آتم
ڪهاڻي
سليا
ڪنهن
نه
سوال
حفيظ
شيخ
ارپنا : پنهنجي
ڪهاڻيءَ
جو
هيءُ مختصر
خاڪو
آءُ
روسو
کي
ٿو
ارپيان. جنهن
جي
اعترافات
(Confessions)
مونکي
ڪنهن
زماني ۾
ڏاڍو متاثر
ڪيو
هو.
ڪالهه
دوستن جي
هڪ
محفل ۾ ويٺو
هوس
ته هڪ
دوست
چيو : ”حفيظ، ائين
ڇو
آهي
ته تون
ڪهاڻيون
لکي
سگهين ٿو ۽ اسين
ڪوشش
ڪرڻ
سان
به نه
ٿا
لکي
سگهون؟“ مون
وراڻيو: ”اهو انهيءَ
ڪري
آهي
جو توهانجي
دل
کي
آنند ۽ سڪون
نصيب
آهي ۽ منهنجي
دل
جي تارن
کي
حالتن جي
ظالم
هٿ
ڇيڙي
ڇڏيو آهي.
جيئن
ڪنهن
رباب جي
تارن
کي
هٿ هڻي
ڇڏي
ڏبو
آهي.
ان جي
تارن
جي
ڌُنِ ڪا گهڙي
ختم
ئي نه
ٿيندي
آهي
۽
هلڪو
ڪندڙ آواز
نڪرندو رهندو
اٿن،
تيئن منهنجي
دل
جي ساز
مان
به آواز
اڌما
کائي
اٿندو آهي.
ڪڏهن
ڪڏهن
منهنجو هٿ
انهيءَ آواز
جو
ساٿ ڏئي چڙهندو
آهي
ته
ڪهاڻي لکجي
ويندي آهي.“
اڄ
اداري
”نئين زندگي“
جي
فرمائش تي
پنهنجي جندڙيءَ
جي
ڪهاڻي
لکڻ ويٺو
آهيان ته
سوچيان ٿو
: منهنجي جندڙي
سواءِ انهن
چند
آوازن جي
آهي
ئي ڇا، جيڪي
حالتن جي
ظالم
هٿ دل
جي
ساز کي
ڇيڙي پيدا
ڪيا
آهن.
آءُ پنهنجي
حالتن ۽ پنهنجي
ماحول جي
پيداوار آهيان.
جيڪي
آهيان تنهن
لاءِ
شرمسار ڪين
آهيان ۽ نڪي
انهيءَ لاءِ
اڀمان ٿو
ڪريان. رڳو
هڪ
ڳالهه
ڪري
خوش آهيان
ته
جندڙيءَ جي
جيتري ۽ جيڪا
راند
کيڏيو
آهيان، پنهنجي
وت
ست آهر
ايمانداريءَ سان
کيڏيو
آهيان.
آءُ
ڪڏهن
ڄائس
تنهن جي
ڄاڻ
مونکي به
ڪانه
آهي.
(حقيقت
۾
پنهنجي ڄم بابت
هر
ڪو
ڪنن
ٻڌي
ڳالهه
ڪندو
آهي) رڪارڊ
تي
منهجي
ڄاڻايل ڄم پٽاندڙ
مون
گذريل
ڏهين
ڊسمبر1961ع تي
پنهنجا
ٽيهه اونهارا
سيارا
ڪاٽي پورا
ڪيا
آهن.
گمبٽ جو
ننڍڙو شهر
منهنجي جنم
ڀومي
آهي.
جيتوڻيڪ گذريل
ڏهن
ٻارهن
سالن
۾
مون گمبٽ
جو
درشن نه
ڪيو
آهي.
مون
جڏهن هوش
سنڀاليو ته
اسين
خيرپور ميرس
۾
رهندا هئاسين.
بابو
ڊاڪٽر
هو ۽ سول
اسپتال ۾ نوڪري
ڪندو
هو.
پاڙو جن
۾
اسين
رهندا هئاسين،
سو
واڻڪو هو.
ڀر
۾
ئي
اجواڻي ۽ واڌواڻي
محلا
هئا، جنهن
۾
هندو
عالم رهندا
هئا.
اسان جي
پاڙي
جي اتر
۾
مسلمان موچين
۽
ڪورين
جا
گهر هئا.
بابو
نومسلم هو
۽
حيدرآباد جي
واڌواڻي عامل
هندو
گهراڻي مان
آيو
هو. امڙ
ڪشميري
پنڊت
خاندان مان
هئي
۽
سندس وڏا
مسلمان ٿيڻ
کانپوءِ گهڻي
وقت
کان
پنجاب ۾ رهندا
آيا
هئا. ستت
گهر
جي
ڀاتين ۾ هڪ
عدد
وڌيو. اها
واڌاري هستي
اسان
جي
ڀاڄائي هئي،
جيڪا ڪرستان
هئي ۽ اڄ
به
ڪرستان
آهي.
اهڙي
حالت ۾ ظاهر
آهي
ته مونکي
اک
کوليندي
ئي نظرياتي
جنگ
سان منهن
مقابل
ٿيڻو پيو.
منهجا هندو
دوست
هميشه مون
تي
ڪاوڙيل
رهندا هئا،
ڇو
ته
هو جڏهن
مسلمانن جي
ڪا
گهٽتائي بيان
ڪندا
هئا
ته، آءُ
ائين
محسوس
ڪندو هوس
ته
هو منهنجي
پيءُ
جون وِڏون
پيا
ڪڍن.
منهنجا مسلمان
دوست
مونتي
ڪاوڙيا رهندا
آهن،
ڇو
ته هو
جڏهن
هندن جون
اوڻايون ڳڻڻ ويهندا
آهن
ته، مونکي
ائين
لڳندو آهي
ته
منهنجي
ڏاڏي کي پيا
ڳالهو
ڏين.
ٻنهي
حالتن ۾ مونکي
مُنهن پوڻو
پوندو آهي
۽
دل
جي ساز
تي
نوان نوان
ڌڪ
لڳندا رهندا
آهن.
ننڍڙا ٻار پنهنجي
ذهن
۾
هر نئين
لفظ
لاءِ هڪ
عڪس
قائم ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪندا
آهن.
هونءَ ته
اهو
عمل تا
زندگيءَ هلندو
رهندو آهي،
پر
ٻال
اوستا ۾ اهو
عمل
نهايت تيز
هوندو آهي.
آءُ
ننڍي هوندي
هر
لفظ لاءِ
هڪ
ذهني عڪس
يا
تصوير قائم
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪندو
هوس. جيستائين
شين
۽
جاين جو
تعلق
هو. اهڙا
ذهني
تصور
ڪنهن وڏي
ڏکيائيءَ
جو
باعث ڪين
ٿيندا هئا.
مشاهدي ڪرڻ سبب تصور
۾
مناسب ڦير گهير
ڪري
وٺبي
هئي، پر
جڏهن
معاملو انسان
جي
ابتدا ۽ انتها
تي
آيو ته
ڏاڍي
ڏکيائي
منهن
پئي. ابد
ازل،
لوڪ پرلوڪ،
جنت
۽
سرڳ، ۽ دوزخ
۽
نرڳ،
خدا ۽ پرماتما
بابت
بيانن ۾ ايڏو
ته
فرق هو
جو،
آءُ انهن
بابت
ڪو
به فيصلو
ڪين
پئي
ڪري
سگهيس. روايت
مون
لاءِ بي
معني
هئي ڇو ته
بابو
روايت کان بغاوت
ڪري
هندوءَ مان
مسلمان ٿي چڪو
هو.
مون پنهجي
ذهن
۾
هڪ خلقڻهار
جو
خاڪو قائم
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪئي،
پر هر
تصور
نئين معلومات
ملڻ
تي يا
نئون
خيال اچڻ
تي
ڊهي
پئي پيو.
ڊڄندو
هوس،
ڇو
ته انهيءَ
۾
منهنجي پڇيل
سوالن جا
جواب
ڪو
به ڏيڻ پسند
ڪين
ڪندو
هو
۽
هر
ڀيري ڇنڀ
کائڻي پوندي
هيم.
مونکي ياد
آهي
ته قرآن
مجيد
پڙهڻ لاءِ
بابي
مونکي هڪ
مولويءَ وٽ
موڪليو هو.
اُهو
مولوي
ڪوري هو
۽
صبح
ويل جڏهن
مون
کي
سبق ڏئي پورو
ڪندو
هو
۽
ان جو
دور
ڪري
ياد ڪرڻ ويهي
رهندو هوس
ته
هو پنهنجي
آڏاڻي کي جنبي
ويندو هو.
کٽڪ
کٽاڪ،
کٽڪ
کٽاڪ
جو
آواز ايندو
رهندو هو
۽
ان
سان گڏ
منهنجو آواز
گونجندو رهندو
هو.
آءُ
شايد ان
مولوي صاحب
وٽ
رڳو اٺ
ڏينهن
پڙهيو هوس.
جڏهن
هن ظالم
مون
کان
قرآن شريف
پڙهڻ
ڇڏائي
ڇڏيو.
ڳالهه
هيئن ٿي ته
صبح
جو جڏهن
آءُ
قرآن شريف
پڙهڻ
لاءِ
مولوي
صاحب
ڏانهن
هلڻ لڳس
ته
اوچتو مونکي
خدا
تعاليٰ، قيامت،
دوزخ
۽
جنت جو
خيال
اچي ويو.
پنهنجي
ٻاراڻي ذهن
پٽاندڙ مون
پنهنجي دماغ
۾
انهن
مان هر هڪ
جو
هڪ عڪس
قائم
ڪرڻ
جي
ڪوشش ڪئي
(جيڪو ان
ڏينهن
خدا
لاءِ قائم
ٿيو
هو
سو هاڻي
سقراط لاءِ
قائم
ٿيل
آهي. جيتوڻيڪ
ڄاڻ
اٿم
ته سقراط
جي
شڪل اهڙي
نه
هئي) خير
سائين، سو
جڏهن
پراڻو سبق
ٻڌائي
چڪس.
نئون وٺي
بس
ڪيم
ته پنهنجي
دل
جي اڻ
تڻ
لاهڻ لاءِ
سيپارو ٺپي ڪيم بند
۽
مولوي صاحب
کي
چيم : ”سائين، دؤر
ڪندس
پوءِ، اڳ
۾
ٻڌاءِ
ته
خدا آهي
ڇا؟“
بس،
منهنجو ايترو
چڻ
ڪافي
هو، مولوي
صاحب
سيپاري هيٺئون
رحل
ڇڪي
ائين ڪڍي جو
سيپارو بولاٽيون
کائيندو
وڃي
پري پيو
۽
ڀڙ
ڪري
رحل
وهائي
ڪڍيائين منهنجي
مٿي
تي، ڪچي
ٽهيءَ ۾ شايد
هڏ
ڪجهه
ڪونئرا
۽
لچڪڻا
ٿيندا آهن.
تڏهن
مٿي ۾ رڳو
هڪ
وڏو
ڳوڙهو ٿي پيو،
نه
ته رحل
ته
مولوي صاحب
پنهنجي جنوني
جوش
۾
اهڙي وهائي
هئي
جو ميڄالي
جي
کچڻي
بڻجڻ ۾ ڪا ڪسر باقي
نه
رهي هئي.
ڌڪ
هڻي
مولوي صاحب
اوچي
ڦاٿو،
شايد انهيءَ
ڪري
جو
آءُ ميڊيڪل
آفيسر جو
ٻار
هوس
۽
جي مري
پوان
ها ته
مولوي صاحب
جي
خيال موجب
سندس
جنم ٽيپ کري هئي.
آءُ
به ٺهه ڦهه اٿي
کڙو
ٿيس،
نه
رنس، نه
هاءِ
گهوڙا
ڪيم. ان
ڳالهه
مولوي صاحب
کي
ويتر
منجهائي وڌو.
ويٺو
منٿو
ڪري، ريجهائڻ
۽
پرچائڻ، پر
آءُ
ڪڇان
جهڙي ڀت، مس
مس
ڪري
دلشڪستو ٿيو ۽ جند
ڇڏيائين.
گهر
اچي مون
امڙ
کي
سڄي
ڳالهه ڪري
ٻڌائي ۽ چيومانس
ته
بابي کي
ٻڌائي ڇڏي ته
آءُ
اهڙي جاهل
ملان
وٽ پڙهڻ
ڪين
ويندس، جيڪو
اهو
به ڪين ٿو سمجهائي
سگهي
ته خدا
ڇا
آهي؟
اهو
ڏينهن اهو
شينهن، مون
وري
قرآن شريف
ڪاليج
۾
پهچي
انگريزي ترجمي
جي
صورت ۾ پڙهيو.
هڪ
ڳالهه
سا
ڏاڍي سٺي
ٿي
۽
اها
هيءَ ته
مونکي
ڪتابن پڙهڻ
جو
شوق جاڳي
پيو.
جيڪو
ڪتاب هٿ
ايندو هيم
سو
پڙهي پري
اڇلائيندو هوس.
”ڪٿي
آ
منهنجي منزل،
ڪٿي
آ
منهنجو ماڳ“،
هڪ
اهڙو سوال
هو،
جنهنجو جواب
ڳولڻ
لاءِ
آءُ دنيا
جي
ليکڪن جون
چائنٺون چمندو
رهندو هوس.
هر
ليکڪ پنهنجي
رنگ
۾
۽
پنهنجي ڍنگ سان
انهيءَ سوال
جي
جواب ۾ ڪي اشارا
ڪندو
رهندو آهي،
آءُ
انهن اشارن
کي
جهٽيندو رهندو
هوس
۽
دل من
هڻي
عقل ۽ قياس
جي
ڪسوٽيءَ
تي پرکيندو
رهندو هوس.
هندو
خواهه مسلمان،
سک
خواهه عيسائي،
دوستن جا
ڏنل
ڪتاب
نهايت اتاوليءَ
سان
پڙهندو هوس.
ڪڏهن
ان
سوال جو
جواب
سڻائو
ڀاسندو هو
ته
دل اُڇلون
ڏيڻ
لڳندي هئي.
ڄڻ
محبوب جو
مشاهدو ملندو
هجيم.
انهيءَ اڻ
تڻ
مونکي ڪٿي پهچايو
۽
پنهنجي
ڪشڪول ۾
ڪهڙا موتي
۽
ڪهڙيون
ڪچيون
ڪوڏيون
ميڙيون اٿم،
سو
هڪ الڳ
قصو
آهي. جيڪڏهن
ان
کي
لکڻ ويهندس
ته
داستان وڌي
ويندو. هت
رڳو
ايترو چوڻ
ڪافي
آهي
ته
ڪتاب انسان
جا
بهترين دوست
آهن.
صلاحون ڏيندا وندرائيندا،
کلائيندا،
رئاريندا، ائين
جيئن
ڪنهن
بهترين دوست
مان
اُميد رکي
سگهجي. اجهو
هينئر اداس
آهيان ۽ شاهه
جو
سر سسئي
پڙهڻ
ويهي رهيو
آهيان ته
پنهنجا ڏک تڇ
پيا
لڳنم_ اجهو
کلڻ
تي
دل ٿي اٿم
۽
شا
(Shaw)
جو
”هٿيار ۽ ماڻهو“
(Arms And the Man)
پڙهڻ ويٺو
آهيان ۽ کلي
کيرو تي
پيو
آهيان. اجهو
سماجي حالتن
منجهائي
ڇڏيو آهي
۽
موپسان، دوستو
وسڪي، آسڪروائيلڊ،
چيخوف، هيمنگوي،
ڍير
ڪهاڻيون
کنيو
آڏو
بيٺا اٿم
۽
ٻڌائن
پيا
ته
ڪيئن سندن
ڪردارن
ساڳين يا
ان
کي
به
ڳرين حالتن
کي
مرڪي
منهن ڏنو آهي.
آءُ
انهن
ڪهاڻين کي پڙهان
ٿو
۽
مونکي پنهنجا
مسئلا جي
سلجهائڻ ۾ سولائي
ٿيو
پوي.
سقراط کان شاپنهاوو
تائين سوچ
ويچار جي
وڻجارڻ جي
هڪ
اهڙي
ڊگهي لڙي
پوتل
آهي. جو
قدم
قدم تي
عقيدت جا
گل
ورکائڻ لاءِ
دل
ورندي آهي.
ڪچي
ٽهيءَ
۾
اڄ
ڪلهه
جي انسان
لاءِ
اهو مختصر
حلقو
ئي سموري
سماج
جي نمائندگي
ڪري
ٿو
جيڪو
ان کي سڀ
کان
ويجهو آهي.
مون
لاءِ منهنجو
گهر.
پاڙو ۽ اسڪول
سڄو
سماج هئا.
گهر
۾
آءُ نالائق
سمجهيو ويندو
هوس.
ڇو
ته اهڙو
ڪهڙو
فرمان هو،
جنهن
جي باري
۾
منهنجي ذهن
۾
هزارين سوال
نه
پيدا
ٿيندا هئا
۽
آءُ
هڪ اڌ
پڇي
به وٺندو
هوس.
بس سوالن
پڇڻ
جي انهيءَ
عادت
کي
نافرماني سمجهيو
ويندو هو.
۽
انعام ۾ هڏن
گڏ
جي ايتري
ورزش
ٿيندي
هئي جو
اڃا
تائين تندرست
آهيان. بک
وقت
تي لڳندي
اٿم
۽
ننڊ جام
ايندي اٿم.
گهر
جي اڃا
ننڍڙي ماحول
۾
آءُ
هميشه باغي
ليکبو هوس.
امڙ
ويچاري سو
پيار
ڪرڻ
کان
رهي ڪين سگهندي
هئي،
پر اها
به
”کوٽو
پئسو“ چئي
پيار
ڪندي
هئي. اڄ
به
جڏهن امڙ
جو
اهو اکر
ياد
ايندو اٿم
ته
دل جو
ساز
ڇڙي
پوندو آهي.
اسڪول ۾ مونکي،
هوشيار پر
لاپرواهه ارڏو
۽
بي
ادب،
ڪوٺيو ويندو
هو،
سبب اهو
هو
جو آءُ
استادن کي پيرين
پوڻ
پسند ڪين
ڪندو هوس
۽
جيڪو
استاد مار
ڏيندو
هو،
تنهن کي سلام
ڪرڻ
به
ڇڏي
ڏيندو
هوس. اڄ
ڪلهه
جا
ٻار
شايد اڄ
کان
0 2
سال
اڳ
واري اسڪولن
جو
تصور به
نه
ڪري
سگهن. ان
وقت
جا دستور
عجيب
هئا، مائٽ
کليو
کلايو
ماسترن کي چوندا
هئا : ”سائين هڏ
گڏ
اسانجو ۽ ماس
چم
تنهنجو، ٻار اٿئي
مڇ
جو وار،
جيئن
ورائينس تيئن
ورندو.“ پهرئين
درجي
سنڌيءَ ۾ مرحوم
غلام
محمد وٽ
پڙهندو هوس.
اسان
سان گڏ
ٻاليشاهين
جو
هڪ
ڇوڪرو پڙهندو
هو،
هندو
ڇوڪرا سڀ
کان
ڇوت
ڪندا
هئا
۽
سڄو
ڏينهن منهنجو
شغل
اهو هوندو
ته
ان
ٻاليشاهيءَ
ڇوڪري کي هٿ
لائي
وري وڃي
ڪنهن
هندوءَ کي هٿ
لائيندو هوس.
ويچارن هندو
ڇوڪرن
جي
وس ڪين پيو
پڄي
جو کڻي
ڪجهه ڪن، ڇو ته
هو
ٻاليشاهي
ڇوڪرو
ڊگهو
جانٺو هو
۽
منهنجي پُٺ
جلهيو بيٺو
هوندو هو.
اها
راند ڳپل
ڏينهن هلي،
پر
پوءِ آهستي
آهستي هن
ڊگهي
جانٺي جوانڙي
جا
پير نڪرڻ
لڳا.
هو وڌيڪ
اها
”پري
پري“ نه
سهي
سگهيو ۽ اسڪول
مان
غير حاضر
رهڻ
لڳو. هڪ
دفعي
جڏهن ته
پنج
ڇهه
ڏينهن ساندهه
غير
حاضر رهيو
ته
مرحول غلام
محمد
ڇوڪرا
موڪلي هن
کي
ٽنگو
ٽالي
ڪري
گهرايو.
ڇوڪرن آڻي
هن
کي
ڪلاس
جي وچ
۾
اڇليو. هو
اٿي
بيٺو ته
مرحوم غلام
محمد
گجڻ شروع
ڪيو.
پندرهن ويهه
منٽ
ماستر صاحب
کي
جيڪي
منهن ۾ آيو
سو
چيائين، ان
بعد
سڄي
ڪلاس کي حڪم
ڏنائين
ته
هن
ٻاليشاهي
ڇوڪري جي
منهن
۾
ٿڪون
هڻو. هڪ
هڪ
ٿي
ڇوڪرا
اٿي هن
جي
ويجهو ويا.
ڪن
پنهنجي ذاتي
ڪاوڙ
لاهڻ
لاءِ
کنگهي
کانگهارو هنيو
۽
ڪن
جهٽ
پل ويهي
پنهنجي وات
۾
پڪ
ڪٺي
ڪئي
۽
وارو اچڻ
تي
هن جي
منهن
تي وهائي
آيا.
آءُ پوئتي
ويٺو
هوس. پر
جيئن
جيئن وارو
پئي
آيو، تيئن
تيئر
سرڪي پوئتي
پئي
هليو ويس.
نيٺ
سڀني
ٿڪون هڻي
پوريون
ڪيون ۽ اڪيلو
آءُ
رهجي ويس.
منهنجو وات
ائين
خشڪ هو
جيئن
اونهاري جي
ٽاڪ
منجهند جو
ڪو
رڻ
پٽ خشڪ
هجي.
منهنجي اکين
۾
پاڻي. منهنجا
پير
ڪنبي
رهيا هئا
۽
آءُ
نهايت آهستي
آهستي هن
ڏانهن
وڌي
رهيو هوس.
مون
پنهنجي عمر ۾ تمام ٿورن موقعن تي نهايت صدقِ دل
سان خدا کان دعا پني آهي، انهن
ٿورڙن موقعن
مان
هيءُ پڻ
هڪ
هو. مون
دل
۾
چيو : ”الله سائين،
زمين
ڦاٽي
پوي آءُ
ان
۾
سمائجي وڃان.“
منهنجي دعا
قبول
ڪانه
ٿي،
اڌ پنڌ
اڪري
مون محسوس
ڪيو
ته
خدا اهڙي
دعا
قبول ڪين
ڪندو. مون
ٻي
دعا
گهري : ”الله سائين
هي
پنڌ ايترو
اينگهجي وڃي
جو
ابد تائين
پورو
نه ٿي سگهي.“
منهنجي اها
دعا
به
ڪلاس جي
ڇت
سان
ٽڪرائجي
موٽي آئي،
پنڌ
کٽي
ويو، منهنجو
ٻاليشاهي
دوست
منهنجي سامهون
هو
۽
ماستر غلام
محمد
جو
ڏنڊو منهنجي
مٿي
تي سوار
هو.
مون ڪنڌ مٿي
کنيو
۽
پنهنجي دوست
جي
ٿڪن
۽
کانگهارن
لتل منهن
کي
ڏٺم.
هن
جي اکين
جون
ماڻڪيون ڊپ ۽ نفرت
کان
سسي
ننڍڙيون ٿي ويون
هيون. اُن
وقت
جيڪڏهن هن
جو
وس پڄي
ها
ته هو
الائجي ڇا ڪري ها.
شايد
پوري دنيا
کي
هائيڊروجن بم
سان
اڏائي ڇڏي ها،
يا
شايد هو
اسان
سڀني کي
ڌڪار مان
لت
هڻي پري
ڪري
پاڻ
اسان جي
وچ
مان گم
ٿي
وڃي
ها.
مون
وڏي مشڪل
سان
”ٿو“
ڪئي.
وات خشڪ
هو،
ٿڪ
ڪانه
نڪتي هئي.
خالي
خوليءَ ۾
”ٿو“ ڪئي هيم.
پر
آءُ ان
ڏوهه
لاءِ
پاڻ کي
ڪڏهن به
معاف
نه ڪري سگهيو
آهيان. اها
ٻي
ڳالهه
آهي
ته ماستر
غلام
محمد مرندو
مري
ويو، پر
مون
ڪڏهن
هن کي سلام
ڪين
ڪيو.
ڪيترا
دفعا
انهيءَ ڪري مار
به
کائڻي
پيم، پر
سلام
ڪرڻ
بجاءَ ڪوڙ
ڳالهائي کل بچائڻ
کي
بهتر
سمجهندو هوس.
(ڪوڙ
ڳالهائڻ
جي
سکيا اهڙي
طرح
اسڪول ۾ مونکي
جام
ملي هئي،
اها
عدالت اسڪول
ڇٽڻ
سان
گڏ ڇٽي وئي،
ڇو
ته
هميشه نظرياتي
ميدان ۾ الجهندو
رهيو
آهيان ۽ مالي
نقصانن جي
خاص
پرواهه
ڪانه
ٿيندي اٿم.)
اهو
ٻاليشاهي
ڇوڪرو
ان
ڏينهن پڄاڻا
ڪڏهن
اسڪول ڪين آيو.
آءُ
اهو به
ڪين
سمجهي سگهيس
ته
ڇو
ماستر غلام
محمد
وري هن
کي
گهرائڻ جي
تڪليف گوارا
نه
ڪئي.
گهڻن سالن
بعد
مون ان
ڇوڪري
کي
ميونسپالٽيءَ جي
حوضين مان
گندو
پاڻي
ڪڍندي
ڏٺو. ان
ڏينهن
وري
مون ماستر
غلام
محمد کي غائباڻا
پاراتا ڏنا ۽ وري
جڏهن
جڏهن اهو
ماڻهو منهن
پيو
اٿم يا
ان
جو خيال
آيو
اٿم ته،
مون
ماستر غلام
محمد
کي
پاراتا ضرور
ڏنا
آهن
۽
پاڻ کي به
ڪانئرتا
لاءِ
ننديو اٿم.
مار
جو اهڙو
هڪ
واقعو
ٽيئن درجي
ڪي
چوٿين درجي
سنڌيءَ ۾ مونکي
به
پيش آيو.
هڪ
ڏينهن
مون کي شعرن
جو
هڪ
ڪتابڙو هٿ
اچي
ويو. سڄي
شام
مون ان
کي
پڙهڻ
۽
ان جو
مطلب
سمجهڻ ۾ صرف
ڪري
ڇڏي.
تان
جو رات
ٿي
ويئي
۽
مون پٽي
ڪانه
لکي
.ٻئي
ڏينهن
ماستر پڇيو
ته
آءُ
ڏوهي بڻجي
چپ
ڪري
ويهي رهيس.
هن
يار کي ڪو مار
ڏيڻ
جو
ڀوت
سوار هو
سو
وٺي. ليٽائي
پٽ
تي. جهليءَ
جي
نوڙيءَ سان
پير
مٿي ڪري ٻڌي
ڇڏيائين. پوءِ
ته
رول کڻي بسم
الله
ڪيائين،
الائجي گهڻا
هنيائين. آءُ
به
ڪڇان
جهڙي ڀت ، خير
پاڻ
ٿڪجي
ڇڏي
ڏنائين.
جو ڊپ
ٿيس ته
متان
معاملو ميڊيڪل
سرٽيفڪيٽ جو
بڻجي. خير
مون
وٽان جواب
اهو
مليس ته
ٻئي
ڏينهن
جڏهن
پٽيءَ جو
پڇيائين ته
مون
ٺهه
ڦهه
جواب ڏنو
: ”ڪانه لکي
اٿم“.
”ڇو“
هن
وري سبب
پڇيو.
”منهنجي مرضي“
مون
خوشيءَ سان
چيو.
ويچارو ڏند
ڀڪوڙي چپ
ٿي
ويو،
ڇو
ته خبر
هئس
ته هيءَ
معاملو ماس
چم
ڪورڻ
سان بڻجڻ
وارو
نه هو
۽
هڏ
گڏ ڀڃڻ جي
ته
ڪنهن
به هن
کي
موڪل
ڪانه
ڏني
هئي.
انهن
جلاد استادن
جي
جهنگل ۾ چند
سٻاجهڙا پيارا
استاد به
هئا.
استاد سانولداس
هو،
استاد محمد
صالح
هو، استاد
حشمت
سنگهه هو
۽
هائو
گريس مارڪون
ڪمائڻ
تي
استاد غلام
اصغر
به انهيءَ
لسٽ
۾
شامل ٿي ويو
آهي.
انهن ٻن ڄڻن استادن
لاءِ
اها عقيدت
هئي
۽
آهي جو
دل
چوندي آهي
ته
انهن جا
پتلا
بڻارائي
ڪنهن مندر
۾
رکان
۽
پاڻ پوڄاري
ٿي
انهن
جي پوڄا
ڪريان.
پيار
جي موٽ
۾
پرستش نه
ڪئيسين
ته
پوءِ ڇا
ڪيوسين؟
حبيبن
هيڪار منجهان
مهر
سڏ
ڪيو،
سو
مون
سڀ
ڄمار، اورڻ
اهوئي
ٿيو.
ڀٽائي
پنجين
درجي
انگريزيءَ ۾ مرحوم
شاهواڻي غلام
محمد
جا هٿ
لڳا
هئا. هو
مون
کي
روايتي
(Sterio Type)
شاگرد
نه
بڻائي سگهيو
۽
آءُ
نور محمد
هاءِ
اسڪول جي
رنڌڻي ۾ رولو
نه
وجهي سگهيس،
نتيجو اهو
ٿيو
ته
مون کي تعليم
ڇڏي
ڏيڻي
پئي.
هو خوش
ته
هن هزارين
شاگرد پڙهائي
ڪڍيا،
مون
کي
شڪوو ته
هو
هڪڙو آزاد
خيال
شاگرد نه
سنڀالي سگهيو.
الائجي
ڪڏهن اسان
جا
استاد اهو
سمجهندا ته
عام
ٻار
روايتي هوندا
آهن
۽
رڳو آڱرين
تي
ڳڻڻ
جهڙا ٻار اهڙا
هوندا آهن
جيڪي
توجهه گهرندا
آهن
۽
پنهنجي ذهن
جي
تيزيءَ جي
ڪري
نين
نين تڪليفن
۾
مبتلا رهندا
آهن.
اهڙن
ٻارن کي سيکت
ڏئي
درست
ڪرڻ
ائين آهي.
جيئن
ڪنهن
پاڻيءَ واري
گهوڙيءَ جو
پاڻي
ماري ان
کي
ڊڊو
ڪري
رکڻ. |