گهر
جي
ٻاهرن،
جماعت خاني
جي مردا
ڍوئيندڙ
بس اچي
بيٺي هئي.
ڊرائيور
اوسيئڙو ڪري ڪري تنگ
ٿي
پيو
هو،
۽
ٻه
چار
دفعا
موٽر
جو
هارن وڄائي
ڪڍيو
هئائين
..
۽ هارن
جي پون
پون
جي
آواز تي،
هن
جي ذهن
۾
پنهنجي ڳوٺ وارو
موٽر اسٽان تري
آيو
هو، جتي
ڊرائيور
گهڙيءَ گهڙيءَ.
هارن
وڄائي هوڪو
ڏيندا
آهن:
” اي
هل!
هڪڙو
”ڪوٽ“
جو..... آهي
ڪو....
هڪڙو
”ڪوٽ“
جو
..
پون ...
پون....
پيئون
پون
...
هڪڙو
”ڪوٽ“
جو
....
۽
هن
سوچيو
..
شايد،
جماعت خاني
جي مردا
ڍوئيندڙ
بس
جو ڊرائيور به،
جهٽ
پلڪ کان
پوءِ
اهڙو ئي
هوڪو
ڏيندو
۽
چوندو:
”اي هل!
هڪڙو
قبرستان
جو
...
تڪڙو
...
آهي
ڪو
...
هڪڙو
قبرستان
جو
....
پون
....
پون
...
پيئون پون...
هڪڙو
قبرستان
جو!“
هن
انهيءَ جماعت
خاني جي
تنظيم بابت
ويچار
شروع
ڪري
ڏنو
..
جماعت خانو،
جنهن وٽ
هڪ
بس آهي.
جيڪا
قبرستان
ڏانهن
مري ويل
ماڻهن جا
لاشا
پهچائيندي
آهي.
شايد انهيءَ
جماعت خاني
وٽ شادين
مُرادين جو
سامان
به
هوندو. شادي
ڪيو؛
ٻار پيدا
ڪيو؛
پوءِ
يا
پاڻ
مري وڃو،
يا
توهان
جا
ٻار
مري
وڃن. بس،
جماعت
خانو
هلندو رهي.
شادي ڪيو؛
جماعت
خاني کان
شاميانا
گهرايو، باسڻ
۽
ڪُرسيون
گهرايو؛
ٻار
ڄڻيو؛
۽
دعوتون ملهايو
۽
پوءِ
..
”پون
پون،
پيئون پون
..
اي هل!
هڪڙو
قبرستان
جو!“
زندگيءَ جو
سمورو مقصد
شايد انهي
”جماعت
خاني“ کي هلائڻ
ئي آهي،
هُن
سوچيو، ۽ هن
جي
ڪن
تي سامهون
واري گهر
۾
وڄندڙ رڪارڊن
جو آواز
اچي پيو.
شاديءَ جون
تياريون ٿي رهيون
هيون
..
نون
گلن
کنڊائڻ جو
آدم
ٿي
رهيو هو
۽
پوءِ........
هن
جي نظر
ڀٽڪي،
وري
وڃي
فرزانه
جي پيلي
ٿيل
چهري
تي پئي.
هن
سوچيو:
هيءَ
فرزانه آهي
..
انهيءَ
نالي جو
مقصد؟
..
۽ هُن
کي
ياد
اچي
ويو ته
فرزانه لفظ
جي
معنيٰ
”هوش وارو،
عقل وارو،
سياڻو“ آهي.
۽
هن
سوچيو ته
معصوم ننڍڙي
فرزانه جو
موت،
ديس جي
فرزانن جي
ذهن
لاءِ
هڪ
چرڪو هُجڻ
گهرجي. هُن
چاهيو ته
جيڪر
وڏي واڪي
پنهنجي ديس
جي
فرزانن کي سڏي
چوي:
”اڙي
مستو، خيال
ڪيو،
موت اوهان جي
ماحول ۾ بي
واڳو، بي
لغامو پيو
گهمي؛
۽
خزان
جون
تيز هوائون
گلن جي
تاڙ
۾ آهن.
اچو
ته هن
ماحول کي مٽي
رکون، نه
ته
هي چمن
گلن
کان خالي
ٿي
ويندو
..
ٿريلي
ٿوهر جا
ڪنڊا
اُسري
ايندا؛
انسان
فنا
ٿي ويندو؛
حيوان
جڳ
تي ڇائنجي ويندو!“
۽
پوءِ
هن کي خيال
آيو هن
کي
ائين
نه چوڻ
گهرجي. هن
کي
ائين
نه چوڻ
گهرجي، ڇو
ته
ائين چوڻ
سان
قبرستان ڏانهن مردا
ڍوئيندڙ
”جماعت
خاني“ جي
نظام
۾ خلل
پئجي
ويندو؛
انهيءَ
بس
جي
انجڻ
تي
ڪٽ
چڙهي ويندي؛
۽
پوءِ جماعت
خاني جا
باني
ٻيو
نه
ته هن
کي
ئي
گهوگهو
ڏيئي. قبرستان
کڻي
ويندا،
۽ اهڙي
طرح
پنهنجي هيراڪن
واري
هير
ئي پوري
ڪندا.
هن
سوچيو
..
ڪاش!
هي
جماعت خاني
وارا
کيس
تڏهين گهوگهو
ڏين،
جڏهين هو
فرزانن
کي
سجاڳ
ڪري چُڪو
هجي!
پر
هن جي
ذهن
۾
هڪ خيال
اُسري يقين
۾
بدلجي ويو،
۽
هُن
سمجهيو ته
جماعت خاني
وارا
ائين
ڪين
ٿيڻ
ڏيندا، ۽ فرزانا
سجاڳ
ٿين
ئي
ٿين، تنهن
کان
اڳ
کيس گهوگهو
ڏنو
ويندو
..
۽ هن
ائين
محسوس
ڪيو، ڄڻ سچ
پچ
جماعت خاني
جي بانين
جا
هٿ،
هن جي
گلي
جي چؤڌاري
پيل آهن،
۽
هوريان
هوريان
ڀيڪٽ سوڙهو
پيو
ٿيندو
وڃي. هن
جو
مٿو ڦرڻ لڳو،
۽
اکيون
ٻوٽجي
ويون..... شايد
ننڊ اچي
وئي هيس!
ٻه
ڳوڙها
آفيس
مان
نڪري
ٿڙندو
ٿاٻڙندو، هڪ
هوٽل
اڳيان
بيهي
رهيو.
ڪجهه دل
من
پڇيائين ۽ پوءِ
اندر
گهڙي ويو
..
ڪنڊ
۾
پيل هڪ
ميز
کيس
دل
وٽان
جڙي،
پاسو ڏئي وڃي
اتي ويٺو.
هو
هڪ افسانا
نويس
هو
۽
هڪ آفيس
۾
ڪلارڪي
ڪندو
هو. افسانا
لکڻ
۽
آفيس
۾
گهاڻي جي
ڏاند
جيان
ڳهڻ ۽ هوٽلن
۾
ماني کائڻ هن
جي
ڪل
زندگي هئي.
هوٽل
ڪو
عاليشان
ڪين هو،
وچولي درجي
جو
هوٽل
..
اهڙو
جنهن
۾
هڪ ويلي
مانيءَ جو
بل
ڏهه
ٻارنهن
آنا
اچي
۽
چانهن جو
ڪوپ
ملائي، الٿي
پٿي هڪ
روپيو
ٿيئي. هو
ميز
تي وڃي
ويٺو ته
ڊبل
روٽيءَ جيان
ڳٽن
ڀريل
هڪ ڇوڪري اچي
کانئس
آرڊر پڇيو.
”ڇا
تيار
آهي؟“
هو
ڀڻڪيو.
”ڀينڊي
گوشت، پٽاٽا
گوشت،
سائي ڀاڄي، دال،
روسٽ، مغز،
مرغي“ ڇوڪري کي ڄڻ چاٻي
اچي ويئي
۽
هو
طوفان
ميل
جي رفتار
سان
کاڌن جي
فهرست ٻڌائڻ لڳو.
افسانا
نويس، پنهنجي
لاءِ
تمام
معمولي
ٻوڙ
مانيءَ جو
آرڊر
ڏنو
۽
منهن ورائي
پنهنجي آس
پاس
واري
ماحول کي جاچڻ
شروع
ڪيو ..
سامهون
هوٽل جي
بورچيءَ هڪ
وڏي
هنڊيءَ مان
چمچو گهمائي،
ڀري
کڻي
پليٽ ۾ وڌو
..
ڇوڪري
هڪ هٿ
۾
ڇلڪندڙ
پاڻيءَ جا
گلاس
آڱرين ۾ لڙڪائيندي
۽
ٻئي
هٿ ۾ مانين
جي ٿالهي تي
ٻوڙ
جي
پليٽ کڻي اچي
سندس ميز
تي
پٿاريا.
افسانه نويس،
ويچارڻ لڳو،
”ڪهڙا
نه
گندا
آهن،
هي
هوٽل وارا!
هن ميز
تي
الائجي
ڪهڙا
ڪهڙا
ماڻهو
کاڌو
کائي
ويا
هوندا!
الائجي
ڪهڙن
ڪهڙن
مرضن جا
جيوڙا
ڇڏي
ويا
هوندا!
۽ هو
بورچي
.. .. .. ..“ هن
جي
خيالن جي
زنجير اڃا
اڌ
۾
ئي هئي
ته
هوٽل جو
ڳاڙهو
ڳٽول،
ڊبل
روٽيءَ وانگر
سڄيل ڇوڪرو سامهون
ٻئي
گهراهڪ وٽ
ڀينڊي
گوشت، پٽاٽا
گوشت،
سائي ڀاڄي، دال،
روسٽ، مغز،
براني، پلاءُ
.. .. ..
جي
ياد ..
ڪهات
ڪڍڻ
لڳو، پوءِ
هو
ڪنڌ
هيٺ ڪري مانيءَ
کائڻ
کي
لڳي ويو.
گهڙي
پل رکي،
هن
هيڏانهن هوڏانهن
نهاري ٿي ورتو
۽
وري
پنهنجي خوراڪ
چرڻ ۾ لڳي
ٿي
ويو.
ماڻي کائڻ کي هو
هميشه
”آهر چرڻ“
چوندو هو
ڇو
ته سندس
خيال
موجب
عام
ماڻهن
کي
نڪي ماني
ملي ٿي، ۽ نڪو
کائي
ئي ڄاڻن!
”هو
ته بس
چري
ڄاڻن
۽
چرٻي آهي
آمر،
ماني
..
ماني
ته
کائبي
آهي!“
هو پنهنجي
خاص
نوع
۾
چوندو هو.
ٿلهو
ڇوڪرو
ٻئي
گراهڪ کي ماني
ڏئي،
ٻين
ميزن کي صفا
ڪرڻ ۾ لڳي
ويو.
اتان
هٿ
واندو
ڪري، هن
پريان
ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل
ڪٻٽ
مان
هڪ
ڊبل
روٽي
ڪڍي. سلائيسن
ڪٽڻ
جي
مشين
وجهي، سلائيسون
ڪٽيون
۽
اچي هڪ
ميز
تي رکيائين
..
ڪائونٽر
تي وڃي
هن هڪ
چانهه جو
ڪوپ
ورتو
۽ميز تي
اچي
چانهه ۾ ڊبل روٽي
ٻوڙي
کائڻ
لڳو. افسانه
نويس
ڪڏهن
ڪڏهن اکيون
کڻي
هن ڏانهن ڏسي ٿي ورتو.
پر
وري پنهنجي
”آهر
چرڻ“
۾
مگن ٿي ٿي ويو.
هو
دل ۾ سوچي
رهيو
هو
..
هيءُ
ڇوڪرو
ڪير
هوندو؟ ڪٿان
آيو
هوندو؟ ڳاڙهو
ڳٽول لڳو
پيو
آهي!
هتي
هوٽل
۾
نوڪري ڇو
ڪئي اٿس؟
پڙهي ڇو
ڪين ٿو؟ هن
جيڏا
ٻيا
ڇوڪرا
ته
اسڪول
۾
علم
.. .. ..
يڪايڪ
هن جي
خيالن جي
زنيجر ٽٽي پئي
..
ڀرسان
ئي ميز
تي
ٻيو
هڪ ڇوڪرو
هڪ
نئين
آيل
گراهڪ لاءِ
”آهر“
رکي رهيو
هو
..
موٽندي ڇوڪري جو
هٿ
افسانه نويس
جي
سامهون رکيل
گلاس
کي لڳي
ويو
۽
پاڻي گلاس
مان
ڇلڪي سندس
مانيءَ تي
اچي
پيو. افسانه
نويس کي ڪاوڙ اچي
وئي
..
ڪرڙيون اکيون
کڻي
هن ڇوڪري ڏانهن نهاريو،
هن جون
نگاهون ڇوڪري جي
نظرن
سان
ٽڪريون، عجيب
بيڪسيءَ ۽ پڇتاءَ جون
هيون
اهي نظرون!
ڪاوڙ
ڀريان لفظ
هن
جي من
مان
اڦر
ڪي
چپن
تائين آيا
۽
اتي ئي
بند
ٿي
ويا.
هن
محسوس
ڪيو، ڄڻ ڇوڪرو اکين
ئي اکين
۾
چوندو هجي
”سائين
.. .. ..
مون کي
معاف
ڪر
..
ڀُل ٿيم
.. .. ..
تون
بخش
.. .. .. ..
تون وڏو
آهين
.. .. ..
آءُ اڃا
ٻار
آهيان
.. ..
ڏس
.. .. ..
منهنجي
اکين
۾
.. .. ..
منهنجي اکين
۾
اڃا
ننڊ
ڀري
پئي
آهي
.. .. ..
آءُ
رات
پوري
طرح
سمهي
به ڪين سگهيو
هيس
.. .. ..
آءُ سڄو
ڏينهن
هن
هوٽل ۾ گهمندو
آهيان .. .. ..
۽
.. .. ..
۽
سائين
.. .. ..
تون
گوڙ
ڪندين
ته سيٺ
مون
کي
ماريندو
..
پوءِ .. .. ..
مون
کي
ڪير
ڇڏائيندو؟ هن
دنيا
۾ منهنجو
آهي
به ڪير
.. .. ..
سائين
.. .. .. ..
مون کي معاف
ڪر
..
مان
غريب
آهيان .. .. ..
مسڪين
.. .. ..
ابهم.“
ڇوڪري
جي اکين
مان
هن
انيڪ افسانا
پڙهي
ورتا
.. هن،
اتي
غربت ۽ اڻ
هوند جو
دردناڪ
ڪهاڻيون، ذلت
۽
بي
شرميءَ جون
ٺٺوليون
پڙهيون
..
انهن
اکين
۾،
هن انسان جي
ڪٺل،
ڪچليل
انسانيت جي
روئداد
ٻڌي ۽ مظلوم
معصوميت جون
التجائون ۽ داستان
پڙهيا.
پوءِ
هو وري
ڪنڌ
هيٺ
ڪري
آهر چرڻ
لڳي
ويو.
ٿلهو پٺاڻ
ڇوڪرو،
ڊبل
روٽي ۽ چانهن
ختم ڪري اٿي
کڙو
ٿيو
۽
پوءِ هو
نٻل
۽
هيسيل ڇوڪرو، ڪائونٽر تان
چانهه وٺي
ميز
تي ويٺو.
هن
چانهه جي
هڪ
ٻه
سرڪي ڀري پوءِ
شايد هن
محسوس ڪيو ته
کيس
بک
به هئي
..
هو
اٿيو ۽ ڪٻٽ مان
ڊبل
روٽي ڪڍي ٻه سنهيون
سلائيسون ڪپي کڻي آيو
۽
کُري
ڊبل
روٽي
وات
۾ وجهي
هن
چڪ سان
گراهه وڍيو
۽
چانهه جي
ڪوپ
مان
سرڪي
ڀري
وات
ئي
وات
۾ ملندو
ٺاهي،
ڳڙڪائڻ
لڳو.
”ڪيترو نه
مختلف آهن،
هي
ٻئي
ڇوڪرا!
شايد هو
ڊبل
روٽيءَ جيان
سڄل، ڳاڙهو
ڳٽول ڇوڪرو به
ڪڏهن
ڳري
،
هن
نماڻي نٻل
ڇوڪري
وانگر سڙي
سڪي
گهنجيل ڪاٺيءَ مثل
ٿي
ويندو!“
افسانه نويس
سوچڻ
لڳو. ڇوڪر چانهه
ختم ڪري ورتي.
هو
فقط هڪ
سلائيس
ڳڙڪائي سگهيو
هو
ٻي
هن کان
ڪانه هلي
سگهي. هو
وري
ڪائونٽر
ڏانهن
ويو. خالي
ڪوپ
ڪائونٽر
تي رکيل
هن
ڊبل
روٽيءَ جي
بچيل
سلائيس
اوبر
واري ٿانو ۾ اڇلائي.
افسانه نويس
جون
اکيون ڇوڪر ۾ کتل هيون.
ڇوڪرو
ڊبل
روٽيءَ ڏانهن ائين
گهوري نهاري
رهيو هو
ڄڻ
چوندو هجي:
”ڏسو
ته
سهي منهنجو
کاڄ
ئي ڪيترو!
پر
.. .. ..“
۽
ڇوڪر
ٿڌو
ساهه
ڀريو
.. .. ..
افسانه
نويس کي ڄڻ
ڪنهن چوچڙي
دکائي هنئين.
هن
جي دل
۾
خيال
آيو
ته هو
ڇوڪر
کي
ڀاڪر
پائي چوي.
”تون
اداس ڇو
آهين؟
تون ٿڌا
ساهه ڇو
ٿو
ڀرين؟ تنهنجي
اداسائيءَ
ته پوريءَ
ڪائنات کي اداس ڪيو ڇڏي
.. .. .. ..
معصوم
ننڍڙا
نينگر، تون
اداس نه
ٿي .. .. ..“ پر
هو
خاموش.
نٻل
معصوم ڇوڪر، چانهن
جي ڪائونٽر سامهون
بيٺو، ڳاڙهي
ڳٽول ڇوڪري کي اداس نظرن
سان
چتائي
ڏسي
رهيو
هو.
ڪائونٽر
جي پٺيان
بيٺل ماڻهو،
ڳاڙهي
ڳٽول
ڇوڪري
کي
هوس
ڀريل نگاهن
سان
ڏسي رهيو
هو،
نئين نويل
ڇوڪر
کي
ڪاوڙ
اچي ويئي.
”ڇا
هي
ڙي؟“ ڇوڪر پنهنجو
پورو
زور لڳائي
رڙ
ڪئي.
”چريءَ
جا
ڦر“ ڪائونٽر پٺيان
بيٺل ماڻهو
سندس رڙ
جو
جواب
ڏنو ”هن ڀيڻ
....
(گار
ڏني)
کي.“ رانڌي
اندران
رنڌڻي
مان
رڙ
ڪئي.
”پوءِ
تون
.. .. ..“ ۽ ڇوڪر چوندي
چوندي رڪجي
ويو.
ڪنهن ڄڀ
ڪوري ڪڍي هجيس.
ڪائونٽر
پٺيان
بيٺل
ماڻهو، ڏند
ڀيڪوڙي ٻاهر نڪتو.
هن
ڇوڪر
جي وارن
کان وٺي
کيس
ٻه
ڌانڌوڙا
ڏنا
۽
سندس
ڪنڌ
مٿي ڪري سندس
منهن
۾
ڏسڻ
لڳو
..
ڄڻ چوندو
هجي:
”سمجهين
ڇا
ٿوڙي“
.. ..
گوڙ
ٿو
ڪرين؟ .. .. ..
سڌو
ٿي
هلندين يا.....“
۽
پوءِ هن
کي
ڇڏي
ڏنائين.
ڇوڪر
جا
وار
ڇٽا
ته
هو
گهڙي پلڪ
ڪنڌ
هيٺ ڪري بيٺو
رهيو، ڄڻ
ڪجهه سوچيندو
هجي.
پوءِ هن
ڪنڌ
کنيو
ته،
ٻه
موتين جهڙا
ڳوڙها، ڇوڪر جي
پلڪن
تي ڄمي بيهي
رهيا
۽ ڄڻ چوندا
هجن،
”ياد
رک اڳتي
ايترو به
ٻاهر
ڪونه
اينداسون“.
ماني ختم
ٿي
چڪي
هئي. افسانه
نويس هٿ
ڌوئي،
دخل
تي اچي
پئسا
ڏنا،
ٻاهر
نڪري هو
ٿڙندو
ٿاٻڙندو
گهر ڏانهن هلڻ
لڳو.
آخري
ڪهاڻي
ڪيس
هليا
.. هلندا
رهيا،
جيئن
هلندا
آهن.
حاجي شاهه
جي محبدارن
وَڙُ ڪين وڃايو
وڪيل ٿيا.
اصل
اڳيئي
آزاد
پئي
گهميا.
جُوءِ
۾
ظاهر ته
حسنوءَ
فقير پير
ڪونه
پاتو هو
پر
سمهي هو
به
ڪونه
پيو
هو.
پراوا
پيهي
والاري ويهي
رهيا
هيس.
نيڻن
ننڊ ڪانه هيس.
ويتر
ڪالي
خان
۽ معشوق
عليءَ جمع
جمع
تي شهر
مان
رنڊيون آڻي.
ڇورين
جي ڇالن جي
ڪمائي
کائڻ
شروع ڪئي هئي.
تنهن
مڙس کي چُچڙيون
چکائي ڇڏيون هيون.
ٿيو
هي
ته
”مٺي جي
تڙ
نالي ڳوٺ ۾ حاجي
شاهه پير
جي
مڪان
تي
چار
يار،
حسنو،
علي، قادو
۽
شيرو
پنهنجي چوياري
لڳايون ويٺا
هوندا
هئا.
حسنو
فقير سڀني
۾
پوڙهو هو.
شينهن جيڏي
دل
هوندي هيس.
اخلاق
ڀريو مڙس
هو.
ٻين
ٽن
يارن کي به
سڪ
جي سڳي
۾
پوئي
وڌو هائين.
سڀيئي سندس
عزت
ڪندا
هئا
۽
سلفيون پيون
ڀربيون
هيون. ائين
هي مولائي
پنهنجي سنگت
به
پئي نڀائيندا
آيا
۽
زندگيءَ جا
ڏينهن
به پئي
گهاريندا
آيا.
ڳوٺ وارن
وٽ به
سندن
ڏاڍو
مان
هوندو
هو. هوٽلن
وارا
کانئن
چانهه وغيره
جا
پئسا
به
ڪونه
وٺندا
هئا
هٿئون
کين
ڪجهه
نه
ڪجهه
پيا
ڏيندا
هئا.
هڪ
ڏينهن
ٿيو
ائين جو
شيرو
ڪجهه
ڏوڪڙن
جي ڳالهه تي
حسنو
فقير سان
ڪاوڙجي
پيو ۽ مڪان
ڇڏي
هليو ويو.
يارن گهڻوئي
سمجهايس پر
تڏهن
به ڪو نه
مڙيو. يار
پيا
کيس
سنڀاليندا
هئا
ته
اوچتو
هڪ
ڏينهن هو
بُندو واري
مڪان
جي
ساٿين نٿو
خان، ڪالي خان
۽
معشوق علي
سان
گڏ
اچي
سهڙيو، چئي،
”هي
به
هتي رهندا.“
حسنو فقير
۽
ٻين
جا
ته
تاڪ
لڳي
ويا.
ڪڙم جي
ويريءَ شيروءَ
کي
حسنوءَ
هنن کان
وڌيڪ
ڳالهايو.
جهيڙو
ٿيندي
ٿيندي رهجي
ويو.
نٿُو خان
۽
ڪالي
خان
وارن
شيروءَ جي
مدد
سان
سڄي
مڪان
تي
قبضو ڪري ورتو
۽
جتي
اڳ
حسنو
فقير جي
يڪتاري ۽ علوءَ
جي
مٽڪي جو
آواز
پيو
گونجبو
هو اتي
اڄ
ڇيرين جي
ڇمڪي
۽
طبلي جو
آواز
پيو
ٻڌڻ
۾
ايندو هو.
ائين
قصو
پئي
هليو.
حسنو
فقير ۽ سندس
يار
پڄرندا
رهيا.
نيٺ هڪڙي
ڏينهن
معشوق علي
جي
ڳالهه
تي جهيڙو
ٿي
پيو.
پر جهيڙو
به
اهڙو لڳو
جو
ڳالهه
ئي نه
ڪر.
ڀنگ
جا
ڏنڊا
اڀا
ٿي ويا
۽
ست ٺڪاوا
چاڪو نڪري
پيا.
اصلي
هڪ ٻئي کي ڌڪي ڇڏيائون. ڪالي خان
جي هئي
ڪا
صوبيدار
سان
مائٽي،
تنهن ڪري فقير
وڃي
پيا
لاڪپ
۾.
لاڪپ ۾ مڙسن
کي
هڻي
اڌ
مئو
ڪري
وڌائون. هڻي
تڻي
همراهه ضامن
تي ٻاهر نڪري
آيا،
پر
حسنو فقير
وري
مڪان
ڏي مُنهن
نه
ڪيو.
نٿو
ميان
ته
علوءَ واري
ڏنڊي
اڳيان
مٿو
ٽيڪيو
هو ۽ وڃي
يملوڪ پهتو
هو.
باقي ڪالي خان
۽
معشوق علي
اچي
بچيا
هئا.
ٿاڻيدار
جو
مائٽ هو
تڏهن
ڪالي
خان جي
ڳالهه
ڳپل
ڏينهن
مٿي رهي
ئي
حسنو فقير
رڻ
۾
رلندو رهيو.
سج
ٻه
پاڇا.
ڪڏهن
رات
ننڍي
ڪڏهن
ڏينهن،
حاجي شاهه
واري مڪان
تي فلمي
گانا
ڳائيندڙ
ڇوريون
ڇيريون
ڇمڪائينديون رهيون.
جنهن
تڏي ويو،
حبيبن
سان
حال اوريندو
ويو
۽
چوندو
ويو،
بري
هن
ڀنپور
۾
ههڙا
هاڃا
ٿين.
اندر ۾ جيڪو
سوز
هوس سو
آهستي آهستي
آواز
۾ سمائڻ
لڳو ۽ پوڙهي
حسنو
فقير جڏهن
”آءُ
اُڀي
تڙ پياس،
پرين پڳهه
ڇوڙيا، آس
نه
لاهيندياس، موٽي
ايندا
مون گهرين،“
اوچي
سُر سان
ڳائڻ
شروع ڪيو ته
ماڻهن لاءِ
سمهڻ
ڏکيو ٿي پيو.
هر
وات
اها
ئي
وائي هئي
ته
هي ڪير ستايل
آهي
..
مڙس
آڌيءَ جو
اٿي
ڇپر
کٽون
ڇڏي
ٻاهر
نڪري پيا،
سهاڳڻيون سهمجي
سنيون ٿي بيهي
رهيون. بس
ائين
ٿيو
ڄڻ
گرنار
۾ غلغلو
پئجي
ويو. جنهن
محفل
۾،
جنهن ديري
۾،
جنهن
مڪان
تي
۽
جنهن دڪان
تي وڃ
حسنو
فقير
۽
حاجي شاهه
واري مڪان
جو قصو
ڇڙيل
هو.
حسنو
فقير جي
دانهن لوڪ
جي
ڪنن
کان ترڪندي
رُوحن
۾ رچڻ
لڳي.
دير ٿي
..
انڌير
نه
ٿيو.
يار
جاڳي
پيا
..
حسنو
فقير جي
ٻيجل
ٿي
ٻرايو
ته پنڌ
پنڌ
پهي
پهي
مان
حاجي
شاهه جا
مڪان
بڻي
پيا
..
سانجهن
لڙندي، ڳوٺ ڳوٺ ۾، واهڻ
واهڻ،
ڪوپا
قد،
هڄاهيون هاٺيون،
يڪتاري تي
گهوٽ
ڀٽائي
ڳائڻ
ويٺيون. سُر
گونجيا
آواز
مٿي
ٿيو.
سُسُ پُس
مٽجي
هُل بڻي.
ڇا
جا
ڪرٽ
ڪهاڙيون
ڪاتيون،
ڇا
جون
لوڙهيو، ڇا
جا
باٺا. يڪتارا
هٿيار
بڻجي پيا.
هلندي پيرين،
جهٽ
پل خاطر
ڳائيندڙ
خوانخوار
بڻجي
پيا.
سُر
سان
سِر
جي آڇ
ڏنائون.
سِرُ گهرندي
ويرم
نه ڪيائون
..
بري
هن
ڀنڀور
۾
ههڙا
هاڃا
ٿين،
هي هي
ههڙا
هاڃا
ٿين. ٻرحال
بڻي
پئي. نينگر
..
نينگر نگر
نگر
مان
گيڙو
ويس ڪري نڪري
پيو. |