سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2003ع

مضمون

صفحو :7

” ....... سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جا آڳاٽا آثار 3 صدي هجري(9 صدي عيسوي) ۾ ڀنڀور جي جامع مسجد جي ڪتبن مان ملن ٿا، جي گلڪاري ڪوفي رسم الخط ۾ سينگاريل آهن. ان کانپوءِ چئن صدين کان وڌيڪ عرصي جو وڏو خال آهي، جنهن ۾ خطاطيءَ جو ڪوبه نمونو نظر نٿو اچي، جيتوڻيڪ فن ختم ڪونه ٿيو هو ۽ هلندڙ هو. انهيءَ ڪري ئي جڏهن 8 صدي هجري (14 صدي) ۾ ٺٽي شهر جو بنياد پيو ۽ اهو سنڌ جو تختگاهه بڻيو ته ٿوري ئي عرصي ۾ اُهو ڪاتبن ۽ خطاطن جو مرڪز بنجي ويو. نه فقط سنڌ جي ٻين آڳاٽن شهرن مان، پر ٻاهران ويندي هرات مان عالم، ڪاتب ٺٽي پهتا، ڇاڪاڻ جو ايران ۾ صفوي حڪمرانن جي طاقت ۾ اچڻ سان هرات جو اوج ختم ٿيڻ لڳو هو. ارغونن ۽ ترخانن واري دور ۾ وچ ايشيا مان معمار ۽ ڪاتب ٺٽي ۾ آيا ۽ اُن بعد مغليه دور ۾ ايران مان شاعر ۽ ڪاتب اچي ٺٽي ۾ رهيا، جيتوڻيڪ ٺٽي جي يا سنڌ جي (جتي سيوهڻ ۽ بکر  وڏا مرڪز هئا) ڪاتبن ۽ خطاطن بابت ڪو جدا لکيل ڪتاب دستياب نه ٿيو آهي، مگر مغليه دور جي تاريخن ۽ ان بعد خاص طرح مير علي شير قانع جي ٻن مکيه ڪتابن ”مقالات  الشعراءَ“ ۽ ”تحفت الڪرام“ ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن واري دور (15-17 صدي عيسوي) جي ڪيترن ئي ڪاتبن جا حوالا موجود آهن. اُن کان سواءِ مڪليءَ جي مقبرن ۽ مسجدن تي آثاري ڪتبن سنواريندڙ ڪاتبن جا نالا يادگار طور موجود آهن. 18 – صدي عيسوي ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ شهر ٺٽو تختگاهه نه رهيو، جنهن ڪري اُتان جي ٻين ڪاريگرن سان گڏ خطاطي تي به زوال آيو، پر پوءِ سگهو ئي ٽالپر اميرن جي دور ۾ (1783 – 1843ع) ڪاتبن ۽ خطاطن جي قدرداني ٿي ۽ خطاطيءَ جو فن وري شاداب ٿيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مقالا

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌ ۾ خوش نويسيءَ ۽ خطاطيءَ

 جي فن جي ابتدا ۽ اوسر

1- سال 1984ع ۾، آءٌ پنهنجي محسن ۽ قابلِ احترام استاد، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب سان گڏجي لاهور ۾، علامه اقبال ڪانفرنس جي موقعي تي، بادشاهي مسجد جي پيش امام، علامه عبدالقادر آزاد سان ملڻ ويس. علام آزاد صاحب وٽ سندس حجري ۾، پشاور کان آيل مهمان مولانا قاسمي صاحب به موجود هو. مسجد جي قلمي نسخن وارو شعبو گهمندي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ پشاور واري مولانا قاسمي صاحب جي وچ ۾، خطاطيءَ جي فن جي باري ۾ گفتگو ٿي، ۽ علامه قاسمي صاحب جن، اُن صاحب کي، سنڌ ۾ خوش نويسيءَ ۽ خطاطيءَ جي فن جي باري ۾، وڏي فخر سان معلومات ڏني. ٻنهي عالمن جي وچ ۾، انهي موضوع تي گفتگو، مون کي هن مضمون تي مطالعي ڪرڻ لاءِ همٿايو. اُن زماني ۾ آءٌ اسلام آباد ۾، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هوس.

اسلام آباد موٽڻ کان پوءِ مون مير علي شير ”قانع“ جي ڪتابن ”تحفت الڪرام“ ۽ ” مقالات الشعراء“، ڊاڪٽر ايم . اي. غفور جي ڪتاب “ Calligraphers of Thatta”  مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ، هدايت الله صديقيءَ جي مقالي

“ Manuscripts, Calligraphy and Inscriptions – Calligraphers of Kalhora and Talpur Days.”

شيخ خورشيد حسن جي مقالي “Decorative Art”   ۽ سيد حسام الدين شاهه راشديءَ جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب”مڪلي نامو“ ۽ سندن مقالن جو مجموعو ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن  جون“، توڙي ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون پڙهيا.انهيءَ ساري مواد جي پڙهڻ کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ خطاطيءَ جو فن، سنڌ تي مسلمانن جي فتح 93 هه / 712 ع) کان فوراَ پوءِ شروع ٿيو، ۽ پوءِ سنڌ ۾ آهستي آهستي، هن فن ۾ ترقي ٿيندي وئي. اڳتي هلي، سنڌ جي خوش نويسن ۽ خطاطن، ٻين لطيف فنن سان گڏ هن فن ۾ به نوان تجربا ڪيا، ۽ خطاطيءَ جي فن جا نوان نمونا ايجاد ڪيا.

مون پنهنجي ڪتاب “Art of Sind” ۾، سنڌ جي هن فن جي باري ۾ مختصر طور، پر تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي: پر مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جي اڪثر اديبن ۽ لطيف فنن جي ماهرن، توڙي فائين آرٽس جي اُستادن منهنجو اِهو ڪتاب شايد پڙهيو ئي نه آهي. سنڌ جي ڪن لائبررين ۾ ته اهو ڪتاب مون اسٽئڪس تي رکيل ڏٺو آهي، پر محسوس ائين ٿو ٿئي ته شايد ڪن ٿورن ئي ماڻهن اهو ڪتاب ڏٺو هجي، ڇو جو اُن  جو پڙهيل طبقي ۾ ذڪر  گهٽ ٿيو آهي.

2- ڳالهائڻ جي آوازن جو سفر – تحريري صورتن کان تصويري صورتن تائين:

(الف) ڳالهائڻ جي آوازن جو تحريري سفر – ”تحرير جو فن“ (Art of Writing) ڳالهائڻ جي آوازن ( Sounds of speech)  يا ڪنهن گفتگو کي لکيت جي صورت ۾ آڻڻ جو فن آهي. ڪوبه انسان پنهنجيءَ ڄڀ ۽ ڳالهائڻ جي عضون جي مدد سان جيڪي آواز اُچاري ٿو، ماهرن، لکڻ جي مقصد لاءِ اُنهن آوازن جون تحريري صورتون (Letters)  ۽ نشانيون مقرر ڪيون آهن. اهڙين صورتن ۽ نشانين يا حرفن کي پڙهڻ کان پوءِ، هيءُ مراد ظاهر ٿي ٿئي ته هر انسان، پنهنجي دماغ ۾ سوچي، پنهنجي وات مان اُهي آواز ڪڍيا يا لفظ ڳالهايا، جن جو پوءِ، حرفن يا صورتن ذريعي، لکيت ۾ اظهار ڪيو ويو. مثال طور ڪنهن اڇي ڪاغذ تي گلاب لفظ لکي، ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي سامهون رکجي، جيڪو سنڌي، اردو، فارسي، عربي، پشتو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي، بروهڪي ۽ ٻين ٻولين جي رسم الخط جو ڄاڻو نه هجي، اهڙو ماڻهو اِهو هرگز ٻڌائي نه سگهندو ته ڪاغذ تي اِهو ڇا لکيل آهي؟

(ب) فن تحرير، يقيناَ انساني ارتقا جي تاريخ جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. انهيءَ فن (فن تحرير) ذريعي نه فقط ڄاتل سڃاتل تهذيبن ۽ تمدنن جي لطيف فنن ۽ تاريخ کي لکيت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، پر اُن فن، هر ملڪ يا هر قوم جي گم ٿي ويل يا فنا ٿي ويل تهذيب کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ انساني تحرير جي شعور کي، سڀني علمن ۽ فنن ۾ افضليت جو درجو ڏياريو آهي.

ڪن قومن ۽ ملڪن جي تهذيبن جي فنا ٿي وڃڻ يا گم ٿي وڃڻ کان هزارين سال پوءِ به اُنهن جي آثارن جي تلاش ۾، ”فن تحرير“  ڪافي مدد ڪئي آهي. اُن کي علم ۽ فن جي دنيا ۾ علم اللسان، علم الانسان ۽ علم آثار قديمه جي ماهرن به وڏي اهميت ڏني آهي.

(ت) فن تحرير هڪ اُهو فن آهي، جنهن فنا ٿي ويل ٻولين، تهذيبن ۽ قومن کي نئين زندگي بخشي، اُنهن کي ٻيهر زنده ڪيو آهي، ۽ هن حقيقت سان هاڻي ڪوبه ماهر اختلاف نٿو رکي ته علم حڪمت، فن،فلسفي، تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت، ”فن تحرير“ جا ٿورائتا آهن، ۽ انهن علمن جي اڀياس کان پوءِ ثابت ٿيو آهي ته ”فن تحرير“ ئي انساني شائستگيءَ ۽ ارتقا جو امين آهي.

(ث) ”تحريري صورتن“ يعني حرفن ۽ تصويري شڪلين کان وٺي، علم اللسان جي جديد سوچ تائين، ”حروف تهجيءَ جي صورت“ هڪ ترقي يافته صنف جي حيثيت ۾، ماهرن جي سامهون آئي آهي. هر ٻوليءَ جي تاريخ وانگر، ”تحرير جي فن“ جي تاريخ به، اڃا تائين واضح طور محققن ۽ ماهرن جي سامهون اچي ڪانه سگهي آهي.

(ج) لکڻ جو فن ڪيئن پيدا ٿيو، ڪڏهن پيدا ٿيو، پهرين ڪٿي پيدا ٿيو، اُن جا پيدا ڪندڙ ڪير هئا، تنهن لاءِ يقيني طور ڪا دعويٰ ڪرڻ آسان ڪم نه آهي. ننڍي کنڊ (پاڪ – هند) ۾ لکيت جي فن جي ضرورت ڪيئن ٿي ۽ ڇو ٿي، اُن ضرورت جي پوري ڪرڻ جي باري ۾،محقق البيرونيءَ، پنهنجيءَ تحقيقف”ڪتاب الهند“ ۾ لکيو آهي ته:

” ڳالهائڻ واري ٻولي، ڳالهائيندڙن جي خيالن کي، ٻڌندڙن تائين پهچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. اِنهيءَ عمل(ڳالهائڻ) کي ٿوري عرصي لاءِ ئي جٽاءُ رهندو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ”صدري علم“ (سيني بسيني ياد ڪرڻ جو طريقو) ۽ تاريخي واقعا، وقت گذرڻ سان گڏ، پنهنجي اصليت وڃائي ويهن ٿا. اُن ڪري، انسان ذات، اهم واقعن ۽ علمي ڳالهين کي محفوظ رکڻ لاءِ، لکڻ جو فن ايجاد ڪيو.“ (”ڪتاب الهند“ – ڀاڱو 2، ص 27)

شروع ۾، لکڻ جي فن جي ايجاد  ٿيڻ جي سلسلي ۾، پڇيل سوالن جي جوابن ۾، محقق البيرونيءَ جي ڏنل راءِ کان پوءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته انسان ذات، شروع شروع ۾، پنهنجي ذهني استعداد مطابق لکڻ جو فن ايجاد ڪيو: پوءِ جيئن جيئن انسان جو ذهني شعور پختو ٿيندو ويو، تيئن تيئن هو انهيءَ شعبي ۾ آسانيون پيدا ڪندو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح، انسان پنهنجي لاءِ، ”فن تحرير“ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ اُن ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو. هن مقالي ۾، انهيءَ موضوع تي بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ته تحرير جو فن، سڀ کان پهرين ڪهڙيءَ قوم ايجاد ڪيو، ۽ اهو فن پهرين ڪهڙي ملڪ ۾ ايجاد ڪيو ويو؟ اِهو هڪ جدا موضوع آهي،جنهن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.

(ح) ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ مقرر ڪيل رسم الخط، دراصل اُن ٻوليءَ جو  لکيت ۾، يقيني تحريري صورت ۾، اظهار ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي، اهڙيءَ طرح ڪنهن به ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارن آوازن کي، حروف تهجيءَ واريءَ پٽيءَ کان وٺي، خطاطيءَ، يعني خوش نويسيءَ واريءَ منزل تائين پهچڻ لاءِ، هڪ ڊگهو سفر طئه ڪرڻو پوندو آهي. ڳالهائڻ جي آوازن جو اِهو سفر، سندن تحريري صورتن کان وٺي تصويري صورتن تائين پهچڻ وارو سفر آهي. اِنهيءَ سفر وارين منزلن دوران، ”حرفن، کي ڪيترين ئي منزلن مان لنگهڻو پيو آهي.

3- خطاطيءَ جي فن جو علم اللسان سان لاڳاپو:

(الف) خطاطيءَ جي وصف بيان ڪندي، برصغير جو ڄاتل سڃاتل هاڪارو عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته؛

”حرفن مان هر هڪ کي خاص نوع ۽ نزاڪت سان لکڻ، ۽ اُنهن کي نهايت سهڻيءَ سٽاءُ سان ملائي لفظ بنائڻ، ۽ وري لفظن کي لکيت ۾ سهڻي صورت سان بيهارڻ کي خطاطي چئجي ٿو.“ (سنڌي صورتختي ۽ خطاطي، 1992، ص 14)

خطاطيءَ جي فن جا ماهر اِهو چڱي طرح ڄاڻڻ ٿا ته خطاطيءَ جي فن جو علم اللسان سان گهاٽو  ۽ گهرو تعلق آهي. علم اللسان جي ڄاڻن کي اِهو به معلوم آهي ته خطاطيءَ جي فن ۽ صورتخطيءَ جي حرفن کي سنوارڻ ۽ اُنهن کي سينگارڻ ۾ اڪثر اهڙن خطاطن جو هٿ رهيو آهي، جيڪي لسانيات جي علم جي هن شعبي جا ڄاڻو هئا.

(ب) خطاطيءَ جي فن جو واسطو عربي رسم الخط سان آهي. عربي رسم الخط ڪڏهن شروع ٿيو، اُن موضوع جو واسطو به هن مقالي سان نه آهي. خطاطيءَ جي فن جي ماهرن جو خيال آهي ته دنيا ۾ اسلام جي سج اُڀرڻ واري زماني ۾، عربي رسم الخط، غير منقوط (نقطن کان سواءِ) ۽ غير اعرابي (اعرابن کانسواءِ) هوندو هو(اعجاز راهي: تاريخ خطاطي، ص 20)

دنيا جو وڏو عالم، سيدنا حضرت علي عليه السلام پهريون مصلح هو، جنهن جي دور ۾، عربي رسم الخط ۾، پهريون ڀيرو سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا. اُنهيءَ دور ۾ عربي رسم الخط جي حرفن کي نقطا ۽ اعرابون ڏيئي، اُن (عربي رسم الخط) کي، عربي ٻوليءَ جي صوتي آوازن سان هم آهنگ ڪيو ويو يعني ملايو ويو؛ يعني صوتي آوازن ۽ رسم الخط جي حرفن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پوءِ اُموي دور ۾، اُن کي وڌيڪ سنواريو ۽ سڌاريو ويو، ۽ اُن کي صوتياتي لحاظ کان مڪمل ڪيو ويو. پوءِ جڏهن اِهو عربي رسم الخط ايران پهتو، تڏهن اُن کي فارسي زبان جي صوتي آوازن سان هم آميز ڪرڻ لاءِ، فارسي زبان جي خاص آوازن لاءِ حرف ٺاهي، عربي رسم الخط ۾ شامل ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح عربي حروف تهجيءَ ۾، حرفن کي وڌايو ويو.

(ت) اڳتي هلي اِهو رسم الخط جڏهن ننڍي کنڊ (پاڪ-هند) جي سرزمين تي پهتو، تڏهن اُن ۾ وڌيڪ سڌارن آڻڻ، ۽ اُن ۾ حرفن جي وڌائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، اردو، سنڌي، پشتو، بروهڪي، بلوچي، پنجابي، سرائڪي، ڪشميري، هندڪو، شينا، کووار ۽ وخي وغيره ٻولين جي خاص آوازن لاءِ، نوان حرف جوڙيا ويا. ڪن حرفن ۾ نقطن جو اضافو ڪيوويو، ته وري ڪن حرفن ۾ ”ط“ جهڙين يا ٻين نشانين کي شامل ڪري، نوان حرف ٺاهيا ويا؛ يعني هر خطي ۾ پهچڻ کان پوءِ اُن کي مقامي ٻوليءَ جي مقامي آوازن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ اُن ۾ مقامي ٻولين جي آوازن کي لکيت ۾ نمائندگي ڏيڻ لاءِ ۽ نون حرفن ٺاهڻ جي سلسلي ۾، نقطن يا ڪن خاص نشانين جو اضافو ڪيو ويو. پر ڪمال جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن ۽ اهڙن ٻين سڌارن ۽ اصلاحن جي پٺيان، رسمُ الخط جي اڪثر اهڙن ماهرن جو هٿ هو، جيڪي علم اللسان جي صوتيات واري شعبي ۾ ڄاڻ رکندا هئا. انهن ماهرن، حرفن جي صورتن ۽ شڪلين ۾ اهڙيون اهڙيون تبديليون ڪيون، جن سان نه فقط اُنهن (حرفن) جي لکڻ (تحرير) ۾ تيزي آئي، پر صورتخطيءَ ۾، لفظن جي املا ۽ اعرابن سان حرفن جي لکڻ ۽ خطاطيءَ لاءِ پيوند ڪاريءَ ۾ به آساني پيدا ٿي. انهيءَ ڪري صوتي آوازن کي پهرين حرفن ۽ پوءِ لفظن جي صورت ۾ بدلائڻ ۽ اُنهن جي مفهوم جي ادائگيءَ لاءِ پورو نظام، خطاط جي سامهون اچي وڃي ٿو.

4- خطاطي، اسان جي ثقافت جو امتيازي نشان آهي؛

(الف) سونهن، سينگار ۽ سجاوٽ جي فن جا مختلف نمونا، سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾، سنڌي تهذيب تي، خاص طور اثر اندز رهيا آهن. انهيءَ سونهن ۽ سينگار ۾ جتي مقامي فنڪارن گهڻو حصو ورتو، اُتي هن فن ۾ ستين صديءَ کان وٺي ارڙهين صديءَ عيسويءَ تائين ، غير ملڪي فنڪارن به ڀرپور حصو ورتو. جيئن ٻيا لطيف فن، اسان جي ثقافت جو امتيازي نشان آهن، تيئن خطاطيءَ يا خوشخطيءَ جو فن به، اسان جي ثقافت جو هڪ امتيازي نشان آهي.

(ب) خطاطي پراڻي زماني ۾ به، اُن وقت جي شهزادن، شهزادين، امير زادن، امير زادين، عالمن ۽ فاضلن جي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو هڪ لازمي حصو هوندي هئي. ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ به، وڏن وڏن خاندانن ۾، خوشخطيءَ  تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. اُنهن جي اولاد جي سکيا ۽ تربيت لاءِ نامور ڪاتب، خوش نويس ۽ خطاط مقرر ٿيل هوندا هئا. اِهو ئي سبب آهي جو نه فقط سنڌ جا حڪمران، پر اسان جا عالم، فاضل ۽ مشهير پاڻ به سٺا خوش نويس هوندا هئا؛ پر هاڻ اِهو فن سنڌ مان لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي.

(ت) سنڌ ۾ خطاطيءَ جي شروعات: سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جي ابتدا جي باري ۾ ڪيترن ئي محققن لکيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب” سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ ۾ صفحي 16 ۽ 17 تي لکي ٿو ته:

”سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جي تاريخ ڪوفي رسم الخط سان شروع ٿي. ان بعد 4 صدي هجريءَ کان نسخ خط رائج ٿيو، جيڪو پوءِ سنڌي صورتخطيءَ جو خاص خط بنجي ويو. عربيءَ ۽ فارسيءَ کان پوءِ جڏهن سنڌيءَ جا ڪاتب ساماڻا ته سنڌي خطاطيءَ ”نسخ خط“ ۾ ترقي ڪئي. 19 صدي جي وچ ڌاري، وڏي عالم ۽ محقق رچرڊ برٽن، پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي تصديق ڪئي ته سنڌ جا ڪاتب، خطاطيءَ جي فن ۾ مشهور رهيا آهن، ۽ هن وقت ٽن خطن – نسخ، نستعليق ۽ شڪسته - ۾ لکن ٿا. مون پاڻ نسخ خط جا ڪي بهترين نموناڏٺا آهن ۽ عموماَ هي خط سنڌ ۾ سهڻي نموني لکيو وڃي ٿو“(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بحواله رچرڊ برٽن، ص 16 ۽ 17)

(ث) سنڌ ۾ ٺٽو، مڪلي، حيدرآباد، نصرپور، هالا، جهوڪ شريف، بلڙي، سيوهڻ، خددا آباد، روهڙي، سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس، ڪوٽ ڏجي ۽ ٻيا قديم شهر، جيڪي صوفي درويشن، اوليائن، حاڪمن ۽ اميرن جا شهر رهيا آهن، اُتي اِهي شهر علم ادب، فن ۽ ثقافت جا به مرڪز رهيا آهن، اُنهن شهرن ۾ جتي ٻين لطيف فنن سان گڏ، خوشخطي، خطاطي، ڪتابت جي فن، مصوريءَ، ڪاشيگريءَ ۽ اُڪر جي ڪم ۾ مقامي ماهر پيدا ٿيا، اُتي وري ڪي سٺا فنڪار، ايران جي ڪرمان، اصفهان، خراسان، شيراز، مشهد ۽ افغانستان جي سبزوار، هرات، گرديز، ۽ وچ مشرق جي تاشقند، سمر قند، بلخ ۽ بخارا ۽ عراق جي بغداد، بصري ۽ شام جي دمشق شهر کان لڏي، سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا.

(ج) پهرينءَ صديءَ هجريءَ جي آخر (93 هه /712ع) تائين، سنڌ ۾ مسلمانن جي نه صرف حڪومت قائم ٿي، پر سنڌ جي سرزمين تي اسلامي ثقافت جو به گهڻو اثر ٿيو. سن 34 هه کان 44هه جي وچ واري عرصي تائين، مسلمانن سنڌ کان سواءِ، ننڍي کنڊ جي اُترين ۽ اولهه وارن علائقن تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو، ۽ ائين قبول ڪرڻ  ۾ ڪوبه حرج نه آهي ته عربي رسم الخط ۽ خطاطيءَ جو فن، ننڍي کنڊ ۾ پهرينءَ صديءَ هجريءَ جي آخر واري عرصي ۾ ، قرآن ڪريم جي وسيلي داخل ٿيو(اعجاز راهي، تاريخ خطاطي، ص 136 ۽ 137) بهرحال ننڍي کنڊ ۾، اصلاح ٿيل عربي رسم الخط، مسلمان فاتحن سان گڏ داخل ٿيو، ۽ پهرين سنڌ ۾، ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ اسلامي ثقافت جو حصو بنيو.

(ح) سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جا آڳاٽا آثار، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته 3 صدي هجريءَءِ (9 صدي عيسوي) ۾، ڀنڀور جي جامع مسجد جي ڪتبن ۾ ملن ٿا، جيڪي صفا آرائشي ڪوفي رسم الخط ۾ سينگاريل آهن. اُن کانپوءِ چئن صدين کان  به وڌيڪ عرصي تائين، خطاطيءَ جو ڪوبه نمونو، سنڌ ۾ نظر نٿو اچي، جيتوڻيڪ اِهو فن ختم ڪونه ٿيو هو (پر هلندڙ هو). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو رايو آهي ته:” اٺين صدي هجريءَ( 14 صدي عيسويءَ) ۾ ٺٽو، جڏهن سمن جي دور ۾، سنڌ جو تختگاهه بڻيو ته ٿوري ئي عرصي ۾ اهو شهر، ڪاتبن ۽ خطاطن جو مرڪز بڻجي ويو. نه فقط سنڌ جي ٻين آڳاٽن شهرن مان، پر سنڌ کان ٻاهر ويندي هرات مان عالم ۽ ڪاتب ٺٽي پهتا، ڇاڪاڻ جو ايران ۾ صفوي خاندان جي حڪمرانن جي طاقت ۾ اچڻ سان، هرات جو اوج ختم ٿيڻ لڳو هو. ارغونن ۽ ترخانن واري دور _925 هه / 1521ع – 962 هه/ 1555 ع) ۾ وچ – ايشيا مان معمار ۽ ڪاتب ٺٽي آيا، ۽ اُن کان پوءِ ايران مان به شاعر ۽ ڪاتب اچي ٺٽي ۾ رهيا.“ (نبي بخش خان بلوچ، ص 916)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي صفحي 16 تي لکي ٿو ته؛

” جيتوڻيڪ ٺٽي جي يا سنڌ جي (جتي سيوهڻ ۽ بکر  وڏا مرڪز هئا) ڪاتبن ۽ خطاطن بابت ڪو جدا لکيل ڪتاب دستياب نه ٿيو آهي، مگر مغليه دور جي تاريخن ۽ اُن بعد خاص طرح مير علي شير قانع جي ٻن مکيه ڪتابن ”مقالات  الشعراءَ“ ۽ ”تحفت الڪرام“ ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن واري دور (15-17 صدي عيسوي) جي ڪيترن ئي ڪاتبن جا حوالا موجود آهن. اُن کان سواءِ مڪليءَ جي مقبرن ۽ مسجدن تي آثاري ڪتبن سنواريندڙ ڪاتبن جا نالا يادگار طور موجود آهن.“ (بلوچ، ص 16)

مطلب ته سومرن جي دور کان وٺي، سمن، ارغونن ۽ ترخان حاڪن توڙي مغل نوابن ۽ اُنهن کانپوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾، حاڪمن ۽ نوابن، سنڌ ۾ ڪتابت، خوش نويسيءَ ۽ خطاطيءَ جي فن کي گهڻُو زور وٺايو. سنڌ جا خطاط سمن جي حڪومت واري زماني تائين ”خط ڪوفي“، ” خط نستعليق“، ”خط نسخ“، ”خط گلزار“، ”خط ريحا“، ”خط بهار“، ”خط ثلٿ“، خط طغرا“، ”خط شڪسته“، ”خط غبار،“ ۽ ”خط شفيع“ ۾ پنهنجا جوهر ڌيکاري چڪا هئا. ٺٽي ۽ ڪراچيءَ واري نئشنل هاءِ – وي تي، گجي شهر جي ڏکڻ  طرف، ٽن ميلن جي مفاصلي تي، ” شيخ ترابي درويش جي مزار“ (خانقاهه ترابي) تي، فارسي زبان ۾، نسخ خط ۾، سمي سردار، ”سلطان علاوءالدين“ ڄام جوڻي طرفان سن 872هه/1467ع ۾، پٿر تي لڳرايل ڪتبو، سنڌ ۾، فارسي زبان ۾، ۽ ”نسخ خط“ ۾ سڀ کان آڳاٽو ڪتبو آهي. اهو ڪتبي وارو اصلوڪو پٿر، سنڌ ميوزيئم حيدرآباد جو اڳوڻو ۽ پهريون ڊائريڪٽر، مرحوم تاج محمد صحرائي، مجاور جي اجازت سان، درگاهه تان لهرائي، ”سنڌ ميوزيئم“ (حيدرآباد) ۾ کڻي آيو، ۽ درگاهه تي هن وقت جيڪو ڪتبو لڳل آهي، اُهو ڪتبو اصلوڪو نه، پر نقلي آهي. اصلوڪو ڪتبو، حيدرآباد واري سنڌ ميوزيئم ۾ محفوظ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com