آيتون
شاهه جو رسالو: مرتب علامه قاضي
گَندُ جَنِ جيءَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنهِين جي اوطاقَ، راجا رِيجِهي آئِيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
شيخ اياز
بيت
• اُٿي اور الله سان، جيئين ڪوڏَ ٻُرن،
جن ۾ سمنڊ سُرن، سُرلا ڪري سڏڙا.
• اُٿي اور الله سان، جيئن اَسُرَ جَنڊ،
پينهين سارو منڊ، ڏڏر ڏاري اُڀ جا.
• اُٿي اور الله سان، مٽيءَ رک ماٿو،
ڪڪر جئن ڪاٿو، ڪري اوچي اُڀ جو.
• اُٿي اور الله سان، ٽم ٽم ڏيئا ڏِسُ،
ڪيئن نه ڪڍي سِسُ، اوندهه سان اورن پيا!
• اُٿي اور الله سان، اُٿي صبر سِکُ،
سو ماڻهو مورکُ، جيڪو ڏک ڏسي ڏري.
• اُٿي اور الله سان، هو جو گهرو سمنڊُ،
جنهن مان سارو منڊ، توکي گهوري ٿو ڏسي.
• اُٿي اور الله سان، اُڏريا ابابيل،
جن سان ساريءَ نيلَ، اوريو ٿي آڪاش جي.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جي خوشبو سان،
اڄ ڀنڀرڪي کان، جڳ ويو آ واسجي.
• اُٿي اور الله سان، ساجهر توڙي سنَجههَ،
جيڪو ڏسي ڏنجهه، ڏور ڪريئي ڏکڙا.
• اُٿي اور الله سان، ڳوڙها ڀري پڇاندِ،
جيڪو توسان راند، کينهونءَ جئن کيڏي پيو.
• اُٿي اور الله سان، اُٿي آڌيءَ رات،
ڏيئا ڏيئا ڏات، ٻَري هن جي ٻوجهه سان.
• اُٿي اور الله سان، متان ڪرين ننڊَ،
هاڻ گُڙي گهنڊَ، توکي دور سڏين پيا.
• اُٿي اور الله سان، ڏيئي ٻري مهل،
جي توڪائي ڪهل، آهي پنهنجو پاڻ تي.
• اُٿي اور الله سان، سورج مُکيءَ سنگِ،
جنهن جي پيلي رنگِ، اوريو سج اُڀارَ سان.
• اُٿي اور الله سان، نڪتي آهي باکَ،
اکيون، ڳاڙهي ڊاک، جاڳي جنهن لئه تو ڪيون.
• اُٿي اور الله سان، اَڀرا ڇڏ آپو،ـ
جوڀن، ٻُڍاپو، انت انهيءَ مان ٿو اچي.
• اُٿي اور الله سان، ۽ ڏس سرجڻهارُ،ـ
ڪئن ٿو اڪيچارُ، ٻَٻُر جنجهي ڦُلڙيون!
• اُٿي اور الله سان، ڪَنڊِين ڪامُن ڏسُ،
جن ڏي اَڀو سِسُ، ڪري چرن ڇيلڙا.
• اُٿي اور الله سان، ڳُٽڪن ٿا ڳيرا،
سارا آکيرا، گونجن پيا گونج سان.
• اُٿي اور الله سان، جيڪو بي پرواهه،
جنهن لئه گدا شاهه، ڳالهه مڙيوئي هڪڙي،.
• اُٿي اور الله سان، جيڪو تون ۽ مون،
اندر ۾ اوتون، جنهن جون سڀ جي اُڃ ۾.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جي واٽ وڙائتي،
جنهن ۾ ننڊ ڀوائتي، ڪڏهن ٿئي ڪينڪي.
• اُٿي اور الله سان، جنهن اهو ڪيو ڪيئن،
ڄايون ڄمونءَ جيئن، مايون گل گلاب جا!
• اُٿي اور الله سان، جڳ سڄو جُٺو،
ٺڪر جو ٺوُٺو، آهي ماڻهوءَ جندڙي،
• اُٿي اور الله سان، يڪو آهي غيب،
ناهي جنهن ۾ عيب، جهاتي ڪنهن جي جيءَ جي.
• اُٿي اور الله سان، کَڻُ ٻاجهارا ٻُڪ،
لهسي لوهَ نه لُڪ، ايڏيءَ ٻٻر ڇانو ۾.
• اُٿي اور الله سان، هي سڀ جوڀن ڦوههَ،
آهن ڪوڙا ٽوههَ، توڙي ڏاڙهونءَ ڏِک سان.
• اُٿي اور الله سان، سنگِي ساٿِي گهرُ،
ڀٽائيءَ وانگر، ڪيئي رمتا راهه ۾.
• اُٿي اور الله سان، ڪڏهن ڪمُ سواءِ،
هو جو تنهنجي لاءِ، مُگرا، آڻي ماڪ جا.
• اُٿي اور الله سان، مري موٽيو آنهه،
تون جنهن جوٽيو آنههِ، ٻيهر هن سنسار سان.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جو انت نه آڻ،
جيڪو پنهنجو پاڻ، خوشين جون کاريون ڏئي.
• اُٿي اور الله سان، چَريا ڇَڏ چرَچن،
متان هو سَرچن، سرلا ٻُڌي سڏڙا.
• اُٿي اور الله سان، واري سڀ ويچارَ،
ميان تنهنجي پارَ، هُو آ تَرهو تار ۾.
• اُٿي اور الله سان، ڇڏي ڏاڍ ڏمرَ،
جيئن پکين پَرَ، سَر تي اچن سانت ۾.
• اُٿي اور الله سان، ايڏا کنڀ نه کوهه،
ماريندا ڪنهن موهه، توکي تنهنجا ڏاکڙا.
• اُٿي اور الله سان، ڏياٽي ٻاري،
چنڊ جڏهن ساري، هُن کي اُڀرِي اُڀ ۾.
• اُٿي اور الله سان، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ،
جيسين ساجُهرِ سانگَ، ٻانگو ٻيهارو ڪري.
• اُٿي اور الله سان، جڏهن موت اچي،
مصروفيت کي، تُنهنجي ڇهي ڪينڪي.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جي چڱائي،
توم اجائي، مايوسي ميٽي ڇڏي.،
• اُٿي اور الله سان، پرهه نارنگي!
ڪائي سارنگي، وڄي پيئي ساهه ۾.
• اُٿي اور الله سان، سورج مُکيءَ سانجههَ،
جهوري پئي جهانجهه، جنهنجي هن سنسار کي.
• اُٿي اور الله سان، ٻاڙا ٻول نه چَوءُ،
توکي ڪوئي بَوءُ، هُن سان ناهي ڀورڙا.
• اُٿي اور الله سان، ڏسي جوڀَن ڳارُ،
وقت جيان لوهارُ، ناهي ڪوئي لوءِ ۾.
• اُٿي اور الله سان، ٻُڏي ويا تارا،
هِليون لامارا، ڏين ٿيون آڪاس ۾.
• اُٿي اور الله سان، اچي ٿي آنڌي،
پرهه جا پانڌِي، ڪٿي ساهه نه پيرڙا.
• اُٿي اور الله سان، اُٿي اسر ويرَ،
ڪيڏا اُن ۾ ڍيرَ، آهن گل گلاب جا.
• اُٿي اور الله سان، جيڪي چَوئي ليکُ،
اُٿ اُنهيءَ مان سِکُ، پڙهي پڙهندين ڪيترو؟
• اُٿي اور الله سان، پکي پوءِ جاڳن،
جئن تنهنجي راڳن، رخنو پوي ڪينڪي.
• اُٿي اور الله سان، جيڪو بيپرواهه،
تو ۾ بُلهي شاهه، اُڀري آيو اوچتو.
• اُٿي اور الله سان، پنهنجا ٻول چُڻِي،
ڀنيءَ پاڻُ ڀُڻِي، تو آهي جو اورڻو.
• اُٿي اور الله سان، مکڙيءَ کان مُنهن وٺ،
پر اُن کان سُنهن وٺ، ڪنهن کي چوندي ڪينڪي.
• اُٿي اور الله سان، دم تي نه ويساهه،
ڪيڏو ڪيو پاههُ، آ تو پنهنجي پاڻ کي.
• اُٿي اور الله سان، اُٿي آڌيءَ اور،
اُن جو سڳو سورِ، مايوسي من مان ڪڍي.
• اُٿي اور الله سان، ٻُڌي اَسر اذانَ،
جيڪا ڪڙڪڙ ڪانَ، انگر وئي اُڀ ۾.
• اُٿي اور الله سان، جيڪو گهرو کوهه،
جنهن جو اڃا ٽوههُ، ڪنهن به لڳايو ڪينڪي.
• اُٿي اور الله سان، جنهن خلقي رابيلَ،
جئن ڊوڙي ڪا ڊيل، تئن تنهن خوشبو هوا ۾.
• اُٿي اور الله سان، ڪڍي سارا کوٽَ،
اُن جي توکي موٽَ، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙي ملي.
• اُٿي اور الله سان، سچائيءَ جو سوچ،
ميان مورُنه لوچ ڪوڙي ڪائي ڪچ کي.
• اُٿي اور الله سان، ٻيائيءَ کي ٻوڙ،
تڏهن پنهنجي توڙ، پهچي ويندين پاڻ ئي.
• اُٿي اور الله سان، جيئن گونچ ڦٽُن،
تنهنجا ڏينهن کُٽن، سانوڻ جي ساواڻ جان.
• اُٿي اور الله سان، جيڪا ربَ رضا،
قدم دورِ قضا، جيڪو روڪائي ڇڏي.
• اُٿي اور الله سان، نمي کمي ڏس،
هي جو ماڻهوءَ سِسُ، ڏاڍو آ ڏمرائتو.
• اُٿي اور الله سان، صبر پَلئه وٺ،
هي جو هيڏو هٺ، سارو مٽيءَ مامرو.
• اُٿي اور الله سان، ڌرتيءَ چمي ڏي،
جيڪا سج لٿي، ايندي تنهنجي بکُ ۾.
• اُٿي اور الله سان، ڳچيءَ ڪر ڳارا،
ماڻهو ويچارا، ڀَڄي پوندين ڪکَ جيئن.
• اُٿي اور الله سان پکين کان اڳ ۾،
تون تن جي دڳ ۾، ٻولي پنهنجي ٻولڙيون.
• اُٿي اور الله سان، ڪونجن ڪيو ڪُرلاءُ،
سارو روهَه رُلاءُ، جاڳي اُٿيو جيءَ ۾.
• اُٿي اور الله سان، صدا ڪري ڏس،
گدا ري ڏس، اُنهيءَ جي آڳنڌ ۾.
• اُٿي اور الله سان، ٻي ڪنهن ڏانهن نه ڏِس،
سندس ئي ساهِس هر ڪنهن لاءِ جهان ۾.
• اُٿي اور الله سان، اُٿ رُسامو ڇڏ،
چاچومامو ڇڏ، موت نه ڄاڻي مائٽيون.
• اُٿي اور الله سان، ريٽي هر ڪا روءِ،
اُنهيءَ جي خوشبوءِ، واسي ويهه خيال ۾.
• اُٿي اور الله سان، ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏ،
اُٿ آکيرو اَڏ، جتي جايون عرش جون.
• اُٿي اور الله سان، اُٿي رمتا روح،
اُٿي جيئن کوههَ، گِڙن پوئين پهر ۾.
• اُٿي اور الله سان، جيسين آهه پساههُ،
سڀ ڪجهه آهه اللهُ، ٻيا سڀ پاڇاوان اَٿي.
• اُٿي اور الله سان ، ماڻهو سڀ ڀَٽون،
اُنهن اوري تون، متان وڃي ڏنگجي.
• اُٿي اور الله سان، جيئين مور نچن،
ٻَنا ٻوڙا اچن، تو وٽ سانوڻ مينهڙا.
• اُٿي اور الله سان، ڪوسُ ڪري يا ڪيسُ،
متان پنهنجو سيسُ، پيرن کان پري ڪرين.
• اُٿي اور الله سان، جيڪو ڏيڻهار،
ڏات سندو ڏاتار جيڪو سانوڻ مينهن جئن.
• اُٿي اور الله سان، وِٿي ڏيندو تو،
تو اڌ ۾ ڳاتو، آهي پنهنجي گيت کي.
• اُٿي اور الله سان، کُنڀيءَ وانگر کِڙُ،
کِڙِي ائين مِڙُ، سڀ ڪجه سانڍي پاڻ ۾.
• اُٿي اور الله سان، ٻيا سڀ لات منات،
رڳو هن جي ذات، ٽڪر ٽيرا نه ٿئي.
• اُٿي اور الله سان، ٻيا سڀ لات حبل،
چاهي جي ته جبل، جهوري وجهي جهَٽ ۾،
• اُٿي اور الله سان، ٻوليءَ ٻولَ نه ڳول،
منهنجا ڍولَ، نه ڳولِ، ٻاجهارو سڀ ڪجهه ٻڌي.
• اُٿي اور الله سان، اوٿي تند تنوارِ،
پوئين پهر پڪارِ، ٿر بر وجهي ٿرٿلو.
• اُٿي اور الله سان، گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهورِ،
ڪارونجهر جي ڪورِ، جيئين نچن مورڻيون.
• اُٿي اور الله سان، تون تنهائيءَ ۾،
لائي چائيءَ ۾، جيڪو تنهنجو واهرو.
• اُٿي اور الله سان، اُن جهڙي ڪنهن سونهن،
ورهين لاءِ ورونهنَ، اُن سان پل جي ساٿ جي.
• اُٿي اور الله سان، ڪوئي اوراڻو،
ڀُليءَ جو ڀاڻو متان تو ملي وڃي.
• اُٿي اور الله سان، اڃا وِٿي آهه،
تو ڇو ڳِٿي آهه، جڳ جي جوٺي ڳالهڙي.
• اُٿي اور الله سان، اُنهي ۾ ويساههُ،
توڙي ٿئي پاههُ، ڍو نه ڪري ڍونڍ سان.
• اُٿي اور الله سان، اوچو نه ڳالهاءِ،
هئين سين هنڊاءِ، ڪنهن جي آن دربار ۾.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جو منجهه آ سمجههُ،
جنهن جو سارو ڏنجُهه، آهي پرک پڇاڻ لاءِ.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڏمر ڏاڍ،
جيئين واڍي واڍَ، جيڪو گهڙي ڪاٺ مان.
• اُٿي اور الله سان، جيئين ٻاٽي ٻَرَ،
آيا ڪينجهر تگَرَ، اُڏري آسر وير جو.
• اُٿي اور الله سان،جيئن ڏيئي لاٽ،
ٺاهي پنهنجي واٽ، اوري ٿي اونداهه سان.
• اُٿي اور الله سان، جَڳُ منهنجا جاني،
فاني آ فاني، اُڏري ويندو اوچتو.
• اُٿي اور الله سان، آهين ٻه ٽي پلَ،
ڪنهن کي ڪهڙي ڪل، جوٺي جيون جوڙَ جي.
• اُٿي اور الله سان، ڪهڙا ڏولاوا،
شُڪر ڪَر ڄاوا،جو هُن توکي چونڊيو.
• اُٿي اور الله سان، توبهه تائب ٿيءُ،
۽ پوءِ غائب ٿيءُ، هن ڌرتيءَ تان غيب ۾.
• اُٿي اور الله سان، دنيا عقبيٰ ڇڏ،
هٿين خالي لَڏ، هاڻِ ڀريءَ بازار مان.
• اُٿي اور الله سان، سَرهِي ٿي ساواڻِ،
اُٿي پيري ماڻِ، هن جي وڻ هيٺان وِهي.
• اُٿي اور الله سان، هو جو گهاٽو بَڙُ،
توڙي سندس وَڙُ، توتي تڙڪو نه ڪري.
• اُٿي اور الله سان، اَٿي گلَ گناههَ،
اُنهن سان الله، توکي آهي واسيو.
• اُٿي اور الله سان، جي تون گنهگار،
هن جهڙو ڪو يار، ناهي ڪنهن کي ويجهڙو.
• اُٿي اور الله سان، چنڊ جيئين چمڪي،
اُنهيءَ سرهه تي، جيڪو رَسي چوٽ ٿي.
• اُٿي اور الله سان، ناهه ڳجهارت جو،
ڪهڙي پارت تو، اُن اڳيان اوڏو ڪندي.
• اُٿي اور الله سان، اُٿ نه گهارو وجهه،
تيسين ڏارو وجهه، جيسين جنڊ هلي پيو.
• اُٿي اور الله سان، ڏسي ڪنڊيءَ وڻُ،
وُٺُو آ سانوڻ، اجهو نڪتيون پُلڙيون.
• اُٿي اور الله سان، ڏسي ڪنڊيءَ گل
رنگ هلاچا هُل، ڪيڏا آهن سانت م.
• اُٿي اور الله سان، ڏسي اَسر چَنڊ،
ڄڻ هي سارو منڊ، تهجد منجهه تَري پيو.
• اُٿي اور الله سان، ڏسي جهڙ گهاٽا،
مَڌُ سوين ماٽا، سُرڪ انهيءَ جي ساهه ۾.
• اُٿي اور الله سان، آئي اَسر اذان،
چوڌاري انسان، آهن گهريءَ ننڊ ۾.
• اُٿي اور الله سان، ٻيو فسق فجور،
سينو ڪوههِ طور، آهي هن جي نانوَ سان.
• اُٿي اور الله سان، ميان ڇڏ ماڻو،
جنهن داڻو داڻو، لکيو آهه للاٽ ۾.
• اُٿي اور الله سان، موت نه تنهنجي ماتِ،
جنهن جي هر هڪ گهاتِ، ڄاڻي تنهنجي شاعري.
• اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڪيئي نانوَ،
تنهنجي آويءَ ٿانوَ، جن جو پتو ڪينڪي.
• اُٿي اور الله سان، جيڪو رڳو نيتِ،
جنهن ۾ ڪابه ڪُريت، ناهي جوٺي جڳ جي.
• اُٿي اور الله سان، ڏس هي اُترڙو،
آڪيڏو ڪَرڙو، پوياڙيءَءِ جي پهر ۾.
• اُٿي اور الله سان، کوٽا مايا مپ،
ڪيڏي تن ۾ ڌپ، آهي اُگري ڪُڙ جي.
• اُٿي اور الله سان، اُن جئن ڪو ڏاتار،
جيئين ڪو ڪاتار، سِٽون ڪَتي ننڊ ۾. |