اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سونڊا، مڪليءَ، چوکنڊيءَ، جهرڪن
جي ويجهو پليجن جي قبرستان، نصرپور جي ويجهو ٽنڊي
آدم ۽ ٽنڊي الهيار روڊ تي، تورڪيءَ واري (ميين
وهيين واري) قبرستان، روهڙيءَ ۾ سنڌوءَ ڪناري تي
امير خانين واري قبرستان (ستين جي ٿان) منگهي پير
واري قبرستان، سيوهڻ شريف واري قبرستان، قلندر
شهباز جي روزي جي ٻاهران، ساڄي طرف هندستان جي
تغلق گهراڻي جي بادشاهه، محمد شاهه تغلق جي لڳرايل
ڪتبي، خيرپور، ڪوٽ ڏجيءَ، پير جي ڳوٺ، خيرپور ميرس
ويجهو قادر بخش جي قبن واري قبرستان ۽ شڪارپور ۾
لڳرايل ڪتبن ۽ سکر ۾ معصوم شاهه جي مناري تي لڳل
ڪتبن تي ڪيل شاندار خطاطيءَ جا نمونا موجود آهن.
خطاطيءَ جي فن ۾، ٺٽي ۽ مڪليءَ جي مقبرن تي ڪيل
خطاطيءَ جو پنهنجو ”مڪتب خطاطيءَ“ يعني ”دبستان
ٺٽه“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، جيڪو ننڍي کنڊ ۾
پنهنجو وڏو ۽ منفرد مقام رکندو هو. هن فن جا ماهر
خطاط هوندا هئا، جن جو شمار، ارغُون، ترخان ۽ مغل
درٻار ۾ فخر سان ڪيو ويندو هو.
5- سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جا مختلف ۽ مشهور قسم:
(الف) جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته خطاطيءَ جي فن جي
تاريخ ڪافي پراڻي آهي، هيءُ فن اسلامي فنونِ لطيفه
۾ شمار ٿئي ٿو، ۽ عربن ايجاد ڪيو هو؛ پر هيءُ فن
جڏهن ايران پهتو، تڏهن ايراني خطاطن ۽ خوش نويسن
هن فن ۾ تمام گهڻي نواڻ آندي. ايراني خطاطن، عرب
خطاطن جي رائج ڪيل خطن ۾، پنهنجون صلاحيتون
ڏيکاري، اُن ۾ نوان خط ايجاد ڪيا.
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته خطاطيءَ جي فن جي شروعات ”خط
ڪوفيءَ“ سان ٿي. چوٿين صديءَ هجريءَ جي شروعات
۾”خط ڪوفيءَ“ جي امام، ابن مقله، پنهنجيءَ ”ندرت
پسنديءَ“ واري طبيعت جي ڪري، ”خط ڪوفي ۽ خط
معقليءَ جي ميلاپ سان، ڇهه نوان خط ايجاد ڪيا؛:
اُهي ڇهه خط هي هئا” ”خط نسخ“،”خط ثلٿ“، ”خط
مُهقق“،”خط توقيع“، ”خط ريحان“ ۽ ”خط رقاع“ ، پر
تاريخي اعتبار کان، اُنهن ڇهن ئي خطن مان، استعمال
جي لحاظ کان وڌيڪ آسانيءَ واري سگهه يعني استعداد،
”خط نسخ“ ۽ ”خط ثلث“ ۾ موجود هئي، ۽ اڄ به انهن ئي
ٻن خطن، يعني ”خط نسخ“ ۽ ”خط ثلث“ ۾ اهو استعداد
موجود آهي، پر ”خط نسخ“ کي وڌيڪ فروغ مليو( اسلم
انصاري: تاريخ خطاطي، ص 13)
(ب) اڳتي هلي ”خط رقاع“ ۽ ”خط توقيع“ جي ميلاپ
سان، ” خط تعليق“ وجود ۾ آيو پر اڃا به اڳتي هلي ،
”خط تعليق“ ۽ خط نسخ“ جي ميلاپ سان، خطاطيءَ جي فن
جو اٺون قسم ايجاد ٿيو، جنهن کي ”خط نستعليق“ يعني
”نسخ“ ۽ ”تعليق“ جو گڏيل نالو ڏنو ويو. هيءُ اُهو
خط آهي جنهن کي دنيا ۾، هن وقت ”نسخ خط“ جي برابر
اهميت ۽مقبوليت حاصل آهي. هيءَ خط ٻين سڀني خطن
کان وڌيڪ شهرت حاصل ڪري ويو.
(ت) حُسن تحرير لاءِ ڪن رسم الخطن جي ايجاد ڪرڻ ۾
خود وقت جي بادشاهن پڻ دلچسمي ورتي. اُنهن ۾
شهنشاهه بابر، ”خط بابري“ ايجاد ڪيو: شهنشاهه جلال
الدين محمد اڪبر جي زماني ۾، خطاطيءَ جي فن جي
ماهرن، ” نستعليق“ ۽ ”تعليق“ خطن کي ملائي، ”خط
شڪسته“ يا ”خط ديواني“ ايجاد ڪيو، جيڪو شهنشاهه
شاهجهان جي حڪومت واري زماني ۾ رائج ٿيو. اهڙيءَ
طرح ”خط شڪسته،(خط ديواني) مان، ”خط غبار“، ”خط
گلزار“،، ”خط طغرا“، ”خط ماهي“، ”خط توامان“، ”خط
ناخن“، ۽ ”خط مرموزه“ جُڙيا.(اسلم انصاري؛ تاريخ
خطاطي، ص 13)
ملتان آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اسلم انصاري
صاحب جي راءِ ۾، متقدين توڙي متاخرين خطاطن گهڻو
ڪري جن خطن کي گهڻو استعمال ڪيو، اُهي خط هئا؛ خط
نسخ ۽ خط نستعليق( ص 13) ننڍي کنڊ پاڪ – هند ۾،
مسلمانن جي فتح (93 هه/712 ع) کان پوءِ، سنڌ ۾
پهريون ڀيرو ڀنڀور ۾ قائم ڪيل پهرين مسجد، امير
محمد بن عبدالله جي حڪم سان ٺهي، ۽ اُن ۾ جيڪو
ڪتبو لڳايو ويو هو، اُهو نهايت ئي صاف ۽ آرائشي
”ڪوفي خط“ ۾ لکيل آهي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.
بهرحال اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مسلمان حاڪمن
سان گڏ، خطاطيءَ جي فن، ننڍي کنڊ، پاڪ – هند ۾،
سڀ کان پهرين، ”سنڌ“ ۾ قدم رکيو، ۽ پوءِ ملتان،
لاهور ۽دهليءَ کي پنهنجو مرڪز بنايو(اعجاز راهي، ص
171)، ۽ پوءِ اهو فن ٻين صوبن، رياستن، شهرن، ڳوٺن
۽ محلاتن تائين پهتو. محترم اعجاز راهيءَ جي راءِ
(ص 137) موجب، قديم سنڌ ۾، ڀنڀور شهر ۾ قائم ڪيل
پهرين ۽ ننڍي – کنڊ، پاڪ – هند ۾ سڀ کان آڳاٽي
مسجد، جنهن تي ”ڪوفي رسم الخط“ ۾ جيڪو ڪتبو لڳل
هو، تنهن جي تحرير جو زمانو 359هه کان 394 هه جي
وچ وارو عرصو سمجهيو وڃي ٿو(ص 137) . هن مسجد جي
تعمير جي سلسلي ۾، ماهرن جي وچ ۾ اتفاق هجي يا نه
هجي پربلاذريءَ جي ڪتاب، ”فتوح البدان“ ۾ ڄاڻايل
آهي ته محمد بن قاسم، پهرينءَ صديءَ هجريءَ جي
نائين ڏهاڪي جي آخري حصي ۾ ديبل ۾ مسجد تعمير
ڪرائي، جتي قرآن پاڪ جي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع
ٿيو. ”فتح نامئه سنڌ“ عرف ”چچ نامه“، (علي ڪوفي) ۾
ڄاڻايل آهي ته نيرون جي فتح کان پوءِ، اُتي مسجد
تعمير ڪرائي وئي، ۽ پوءِ اُن مسجد ۾ قرآن ڪريم جي
سکيا جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
(ث) سنڌ جي فتح واري زماني ۾، محمد بن قاسم سان
گڏ، ڪي قرآن ڪريم جا عالم، ته ڪي شريعت جا ماهر به
هئا، جن مقامي ماڻهن کي اسلام جي فلسفي کان آگاهه
ڪري، مٿن سٺا اثر وڌا، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو
مسلمان ٿيا. پوءِ مسجدون قائم ڪيون وَئيون، اسلامي
درس ۽تدريس جا ادارا شروع ڪيا ويا، انهيءَ ڪري
خطاطيءَ جي فن کي هڪ مقام مليو. جيڪي عالم محمد بن
قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا، انهن ۾ موسيٰ بن يعقوب
الثقفي به هو، ۽ هن عالم کان ڪيترن ئي ماڻهن فيض
حاصل ڪيو. جن ماڻهن، هن عالم کان فيض پرايو هو،
اُنهن جي فهرست تمام ڊگهي آهي.
اهڙيءَ طرح ”ابو موسيٰ اسرائيل بن موسيٰ البصري“
به سنڌ آيو هو. هن عالم 155 هه/ 771ع ۾ سنڌ ۾ وفات
ڪئي. هيءُ عالم هڪ صاحب طرز خطاط به هو. هن عالم
کان پوءِ حسن بصريءَ ( 21 هه/ 641 ع -110 هه
/728ع) جو هڪ ڪامل شاگر ”الربيع بن صبيح اسعدي
البصري“ ، جنهن جو نالو، محدثين ۾، هڪ معتبر نالو
آهي، 162 هه/ 776ع ۾ سنڌ ۾ آيو. اُن وقت تائين،
سنڌ ۾ ڪيترائي ڏيهي ماڻهو به اسلامي علمن جي درجي
کي پهچي چڪا هئا. اُنهن ۾ ابو عطا سنڌي، ابو معشر
سنڌي، ابو ضلع منصوري، ابو عبدالمل محمد بن ابو
معشر سنڌي، امام اوزاعي، عبداالرحمان بن عمرو شيخ
الاسلام (وفات 156 هه/772ع)، حافظ ابو محمد خلف بن
سالم سنڌي، ابو نصر فتح دائود بن عبدالله مشهور
ڏيهي عالم هئا.
اهڙي طرح ديبل ۾ منصوره جي عالمن مان جيڪي پنهنجو
وڏو مقام حاصل ڪري چڪا هئا، اُنهن مان ڪي نالا هي
آهن:
(1) ابو جعفر ديبلي(وفات 322 هه) هڪ وڏو عالم ٿي
گذريو آهي. هيءُ حجاز مقدس ويو ۽ اُتي اسلامي علمن
۽فنن کان سواءِ خطاطيءَ جي فن ۾ به مهارت حاصل
ڪيائين.
(2) ديبل جي ٻين عالمن ۾ ابراهيم محمد بن ابراهيم
بن عبدالله، احمد بن عبدالله، ابو قاسم شعيب بن
محمد بن احمد بن شعيب بن بزيع بن سوار ديبلي، ابو
العباس محمد بن عبدالل وراق ديبلي، ابو العباس
احمد بن سعيد ديبلي، حسن بن محمد اسد، خلق بن
محمد، احمد بن محمد بن احمد هارون ۽ حسن بن حامد،
چوٿينءَ صديءَ جا سنڌ جا وڏا عالم مڃيا ويندا آهن.
انهن عالمن، قديم سنڌ ۾، خطاطيءَ جي فن جي واقفيت
ڪرائڻ ۽ اُن کي شهرت ڏيارڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو.
(3) منصوره جي عالمن ۾ احمد بن محمد منصوري،
عبدالله بن جعفر بن مرَه منصوري قابل ذڪر عالم ٿي
گذريا آهن.
(ج) 1- مقامي سنڌي عالمن ۾، ابو عطا سنڌي، سنڌ
۾ اسلامي دور جي شروع وارن ڏينهن ۾، عربي زبان جي
هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ۾ شهرت حاصل ڪري چڪو هو. هن
عالم (ابو عطا سنڌي) جي باري ۾ مشهور آهي ته هو
پنهنجا شعر، پنهنجي هٿ سان لکندو هو.
2- سنڌ ۾ عربي ٻوليءَ ۾ ڪتاب به لکجڻ شروع ٿيا،
اٽڪل 154هه/770 ع ۾ ”سنڌ- هند“ نالي هڪ ڪتاب عربي
زبان ۾ ”علم الهيئت“ جي مضمون تي لکيو ويو. انهيءَ
ڪتاب جو عربي زبان ۾ ترجمو ۽ اُن جي خطاطي
”الفزاويءَ“ ڪئي هئي، انهيءَ ڪتاب جو عربي زبان ۾
ٻيو دفعو ترجمو پوءِ محمد بن موسيَ الخوارزميءَ
ڪيو.
(ح) اُن دور تائين، سنڌ ۾ اُن جي آسپاس وارن سڀني
علائقن ۾، جتي جتي مسلمانن جون حڪومتون قائم ٿي
چڪيون هيون، اُتي ممسجدن ۽ مدرسن جي سينگار ۽
سجاوٽ ۾ آرائشي خط جو رواج پئجي چڪو هو. ٻيءَ
صديءَ هجريءَ (6- صدي4 عيسويءَ) کان وٺي، چوٿين
صديءَ هجريءَ (صديءَ عيسويءَ) واري زماني ۾، سنڌ ۽
بلوچستان (مڪران ۽ خضدار) جي علائقن ۾، اسلامي
تهذيب ۽ ثقافت جا اثر، عام ماڻهن جي روزانه
زندگيءَ تي پئجي چڪا هئا. ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ،
اُٿڻي ويهڻيءَ، گفتگو، اُنهن جي علم ادب ۽ شعر و
شاعريءَ، مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي تي، عربي
ٻوليءَ جا گهرا اثر پيا. سنڌي ٻولي ته 864ع کان
وٺي عربي رسم الخط ۾ ملجڻ لڳي هئي، ۽ سياحن ۽
موءرخن، ڪن ڪن عربي حرفن ۾، نقطن جو اضافو ڪري،
سنڌي ٻوليءَ جي مقامي آوازن لاءِ هم آهنگ حرف
جوڙيا(الانا، غلام علي:”سنڌي صورتختي“، ڇاپو
چوٿون، ص 59). ايتري قدر جو عربن جي سياسي خاتمي
جي باوجود، قديم سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ صوبه سرحد
۾، عربي تهذيب ۽ ثقافت، مذڪوره علائقن جي تهذيب،
يعني سنڌو ثقافت، بلوچي تهذيب، پنجابي تهذيب ۽
پشتون تهذيب ۽ ثقافت جو حصو بڻجي وئي.
سنڌي ٻوليءَ جي حروف تهجيءَ لاءِ، عربي حرفن ۾
جيڪي اضافا ڪيا ويا، اُنهن جو تفصيلي ذڪر، علامه
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽
ادب جي تاريخ“ چوٿين ڇاپي ص 49- 50 ۽ منهنجي ڪتاب
”سنڌي صورتخطي“ جي چوٿين ڇاپي ۾ صفحي 51-52 تي
پڙهي سگهجي ٿو.
6- ننڍي کنڊ پاڪ – هند ۾ خطاطيءَ جي فن ۾ ترقي:
(الف) اڳ ۾ چيو ويو آهي ته خطاطيءَ جي فن جي
شروعات عرب دنيا ۾ ٿي هئي، مگر عجم ۾ اچڻ کان
پوءِ، اُن خطاطيءَ جي فن ۾ زياده ترقي ٿي. ننڍي
کنڊ ۾، عربن سڀ کان پهرين پنهنجي نو آبادي ”سنڌ“ ۾
قائم ڪئي. عربن جي اُن نو آباديءَ جو خاتمو ٽينءَ
صديءَ هجريءَ(9 صدي عيسويءَ) جي خاتمي سان گڏ ٿيو.
اُن کان پوءِ، واديءِ سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون
قائم ٿيون، پر اُهي به گهڻي عرصي تائين هلي نه
سگهيون. انهن رياستن ۾، اسلامي ثقافت جا جيڪي اثر
ٿيا هئا، اُنهن ۾ عربي رسم الخط جي دولت به، عربي
اقتدارجي هڪ اهڙيءَ علامت جو هڪ اهڙو وسيلو هئي،
جنهن صدين جي گذري وڃڻ جي باوجود، عربي ثقافت کي
زنده رکيو. ”خطاطي“ به انهيءِ ثقافت جو هڪ حصو
آهي.
(ب) سنڌ ۾ اسلامي دور ۾، خطاطيءَ جي فن، اسلامي
ثقافت جي صورت ۾ ترقي ڪئي. سنڌ جي خطاطن، سڀني
ذريعن (ڪاغذ، پٿر، ڪاٺ، ڪاشيءَ جي سرن ۽ برتنن ۽
ڪپڙي) تي، خطاطيءَ جي رائج ڌار ڌار قسمن ۾ خطاطي
ڪئي. هنن (خوش نويسن) نه فقط عربي ۽ فارسي ٻولين ۾
خطاطي ڪئي، پر سنڏيءَ ۾ به اعليٰ درجي جي خطاطيءَ
جا نمونا ايجاد ڪيا. سنڌ جي خطاطن، خطاطيءَ جي جن
جن نمونن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا اُهي نمونا
هي آهن:
1
خط ڪوفي؛ ڀنڀور واريءَ برصغير جي پهرينءَ مسجد ۾ هن خط جا نمونا ملن ٿا.
2-
خط نسخ:
قرآن ڪريم جي آيتن جي خطاطي، سنڌ ۾، ”خط نسخ ۾،
سڀني ذريعن تي ٿيل نظر ايندي آهي. ڪاغذ(قلمي
نسخن)، پٿر ۽ ڪاٺ تي اُڪر ذريعي، ۽ ڪاشيءَ جي سرن
۽ برتنن تي هن خط جا بي نظير مثال موجود آهن.
3-
خط نستعليق:
هن خط جا لاثاني نمونا، قلمي نسخن، مزارن، مقبرن ۽
مسجدن جي ڀتين، ڇتين ۽ گنبذن ۾ پٿرن تي اُڪر ذريعي
ڪاشيءَ جي سرن ۽ ڪاٺ جي درين ۽ دروازن تي ڏسن ۾
ايندا آهن.
4-
خط طغرا:
دغرا ترڪي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي
”نشاني يا ”علامت“ ترڪيءَ جا عالم، هن خط کي
امتياز ۽ انفراديت طور استعمال ڪندا آهن. دراصل
اهو خط، هڪ قسم جي دستخط يا صحيح لاءِ ڪم آندو
ويندو هو، جنهن کي پوءِ خصوصي حيثيت ملي، سنڌ ۾،
هيءُ خط قلمي نسخن ۾ عام طور استعمال ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ سيوهڻ، سکر، روهڙي، ٺٽي، مڪلي ۽ خدا آباد ۾
مقبرن تي خط طغرا جا نادر نمونا موجود آهن.
5-
خط گلزار:
هي خط به قلمي نسخن ۾ ڪم آڻبو آهي. ماهرن جو خيال
آهي ته هيءَ خط، سنڌ جي خطاطن ايجاد ڪيو هو. هن خط
۾، حرفن جا ڪنارا جوف دار هوندا آهن، ۽ وچ وچ ۾ گل
۽ ٻوٽا ٺاهيا ويندا آهن. هن خط ۾ لکيل ڪي قلمي
نسخا انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ موجود آهن.
6-
خط ريحان؛
چون ٿا ته هيءُ خط به سنڌ جي خطاطن ايجاد ڪيو هو.
سنڌ جي خطاطن، قلمي نسخن ۾ هن خط کي بهترين نموني
نباهيو آهي.
7-
خط بهار:
هيءَ خط به چون ٿا ته سنڌ جي خطاطن ايجاد ڪيو هو.
هيءُ خط، قلمي نسخن ۾ ڪم آندو ويو آهي، سنڏ
الاجيءَ جي لائبريريءَ ۾، هن خط ۾ لکيل ڪي قلمي
نسخا موجود آهن.
8-
خط شڪسته يا خط ديواني: هي خط، ” خط نستعليق“ ۽ ”خط تعليق“ کي ملائي ٺاهيو ويو. سنڌ جي
عمارتن ۾ هن خط جو استعمال نظر ايندو آهي.
9-
خط غبار:
هيءُ خط به سنڌ ۾ عام استعمال ٿيندو هو. سنڌ ۾
مسجدن، مقبرن ۽ درگاهن کي مختلف رنگن سان نقاشيءَ
ذريعي سينگاريو ويندو هو. ”خط غبار“ ۾ حرفن جون
صورتون، سَنَهَنَ باريڪ نقطن يا ”جلي قلم“ سان
ٺاهيون وينديون هيون. ظاهري طور ”خط غبار“، ”جلي
قلم“ سان لکيل نظر ايندو آهي، پر غور سان ڏسڻ سان
غبار جي صورت وارا نقطا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
10-
خط ماهي: هن خط ۾، لفظن جي ترتيب اهڙيءَ طرح رکي ويندي آهي، جو هڪ ته لفظ جي شڪل،
مڇيءَ جي شڪل وانگر ٿي ويندي آهي. سنڌ ۾ هيءَ خط
قلمي نسخن ۾ ڪم آندو ويندو هو. ٽنڊي آغا ۾ رهندڙ
نوجوان خطاط، ڊاڪٽر امام علي بيگ مرزا، هن خط ۾
مهارت رکندو آهي.
11-
خط ثلث: هن خط جا بهترين نمونا ٺٽي واريءَ شاهجهاني مسجد ۾، اولهه طرف واري ڇتائين
عمارت جي داخلي دروازي تي، ٻاهران ٽن ڪنارن تي،
ڪاشيءَ جي سرن تي موجود آهن. اِنهن جو خطاط سيد
محمد طاهر بن سيد حسن هو.
(ت) سنڌ ۾ ٽالپرن جي دور(1198 هه / 1783 ع – 1259
هه/ 1843ع) تائين خطاطيءَ جي فن جي جن شهرن کي
شهرت حاصل هئي، اُنهن ۾ ٺٽو، سيوهڻ، حيدرآباد،
نصرپور، هالا، مٽياري، خداآباد، روهڙي، بکر،
خيرپور، خطاطيءَ جي فن جا اهم مرڪز هئا.
مشهور خطاطن جي خطاطيءَ جا تمام گهڻا نمونا، قلمي
نسخن جي صورت ۾، سنڌ جي ڪن سرڪاري ۽ خانگي
لائبريرين ۾ محفوظ آهن، جن تائين عام ماڻهن جي پهچ
ممڪن نه آهي. البت مسجدن، اوليائن جي درگاهن،
مقبرن جي ڇتين، ديوارن ۽ محرابن تي ڪيل خطاطيءَ جا
نمونا، سنڌ جي اڪثر پراڻن شهرن ۾ موجود آهن. جيئن
ته هاڻ سُڃاڻڻ وارا ۽ هن فن جي قدر ڪرڻ وارا نه
رهيا آهن، اِنهيءَ ڪري انهن خطاطن ۽ خوش نويسن جي
فني ڪارنامن کان اسين محروم آهيون.
(ث) سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن وارو مڪتب فڪر يعني
”سنڌي خطاطيءَ جو دبستان“، اڄ لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو
آهي. ماضيءَ ۾، سنڌ ۾ ٿيل خطاطي ۽ خوش نويسيءَ جي
نمونن جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڏ ۾
هيءُ فن، اسلامي ثقافت جي اثر کان شروع ٿيو هو.
وقت جي حاڪمن، شهزادن، شهزادين، اميرن، وزيرن ۽
نوابن جي ذاتي شوق جي ڪري، هن فن گهڻو زور ورتو.
حڪومت جي سرڪاري ڪتبخانن ۾ محفوظ قلمي نسخن ۾،
خطاطيءَ جي مختلف نمونن مان ڪلهوڙا حاڪمن جو ڪتب
خانو ته نادر شاهه پاڻ سان کڻي ويو، جيئن ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي تصنيف مان معلوم ٿئي ٿو، جنهن جو
اڳتي هلي ذڪر ڪبو. حيدرآباد ۽ خيرپور جي ٽالپر
حاڪمن جا ڪتبخانا سندن پونيرن وٽ محفوظ آهن.
سمن جي دور (752 هه/ 1351 ع – 925 هه /1521 ع )
کان وٺي مڪليءَ تي سما حاڪم، ڄام نندي (وفات 914
هه / 1508ع) دولهه دريا خان (وفات 11 محرم 927 هه/
1520 ع) جي مقبرن کان سواءِ ٻين مقبرن ۽ قبرن تي
، پٿرن تي اُڪر جي ذريعي ڪيل خطاطيءَ جي نادر
نمونن، ۽ اُن کان پوءِ مرزا عيسيٰ ترخان اول
(وفات 973هه / 1566ع) مرزا محمد باقي (وفات
963هه/1585ع)، مرزا عيسيٰ ترخان ثاني(وفات 1008
هه/ 1600ع) ولد مرزا جان بابا، مرزا جاني بيگ
ترخان (وفات 1062 هه/1644ع) ۽ ٻين ارغونن ۽ ترخان
اميرن جي مقبرن ۽ قبرن تي، پٿرن تي، اُڪر ذريعي
ڪيل خطاطيءَ جي شاندار نمونن، ٺٽي ۾ دبگير مسجد،
مسجد شاهجانيءَ ۾ پٿرن ۽ ڪاشيءَ جي سرن تي ڪيل
شاندار خطاطيءَ کان سواءِ، نصرپور جي ويجهو تورڪي
قبرستان ۾ مرزا محمد قاسم بيگلار جي قبر تي لڳرايل
اُڪريل پٿر تي، ”خط نستعليق“ ۾ ٿيل خطاطي: سکر ۾
مير معصوم شاهه بکريءَ جي مناري ۾، سندس قبر تي
ٿيل خطاطي، يا روهڙيءَ ۾، سنڌوءَ جي ڪناري تي واقع
امير خانين جي محرابن، ديوارن ۽ ڇتين تي ٿيل
خطاطي: يا خداآباد ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي (وفات:
1131هه/ 1718ع) جي مقبري ۽ خدا آباد واريءَ مسجد
۾، ڪاشيءَ جي سرن تي، قرآن پاڪ جي آيتن جي ٿيل
خطاطيءَ جا نادر نمونا ڏسي اِهو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ خطاطيءَ ۽ خوشي نويسيءَ جي
روايت ڪافي پراڻي آهي.
(ج) اڳ ۾ چيو ويو آهي ته مڪليءَ تي سمن جي
دور(752هه/1351ع – 925 هه/ 1521ع) ۾، ڄام نظام
الدين سمي(وفات:914هه/1508ع) جي مقبري ۾، ”خط نسخ“
۾، پٿر تي اُڪريل خطاطيءَ جا نمونا سڄي ننڍي کنڊ
۾، نادر آرائشي نمونن جا مثال آهن.
مڪليءَ تي ئي مرزا عيسيٰ ترخان اول(وفات 973هه/
1566ع) مرزا محمد باقيءَ(وفات 962هه/1584ع) ۽ ماهه
بيگم(مرزا عيسيٰ ترخان اول جي راڻي(وفات
987هه/1570ع) جي مقبرن، مرزا جاني بيگ(وفات 1062
هه/1644ع) جي مقبرن تي، ديوارن تي قرآن پاڪ جي
آيتن جي اُڪر سان ”خط نسخ“ ۽ ”خط نستعليق“ ۾ ڪيل
خطاطي، ارغونن ۽ ترخانن جي دور (926 / 1521ع –
1000هه/1592ع) جي خطاطيءَ جا نمونا، ننڍي کنڊ ۾
بهترين نمونا سمجهيا ويندا آهن. |