سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :28

        ”اها ڪنهن جي تصوير آ؟“

        تصوير وڌائي مون کي ڏنائين، مون ڏٺي، ”هيءَ ته زينت چنا آهي.“

        ”منهنجي جيجي اٿئي.“

        ”مارئي رسالو ڪڍندي هئي نه؟“

        ”اميد جو هڪ نئون ترورو جاڳيو هو، جيجيءَ جڏهن مارئي ڪڍيو هو. چوندا آهن، خوش نصيب آهي اهو وطن، جنهن جون مائرون ساڻيهه جو احساس رکن. جيجي سنڌ جي عظيم ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي. مون کانئس هڪ دفعو پڇيو هو، ته ڇو مارئيءَ ۾ سندس ڪهاڻيون ڪين ٿيون ڇپجن؟ جواب مليو، مصلحت انهيءَ ۾ آهي.“ هن مون کان تصوير ورتي ۽ وڏو ساهه کڻي چوڻ لڳو:

        ”ڀاءُ منهنجا، جيڪڏهن جاڳيل جيجي مصلحتون سمجهائڻ ويهي ۽ مارئيءَ تي محتسب جو راڄ رهي ته رند جنون پرور ضرور ڪا ٻي محفل ڳولهين. اسان کي وري مصلحت انهيءَ ۾ نظر آئي، ته مارئي کان ڪنارو ڪري وڃون ۽ نيٺ مارئيءَ جو هر پرچو گهر گرهستيءَ جي هڪ بليٽن ٿي ويو. جنهن باهه جي بکڻ، جنهن جي مچ جي اميد هئي، سي مصلحت جي نذر ٿي ويا. جيجي مُر ڪجهه به چوي، مان مارئيءَ مان مطمئن نه هوس. ٽن سالن کان به وڌيڪ مصلحتن کي خيال ۾ رکي نڪرندي رهي، شل ٽي مهينا جنون جي حوالي به ٿئي ها، الله ان کي به ڪنهن طوفان سان آشنا ڪري ها، پرهيءَ دلو راءِ جي نگري آهي ۽ جيجي منهنجي پنهنجي چوڻ پٽاندڙ هڪ ڪمزور عورت آهي.“

مارئي رسالي ۾ تنهنجي به ته ڪاشيءَ ڇپي هئي؟“

        ”ها، هڪ خط هو، جنهن جو عنوان هو ”ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ۾ خيال ايندو آ.“

        “اردو ۾ ڳايل غزل هتي به ڏاڍو مشهور ٿي آهي، جنهن لاءِ هڪ ڀيري تنوير عباسيءَ به پئي ٻڌايو ته تون گهڻو ڪري اها سٽ جهونگاريندو رهندو هئين.“

        هن هلڪو مرڪي، ڪنهن تصوير جي ڪاري ڪاپي کڻي انلارجر ۾ وڌي ۽ ان جو فوڪس ڪري چوڻ لڳو:

        ”تنوير منهنجو سٺو دوست آهي، پر مون کي چيڙائيندو ڏاڍو هو، مون سان مذاق به ڏاڍو ڪندو آهي.“ هن تصوير کي ڪارڊ تي لاٿو ۽ ان کي ڊيولپر ۾ وڌائين. ڪمري ۾ وري به گهڙيءَ لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي.

        ”مارئيءَ ۾ جيڪو خط ڇپيو هو ان ۾ تو پنهنجي ڀيڻ جي ڪجهه ساهيڙين جو ذڪر ڪيو هو، جنهن لاءِ تو لکيو ته مان ان پڙهيل ڳڙهيل اڌ وهيءَ جي ڪنواري عورت نور جهان تي ڪهاڻي ضرور لکندس. پوءِ ان تي ڪهاڻي ڪڏهن ٿو لکين؟“

        ”اڻ ميا انسان، روزاني زندگيءَ ۾ ڪلهي گس پيا ڪنم. انهن جون به پنهنجون جندڙيون آهن.“ هن وري ڪاري ڪاپي کڻي انلارجر ۾ وڌي ۽ اڇو ڪارڊ ڦاڙي چوڻ لڳو، ”هر انسان کي پنهنجا پنهنجا سک آهن، پنهنجا پنهنجا سور آهن، پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون اٿن.“ هن ڪارڊ انلارجر ۾ وجهي مٿس ڪاري ڪاپيءَ جي اڪر لاءِ بتيءَ جي مدد وٺي ان کي عڪس بند ڪيو. جنهن کي کڻي.،ڊيولپر ۾ اڇلائي چوڻ لڳو: ”سڀني تي نظر ٿو وجهان ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته هڪ لنبي ڪهاڻي آهي، جيڪا منجهيل سڳي جيان ويڙهو ٿي پيو آهي. يا ڪو ڊگهو وار ڪينئون آهي جو انسان هانوَ جي ڦٽ ۾ گهنڊيون هنيون ويٺو آهي ۽ پيو ان کي ڪوري.“

        وري ڪاري ڪاپي کڻي ڳاڙهي روشنيءَ ۾ ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪيئن انهيءَ سڳي کي سلجهايان، ڪيئن اهو چڪندو ڦٽ ڇٽايان، سو واجهائيندي ورهيه گذري ويا آهن ۽ مون ڪجهه ڪين لکيو آهي.“ هن ڪاري ڪاپي انلارجر ۾وڌي ۽ تصوير ٺاهي ڊيولپر ۾ وڌائين ۽ ان ۾ پيل ڪجهه تصويرن مان هڪ تصوير ڪڍي چوڻ لڳو: ”ڪنو چڙهيو رکيو آهي، اڀامي، خبر پوي ته ڇا ٿو نڪري.“ تصوير کي ڏسي چوڻ لڳو: ”يا کڻي ائين چئجي ته جهُڙ ٺهيو بيٺو آهي، بس گهٽ ڇٽي ته خبر پوي ته ڇا ٿيندو.“ هن ان تصوير کي فڪسر ۾ ٻوڙيو ۽ هٿ اگهي وري تصويرن لاءِ اڇو ڪارڊ ڦاڙڻ لڳو.

        ”ان وقت نورجهان گريجويٽ هئي، ماستري ڪندي هئي، هن جي کل مک چهري جي اوٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن آئون ڪجهه ڏسي وٺندو هوس ۽ منهنجي پوندو هوس.“ ڪارين ڪاپين کي هيٺ مٿي ڪندي چوڻ لڳو؛ مون کي ائين لڳندو هو جيئن ڪنهن ڀٽڪيل راهيءَ کي منزل تي پهچي ڀُل جو احساس ٿيو هجي، جيئن ڪنهن رڃ رليل کي سڃ پڙ پئي هجي، ڪيترو عرصو ٿيو آهي جو مون کي ان متعلق ڪا به خبر ڪانهي.“ هن هڪ ڪاري ڪاپي ڪڍي کيس ڏٺو، ”منهنجي ڀيڻ جي هڪ ٻي ساهيڙي هوندي هئي، نالو شميم هئس پر اسين کيس شمي سڏيندا هئا. بي_اي پاس، ڏاڍي سلڇڻي، اڌ وهي پٽي هليل، سندس پيءُ کي هن لاءِ ڪو سٺو ڇوڪرو ڪونه ٿي لڌو.“

        هو خاموش ٿي ويو ۽ تصوير ٺاهڻ ۾ جنبجي ويو. واندو ٿي منهن مون ڏانهن ڪري چوڻ لڳو:

        ”هڪ ڏينهن مون شمي کي چيو ته اسان ڪاليج جي ڇوڪرن فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ مان ڪجهه چونڊي انهن جو آچار وجهنداسين، سال ڇهه ماهيءَ اهو آچار رجهندو ته انهيءَ مان تنهنجي پيءَ جي پسند جا ڇوڪرا نڪري ايندا ۽ پوءِ اسان انهن جون درخواستون تنهنجي پيءَ ڏانهن موڪلينداسين. شمي انهيءَ تي مرڪي هئي، پر انهيءَ مرڪ ۾ اهو سوز سمايل هو، جو منهنجي قلم کي اڃا تائين اها طاقت نه آهي جو اکرن ۾ چٽي آڇيان.“

        ”پوءِ هوءَ ويچاري ته ان اوسيئڙي ۾ ئي ويٺي هوندي ته ڪڏهن ٿو سندس پيءُ ڪو ڇوڪرو پسند ڪري.“

        ”سنڌ جي انهن هٿ ٺوڪين پيئرن جي عقل ۾ ڪا ڳالهه آئي به آهي يا پنهنجن جا پرڪار اڃا ڀي ساڳي ڙي وارو معاملو جاري آهي.“ مون مرڪي کيس ڏسڻ چاهيو، جو شايد ان هلڪي روشنيءَ ۾ نه ڏسي سگهيو هجي.

        ”يار، ان پوڙهي ڪامريڊ گدائيءَ جو ڇا حال آ؟ يار، آهي ڏاڍو پيارو ماڻهو. مان جڏهن جيڪب آباد هوندو هوس، ته ان جهونڙي سان چڱيون رهاڻيون ٿينديون هيون، هاڻي گهڻو ضعيف به ٿي ويو هوندو، لکي به ٿو يا نه؟“

        ”ساڻيهه جا سينگار“ کانپوءِ سندس ڪلامن جو ٻيو مجموعي ”پيالي تي پيالو“ ڇپيو اٿس، ڪڏهن ڪڏهن لکي ٿو، ٻين گهڻن اديبن جيان هي به ويچارو پوين پساهن ۾ آهي، تازو سندس نئون مجموعو ”پکڙا ۽ پنهوار“ ڇپيو آهي.“

        ”ڏيو جواب! اديب ائين پوين پساهن ۾ پيا آهن، اسان جي سفيد پوشي اسان لاءِ قهر آهي، ظلم آهي، الله ٿو ڄاڻي ڪڏهن ڪڏهن دل ڪندي آهي، لڱئون لٽا لاهي، ليڙون ليڙون ڪري پري اڇلائي ڇڏيان ۽ لنگوٽ ڪشي نانگو جوڳي بڻجي نڪري پوان. وڃي ڪو جهرجهنگ وسايان، ٻوڙن جا ڪانا ڀڃي ڪلڪون ٺاهيان، وڻن جي پنن کي ڪاغذ بنايان ۽ ڪهاڻيون لکان.“ هو جذباتي انداز ۾ اٿي وڃي صوفي تي ويٺو. ڪجهه دير ويهي وري اٿيو ۽ اٿي هلڻ لڳو. ڪمري ۾ ڳاڙهي رنگ جي تمام گهٽ روشنيءَ ۾ مون کي ڪو به صحيح اندازو نه ٿي سگهيو ته سندس من جي لوچ سندس منهن تي ڪهڙيون ريکائون اڀاريون آهن، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”اياز قادري، رباني، جمال رند، خواجا سليم، تنوير عباسي، مقبول، صديقي، شمشير الحيدري ۽ ٻيا دوست ڇا ڪري رهيا آهن؟“

        تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ جي اشاعت کانسواءِ تحقيقي تصنيفن ڏانهن به لاڙو رکيو آهي، تازو شاهه لطيف ڀٽائيءَ تي هڪ سٺي اسٽڊي ڏني اٿس. خيال اٿس ته هڪ سال ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب ضرور ڏيان پنهنجي پڙهندڙن کي.“

        ”۽ هو، مولا تي ننگ رکيو هلندڙ شمشير؟“

        ”شمشير، اديب کان وڌ هاڻي ٽيليويزن کي وڌيڪ ٿو Feed  ڪري.“

        ”سنڌي ادبي سنگت جو ڪم ڇڏي ڏنائين ڇا؟“

        ”ان کي ته گهڻو عرصو ٿيو.“

        ”شمشير جو شعر آ؛ زندگي جا سؤ سوال

        ڪير ٿو پورا ڪري،

        آهي ڪو مائيءَ جو لال

        آهي ڪو حاتم جي همت جو مثال

        موت ۾ ماڻي محبت جو وصال

        زندگيءَ جا سؤ سوال

        ڪير ٿو پورا ڪري.

        ”واهه ڙي واهه ڍول! ٽيليويزن کي فيڊ ڪرڻ جي بهاني زندگيءَ جي سوالن سلجهائڻ کان منهن موڙي وئين.“ ٿورو خاموش ٿي وري چوڻ لڳو، ”ڪٿي انهن سوالن مان ڪنهن هڪ جي جواب ۾ ته نه لڳو پيو آهي.“

        ”ٿي سگهي ٿو، پر اهو ته هڪ ڄاڻي شمشير الحيدري پاڻ ۽ ٻيو سندس مولا پاڪ. ڪڏهن ڪڏهن مڌ پيئندي خماريل ذهن تي سنڌي ادبي سنگت جا اڻ ميساريل نقش تري ايندا اٿس ته جذباتي ٿي چوندو آهي، يار ڪڏهن واندڪائي ملي ته سنگت جي تاريخ ضرور لکبي.“

        ”شمشير کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪم ته ضرور ۽ جلد ڪرڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو اسان جا اديب توڙي شاعر ڪونه ڪو سوال کڻي ان کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.“

        ”نوان به گهڻائي ميدان ۾ لهي آيا آهن. شاعر توڙي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ به ڳالهه تو واري ئي ٺهڪي ٿي اچي هت ته ڪتن به پيا ڪنبن به پيا .. ڏڪندي ڏڪندي انهن رازن کان پنهنجي پڙهندڙن ذريعي ٻين کي به آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي سالن کان سيني به سيني پهچندا رهيا آهن .. جنهن لاءِ لڇن به پيا، لوچين به پيا.“

 1960ع جي ئي ڳالهه آهي.“ هن اهڙي انداز ۾ چيو ڄڻ منهنجي بس ڪرڻ جي انتظار ۾ هو.“

        ”جمال جا روح رهاڻ ۾ ٻه اکر ڇپيا هئا. تو ڀاءُ آئو لکي ڪونه ڄاڻان، ڪو نه لکي ڄاڻان .. منهنجو نال وميساري ڇڏيو؛ چوڻ جو مطلب هوس ته ڳڀي جي ڳولها ۾ گتل آهيان .. ڳڀي جي ڳولها ۾ گتل آهيان، ساهه کڻڻ جي سگهه ڪانهيم، مران ٿو، ائين کڻي سمجهو ته مري ويو آهيان. جمال پيو چوي ته سندس نالو ميساري ڇڏيو. اديبن جي فهرستن تان، ليڪکن جي فهرستن تان، ڪهاڻيڪارن جي وچور مان، ليکي لال جي هي ٻيو شهيد ٿي پيو، سائنداد سولنگي اڳي هڪ مثال هو.“

        ”تازو سنڌالاجي طرفان ڇپيل رسالي پرک ۾ سندس ڪهاڻي ڇپيل آهي. شايد نئين اٿس، ڇو ته جمال ابڙي پنهنجي انٽرويو ۾ به چيو هو ته مان ڪجهه مضمون لکان پيو ۽ پنهنجن يادگيريون ضرور لکندس، وڏي جذبي سان چيو هئائين ته مان انساني ارتقا متعلق هڪڙو ناول لکڻ ٿو چاهيان.“

        ”گاڏي کي گڙڪائڻ ڏکيو آهي پر هلائڻ سولو، هڪ دفعو حرڪت ۾ آيو ته پوءِ سولو سڻائو ڊڪندو هلندو. ڪراچيءَ جهڙو شهر .. سفيد پوشي .. جمال ويچارو ته عيالدار ماڻهو آهي. مون جهڙي ڇڙي ڇانڊ کي هن سماج ٻيڻو ڪري وڌو. ته جمال ۾ ٿوم گهڻي؟ هن کي ته نه رڳو پنهنجي پر پنهنجي ٻارڙن جو به خيال ڪرڻو آهي پر ڀاءُ .. ”هو ٽهلندي هڪ هنڌ بيهي رهيو .. بيهي چوڻ لڳو: ”پر ڀاءُ، ادبي ٺيڪيدارن ڪو اسان کي ڪهاڙيون ته ڪين هنيون آهن، جو اسان هاءِ گهوڙا پيا ڪريون. بس رڳو سائنداد سمهاري ڇڏيائون. جمال کي جهلي ڇڏيائون ۽ حفيظ حرڪت کان رهجي وڃڻ تي اچي پهتو آهي.“

        ”پر رڳو اهي به ڄڻ ته نه آهن. گهڻائي مائيءَ جا لال جيئري ئي هيڏي هوڏي پکڙجي ويا آهن، جن جي وري موٽي ملڻ جو امڪان ئي نظر نٿو اچي، گهڻا ته وري ڪا Creative شيءَ ڏيڻ کان ئي رهجي ويا آهن. جيڪي تو وانگر هاڻي ڪڏهن به وڌيڪ نه لکي سگهندا.“

        ”مثال طور ڪير؟“

        ”ڀاءُ، پاڻ واري جيجي زينت چنا .. ..

        ”هن وچ ۾ ڪاٽي چيو، ”جي ..

        ”تو  وارو پيارو دوست ۽ ......

        ”عالماڻيءَ لاءِ ٿو چوڻ چاهين ڇا.“

        ”اڃا ته ٻڌ، پنهنجو جهوتو جوڳي گرامي .....

        ”بس پيارا، مان وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان.“ هو وري هلڻ لڳو، هن جي قدمن جي چرپر مان محسوس پئي ٿيو ته سخت بيچين ٿي ويو آهي.

        ”۽ جنهن شخصيت کي تو پنهنجي ڪهاڻي جي ارپنا ڪئي هئي .. سا به.“

        ”ثميره .. .. هان .. .. ثميره“ هن جي آواز مان معلوم ٿي ٿيو ته ڄڻ ڪمري ۾ تمام گهڻا ماڻهو گڏجي ثميره جو نالو پڪاري رهيا هجن. هن وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهايو. ڪمري لڳ باٿ روم ۾ گهڙي ويو، اندران در بند ڪري ڇڏيائين، شاور مان پاڻي جي بڙڪي نڪرڻ جو آواز ٿيو ۽ جنهن سان گڏ مون هلڪا سڏڪا ٻڌا، دٻيل گهٽيل سڏڪا، تمام گهڻي دير اندران شور جي آواز ۾ سڏڪا ٻڌندو رهيس. مون باٿ روم جو در کڙڪايو، پر حفيظ اندران در نه کوليو. گهڻي گهڻي دير تائين اندران سڏڪن جو آواز ايندو رهيو. نيٺ شاور جو آواز بند ٿيو. منهنجي تمام گهڻي ضد سبب هن در کوليو. مان وڌي وڃي کيس ڀاڪر پائي ٻاهر وٺي آيس. بتي ٻاريم، سمورا ڪپڙا آلا ٿي چڪا هئس، مون ڪٻٽ مان سندس ٻيا ڪپڙا ڪڍيا، سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي کيس ڏيندي چيم: ”پيارا، ڪپڙا بدلاءِ.“

        هن هڪ نگاهه مون تي اڇلائي. سٿڻ منهنجي هٿن مان وٺندي پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳو:

        ”سڪ سوز جو کڻ ڪو سمر، آهي زمانو درگذر،

        اوکو گرامي آ سفر، گهم عشق جو گهايل گهٽيون.“

        هو وري باٿ روم ۾ ويو ۽ جلد ئي ڪپڙا تبديل ڪري ٻاهر آيو .. وڌي وڃي بيڊ تي ستو، مون وڌي سندس سيرانديءَ کان کلندڙ دري کولي، هلڪي مٺڙي ٿڌڙي هوا ڪمري ۾ گهڙي آئي. هن اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو:

        دنيا جي مالڪ جي ٺاهيل بي بقا مورتين سان نيٺ ڪهڙو ۽ ڪيترو لاڳاپو رکجي؟ ڪمبخت ڪر موڙي اٿنديون مس ته ائين سنڀرڻ شروع ڪنديون ڄڻ آيون ئي من ۾ چوچڙي لڳائڻ. باهه بکائڻ ۽ وري وڃڻ لاءِ هيون. انهن جي ڀيٽ ۾ اسان جي مورتين کي ڏس. جيئن مون پنهنجي مورتين کي انڊلٺ جي رنگن سان رڱيو آهي. منجهن هڪ رنگ ٻيو وڌو اٿم جنهن جو نالو آهي ”بقا“. دنيا جي خالق جي تصويرن ۾ بقا جو رنگ آهي ئي ڪين. هو به بُت ٺاهي ٿو، آءُ به بت ٺاهيان ٿو. هو به مصور آهي، آءُ به مصور آهيان. هو به خالق آهي، آءُ به خالق آهيان. البت هن جا بت فاني، منهنجا بت لافاني، هن جا بت پريشان، منهنجا بت خندان، هن جا بت نياز ڪيش وارا، منهنجا بت بي نياز. هن جا بت تندخو، منهنجا سادا سٻاجهڙا. ڏس اسان ٻن بت گرن جو ڪلا ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. بقا ۽ فنا جي ٻن رنگن ڪيڏو نه هلا هلاچو مچايو آهي، صدين کان انسان ائين اُلجهندو رهيو آهي. فنا جو رنگ هر شيءَ تي حاوي ۽ طاري آهي. انسان خود به فاني آهي پر تنهن هوندي به بقا جو عڪس پيو لوچي، ڇا تون ائين ٿو ڀانئين ته هنن مڙس مٿيرن جي وڌيڪ نه لکڻ سان انهن جو جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو ڪنهن ڪم جو ڪونهي؟ ڇا اهو ناس ڪري گهرجي؟ جن لاءِ هنن لکيو، تن کي هنن بقا نه بخشي آهي؟ مان وڏي واڪي چوان ٿو ڍول، ته جيڪي هنن لکيو آهي، جيستائين ڪائنات جو وجود هوندو، تيسين باقي رهندو، تيسين سندس مورتين جي بقا جو رنگ پيو ڦهلبو. پيارا، هيءَ دري بند ڪري ڇڏ، سنڌڙيءَ جي سڳنڌ ڀريون لوليون ڏيندڙ هوا من کي وڌيڪ بي قرار پئي ڪري، ڪٿي وري ڳوڙهن جا بند نه ٽٽي پون. مون اٿي دري بند ڪئي.

        ”پيارا، اسان به آهيون نانگ کاڌل، جيسين اوهان ڪو منڊ هڻي ننڊ نه ڇڏائي آهي، تيسين ڊهيل يارن مان گهڻي اميد ڪيئن ٿا رکو؟ هاڻي اهو توهان جو فرض آهي ته تند تنواريندا رهو. اهو منڊ اٿو انهيءَ ڏنگ جو. اڙي سائين، ڀٽ ڌڻي ته توهان لاءِ انهيءَ عمارت تي قبضو ڪرڻ جو پروانو ڪڏهوڪو لکي ويو آهي. ڀانيان ٿو انهيءَ پرواني ۾ جيڪي هن لکيو هو، سو وسري ويو اٿو: ٻڌ ته ياد اچيئي:

        ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ناهي ويل ويهڻ جي .. .. متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

        باقي رهي پنڌ جي اڻانگائيءَ جي ڳالهه، سو ڀاءُ، سسئيءَ جي سورن کان ته پنهنجا سور سرس آهن، پوءِ به اسان اڃا تائين سهڻيءَ جيان ڪچو گهڙو کڻي به ڪونه ڪاهيو آهي .. .. هو وري سوچ ۾ گم ٿي ويو.

        ”اٿ ڙي حفيظ، اجايان اپديش ڏيڻ به چڱا ناهن.“ هو ٽپ ڏيئي اوچتو اٿيو، جو منهنجو پڻ ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ اجايو ٿي ڳالهايوسين. هو اٿي وري ڪارين ڪاپين کي ڦولڻ لڳو.

        ”حميد سنڌيءَ جو ڪهڙو حال آ؟“

        ”خوش باش ۽ ٺيڪ ٺاڪ آ.“

        ”يار، ان ماڻهو منهنجي آتم ڪهاڻيءَ ”سليا ڪنهن نه سوال“ کي چڱي ريت نه ڇاپيو. ڀلا وري ”روح رهاڻ“ ڪڍڻ جو خيال ڪونه ٿو اچيس ڇا؟“

        ”نڪو. وچ ۾ ظفر حسن ”ڌرتيءَ“ نالي سان رسالو شروع ڪيو هو، تنهن جا به ڇٺيءَ ڇهه  ماهي ٻه ٽي پرچا شايع ڪري. هاڻي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري آهي.“

        ”مهراڻ“ جو ”گرامي نمبر“ به نڪتو هوندو؟“

        ”ها .. ..

        هون مون کي ڏسي مرڪڻ لڳو .. .. ”بهر حال سٺي ڳالهه هي .. اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ ئي گهرجي.“ هووڌي اليڪٽرڪ بورڊ تائين آيو، ”اسين جيڪي زندگيءَ جي سينڌ سنوارڻ جي دعوا ٿا ڪريون، اسين جيڪي گلستان کي گلاب جي لاليءَ سان سينگارڻ ٿان گهرون، اسين جيڪي هر دل ۾ اميد ۽ امنگ جا راڳ ڳائڻ ٿا گهرون، تن کي ڪٿي ٿو سونهي ته هڪ پل لاءِ به نراسائيءَ جو راڳ ڳايون.“ ائين ئي هن هٿ وڌائي، بتي وسائي ڇڏي ۽ وڌي ويو ڊيولپر ڏانهن. ڳاڙهي بتي ٻاريائين، جنهن سان اونداهيءَ ۾ ڳاڙهاڻ جو گهٽ روشن رنگ اڀري آيو.

        ”پيارا، صحيح ماحول خوشگوار ته آهي، صحيح ته هر طرف خوانخوار بگهڙن جا ولر اسان جي رت جا اڃايا پيا ڦرن، صحيح ته اسان جو پنڌ ڪنڊن جي پيچرن کان آهي ۽ صحيح ته حيات قيامت جي تصور کان به سخت پئي ڀاسي، پر زهر پياڪ ته وهه ڏسي ويتر وهسندا آهن.“ هن ڪاري ڪاپي کڻي انلارجر ۾ وڌي: ”سقراط کان وٺي اڄ تائين لشڪر ته ڏس مستن جو! ڪير هو جو پاڻ پيالو گهري پيئي ها؟ ڪير هو جو پنهنجي خوشيءَ سان صليب تي چڙهي ها؟ ڪير هو جو ستر ڄڻا ساڻ ڪري ڪربلا تي پهچي ها؟ اڙي اهي مست اسان جي قبيلي جا ماڻهو هئا، انهن پنهنجو ساهه ڏئي زندگيءَ کي تازگي بخشي هئي. مرڪندا جهومندا ويا ۽ هي قافلو هلندو پيو هلي، ۽ اڃا تائين هوٽلن تي به چانهه جي ڪوپ مان چسڪيون هڻندڙ نوجوان ڪنهن اهڙي مست جو انتظار ڪري رهيا آهن.“ هن اڇو ڪارڊ ڦاڙي انلارجر ۾ وڌو ۽ ساڳيءَ طرح عڪس بند ڪري، ڪارڊ ڊيولپر ۾ وجهي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com