندي هئي ۽ سندس
رويو به الڳ ماڻهن لاءِ مختلف هوندو هو. سندس زمين
تي رهندڙ هاري ان جي موٽ ڏيندا هئا. هوءَ مختلف
هئي ۽ مختلف لڳندي هئي، تنهن هوندي به اُهي جيئن
ڪندا هئا تيئن هو ڳالهائيندي هئي ۽ ساڻن ورتاءُ
ڪندي هئي ۽ هو اُن جي موٽ ڏيندا ۽ منجهس يقين ڪندا
هئا. جيتوڻيڪ جيڪي ڪجهه هوءَ ڪندي هئي، اُن جا سبب
هو ڪڏهن به سمجهي نه سگهيا هئا. حقيقت ۾ پنهنجي
حساب سان اُهي سندس تعميل ڪندا هئا ۽ کيس وڏي
سائينءَ جي گهر واريءَ جي نگاه سان ڏسندا هئا.
بيبي به ڪڏهن ڪهن سندن پراڻن ۽ عجيب طريقن تي
پريشان ٿي بي صبري ٿي ويندي هئي،. هُنن جي سامهون
ڪيترائي اڻ لڀ وڻ ختم ٿي ويا، پر اِهو نه سمجهي
سگهيا ته اُنهن کي تيار ٿيڻ ۾ ڪيتريون ڪوششون
ورتيون ويون هونديون. اُنهن مان ڪيترائي وڻ حقيقت
۾ نه ته ميوو ڏيندا هئا ۽ نه وري ڪو ٻڪريون کين
چکنديون به هيون. پوءِ اُنهن کي پوکڻ تي هيڏو سارو
خرچ، وقت ۽ پورهيو ڇالاءِ ڪيو ويو؟ ۽ پوءِ اِنهن
عجيب صورت اختيار ڪري ويل ٽارين ۽ وڻن کي وڌيڪ
ڌيان مليو ۽ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ اُهي باغ ۾
لڳايا ويا. دوءري تي آيل ولايتي دوست سندس زمين تي
ايندا هئا ۽ کين شاباس ڏيندا هئا. شايد اها ڪا
ولايتي رمز هجي. ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ.
باقاعدگيءَ سان ڪم تي اچڻ وارين هدايتن ۽ سخت نظم
۽ ضبط بابت هُنن جي ناپسند کي بيبي سمجهي ڪانه
سگهي هئي. زندگي رڳو اِنهن شين جو نالو ته نه هو .
اِها عجيب ڳالهه نه هئي ته عملدار هميشه بدمزاج
هئا ۽ شهري ماڻهو اسپتال ۾ مرڻ لڳا، پر کين خبر
هئي ته بيبي همدرد آهي ۽ کين ٻُڌڻ جو ارادو رکي ٿي
۽ اِهو ئي سبب هو، جو هو ساڻس سهڪار ڪندا هئا.
سندس لاڳاپا غير رسمي هئا، جنهن ڪري اُهي کيس وڌيڪ
وقت
ڏيڻ لڳا. حقيقت ۾ پيروءُ بيبيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندو هو ۽ کيس
ڪيترائي رسم رواج سيکاريا هئائين ۽ مقامي مسئلن
بابت هڪ عام صلاحڪار جو ڪم ڪندو هو. وڻ جي تصوير
سان سچل کي بيبيءَ وٽ وٺي اچڻ کيس پيرو طرفان خوش
ڪرڻ جو هڪ ڏانءُ هو، ڇاڪاڻ ته هو کيس گهڻو سڃاڻندو
هو.
”مون سان گڏ اچ سچل! آءٌ ٻيا گهڻا وڻ توکي
ڏيکارينديس.“ بيبي مالهين کي خاص هدايتون ڏنيون ۽
پنهنجي هزارين ايڪڙ وسيع فارم جي اترئين پاسي هلڻ
لڳي، جتي انبن، ليمن ۽ کجين جا باغ هئا.
اِهي باغ ويڪرن پيچرن ذريعي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيل
هئا، جن جي مٿان شيشم جا وڻ ڇانورو ڪيو بيٺا هئا.
جڏهن ته ٻين پيچرن تي سرنهن، سيمل ۽ بهڻ جا وڻ
قطار ۾ بيٺا هئا، جيڪي سرءُ ۾ ڳاڙهي-سونهري رنگ ۾
بدلجي ويا هئا. اُتي اهڙا به گل هئا، جيڪي اِنهيءَ
کان اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيا هئا. اُنهن گاڏڙ
خوشبوئن ۽ صبح جي ٿڌڙي هير، دل ۽ دماغ کي معطر ڪري
ڇڏيوهو. هلندي هلندي سچل قدرتي حسن جي ڪيترن ئي
نظارن ۾ گم ٿي ويو.
فارم تي ڪم ڪار زور شور سان جاري هو. ڪي ماڻهو
مختلف حصن ۾ واٽر ذريعي پاڻي ورائي رهيا هئا ته ڪي
وري باغن مان گندگاهه ڪڍي رهيا هئا. گڏهن وارن
ٻورن ۾ سرون کنيو پئي ۽ اُهي جڏهن بيبيءَ وٽان
گذريا ٿي ته هنن کين سلام ڪيو ٿي. ڪتا هيٺ مٿي
ڊوڙي رهيا هئا ۽ ڪجهه هاري به اُن ميڙ ۾شامل ٿي
ويا هئا. منجهانئن هڪ ڄڻو بيدمشڪن واري جهڳٽي ڏي
نيرن کڻي اچڻ جو چئي تيزيءَ سان فارم واري گهر
ڏانهن روانو ٿي ويو. اُهي جيئن ئي اُن جهڳٽي جي
ويجهو آيا ته سچل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين،”
ها......ها، هي ئي اُهي ساڳيا وڻ آهن.“ اُهي تمام
ڊگها هئا ۽ لُڏندي خوشنما لڳي رهيا هئا ۽ بي ترتيب
جهڳٽي جي صورت ۾ ڏاڍا سهڻا لڳا پئي.
”سچل.....“ بيبي مسڪرائي چيو،”ڏس، هي وڻ تنهنجي
تصوير واري وڻ جهڙا آهن. اسان وٽ پس منظر ۾ ويجهو
ٽڪريون ته ڪونهن، پر هي جڳهه جوهي ۽ کيرٿر وارن
جبلن جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن تو واري تصوير کان به وڌيڪ
خوبصورت لڳندي آهي. اُن جو سڄو دارومدار موسم، سج
جي روشني ۽ چنڊ تي آهي.“ |