سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :42

اوسارا

ايم اي عالماڻي

فتاح ملڪ

امداد حسيني

۽ قتيل شفائي

 

 نظم

ايم اي عالماڻي

 BROTHERS DEATH.

 

         ساٿي!

        ڇا لکان_ ڇا چوان؟

        شدتِ جذبات جي، ٻولي ڪانه ٿئي.

        حفيظ شيخ اڳ لڏيو

        عبدالحق هاڻ هليو

        يارن دوستن رُنو، مِٽن مائٽن رنو

        حفيظ جي سورن کي

        حق جي سورن کي

        حفيظ جي افسانن کي

        حق جي ڪهاڻي کي

        پر مون رُنو

        ٻن ننڍين ليٽين جي ڏهاڳ کي

        ٻن ننڍڙن يتيمن جي يتيمي کي

        جوانيءَ جو ڏهاڳ_  پيريءَ جو سهاڳ

        ٻئي بنهه بڇڙيون سماجي رسمون

        الاجي! ڪڏهن قبر لهنديون!

 

                                             غزل

فتاح ملڪ

 

شيخ حفيظ جي ياد ۾

 

جڏهن ڪونج ڪرڪي قطارون پُڇي ٿي

تڏهن ياد تنهنجي پراهان پڇي ٿي.

 

ڪنڍيون وڳر ووڙي جڏهن ڪو ٿو آڻي

لڳي ائين تنهين پر ڪِلي ڪا کُٽي ٿي.

       

۽ سرتيون ڪڏهن ڀي جڏهن کوهه سنڀرن

اسان جي ڀي آشا اوهان لئه اُٿي ٿي.

 

ورهه ويل ائين جيئن ڪڍي بُرج بادل

نڪي هيانءُ هلڪو نه ڌرتي سُڪي ٿي.

 

نه مارين آ ماريو نه ڄارين سنڀاريو

انهيءَ سوچ هردم لڇي ٿي پڇي ٿي

 

اگر گيت نئون ڪو ڪٿي ٿو الاپي

لڳي هير هر هر اچي جيئن اُٺي ٿي!

 

ويا سي نه ورندا اسان ڀي ٿا ڄاڻو

مگر هي محفل ڇو پل پل پُڇي ٿي.

 

 بيت

امداد حسيني

 

وِههُ وِهاٽيل مُرڪ

(حفيظ شيخ جي ياد ۾)

 

مُرڪيو ٿو مُرڪين، ٽيبل ٽاپ گلاسَ ۾،

وَٽيون وِههُ گاڏيون، سُرڪيو ٿو سُرڪين،

لوڻ ٻُرڪيو ٻُرڪِين، چيريل چچريل چَمَ ۾!

 

اندر مان احساس، اُڀريو اُلريو وِير جان،

ٽوڙي ٽاپ گلاس، نڪري ايندين اوچتو!

 

مِٽيءَ منجهه ملي وِيا، مُکڙا مکڙيءَ جيئن،

ڪُو ماڻاسي ڪئين، ڦو ٽهڙي جي مُند ۾!

 

هيءَ جا شيخ حفيظ جي، وِههُ وِهاٽيل مُرڪَ،

سُر ڪيام سَر ڪَمسُرڪَ، پکڙيو زهر وجود ۾!

 

قتيل شفائي

 

گيت

   (1)هم سي بدل گيا وه نگاهين تو ڪيا هوا

        زندهه هين ڪتني لوگ محبت ڪئي بغير،

 

        گذري دنون مين جو ڪڀي گونجي ٿي قهقهي

        اب اپني اختيار مين وه ڀي نهين رهي

        قسمت مين ره گئي هين، يه آهين تو ڪيا هوا،

        صدما يا جهيلنا هي شڪايت ڪئي بغير.

 

        وه سامني ڀي هون تو نه کولين گي هم زبان

        لکي هي اسڪي چهري په اپني هي داستان

        اسڪو ترس گئي هين يه باهين تو ڪيا هوا

        وه لوٽ جائي هم په عنايت ڪئي بغير

 

        پهلي قريب ٿا ڪوئي اب دوريان ڀي هين

        انسان ڪي نصيب مين مجبوريان ڀي هين

        اپني بدل چڪا هين وه راهين تو ڪيا هوا

        هم چپ رهين گي اُسڪو ملامت ڪئي بغير


(1) حفيظ شيخ صاحب جي ذاتي نوٽ بُڪ جي آخري صفحي تي سندس گهر واري ڪلثوم صاحبه جي هٿ اکرن ۾ قتيل شفائي جو هي گيت اُتاريل آهي. ممڪن آهي حفيظ صاحب جي زندگيءَ ۾ يا وفات کانپوءِ هن گيت اُتارڻ پويان سندس ڪي دلي امنگون لڪل هجن. ممڪن آهي حفيظ صاحب سان سندس محبتن، چاهتن جو ڪو اظهار هنن سٽن ۾ هن جي اندر کي وائکو ڪندو هجي. ڪيئن چئجي!؟ گيت پڙهو ۽ مٿيئن راءِ جي روشني ۾ ويچاريو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com