سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :8

ناوليٽ

اروڙ

حفيظ شيخ

 

سکر، 25جون 1961ع

پيارا....

        سڪ سلام ۽ ڳراٽڙيون_ ڪالهه تنهنجو خط مليو اٿم. اڄ آچر آهي، آفيسون بند آهن تنهن ڪري ڳڀي جي ڳولا ۾ جيڪي پنڌ پُڇائڻا پوندا اٿم. تنهن کان آجو آهيان.

        جند پيرن جي مانڊن مٿان جيڪا ڪوٺڙي ڪرائي تي وٺي رهيو پيو آهيان، اُتان ويٺو توکي خط لکان. سامهون سنڌوءَ پنهنجي ڇوهه مان ڇلڪاءَ هڻندي، گجگوڙ ڪندي وهي رهي آهي. هفتو کن اڳ مهراڻ جي سڄي ماٿريءَ ۾ آڳاٽا مينهن راڙا ڪري وٺا آهن. تڏهن سنڌو پنهنجا سَنڌا ڇڏي ڪچي ۾ ڪاهي پئي آهي.

        تو پنهنجي خط ۾ حال احوال پڇيا آهن. ڪهڙا حال احوال ڏيانءِ؟ چندڙي جيڪلي جي چڪر جيان هانءَ ڏاريندڙ رينگٽ ڪني، ڪرت ڪار جي نار ۾ نڪيل آهي ۽ پئي رڙهي_ انهي بابت ڪهڙو احوال ڏئي ٿو سگهجي.

        ٽيون ڏينهن جمع جو ڏينهن هو. گهران سهي سنڀري آفيس جا چڪر هڻڻ ۽ خبرن گڏ ڪرڻ لاءِ نڪتس. شيشن ڪورٽ ۽ ڪلڪٽر جي آفيس مان ٿيو انجنيئري آفيس ڏانهن پئي ويس ته ”گيان“ ملي ويو_ ”گيان“ کي سڃاڻين ني؟ ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي. کيس ڏسي الائجي ڇو مون کي ڀٽ جو بيت ياد ايندو آهي:

 

”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“

        هوٽل تي ويهي چانهه پيئڻ لڳاسين ته چوڻ لڳو ”يار هل ته اڄ اروڙ هلون“

        ”ڇا هي اروڙ ۾،“ مون پڇيو.

        ”تاريخ کنڊر آهن. محمد بن قاسم جي ٺهرايل مسجد آهي. ڪالڪا جو مندر آهي ۽ هاءُ تليءَ جو ميدان آهي، جتي ڏاهر محمد بن قاسم سان سامهون ٿيو هيو.“ گيان چيو. ”توکي ته قبرون کوٽي پوڄڻ سان پيار آهي. گيان. جيئرا جاڳندا محمد بن قاسم، ڏاهر ۽ چَچَ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ جيئڻ مرڻ جي جنگ ۾ جٽيا بيٺا آهن. انهن تي نظر ئي ڪانه ٿي پويئي“

        مون چيو. ”وري ويٺين پنهنجو فلسفو ڪڍي ني.“ گيان چيو. هو ٿوري دير ماٺ ٿي ويو ۽ چيائين ”يار دل چوي ٿي جهٽ پل لاءِ هن ڳاهٽ جي جياپي کان پري ڀڄي وڃان. ڪنهن اهڙي هنڌ وڃان جتي ڪوئي نه هجي. بس هڪ همدرد دوست هجي، جنهن سان جيڪي وڻيم سو ڳالهايان، جيڪي وڻيم سوچون. هت شهر ۾ ته ڳالهائيندي به پؤ ٿو ٿئي. ڀتين تي به بدگماني ٿي پئي آهي. الائجي ڪنهن ويل ڪا ڳالهه ٻڌي ڪنهين ڪن ۾ ڀڻڪي ڇڏينديون.“

        گيان ڄڻ اٿل کائي پلٽي پيو هو. ڄڻ سندس صبر جو پيمانو ٽمٽار ٿي ڇلڪي پيو هو.

        ڇا ڪري ماڻهو، جڏهن ڪو پنهنجن ۾ ويڳاڻو ٿي پوي ۽ محض ويچارن جي ويڇي ڪري ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ کان رهجي وڃي ته گيان ڌيان جي مڌ اکين مان نه ڇلڪندي ته ڇا ڪندي.

        هي پيڙا، پيڙا اڪيلي گيان جو ورثو نه آهي_ تون مان ۽ ٻيا اڻميان منٺار جيڪي ساڃهه مڌ جون سرڪيون ڀري ويٺا آهن، انهيءَ چکيا تي چڙهيا بيٺا آهن ۽ پل پل پڄري رهيا آهن.

        پنهنجي دک مان گيان  جي دک جو اندازو ڪري مون ماٺ ميٺ ۾ هامي ڀري. هوٽل مان نڪري گيان جي گهر وياسين. چانهه ٺاهڻ جو سامان، ٻه شيشا پاڻي جا، ٿورڙا انب ۽ کارڪون، ٻه چار ڦلڪا ٿيلهي ۾ وجهي ٻاهر نڪتاسين ۽ سائيڪلون ڪرائي تي کڻي اروڙ ڏانهن رخ ڪيوسين.

        ڏينهن جهڙاؤن هو ۽ انهيءَ جَهڙ ئي گيان کي چرچ ڏياري هئي. پر ڪارو ڪڪر گهَٽ ڪيو بيٺو هو جو ساهه کڻڻ به ڏکيو پئي لڳو. ويتر سائيڪلن تي پيڊل هڻندي ڪجهه سهڪي پيا هئاسين. ڏيڍ ڪلاڪ پڄاڻا اروڙ پهتاسين ته پگهر وڃي پيرن جون کڙيون سنڀاليون.

        سائيڪل تان لهي گيان هڪ وڏو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين : ”ابول! ٿڪجي پيا سين“

        ”جهل پير ساجهر ئي ٿڪجي پئين.“ مون کيس چيڙائڻ لاءِ چيو.

        ”تون ته ماڻهو ئي نه آهين.“ گيان ڪروڌ مان وراڻيو.

        ”تڏهن ڇا آهيان.“ مون کيس سوڙهو گهَٽيو.

        ”تون ته ..... تون ته.....“ گيان هٻڪي بيهي رهيو.

        شايد کيس مناسب لفظ نه پئي جڙيو. گيان کي منهنجي اڻٿڪ هجڻ تي هميشه مٺيان لڳندي آهي. هن جي دل ۾ ڪٿي ڪو شڪست جو احسان جاڳي پوندو آهي ۽ انهيءَ ڪاوڙ جا ڇوهه_ ڇنڊڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهوَ ڏئي ڪڍندو اٿم. مون کي انهيءَ سڄي من گهٽنا جي ڄاڻ آهي، تنهن ڪري ڳالهوَ کائڻ ۾ جيڪو سو مزو ايندو اٿم.

        گيان جي دل ۾ شايد ڪي ٻه ٽي گاريون تري آيون هيون، جن کي هن نيت نه ڄاتو ۽ جهٽ پل من ئي من ۾ اُلجهندو رهيو.

        ”چئو ني مان ڇا آهيان.“ مون کيس گهٽ ڪئي ته مَر وڌيڪ چڙي.

        ”تون ته مشين آهي ...... هن ڪجهه ڦڪو ڦڪو ٿي چيو، ڄڻ پاڻ ئي پاڻ کي انهن لفظن لاءِ ننديندو هجي جيڪي سندس دل تي تري آيا هئا. مون کي گيان تي رحم اچي ويو. ويچارو پنهنجو من ماري مون سان نيت نڀائي رهيو هو.

        ”گهاڻي جو ڏاند يا پٺاڻڪو گڏهه“ چوين ها ته بهتر هو گيان! مشين ته بيجان ٿيندي آهي ۽ آءُ .... آءُ ته ”پيئي کڻي پساهه پسڻ ڪاڻ پرينءَ جي“ جي جيئري جاڳندي تصوير آهيان.“ مون چيو. ”ڇڏ يار .. ويهه ته ٿڪ پٽيون.“ گيان سائيڪل پٽ تي ليٽائي پاڻ هڪ پٿر تي ويهندي چيو. مون به سائيڪل پٽ تي ليٽائي ڇڏي ۽ گيان جي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ورڻ جو خيال پئي ڪيم ته نظر وڃي سامهون ميدان ۾ جيپ جي پَٽن تي پيئي_ الائجي ڪير؟ ڏينهن اڌ اڳ جيپ تي چڙهي ارڙو گهمڻ آيو هو ۽ جيپ پسيل ميدان ۾ ڌڪ ڌڪ پٽن جي گهم گهم ڪاڪ ٺاهي وئي هئي. ور وڪڙ پٽن کي ڏسي آءُ سوچ ۾ پئجي ويس. منهنجي ذاتي حياتيءَ جو راهون به اهڙيون ئي ته منجهيل هيون. جهڙا هُن بي مقصد هلايل جيپ جي ڦيٿن جا نشان هئا. گيان ڪا مهل مونکي ائين ماٺ ميٺ ۾ بيٺل ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڄڻ پرولي ڀڃي ڪڍيائين.

        وڏو ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين ”هاءِ حياتي ٿوهر جو وڻ“، مون ڄڻ ڇرڪ ڀريو. ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺم ۽ چيم:

”ڇو_ ڇا ٿيئي؟“

        ”ٿيو ته ڪجهه ڪونه ... هيڏي ساري ميدان ۾ تون اڪيلو بيٺو ائين پيو لڳين جيئن ڪنهن رڻ پٽ ۾ ٿوهر جو ڪو اڪيلو ٿڙ بيٺو هجي ۽ اچرج مان سڄي صحرا کي تڪيندو هجي.

        ”ها گيان مان ٿوهر جو وڻ آهيان. حياتيءَ جي هن صحرا ۾ ڪڏهن قضا سان ئي ڪو قافلو لانگهائو ٿيندو آهي ۽ ڪو حاذق حڪيم منهنجي گلن ميڙڻ لاءِ هٿ ڊگهيريندو آهي. نه ته رُت رُت ۾ هي ڳاڙها پتر اُس ۽ اُڃ ۾ ميرانجها ٿي، ڇڻندا مرندا رهندا آهن.“

        ”حياتي اهڙي دکي ڇو آهي“ گيان چيو.

        آءُ چپ رهيس. سوچيم پئي ته ڪهڙو جواب ڏيانس_ ”ڇو دُکي آهي ... چئو ني،“ گيان پنهنجو سوال ورجايو. ”انهيءَ لاءِ دُکي آهي جو تون ۽ آءُ ٻئي ڪانئر آهيون ۽ شهر ڇڏي اروڙ جي کنڊرن ۾ اچي پناهه ڳولي لڌي اٿئون جي تون ۽ آءُ ڪانئر نه هجون ته هوند هي مانڊاڻ مٽجي پوي. دک جا ڇوهه ڇڄي پون ۽ هيءَ ڪاڪ جهڙي منجهيل حياتي سنئين سواٽي راهه ٿي پوي.“

        ”آءُ ڪيئن ڪانئر آهيان.“ گيان کي پنهنجو اهو عڪس نه وڻيو هو، جيڪو منهنجي پيش ڪيل آئيني ۾ ڏٺو هئائين. ”تو ئي ته چيو هو گيان ته شهر ۾ ڳالهائيندي ڀؤ ٿو ٿئي. ڪانئر نه هجين ته هوند پنهنجا ويچار لڪائڻ جي ضرورت ئي ڇو محسوس ڪرين؟“ مون چيو.

        ”تڏهن تنهنجي مرضي آهي ته جيڪي من ۾ اچيئون، سو چئي ڏيون ۽ پوءِ ناناڻي ڍوڍن تي وڃي وهئون .... اهڙي نهٺائپ هڪ دفعو ڪئي هيم يار_ پر وري ورجائڻ جي همت ڪانه اٿم.“ گيان پنهنجي جيل ياترا جا ڏينهن ياد ڪندي چيو.

        ”ڇو ڇا ٿي پيو؟“ مون پڇيو.

        ”ٿيو ته ڪجهه به ڪين. رڳو سرڪاري مهمان خاني جي روٽيءَ آنڊي ۾ جهير وجهي ڇڏيا آهن ۽ ڊاڪٽر چوي ٿو ته اهي جهير جنم جنم ۾ منهنجا ساٿي رهندا، رک جو کاڌو کائيندي کائيندي جندڙي وهه ٿي پيئي اٿم. اهو آهي انعام انهن چئن جملن جو جيڪي الائجي ڪهڙيءَ ڪچهريءَ ۾ پاٻوهه مان ڳالهائي ويٺو هئس. اڃا تون چوين ٿو ته ڪانئر نه ٿيان ۽ جيڪي من ۾ هجيم سو واڪو ڪري چئي ڏيان.“ گيان ڄڻ پوري آتم ڪهاڻي چئي ڪڍي.

        آءُ گيان جي ڳالهه ٻُڌي ٽٻي ۾ پئجي ويس. ڪال ڪوٺڙين جا انيڪ نظارا، جن بابت مون ڪتابن ۾ پڙهيو هو. منهنجي اکين آڏو ڦري ويا. مون کي اهي سَر ڦِريا به ياد آيا جن سوليءَ کي سينگار سمجهيو هو ۽ اُهي مست به ياد آيا جن وهه کي امرت ڄاتو هو. دل تي هڪ خيال تري آيو ۽ مون گيان کان پڇي ڪڍيو : ”گيان! سقراط بابت ڪجهه پڙهيو اٿيئي؟“

        ”هاءُ“ گيان جو آواز ائين گونجيو ڄڻ ڪو جهيڻو پڙلاءُ هجي. ڄڻ گيان ۽ منهنجي وچ ۾ صدين جي وٿي هجي ۽ گيان منهنجي ۽ سقراط جي وچ ۾ بيهي ڪنهن جي آواز جي وراڻي ڏني هجي. مون ڪنڌ کڻي گيان ڏانهن نهاريو، هو دور خلائن ۾ گهوري رهيو هو. تليءَ جي ميدان جي پرئين سَري کان پار جتي آسمان ڌرتيءَ جي ڌوڙ جي سڳنڌ جهٽڻ لاءِ هيٽ جُهڪي پيو هو.

        هو ڪيتري دير ائين خلا ۾ گهوريندو رهيو. آءُ سندس منهن ۾ تڪيندو رهيس ۽ هن کي ان جي سڌ ٻڌ ئي ڪانه هئي. سندس منهن تي عجب عجب رنگ پئي آيا ۽ ويا. جهٽ پل هُن جي اکين ۾ ڊپ ۽ دهشت ديرو ڄمايو ۽ اهو رنگ هٽيو ته نهٺائي ۽ بي ڊپائي جهلڪي پئي. ٿوريءَ ۾ هن جي اکين ۾ اچرج بکڻ لڳو ۽ پوءِ ڄڻ سندس اکيون ٿڪجي پيون. هلڪو هلڪو خمار انهن ۾ جهلڪڻ لڳو ۽ گيان اکيون ٻوٽي ڇڏيو. اسانجي خاموشي اينگهه کائي وئي ته گيان اکيون پٽيون. مون ڏانهن ڏٺائين. هڪ اداس مرڪ مرڪيو ۽ چيائين : ”آءٌ سقراط ته نه آهيان يار“.

        ”ٿي پوين ڇا بات آ“ مون چيو.

        ”تون ڇو نٿو ٿي پوين“ گيان جند ڇڏائڻ لاءِ پڇيو.

        ”آءُ آهيان پر ڪجهه ڪانئرتا جي چَٽ اچي وئي اٿم. هي چٽ لهندي، اصلي رنگ نکرندو ته باک ڦٽيءَ جيان شفق جا رنگ ڇانئجي ويندا.“ مون وراڻيو.

        ”اُهو صبح ڪڏهن ايندو؟“ گيان چيو.

        ”جڏهن تون ۽ آءٌ ننگا ٿي نڪرنداسين.“ مون وراڻيو.

        گيان ماٺ ٿي ويو. اسين ٻيئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ خاموش ويهي رهياسين، ڄڻ مَنَهن جا ٻه ٿنڀا هجون هڪ ٻئي کي ويجها، هڪ ٻئي کان ويڳاڻا، پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مگن. الائي ڪيتري ويل ائين ماٺ ۾ گذري. هر طرف ماٺ هئي. آءٌ ماٺ هئس. گيان مَاٺ هو. تليءَ جو ميدان ماٺ هو. ڊٺل مندر ماٺ هو. محمد بن قاسم جي ٺهرايل مسجد ماٺ هئي. ۽ دور گفا ۾ ويٺل ڪالڪا ديوي ماٺ هئي. ڪارو ڪڪر راڙا ڪري ڪري جهٽ پل لاءِ چُپ ٿي ويو هو. هر طرف سڪوت هو. مڪمل سڪوت، ڄڻ موت هر شيءَ تي پنهنجو پاڇو وجهي ڇڏيو هو ۽ سڄي ڪائنات سمهي پئي هئي.

        پوءِ جيئن پيمانو ڀرجي ڇلڪي پئي. آسمان جي صبر جو پيمانو ڀرجي آيو ۽ ڇم ڇم ڪندو مينهن ائين ساز وڄائيندو آيو، ڄڻ ان ڊگهي ماٺ جا ويچارا ڪڍندو هجي. مون اڳيان وڌي وڃي سائيڪل ۾ هٿ وڌو. مينهن ريلا ڪري وسڻ لڳو هو ۽ اسان جا لٽا پُسندا پئي ويا. کٽيءَ جي بِل جو مون کي به خيال هو، پر مون هڪ وڳي جي ڌورائي اڳ ۾ ئي واري ڇڏي هئي. گيان پنهنجا لٽا پاڻ ڌوئيندو آهي. هن کي سڀاڻي جي پورهئي جو الڪو هو.

        ڊوڙي اچي پنهنجي سائيڪل ۾ هٿ وڌائين ۽ ڪُرڪندي چيائين، ”هل ڀلا“

        اسين جتي بيٺا هئاسين، اتان ڊٺل مندر جيڪو ڪو ويجهڙو ، مون انهيءَ مندر ڏانهن وک وڌائي ته گيان منهنجي پٺيان هلڻ لڳو. مندر کي ويجها اچي ٿياسين ته منهنجو پير ترڪي ويو. سائيڪل ڇڏي ڏنم ۽ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي تري وڃي پٽ تي کوڙيم. اٿڻ لڳس ته هڪ ننڍڙي جهنگلي ٻوٽيءَ تي نظر پيم، ٻوٽيءَ ۾ هڪ پيارو پيارو گل ڦٽيو بيٺو هو. گپ مان هٿ کڻي گل ۾ وڌم ۽ سنئون ٿيندي گيان کي چيم، ”ڏس مون ڇا لڌو آهي؟“

        ”ڇا لڌو اٿئي؟ مون ته سمجهيو ته تو ڌڪو کاڌو آهي.“ گيان وراڻيو.

        ”ڌڪو ته کاڌو هوم، پر پوءِ هي گل لڌو اٿم.“ مون چيو.

        ”ڏسان“ چئي گيان ويجهو وڌي اچي گل ورتو.

        ”مدن مست .... اڙي هي ته، مدن مست آهي“

        ”اهو ڇا ٿيندو آهي.“ مون چيو.

        ”هون! گل ٿيندو آهي_ توکي اها به خبر نه آهي. هي گل مدن مست آهي. هن کي ”مدن مست“ چوندا آهن“

        ”ڇو چوندا اٿس.“ مون پڇيو، ڀانيم ته گيان چوندو ”مون کي ڪهڙي خبر ڀلا تون ٻڌاءِ.

        ”مُبوءِ“ کي علو ڇو ٿا ڪوٺن. بڪو ڇو نه ٿا ڪوٺن حالانڪه هو بڪواس به جام ٿو ڪري. ۽ تني کي تنو ڇو ٿا ڪوٺن، ڪُوئو ڇو نه ٿا ڪوٺن، حالانڪه هيتري حياتيءَ ۾ هن هڪ نه پر هزار هريڙ لڌي هوندي.“

        ائين ڪين ٿيو. گيان اٽلو اچرج مان مون ڏي نهاريو ۽ چيائين. ”تو مدن مست جي ڪهاڻي ڪانه ٻڌي آهي ڇا؟“

        مون چيو ”نه.... ڇو ڪا روماني ڪهاڻي آهي ڇا؟“.

        ”ها“ گيان چيو.

        ”ٻڌاءِ ڀلا“ مون چيو.

        ”ٻڌايانءِ ٿو پر پهريائين ڦلڪو کانوان_“ گيان چيو.

        ”روماني ڪهاڻي پيت ۾ اٿيئي ته به بک پيو محسوس ڪرين.“ مون گيان کي ڇيڙيو.

        ”ڍَوَ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن جي_“ گيان وراڻيو ۽ ڦلڪو ۽ کارڪون ڪڍي کائڻ ويهي رهيو. مون کي کل اچي ويئي ۽ هٿ وڌائي پنهنجو ڦلڪو ۽ انب ڪڍي پيٽ پوڄا کي لڳي ويس.

        ڦلڪن، انبن  ۽ کارڪن سان نياءُ ڪندي آءُ ۽ گيان بک ۾ بصرن کائڻ جي فلسفي تي ڳالهائيندا رهياسين. ٻئي انهيءَ ۾ هم راءِ هئاسين ته بک ۾ بصر مٺا لڳندا آهن.

        ماني کائي واندا ٿياسين ته گيان کنڊر جي پٽ تي ئي آهلي پيو. مون پٽ تي چوڌاري نظر ڦيرائي، پٽ ڪٿي به سنئون ڪين هو_ پر پوءِ ٽپهري جو ننڊ اکڙو وٺندو پئي ويو. آءُ به چڱيرڙي جاءِ ڏسي آهلي پيس. دُکيل سگريٽ منهنجي آڱرين ۾ هو ۽ هلڪيون هلڪيون ڦوڪون هڻي پئي وات ڪڙو ڪيم. خيال آيم : هِرئي کان پوءِ ماڻهوءَ کي ڪڙاڻ ڪهڙي نه وڻي ٿي.“ گيان پنهجي خيالن ۾ گم هو. رکي رکي مدن مست جي ڳالهه ياد پيس ته پاسو ورائي مون ڏانهن مُنهن ڪيائين ۽ چيائين:

        ”ٻڌ ڀلا_ مدن مست جي ڪهاڻي ٻڌايانءِ!

        ”ٻڌاءِ“ مون پاسو ورائي منهن کڻي ڏانهن ڪيو. گيان ڪهاڻي شروع ڪئي.

        ”مدن مست جي ڪهاڻي سنڌ جي تواريخ سان ڳنڍي پيئي آهي. چون ٿا ته مدن نالي هڪ هاري اروڙ جي ڀر ۾ درياهه جي ڪپ تي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندو هو. هن جي ڪرت هئي پوک ۽ هوپنهنجي پورهئي مان جيڪي ڪي ڪمائيندو هو. تنهن سان سرڪاري ڍل ڏن ڏئي باقي جيڪي بچندو هئس سو پنهنجي پوڙهي پيءُ ماءُ جي پيرن ۾ اچي رکندو هو.

        مدن جي پيءُ ماءُ کي ”مدن“ جي وهانءَ جي ڏاڍي آس هئي. پڇا ڳاڇا ڪري نيٺ هنن مدن لاءِ هڪ وني هٿ ڪئي ۽ ”شڀ سمو“ ڏسي سڳن ساٺ ڪري ڪنوار گهر وٺي آيا.

        مدن وني وٺي گهر آيو ته چوڌاري چوٻول مچي ويو. ڪلاونتي مدن جي ڪنوار گودڙيءَ ۾ لڪل لعل هئي. هڪ اڌ واري جا جا نظر ڪلاونتيءَ تي پئي سا نظر ميري ٿي پيئي. مدن جنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو اُن جي مکيءَ جو من سڀ کان اڳ ۾ ميرو ٿي پيو هو. مدن پنهنجيءَ ۾ مگن انهن ڳالهين کان بي خبر رهيو. هوڏانهن مُکي ويل اويل هڪ طرف پئي مدن کي راڄ پات جي نالي راڄ جي ڪمن ۾ وهايو ٻئي طرف واري ڦيري پئي ڪلاونتيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. مُکيءَ جون اهي اٽڪلون سٽڪلون جيڪو سو مدن ۽ ڪلاونتيءَ جي پيار کي تَو ڏئي جرڪائينديون رهيون. مدن ڏينهن جو پورهيو ڪري گهر ورندو هو ته ڪلاونتي سندس راهه ۾ نيڻ وڇائي ڇڏيندي هئي.

        انهيءَ ئي سمي جيئن سانوڻ جو ڪارو ڪڪر آسمان جي هڪ ڪنڊ ۾ ظاهر ٿي جهٽ پل ۾ سڄي سنسار تي ڇائنجي ويندو آهي تيئن محمد بن قاسم جو لشڪر ديبل بندر تي ظاهر ٿيو ۽ مهينن جا پنڌ ڏينهن ۾ ڪندو اچي اروڙ ۾ ڪڙڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com