سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :38

       

مرغوب بخاري

 

حفيظ_ شخصيت ۽ ڪردار

        فون جي گهٽي وڳي.

        پوهوُ هيو: چيائين Bukhari prepare your self for a Shock

        ڪا "Bad news" مون پڇيو

        ”ها“

        ”چئو“

        "Hafeez is dead"

        ڪائنات بيهجي ويئي. سڀ منظر گم ٿي ويا، منهنجي خاموشي ڊگهي ٿيندي ويئي "Bukhari are you alright" پوهوءَ جي آواز ۾ همدري هئي.

        ”ها“ توکي ڪيئن خبر پيئي "I Mean is it authentic" حيدرآباد کان فون هئي“ کڻائي آيا اٿس، اسين پهچي نٿا سگهون.“ پوهوءَ منهنجي اڻ پڇيل سوال جو پاڻمرادو جواب ڏنو.

        منهنجا ڪانڊرايل لڱ ٺرڻ لڳا، هٿن ۾ ڏڪڻي شروع ٿي ۽ ختم ٿي ويئي. مان حفيظ جو تصور ڪيو، جانٺو جسم، گنجي ۽ پينٽ ۾، کل ۾ ٻڏل. ڳچي ٿوري اڳتي وڌيل، اکيون ذري گهٽ بند، هلڪي ٽهڪڙن جو آواز، هٿ ۾ دُکيل سگريٽ منهنجي ذهن حفيظ کي مئل مڃڻ کان نابري واري، وري زور ڏنم، ڀلا قبر ۾ ڪيئن لڳندو هوندو. سڌو ليٽيل، اکيون ٻوٽيل آڱرين ۾ دکندڙ سگريٽ، اوسي پاسي خالي پاڪيٽ، برڪلي، ڪيونڊر، قينچي، گولڊ فليگ، ٿري ڪئسل، ڪي ٽو، اکيون کولي مون کي ڏٺائين، اُٿي ويٺو: ”مُنهن تي ٻليون ڇو مُٽي وينديون اٿيئي“. ”چڱو اڃا نٿو مران! ”ڀلا هل ته هلي ڪري “رائزنگ سن“ ۾ چانهه پيون.“

        "Your brain is playing thickish yar Bukhari" مون پاڻ کي هوش ۾ آندو. ”موت حفيظ جو ڪو پريڪٽيڪل جوڪ ڪونهي "It is some thing permanent" پر اهڙو ايڪٽو زندگيءَ سان ڀرپور ماڻهو مري ڪيئن ٿو سگهي“ دل اڃا به دوکي کائڻ لاءِ آتي هئي. جنهن جسم ۾ وڄ وراڪا ڏيندي هجي. جيڪو ذهن هميشه حرڪت ڪندو هجي. سوهڪ جاءِ تي ڪيئن بيهي ٿو سگهي. حفيظ ۽ هارٽ اٽئڪ؛ کوڙو ئي نٿو لڳي. اڙي حفيظ ته هارٽ ٽائپ ئي ڪونه هيو. ويهن ورهين جو ساٿ ائين چپ چاپ ختم ٿي ويو“ منهنجي وهندڙ ڳوڙهن، مون کان پڇيو: ”حفيظ ڊوهه ڪري وئين.“

        ايڪونجاهه جي اوائل ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو. نمبر 0 3  ميٺارام هاسٽل ۾ گڏجاڻيون شروع ٿيون. باقاعده ڀاڳ وٺندڙن مان هيا: سوڀو، پوهو،جويو، سرڪي، ڊاڪٽر انور شيخ مرحوم، غفور انصاري مرحوم، احسان بروهي، اياز قادري، مقبول سومرو، حڪيم سولنگي، نبو دائود پوٽو، حفيظ شيخ ۽ مرغوب بخاري. سنگت جي گڏجاڻين ۾ اسان ٻنهي جي دوستيءَ جو بنياد پيو، جا وقت سان وڌندي ۽ اُسرندي ويئي.

        حفيظ ۽ منهنجي دوستي ٻن مختلف سڀاءَ وارن جي دوستي هئي. هر مسئلي کي جدا جدا نقطه نظر سان ڏسندا هياسين، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ۾ جهيڙا ڪندي هڪ ٻئي تي پنهنجو Point of view زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هياسين ۽ انهيءَ وچ ۾ آهستي آهستي اڻ لکي نموني ۾ هڪ ٻئي کي ويجها ٿيندا وياسين.

        پنهنجي زندگيءَ جو گهٽ ڪو اهڙو رخ هوندو جيڪو حفيظ مون کان لڪايو هوندو، هو جو چوڻ هو ته ”ماڻهو منافق ڇو هجي، جيڪو جيترو فرينڪ هوندو اوترو ئي ايماندار هوندو. پنهنجو باطن لڪائڻ وارا منافق هوندا آهن. مان جيڪو سوچيان ٿو ۽ جو ڪجهه به آهيان پنهنجي سماج ۽ زماني جي پيداوار آهيان.“

        حفيظ جو شعور ارتقا، ڪيترن ئي دورن مان گذريو. هن جو والد هندوءَ مان مسلمان ٿيو، هن ٻنهي عقيدن جو پوئلڳن جا افعال ڏٺا هئا. چوندو هو ”بڇڙو ماڻهو هر جاءِ تي بڇڙو هوندو آهي، مذهب يا قوم هن تي ڪو به اثر نه ڪندي آهي.“ شروع ۾ حفيظ، نٽشي ۽ اقبال کان متاثر ٿيو، جن کيس سمجهايو ته انسان جدوجهد جي ذريعي ڪائنات جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جدوجهد حفيظ جي ڪردار ۾ هميشه خاص حصو رهي. هو ڪنهن به حالت ۾ طاقت آڏو آڻ مڃڻ وارو نه هيو. انهيءَ ڏس ۾ حفيظ گورڪيءَ جي ڪهاڻ Of two children who did not freeze to death جو مثال ڏيندو هو. انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ گورڪيءَ چيو آهي ته ”هر سال ناتال جي موقعي تي يورپ ۽ آمريڪا جا اديب ڪنهن نه ڪنهن لاوارث يتيم نينگر کي پوري سستي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اڄ مان اوهان کي ٻن ٻارن جي ڪهاڻي ٻڌايان جي يتيم ۽ لاوارث آهن پر برف ۾ ڄمي مرڻ بدران مقابلو ڪن ٿا ۽ زنده رهن ٿا.“ اهي ٻار حفيظ جا آدرشي ڪردار هيا. سندس اها سوچ زندگيءَ ۾ عملي طرح ظاهر ٿيندي هئي.

        زنده رهڻ لاءِ حفيظ طرح طرح جا ڪشالا ڪڍيا. ڪڏهن فوج ۾ شامل ٿيو ته ڪڏهن اخبارن ۾ ڪم ڪيائين، ڪڏهن پرنٽنگ پريس هلايائين ته ڪڏهن ايڊورٽائزنگ جو ڪم هلايائين. ايوب کهڙي جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. اي پي پي ۾ نيوز رپورٽر رهيو ۽ فيملي پلاننگ جو آفيسر به. انهيءَ وچ ۾ هن پروفيشنل ليکڪ ٿي زنده رهڻ جي ڪوشش به ڪئي.

        زندگيءَ جي مقابلي ۾ حفيظ هيڻن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد ته هيو، پر هيسجي رهندڙن کي سخت ناپسند ڪندو هيو. هن جو چوڻ هو ته ڪو ڪتو جيڪڏهن بگهڙ سان مقابلو ڪندي Under Dog ٿي ٿو پيو ته همدريءَ جي قابل آهي، پر بگهڙ کي ڏسي پُڇ ٽنگن ۾ ڪري ڪيڪائيندڙ ڪتو، نفرت جوڳو آهي“ سندس انهيءَ سمجهه ساميوادي سوچ سان گڏجي کيس سنڌ جي آزادي ۽ عظمت لاءِ جدوجهد تي اُڀاريو. انهيءَ سلسلي ۾ حفيظ ڪڏهن به Compromise نه ڪيو. شاگرد هيو ته سنڌيءَ کي ڪراچي يونيورسٽي ۾، ميڊيم آف ايڪسپريشن بڻائڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪيائين. سنڌيءَ کي پاڪستان جي سرڪاري زبان بنائڻ جي تحريڪ ۾ پيش پيش رهيو. لکڻ شروع ڪيائين ته ليکڪن کي معاوضي ڏيارڻ جي تحريڪ جو بنياد وڌائين. معاوضو ملڻ شروع ٿيو ته، اڙي هڻي بيهي رهيو ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ انفارميشن کاتي جي سنڌي رسالن ۾ لکندڙن کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکندڙن جيترو معاوضو ملڻ کپي، انهيءَ سلسلي ۾ هن انهن رسالن ۽ اخبارن جو ته بائيڪاٽ ڪيو، پر غير سرڪاري رسالن ۽ اخبارن کي پنهنجيون تخليقون معاوضي کانسواءِ به ڏيئي ڇڏيندو هو.

        حفيظ جنهن ڳالهه کي حق سمجهندو هو، اتان کيس سهٽائڻ تمام ڏکيو هوندو هو. سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو بحث هيٺ هو. هن جو خيال هو ته عربي اچارن واري حرفن کي سنڌيءَ مان گهٽائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي مقامي مزاج سان ٺهي نٿا اچن. مثال طور تي خانبهادر کهڙو ”خ“ کي ”ک“ اچاريندو آهي. ”خ“ عربي اچار آهي ۽ سنڌيءَ جي مزاج جي خلاف آهي. ”ک“ مقامي مزاج سان ٺهڪي ٿي. اسانجو چوڻ هو ته سنڌيءَ جي سونهن ئي اها آهي ته سنڌي ۾ هر قسم جو اُچار، اُچاري سگهجي ٿو. اچاريندڙ ته شينهن کي ڇينهن به اُچاريندا آهن. ”ش ۽ ”ڇ“ ٻئي مقامي مزاج وارا اُچار آهن. ڪنهن کي ديس نيڪالي ڏيندين. حفيظ ڪنهن به دليل مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پڇيومانس ”ڀلا خان بهادر صاحب جڏهن ”خ“ کي ”ک“ اچاريندو آهي ته ڪيئن لڳندو آهي مرڪندي جواب ڏنائين ته ”معصوم لڳندو آهي“ چيومانس ”خ“ نه هجي ها ته اهو معصوميت وارا حسن ڪيئن ظهور ۾ اچي ها. حسن نٿو وڻيئي؟“ کلي ڏنائين.

        حفيظ پنهنجيءَ تي اڙي ضرور بيهندو هيو پر هروڀرو ارڏو ۽ ٺڙڙو ڪونه هيو. هاسٽل ۾ پارٽي بازي ۽ جهيڙا رواجي ڳالهه هئي پر جهيڙي کانپوءِ راضي نامي لاءِ اڳتي هميشه حفيظ وڌندو هيو. جيڪڏهن جهيڙو ذاتي نوعيت جو هوندو هيس ته، سولي ڳالهه هوندي هئي، هو ٻيءَ ڌر وٽ ڪهي ويندو هيو. کيس ڳراٽڙي پائي نوڙت سان چوندو هو ”ادا هاڻي ڇڏ ني! هل ته هلي ڪري چانهه پيئون.“ اهڙيءَ حالت ۾ گهٽ ڪو نٺر ماڻهو هوندو جوميڻ وانگر رجي نه پوي.

        جهيڙي جهٽي ۾ حفيظ همت ڀريو ۽ سنگت جو ساٿ ڏيڻ وارن مان هيو. PWD جو اوورسيئرن کي ڊپلوما ڪورس لاءِ ڪراچي اچڻو پيو. همراهه هيمشه ٻهراڙيءَ واري ويس ۾ هلندا هيا. هڪ دفعو انهن مان هڪ سان پاڪستان چوڪ جي غنڊن کونس ڪئي. همراهه اڪيلو هيو مار کائي هاسٽل موٽيو. فيصلو ٿيو ته پلئه ڪبو. رات جو يار لٺين ۽ هاڪين سان هاسٽل مان نڪتا ۽ وڃي ڪڙڪيا غنڊن تي. غنڊن ۾ پڄڙ پئجي ويئي. پاڪستان چوڪ مان پڄندي وڃي آرٽلري ميدان جي جهڳين مان نڪتا. هاسٽل وارن يارن مان هڪ همراهه لين کان بچاءَ لاءِ پڳ ٻڌي نڪتو هيو. همراهه هيو ڪراچي ۾ نئون سو جهڳين ۾ اچي منجهيو. جهڳي واري کي چيو” ڀائي پگڙي ديدو“ ”نهين ديتا“ هن وراڻي. ان تي حفيظ هاڪي جو هلڪو ڌڪ هنيس. ”ديتا هي ڪه نهي“ ”نهين“ همراهه صفا اڙيل هيو. حفيظ ڪجهه زوردار ڌڪ هنيس پر ڳالهه اڃا اتي ئي هئي، ان تي حفيظ باقاعدي هاڪي وهائي ڪڍيس، جهڳيءَ واري رڙ ڪري پٽڪو اڇلائي ڏنو. موٽ تي ڇڙٻيومانس، ”هڪدم ڌڪ نه پيو هڻيس انتظار پيو ڪرين ته باقي جهڳيءَ وارا به اچي ڪٺا ٿين ۽ سڀ موچڙا کائون“ وراڻيائين ”دل نه پئي مڃي.“ هڪ ته همراهه هيو ڪراڙو ۽ ٻيو جهيڙي سان سندس ڪو تعلق ڪونه هيو ۽ نڪو وري کيس اها خبر هئي ته سنڌيءَ جو پڳ سان ڪهڙو جذباتي لاڳاپو هوندو آهي. انساني همدردي جيڪا جهيڙي ۾ به ياد رهي، حفيظ جي ڪردار جو خاص حصو هئي. انهيءَ سان گڏ سادگي، حسن ۽ فطرت سان محبت سندس ڪردار جا ٻيا رخ هيا.

        هاسٽل ۾ اسان هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هياسين. جڏهن ڪمري  ۾ رهندا هياسين ۽ جڏهن به حفيظ کي ننڊ نه ايندي هئي ته مونکي اٿاريندو هيو ”بخاري هل ته هلون“ ”ڪٿي هلون.“ ”ڪٿي به ٻاهر ته نڪرون“ اهي ڏينهن هيا جڏهن ڪراچي اڃا ڪراچي هئي. اڃا چوماسو، چوماسو ٿي وسندو هيو. سڙڪن تي سڙندڙ هائڊرو ڪاربان، رات جي پوئين پهر ۾ هلندڙ هير کي اڃا تڙي نه ڪڍيو هيو. رات اڃا ماڪ جا موتي وسائيندي هئي، ائين ئي هڪ رات اسان نڪتاسين. بندر روڊ تان ٽرمون ٿڪجي ساهه پٽڻ لاءِ ڊپوءِ ۾ وڃي چڪيون هيون. سڙڪن تي سانت جو راڄ هيو. ميونسپالٽيءَ جو منارو جنگي جوڌي جيان خول پهري سيني تي ڍال مٿان ٻانهون ٻڌي ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو. پاڪستان چوڪ جي بيٺل سائيڪل رڪشا وارا ۽ تُوديءَ جا مزدور ستا پيا هيا. ڪلفٽن تي سمنڊ گجگوڙ ڪيون ڌرتيءَ تي حمله آور پئي ٿيو ۽ ڌرتيءَ جي بردباريءَ کان شڪست کائي موٽي ٿي پئي ويو. فريئر هال چانڊوڪيءَ ۾ خواب جهڙو منظر پي لڳو. اسان ٻنهي تمام جهڪي آواز ۾ پئي ڳالهايو ته ڪائنات جي حسن جو نازڪ شيشو ڇيهون ڇيهون نه ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو وڻ آهسته سر لوڏائي اسان سان ها ۾ ها ملائي رهيو هو.

        ”حفيظ جي Settle ٿيئن ته ڪٿي ٿيندين.“ جواب ڏنائين: ”پاڻ کي بنگلن جي ضرورت ڪانهي. پنهنجو زمين ٽڪر هجي. پاسن مان واهه وهندا هجن. کجين جا جهڳٽا هجن. ٻڪريون چرنديون هجن. ڪچي جاءِ هجي، پر فرش پڪو هجي، بجلي ضرور هجي، آتشدان هجي، چانهه جي ڪيٽلي ٽهڪندي هجي، ڪتاب هجن ۽ مان هجان“ ”ڀلا صنف نازڪ جو ڪو عمل دخل؟“ ”بيشڪ پر گهڻ ڳالهائو ۽ بور ڪندڙ نه هي. چانهه ٺاهڻ ۽ سٺي چانهه ٺاهڻ سندس خاص ڪواليفيڪيشن هوندي“ چيومانس ”اهڙي بور جاءِ ۾ تو وٽ ڪير رهندي“ وراڻيائين ”ادا زوريءَ ته ڪونه ڪبي“ ”جيڪڏهن Arrange Marriage به هوندي ته به اڳ ۾ پُڇي وٺندو مانس ته ٻيلي اسان جا هي حال ۽ احوال اٿيئي. جي قبول پويئي ته ڳالهه وڌايان. نه وڻيئي ته ٻڌائي ڇڏ، توتي ميار نه اچڻ ڏبي“ اها اخلاقي جرائت ورلي لڀندي آهي.

        شاديءَ کان اڳ ۾ ٻن ٻين هنڌن تي به حفيظ جي ڳالهه چُري هئي. ٻئي سڱ لاهور جا هيا، جڏهن پاڻ لاهور ۾ هيو. پهرينءَ ۾ کيس خبر پئي ته وچ وارن حفيظ کي تمام پاڪ پرهيزگار ڪري پيش ڪيو آهي. حفيظ پاڻ ڇوڪريءَ وارن وٽ پهتو ۽ چيائين ته: ”چانهه سگريٽ کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن بيئر جو شوق به ڪندو آهيان. جي قبول هجي ته ٺيڪ جي نه ته بعد ۾ ميار نه ڏجو.“ ڳالهه اتي ئي ختم ٿي ويئي. ٻي جاءِ تي کيس ڀُڻڪ پئي ته، مائٽ ڇوڪريءَ کي زوري راضي ٿا پيا ڪن. حفيظ، ڇوڪري جي ڪاليج وڃي پهتو. چيائينس ته: ”سچي ڪر“. ڇوڪريءَ روئي ڏنو ته: ”تون منهنجي نالي ۽ ڪردار جي باري ۾ اسيڪنڊل ڦهلائيندين. چيائينس تون پرواهه نه ڪر، پاڻ ٻئي ٽاپ جا ماڻهو آهيان.“ ڇوڪريءَ چيو ته: ”منهنجا ڪنهن ٻئي سان قول قرار ٿيل آهن.“ حفيظ چيس: ”مائي تون ڇٽل آهين، دلجاءِ رک مان Vilianڪونه ٿيندس. ٻئي ڏينهن وڃي Would be سالي کي وسڪيءَ جي دعوت ڏنائين ۽ چيائين ته: ”مان ماڊرن ماڻهو آهيان ڇوڪريءَ کي ڪجهه ساقي گيريءَ جي ٽريننگ به ڏجو، ڏاج ۾ فرج ضرور هئڻ کپي ته جيئن بيئر جون بوتلون ٿڌيون رهن.“ ڇوڪريءَ وارن الله جو شڪر شاهد ادا ڪيو ته وقت تي خبر پئجي ويئي، سڱ ڇڏائي ورتائون.

        حفيظ عورت جي ماءُ ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال کانسواءِ عورت جي حيثيت ۾ به عزت ڪندو هيو. هو عورت جي برابريءَ واري درجي جو قائل هو. حفيظ شير شاهه سوريءَ جي انصاف تي هڪ ڊرامو لکيو هيو. شير شاهه جي ولي عهد هاٿيءَ تي ويندي رستي پاسي ۾ ڪنهن بقال جي زال کي ننڍي ڀت هئڻ ڪري وهنجندي ڏسي ورتو ۽ ان تي سوپاريءَ جو داڻو اڇلايو. بقال فرياد کڻي شيرشاهه وٽ پهتو ته منهنجي زال لڄ وچان آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بادشاهه فيصلو ڏنو ته شهزادي جي زال هيٺائين ڀت واري جاءِ ۾ وهنجندي ۽ بقال هاٿيءَ تي لنگهندي کيس سوپاريءَ جو داڻو هڻندو. ان تي شهزادي جي زال شيرشاهه سان درٻار ۾ سوال ڪري ٿي ته: ”کيس شهزاديءَ جوانگ اگهاڙو ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي. عورت ڪا Comodity يا ڍور ڪونهي. بادشاهه لاجواب ٿيڻ باوجود پنهنجي حڪم نه بدلايو ۽ شهزاديءَ انهيءَ تي آپگهات ڪري ٿي. اهو ڊرامو حفيظ انهيءَ ڪري نه ڇپرايو جو، تاريخ مان انهي واقعي لاءِ پوري ثابتي نه ٿي ملي.

        لکڻ ۾ حفيظ هيمشه اوريجنل رهڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ذهن سدائين زرخيز هوندو هو. ذهن جي اها زرخيزيءَ زندگي جي ٻين حصن ۾ به ڏيکاريائين هو پنهنجي نالي ۾ ڦير ڦار پيو ڪندوهو. خطن تي صحيح پهريائين سنڌيءَ ۾ حفيظ احمد ڪندو هيو ۽ انگريزي ۾ H.A. Shaikh پوءِ A. S. Hafeez لکڻ شروع ڪيائين. سندس چوڻ هو ته حفيظ احمد جي معنيٰ نالو آهي. ”حفيظ سڏي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري احمد شاهد حفيظ نالو رکيو اٿم، مطلب آهي ته اُهو احمد جيڪو حفيظ جي شاهدي ڏئي. سنڌي ۾ به صحيح ڪرڻ وقت کاٻي پاسي کان شروع ڪندو هيو. احمد جي ”د“ کان شروع ڪري حفيظ جي ”ح“ تي ختم ڪندو هيو. لکڻ وقت ائين لڳندو هو ڄڻ انگريزيءَ ۾ ٿو لکي پر پڙهڻ ۾ صاف سنڌيءَ ۾ حفيظ احمد پڙهبو هيو. حفيظ اردوءَ ۾ به لکيو. انجام اخبار ۾ ڪالم نويس محموده سلطانه سان خطن رستي سنڌ ۽ سنڌيءَ تي بحث ڪندو هيو. انهيءَ خط و ڪتابت جو نالو رکيو هئائين ”شعاع لطيف“. اردوءَ جون ٻيون لکڻيون شيخ حفيظ جي نالي سان ئي لکندو هيو. هڪ ٻه دفعا ترقي پسندن  جي جلسي ۾ به اردو تخليق پڙهي هئائين. جا ساراهي ويئي هئي، اها  1954ع جي شروع واري ڳالهه آهي.

        دنيا جي هر قوم ۽ هر ٻولي ۾ هڪ کان هڪ ليکڪ پيو آهي، جن پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ کي جدوجهد ۽ تخليقن رستي ڳاٽ اوچو ڪرڻ جوڳو ڪيو آهي ۽ جيڪي پنهنجي ڪردار ۽ فن جي ڪري Legend ٿي پوندا آهن. حفيظ به سنڌ ۽ سنڌيءَ جو هڪ اهڙو امر ليجنڊ آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌيءَ سان گڏوگڏ زنده رهندو ۽ جنهن تي اسان هميشه ناز ڪندا رهنداسين.

 

 

 

تاج بلوچ

 

بالڪنيءَ ۾ ٽنگيل انگيءَ جو درد

 

        ”سائين. اوهانجو هڪ دوست آيو هو، هيءُ لفافو ڏيئي ويو آهي.“ منهنجي آفيس جو نائڪ، منهنجي ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ئي، ٽيبل تي پيل لفافي ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

        بيدليءَ سان لفافي کي کڻان ٿو. ”هوندو ڪنهن رسالي يا سلسلي جي ايڊيٽر دوست جو خط، مواد لاءِ!!

        احسان سان سرشار سوچ_ خاڪي لفافي جي پويان پاسي کان هڪ ڄاتل سڃاتل نالو پڙهي دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي.

        چوڏهين آگسٽ تي، نوشهري فيروز جي جذباتي ڊپٽي ڪمشنر عرفان صاحب شخصي طور تي ۽ گهڻن ڪامورن کي روايتي خطن ذريعي، جشنِ آزادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪانڍيو هو.

        ڪي سهڻا ڪامورا، ڪي بي ڊولا، ننڍا مٿا، ٿلها پيٽ ۽ گهڻن جون ڳچيون ته ڪلهن تي اهڙي طرح رکيل هيون، ڄڻ خالق وٽ مٽي ئي کٽي ويئي هجي!! گهڻائي گنجن جي هئي. سڀني کي سلهاڙي وڏي اسٽيج تي ويهاريو ويو هيو. مونکي ائين لڳو، ڄڻ آفيسرن جو جمع بازار لڳايو ويو هجي نوشهري فيروز ۾___ مان ۽ ڊي. ايڇ او احمد بخش ڀٽو “نبئان دي جوڙي“ وانگر گڏ هلي رهيا هئا سين ته ايتري ۾ هڪ نوجوان آفيسر. آفيسرن جو پوئين قطار مان نڪري اچي منهنجي آڏو بيهي رهيو.

        ”سائين اوهين هتي؟“ هو سوال ڪي ٿو.

        ”ها ڀاءُ، نوشهري وارن جي کُٽي آهي جو مونکي هيڏانهن اماڻيو ويو آهي.“ اهو ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي هو.

        ورهين کانپوءِ سنتوش سان ملاقات روح جي گهرائين ۾ وسڪيءَ جي نشي جيان لهي ويئي.

        لفافو کوليان ٿو. نوشهري فيروز ۾ تباهه ڪندڙ گرمين ۾ لهسايل روح ٺري پوي ٿو، ائين جيئن ٿر تي مينهن وسندو آهي.

        منهنجي روح جي گهرائين ۾ وسندڙ محبوب ۽ ٻهڳڻ يار نصير مرزا جو خط آهي. خط پڙهي، مون ائين ئي چمي اکين تي رکيو، جيئن نصير پاڻ دوستن جا خط چمندو آهي. مون ڪيئي سٺيون ڳالهيون نصير کان سکيون آهن.

        نصير، ”اڇو پکي واءُ ۾“ جي سري هيٺ سنڌي افساني جي ٻئي ۽ طاقتور دور جي اول درجي جي ڪهاڻيڪار، حفيظ شيخ بابت هڪ ڪتاب ترتيب ڏيئي رهيو آهي ۽ لکيو اٿائين ته حفيظ بابت ڪجهه لکي ڏي:

        ......   ........ ......... .........

        ٽاڪ منجهند آهي___ اين جي وي هاءِ اسڪول بلڊنگ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس آهي. رباني هڪ پرزو اڳتي وڌائي مونکي چوي ٿو:

        ”سڀاڻي جمعو آهي. شام ڌاري بورڊ جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري هفتيوار گڏجاڻي رکي اٿئون___ هيءَ خبر ”نواءِ سنڌ“ ۾ ڏيئي اچ. ”مهراڻ“ وارا ته اسانجي خبر شايد ئي ڇاپين.“

        سرج جي ڪاري ۽ نئين پتلون، جپاني ڪاٽن جي اڇي رنگ جي ڪڙڪ قميص ۽ ناسي رنگ جي پٺاڻڪي سئنڊل ۾ آئون ٽيڏيءَ اک سان پاڇن ۾ پاڻ کي گهوريندي ۽ وارن  کي آڱرين سان جائيتو ڪندي اچي ”نواءِ سنڌ“، ۾ سهڙان ٿو.

        پاڪستان چوڪ جي اترئين پاسي ”نواءِ سنڌ“ جي آفيس هئي. ڪلين شيو مولوي عبدالغفور سيتائي انجو مالڪ ۽ مدير هو. مولوي خاموش طبع انسان هو!! ايوب کهڙي صاحب جي خاص مصاحبن مان هڪ هو. نواءِ سنڌ هلندي ئي کهڙي صاحب جي خرچ تي هئي. آفيس هڪ چڱي موچاري ورانڊي ۾ ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي. ڪنڊ واري ڪمري ۾ مولوي صاحب ويهندو هو ۽ انجي آڏو وارو ڪمرو لنگهه طور استعمال ٿيندو هو. جڏهن ته مولوي صاحب جي آفيس پويان هڪ وڏو هال هو جنهن جي گيٽ ٻئي پاسي کان هئي جتي ڪمپوزنگ سيڪشن هو. سيتائي مرحوم جي ڪمري مان هڪ ننڍڙي ڳڙکي هئي، جتان ڪمپازيٽرن سان رابطو قائم هو. ورانڊي ۾ سب ايڊيٽر ويهندا هئا.

        وڏو نظم محسوس ٿيندو هو نواءِ سنڌ جي آفيس ۾ وڃڻ سان.

        پتلون جي کاٻي کيسي ۾ هٿ وجهي مون پنو ڪڍڻ چاهيو ته اڏڙوٽ ڄمار جي پان سان ڳاڙهي وات واري شخص چيو: ”ٿورڙي دير ترسو اجهو شيخ صاحب آيو، اهو پريس رليز کين ڏجو.“

        ”ڪهڙو شيخ صاحب؟“ من اکين ئي اکين ۾ پڇيو.

        ”حفيظ شيخ صاحب، اسسٽنٽ ايڊيٽر.“ ڳاڙهي وات واري، ورانڊي جي کاٻي پاسي تي رکيل هڪ پراڻي ۽ ڳٺل ميز ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

        حفيظ شيخ جون ڪهاڻيون، ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ ۽ ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ ان دور ۾ ڏاڍيون مقبول ڪهاڻيون هيون، پر مون ڪهاڻيڪار کي اڃا ڏٺو ڪونه هو. حفيظ کي ڏسڻ لاءِ دل ڏاڍو چوندي هئي، پر ان ڏينهن به حفيظ سان ملاقات نه ٿي سگهي هئي.

        گهڻن ڏينهن کانپوءِ وري به ساڳئي ڪم سان روزاني نواءِ سنڌ جي آفيس ۾ وڃڻ ٿيو. شام جا پنج ٿي رهيا هئا ۽ حفيظ شيخ اڃا تائين آفيس ۾ ڪونه آيو هو.

        ادبي بورڊ جي آفيس کان اڳ، سنگت جون گڏجاڻيون سائين اياز قادري صاحب جي ڌني رام بلڊنگ واري فليٽ تي ٿينديون هيون، بعد ۾ گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ۾ رباني جي ڪمري تي ۽ رباني نه هوندو هو ته حفيظ جي ڪمري تي ٿينديون هيون.

        حفيظ سان پهرين ملاقات، ادبي سنگت جي ئي هڪ گڏجاڻيءَ ۾، سندس ئي ڪمري تي ٿي هئي.. سراج، رشيد آخوند، رباني، ساجد سرشاري، حسين عادل کتري (جيڪو ضياءَ الحق جي دور ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ تازو وفات ڪري ويو آهي) مراد علي مرزا، ع. ق. شيخ، سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو، دادا موتيرام رامواڻي، عبدالواحد سنڌي، پوهو مل، نعيم دريشاڻي، مرغوب بخاري، خواجه سليم، رشيد ڀٽي، رزاق راز، شيخ اياز، تنوير، شمشير، ممتاز مرزا، سائين اياز قادري ۽ ٻين گهڻن دوستن ۽ بزرگن سان اتي ئي ملاقات ٿي هئي. دراصل سنگت ۾ مونکي استاد محترم اياز قادري ئي وٺي آيو هو.

        ادبي سنگت جا تنقيدي ڪلاس ڏاڍا فڪري ۽ ڀرپور هوندا هئا. بظاهر ته ڪنهن تخليق تي گفتگو ٿيندي هئي. ٻچاپڙائي پر ان بحث ۾ حيات ۽ ڪائنات جي سمورين رمزن جو تجزيو ٿيندو هو___ حفيظ شيخ جو وجود اهڙن ڪلاسن ۾ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هوندو هو، مرڪندڙ چهري سان چپ چٻاڙي واڻڪي لهجي ۾ اهڙا نڪتا اٿاريندو هو جو طوفان کڙو ٿي ويندو هو ۽ ڀنڀور کي باهه وڪوڙي ڇڏيندي هئي. حفيظ اسان کان گهڻو سينيئر هو، پر ڪاليج ۾ ادب پاڙهيندڙ استاد ساڳيا ئي هئا. سائين اياز قادري ۽ مرحوم استاد محترم احسان بدوي. هڪ ڀيري ڪلاس ۾ ڀٽائيءَ جي ڪنهن بيت جي معنيٰ تي مون ننڍي وات سان، مرحوم استاد بدوي صاحب سان احترام جي دائري اندر اختلاف ورايو هو پر استاد مرحوم اختلاف بداخلاقي سمجهي مونکي ڪلاس مان ڪڍڻ چاهيو هو، پر پيرڊ پوري ٿي وڃڻ ڪري، سندن حسرت پوري نه ٿي سگهي هئي، پر منهنجو ساڻن اختلاف ۽ سندن ڪاوڙ هڪ سال تائين جيئن جو تيئن موجود رهي ۽ استاد محترم جي حادثاتي انتقال کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ، آئون جڏهن ڪاليج جي هڪ فنڪشن ۾، نظم پڙهي ڊائس تان هيٺ لٿو هوس ته پاڻ اڳتي وڌي اچي ڏاڍي پيار سان گڏ داد پڻ ڏنو هئائون ۽ ڪاوڙيون دور ڪيون هئائون___ انهيءَ سڄي عرصي ۾، حفيظ کي منهنجي سرڪشي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ اسانجي دوستيءَ ۾ اهو قدر، قدر مشترڪه به هو. اسان واري لڏي کي بدوين لاءِ انهيءَ ڪري به سافٽ ڪارنر نه هو جو انهن ڏينهن ۾ ٻنهي پيءُ پٽ جون خوفناڪ ادبي چوريون پڪڙجي پيون هيون.

        حفيظ کي نه ته ٻچاپڙائي ايندي هئي ۽ نه ئي منافقت: جديد عهد جي ادب سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل ادب جو به کيس وڏو ادراڪ هو. نه فئشن طور ۽ نه ئي ٻين کي مرعوب ڪرڻ خاطر ڪي اجايا سجايا حوالا ڏيندوهو. جيڪو به حوالو ڏيندو هو اهو زندگيءَ جي ويجهو هوندو هو. البته سندس خواهشون عجيب هونديون هيون.

        چوندو هو:

        ............. سنڌءَ جي هڪ ڪپ کان هلي، ٻئي ڪپ تان موٽي، ناول/ ٽريولاگ لکندس ....... يا مان مئڪسم گورڪيءَ جيان ٿيندس!!

        مارئيءَ جي ايڊيٽر جيجي زينت عبدا الله چنا ڏانهن سندس لکيل خط ان دور ته ڇڏيو، هن دور ۾ به ادب جا شاهڪار ليکجي سگهجن ٿا ..... جيڪڏهن اهي هٿ اچن ته·......!!!     

حفيظ پنهنجي جيون ۾ هڪ رخيو شخص هو، هڪ چهري تي، اڄوڪي دور جيان ٻيو چهرو نه لڳائي سگهيو هو.

 

        هڪ شام ڌاري، مان ساڻس ”نواءِ سنڌ“ جي آفيس ۾ موجود هوس___ گذريل رات ڪنهن هنڌ تي دوستن سان ڪنهن بحث ۾ کٽو، مٺو ٿي پيو هوندو_ تاريخي مڪالمو آهي ۽ شايد مون گهڻو اڳ، ڪنهن خاص تناظر ۾ ڪٿي رقم به ڪيو آهي پر اڄ جڏهن حفيظ جي حوالي سان تاريخ جڙهي رهي آهي ته ان واقعي کي غير افسانوي انداز ۾ دهرائڻ گهرجي.

        ٻه فرد، نواءِ سنڌ جي آفيس ۾ گهڙي ٿا اچن. حفيظ غير جذباتي انداز ۾ کين ويهڻ لاءِ ڪرسيون آڇي ٿو. ٻئي ڄاتل سڃاتل. هڪ موٽو تازو، وڏو مٿو، ننڍي پيشاني، رنگ جو سانورو، گرميءَ ۾ به ٿري پيس پهريل___ ٻيو شخص، نيم گنجو، عمر جواني ۽ پيريءَ جو سنگم. منهن گلاب جي گل جيان ڳاڙهو، مرڪندڙ چهرو، مرڪ اهڙي جنهنجي معنيٰ هر ڪو معروضي حالتن موجب پاڻ ئي ڪڍي. پتلون ۽ قميص پهريل. جيڪا سندس نازڪڙي بدن تي ٺهڪي رهي هئي.

        ٿريپيس وارو جوانڙو سگريٽ مان ڪش ڪڍي حفيظ کي چوي ٿو:

        ”ٻارنهن مهينا ڪتي جي پڇ کي نڙ ۾ وجهي ٻاهر ڪڍجي ته ساڳيو ڏنگي جي ڏنگو!!

        ان جملي تي ساڻس گڏ آيل دوست وڻندڙ ۽ شائسته ٽهڪ ڏي ٿو.

        حفيظ هٿ هيٺ ڪم  منجهان ٿورو ڪنڌ مٿي ڪري سرگوشيءَ ۾ وراڻي ٿو:

        ”پيارا، اها ڪتي جي پڇ جي اصليت آهي، جيڪا هو ترڪ ڪرڻ نٿو چاهي اياز!! شيخ اياز ۽ جويو صاحب، اهو ٻڌي ٻاهر نڪري وڃن ٿا.

        سرڪش ماڻهو هونئن به ترت منظر تبديل ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آهن.

        هي1959ع جي ڳالهه آهي_ هن مونکي1955ع ڌاري شاگرد نالي ادبي مخزن جا ايڊٽ ڪيل ٻه پرچا به ڏنا هئا، جيڪي مون وٽ اڃا هٿيڪا آهن. پهريون پرچو جڳ مشهور ڪهاڻيڪار حسن منٽو جي وفات تي، منٽو نمبر ڪري ڪڍيو هائين ۽ ٻيو پرچو، روشن نمبر هو.

        روشن اسحاق خواجه، شڪارپور جي هڪ روشن خيال خاتون هئي، جيڪا ان دور ۾ نئين سماج اڏڻ ۾، خرد افروزيءَ جو حوالو بڻجي چڪي هئي. شيخ اياز روشن سان پيار ڪندو هو، ۽ پٺتي پيل سماج ۾، پرڻيل فرد هئڻ جي ڪري يا تنگدستيءَ جي ڪري روشن سان شادي نه ڪري سگهيو هو، پر روشن جي ڌڪارڻ جي باوجود به هنجي پويان پويان پيراکڻڻ جي ڪندو هو. ۽ هو کانئس سخت نفرت ڪندي هئي. منهنجي خيال ۾ روشن جي ڌڪار ئي اياز کي وڏو شاعر بڻايو. حفيظ روشن جي بيماريءَ دوران وارن واقعن کي ڏاڍي اثر انگيز انداز ۾ بيان ڪيو آهي. روشن نمبر ۾ شيخ اياز جو نوحو پڻ شامل آهي: ”ڪٿي آهين، اڙي او روشني منهنجي؟“ روشن به حفيظ جيان روشن خيال ۽ سرڪش هئي. هن ڪراچيءَ ۾ K.M.C جي هو ملازم ۽ مڪاني جاتيءَ جي هڪ ترقي پسند فرد اسحاق سان شادي ڪئي هئي.

        حفيظ فطري طور تي هڪ مهم جو قلمڪار هو ۽ ڪچهرين ۾ هنجي گفتگو به هڪ Adventurist جي گفتگو هوندي هئي.

ميٺا رام هاسٽل جي آڏو فلئٽن جي بالڪئين بابت هن مونکي ڪيئي قصا ٻڌايا هئا، جن ۾ سندس ذڪر خير ڪي هوندو هو.

1959ع کانپوءِ مون حفيظ کي نه ڏٺو آهي. چون ٿا ته گذاري ويو آهي. مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو ته: "Adventurists never die by natural death"

        (مهم جو ماڻهو طبعي موت ناهن مرندا.)

        مونکي خبر ناهي ته حفيظ طبي يا غير طبعي موت مئو آهي يا مُئو ئي ناهي. جي مري وڃي ها ته، ميٺارام هاسٽل جي آڏو واري خاص فليٽ جي بالڪنيءَ ۾ جيڪا انگي اڄ به لڙڪيل آهي، ان ۾ ايڏو موهه  ۽ايڏو درد نه هجي ها.

        ان پاسي کان جڏهن به گذر ٿيندو آهي ته، عاشقيءَ جي پيمانن ۾ وقت آهر تبديلي جي هوندي به، هڪ نئون احساس روح کي گرمائي ڇڏيندو آهي. ائين لڳندو آهي ته بالڪنين جي لوهي ڄارين تي حفيظ جي هوائي چمين جا نشان اڃا تائين موجود آهن _حق موجود.


·  انهن مان ڪجهه خط هن ڪتاب ۾ شامل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com