”ڀلا
تو
زرينه متعلق
ڇا
سوچيو آهي؟“
”ڪن
سالن
کانپوءِ
زرينه وري
پنهنجي پيڪي
موٽي
آئي آهي.“
”ڀلا
هيءَ
زرينا اها
ئي
ته ناهي
جنهن
تي تو
”ٻه
پاڇا“
ڪهاڻي لکي
هئي.“
”نه
..
هوءَ
۽
هيءَ زرينا
ٻه الڳ،
پر
هڪجهڙيون شخصيتون
آهن،
اڳهون
ٻڌايون مانءِ
پئي
نه ته
هوءَ
منهنجي پاڙي
جي
هئي ۽ هيءَ
به
منهنجي پاڙي
جي
آهي؛ پر هن
کي
مڙس
موٽايو ڪين هو،
هوءَ
پيڪن ۾ گهمڻ
آئي
هئي. جنهن
کانپوءِ
مون
وري
ڪانه
ڏٺي، اهو
آخري
ڀيرو
کوهه
تي ڏٺي هئي.
پر
هن زرينا
.. ..
زرينا کي سندس
مڙس
پنهنجو ڪرڻ کان انڪار
ڪري
ڇڏيو
آهي.
”اهو
ته
تو اڳهون
به
پئي
ٻڌايو، مان
رڳو
اهو ٿو پڇانءِ
ته
تون ان
لاءِ
هاڻ ڇا ٿو سوچين؟“
”آءُ ..
سوچيان
ٿو
.....“
هو
سچ پچ
ڪنهن
گهري
سوچ ۾ لڙهندي
تمام
گهڻي گنڀيرتا
سان
ڳالهائڻ لڳو،
”سندس
مڙس کيس چوسيل
هڏيءَ مثل
پري
اڇلائي
ڇڏيو آهي
۽
مون
کي
اڄ به
هن
سان محبت
آهي.
مون کي اها
سياري جي
رات
ڪڏهن
نه وسرندي،
جنهن
رات اسان
کڏ
تي
مليا هئاسون.
جنهن
کانپوءِ
ئي ته
هن
جي در
تي
دهل وڄڻ
لڳا
هئا ۽ جلد
ئي
هوءَ منهنجي
دنيا
مان نڪري
ڪنهن
ٻئي
جي
گهر هلي
وئي
۽
اڄ، سندس
اُن
مڙس کيس ڇڏي ڏنو آهي
۽
آءُ
سوچيان ٿو ته
آءُ
ڇا
ڪريان؟
سوچيان ٿو ته
منهنجي ان
قدم
تي سماج
ڪهڙو
قدم
کڻندو؟
۽
پوءِ زرينه
جي
حالت ڇا
ٿيندي؟ ۽ مان
الائي ڇو ايترو
جلد
فيصلو نٿو
ڪري
سگهان. مون
کي
زرينه سان
محبت
آهي ۽ مان
ڄاڻان
ٿو،
هن
جي من
مان
اڃان مان
به
نڪري نه
سگهيو آهيان.“
هو
اُٿيو ۽ ڇڙي هوا
۾
ڦيرائي
چوڻ
لڳو، ”آ ته
اڃا
اڳڀرو هلون.“
مان
اٿيس ۽ هن
جي
پويان هلڻ
لڳس.
مون کي ياد
آيو
ته جڏهن
مان
حفيظ
ڏانهن پيو
آيس،
ته رستي
۾
هڪڙو
ماڻهو گڏيو
هو.
”مون
حفيظ
کي
چيو،
”مان جنهن
وقت
تو
ڏانهن پئي
آيس
ته رستي
۾
هڪڙو
ماڻهو
گڏيو
هو، نالو
به
چڱو ٿي
ڏسيائين.“
”مون
کي
رڳو
ايترو چيائين
ته
رڳو
ڪهاڻين لکڻ
سان
ته
ڳالهه
ڪانه نبرندي؟“
”پڪ
اهو
شدن مليو
ٿي.“
حفيظ
مون
ڏانهن گهوري
ڏٺو،
”توکي
ڪٿي
مليو؟“
”ڳوٺ
جي
ٻاهرين
گس تي
...
توهان جي
اڳ
جي ڏيٺ ويٺ
ٿي
معلوم
ٿئي؟“
”شدن
کي
مان
پوريءَ طرح
سڃاڻان. پڙهيل
لکيل
آهي؛ پر
جڏهن
شدن جهڙا
پڙهيل لکيل
ماڻهو
ڪهاڻين جي
رومانٽڪ هيرو
بڻجڻ
لڳندا آهن
ته
پوءِ واقعي
مسئلا نبري
نه
سگهندا آهن.
شدن
سان منهنجي
واقفيت ڪا نئين
ڪانهي.
نڪي
مون هن
کي
ڪو
هڪ
ٻه
ڀيرا
روئندي ڏٺو آهي
۽
نه
ئي هن
جي
”پيار
ڪهاڻي
اهڙي آهي.
جنهن
تي ويهي
ڪاڳر
ڪارا
ڪجن.
اها
ئي محبت
جي
پراڻي
ڪهاڻي، جيڪا
عام
رسالن ۾ عام
جام
ڇپيل
هوندي آهي،
جن
۾
اهو ئي
هوندو آهي
ته
هڪ
ڇوڪرو، هڪ
ڇوڪريءَ
کي
پيار
ڪندو
آهي. پوءِ
ڇوڪريءَ
جا
مائٽ
ٻنهي جي
راهه
۾
رڪاوٽن جا
پهاڙ
آڻي بيهاريندا
آهن
۽
پوءِ ٻئي محبت
ڪرڻ
وارا
پنهنجي پنهنجي
دل
کان
مجبور ٿي نير
وهائڻ شروع
ڪندا
آهن،
يا خودڪشي
ڪري
ڇڏيندا
آهن.
ڪڏهن
وري انهن
ڪهاڻين
۾
غريبي ۽ سرمائيداريءَ
جو
چڪر
ڏيکاريل هوندو
آهي.
جنهن ۾ غريب
ڇوڪري
کي
امير
ڇوڪرِي
ٺڪرائي
ڇڏيندي
آهي ۽ وري
امير
ڇوڪرو
غريب
ڇوڪريءَ کي
ٺڪرائي
ڇڏيندو آهي،
يا
غريب
ڇوڪريءَ جي
محبت
جو ناجائز
فائدو وٺي،
پنهنجون نفساني
خواهشون پوريون
ڪري
کيس
ڇڏي
ڏيندو
آهي.
ويچاري
ڇوڪري نير
هارڻ
ويهي رهندي
آهي.
اهي
ڪهاڻيون ڪي نيون
ڪينهن.
يوناني ديو
تائن
جي قصن
۽
ويدن
جي ڏند
ڪٿائن کان وٺي
اڄڪلهه
ڇپجندڙ ٻه آنڪي
رسالن تائين
اهي
ڪهاڻيون
پٿريون پيون
آهن،
جڏهن کان انسان
لکڻ
پڙهڻ جو
فن
سکيو. اهي
ڪهاڻيون
لکيون ۽ پڙهيون
ويون
آهن ۽ تنهن
هوندي به
انهن
کي
ور ور
ڪري
لکيو
پيو وڃي.
ور
ور ڪري پڙهيو
پيو
وڃي. نه
لکڻ
وارا ٿا
کٽن، نه
پڙهڻ
وارا.“
”تنهنجي
ڳالهين
مان
ته معلوم
ٿو
ٿئي
ته
هو تنهنجو
سٺو
واقفڪار آهي.
پوءِ
تون هن
کي
اصل
ڳالهين
کان
آگاهه ڇو
ڪونه ٿو
ڪرين؟“
”هن
جون
ڪجهه
حالتون ئي
اهڙيون آهن.
پيءُ
کي
جيڪڏهن هڪڙو
پٽ
هجي ته
تون
سمجهي سگهين
ٿو
ته
هن جو
ان
سان
ڪهڙو ۽
ڪيترو پيار
ٿي
سگهي
ٿو،
جنهن ڪري ئي
شدن
جو پيءُ
پٽ
جي سلسلي
۾
نهايت ئي
جذباتي ماڻهو
آهي.
بيٺل ماڻهو
آهي
۽
اٺ _
ڪوهيءَ ۾ هن
جو
مٽ
ڪوبه
ڪونهي. راڄ
برادريءَ جا
سڀ
تڪرار شدن
جي
پيءُ وٽ
فيصلي لاءِ
ايندا آهن
۽
پنا
..
شدن
جي ئي
ڳوٺ
جي
هڪ معمولي
هاريءَ جي
ڌيءَ،
ٻين
هارياڻين سنئون
هوءَ
پڻ پوکن
۾
گاهه
ڪندي
يا ووڻن
جي
چونڊ تي
ڦٽيون
چونڊيندي
ڏسبي هئي،
تنهن
کي
به اچي
ست
سال ٿيا آهن.
سمجهان ٿو ته
انهن
ستن سالن
۾
اها
پنا، پنا
ڪانه
رهي
هوندي، جنهن
کي
شروع
شروع ۾ شدن
پيار
ڪيو
هوندو. پر
انهيءَ سڄي
روڄ
راڙي،
ڳوڙهن، نيرن،
لڙڪن، هنجن
۽
سڏڪن
جي تر
۾
ڪيڏي
نه
مختصر
ڪهاڻي آهي!
پنا
بيوفا
ڪانه آهي.
شدن
مون کي قسم
کڻي
ٻڌايو،
ته
پنا، هن
لاءِ
هر
ڳالهه ڪئي آهي
۽
ڪندي
رهي
ٿي،
جا ڪا به
عورت
محبت کان مجبور
ٿي
ڪري
سگهي
ٿي.
ڳالهه
ته بس
ايتري آهي
ته
شدن جو
پيءُ
امير ماڻهو
آهي.
شدن پاڻ
هڪ
پڙهيل
ڳڙهيل ماڻهو
آهي
۽
پنا هڪ
غريب
هاريءَ جي
جاهل
ڌيءَ
آهي. پر
هاڻي
ته پنا
جي
هڪ غريب
هاريءَ سان
شادي
به ٿي چڪي
آهي.
هوءَ جُوءِ
جي
رئيس جي
نونهن ڪين ٿي ٿي سگهي.
۽
انهيءَ
ڳالهه جو
شدن
کي
احساس آهي،
پر
پوءِ شدن
کي
پنهنجي پيءُ
جو
پيار جو
۽
هن جي قربانين
جو
به احساس
آهي.
پنا به
ڪجهه
قربانيون
ڪيون آهن،
شدن
جي پيءُ
به
ڪجهه
قربانيون
ڪيون آهن،
ڪنهن
وڌيڪ
مان لهڻو،
سو
شدن نبيري
نه
سگهيو آهي!“
مون
کانئس
پڇيو، ”ته نيٺ
ڇا
ٿيڻ
گهرجي؟“
”اهي
سڀ
سوال آهن،
جن
ڏانهن
ٽئگور
به هڪ
شعر
”شاعر
جي شڪست“
۾
چيو
آهي ته
ڪير
اهي
سلجهائي، ان
شعر
۾
هڪڙو راجا
نارائڻ هو.
هڪڙي
راجڪماري اجيتا
هئي،
هڪڙو شاعر
شيکر
هو ۽ هڪڙو
لفظن
جو جوهري
پنڊارڪ هو،
هڪڙي
هيرن جي
مالا
راجا جي
ڳچيءَ
۾
هئي
۽
هڪڙي جئي
مالا
راجڪماريءَ اجيتا
وٽ
هئي. ڇا ٿيڻ گهرجي؟
ڪير
ڪهڙي
مالا
پائي؟
ڪڏهن پائي؟
ڇو
پائي؟ تون
اهو
ڏس،
ته
ڪهڙيءَ طرح
اسانجا سڀ
اديب
ڪونه
ڪو
سوال کڻي سلجهائڻ
جي
ڪوشش
ڪري
رهيا آهن،
ويچارا
ڪَتن به
پيا
ڪنبن
به پيا.
رابندر ناٿ
ٽئگور
کي
ته
هاڻي هن
دنيا
مان وئي
به
ڪافي
عرصو گذري
چڪو
آهي؛ پر هاڻي
ته
اڻ ميا
ٽئگور
نڪري
پيا آهن،
کوڙ
ئي
ته آهن،
ڏاڍو
آسائتو ماحول
آ
ڀاءُ!
انهيءَ
ڳالهه جو
يقين
نه بلڪه
ان
تي ايمان
اٿم،
ته سُهڻو
سمو
اچڻو آهي
۽
ضرور
ايندو. خوشين
ڀريو
اهو
سج اڀرڻو
آهي
۽
ضرور اڀرندو.“
منهن
مٿي
ڪري، چنڊ
ڏانهن
ڏسي
چوڻ
لڳو:
”هوا
۾
خنڪي اچي
وئي
آهي، تنهنجو
ڇا
خيال
آهي.“
”جيئن
تنهنجي صلاح.“
مون
سندس
ڳالهه سمجهندي
چيو.
هن جو
مطلب
هو ته
اڃان
اڳتي هلون.
هلندي مون
کانئس
پڇيو:
”حفيظ ..
“
هن
شايد نه
ٻڌو، تڏهن
ته
هن ڪو به
جواب
نه
ڏنو.
”ٻُڌ ..
“ مون
سندس
ڌيان
ڇڪائڻ
لاءِ چيو.
”چهءُ ..
“
”ڀلا
اهو
اميدن جو
سج
ڇا
پنهنجو پاڻ
ئي
اڀرندو؟“
هن
مون
ڏانهن غور
سان
ڏٺو.
لڪڻ کي آڱرين
۾
گول
ڦيرائڻ
لڳو، شايد
ڪجهه
سوچي
رهيو هو.
”هڪ
ئي
اڻ تڻ،
هڪ
ئي خيال
۽
هڪ
ئي فڪر
منهنجي دماغ
۾
سمايل رهيو
آهي
۽
اهو خيال
هيءَ
آهي ته
آئون
نيٺ
ڪيان ته
ڇا
ڇا
ڪيان؟
بڻجان ته
ڇا
بڻجان!
ڇاڪاڻ
ته هن
سماج
کي
ته نيٺ
بدلائڻو آهي،
سندس
دستورن ۽ خيالن
۾
ڦيرو
آڻڻو
پوندو، انهيءَ
لاءِ
گهٽ ۾ گهٽ
آئيندي جو
انسان، انسان
بڻجي
سگهي. تڏهن
مون
پنهنجي سر
ڪجهه
نه
ڪجهه
ڪري
وٺڻ جو
پڪو
پهه ڪيو ۽ تڏهن
دل
چيو ته
ڊاڪٽر
ٿيان،
پر
خيال وري
انجنيئريءَ جو
آيو،
ڪليڪٽري،
مختيارڪاري، صوبيداري،
واپار، چوريون،
ڌاڙا،
فريب، جوا
۽
فقيري سڀ
هڪ
هڪ ڪري دماغ
۾
داخل
ٿيا،
پر افسوس
جو
مان سڀ
ڪجهه
هڪ
ئي وقت
بڻجي
نٿو سگهان!
سڄا
سارا ٻه مهينا
سوچيندو رهيس.
ان
وچ ۾ ، پنهنجو
ننڍڙو گهر
۽
ان
۾
رهندڙ زيبو،
حسنا
۽
امي ياد
آيا.
بابي جي
جيئري جو
به
زمانو ياد
آيو.
امڙ جي
حالت
۽
ڏکن
ڏاکڙن
تي به
ويچار
ڪيم. هُن
جي
آسن، اميدن
۽
تمنائن تي
به
غور ڪيم ۽ هن
جي
پورهئي کي به
ساريم. اهي
ڏينهن
جڏهن
آئون بيمار
هيس
۽
هوءَ سڄي
رات
منهنجي سيرانديءَ
کان
ويهي
گونگيون هنجون
هاريندي هئي.
بابي
جي امڙ
سان
اجائي هلت
به
ياد آئي،
۽
اهو
به خيال
آيم،
ته بابي
جي
روش سهڻ
رڳو
هُن جو
ئي
ڪم
هو، ٻيو هوند
اصل
ڪين
سهي سگهي
ها.
سندس نشو
ڪري
گهر
اچڻ ۽ پوءِ
گارگند، مارڪُٽ
سڀ
ياد آيا.
لوليون
ڏيندي هوءَ
دعائون گهرندي
هئي،
مون لاءِ
۽
منهنجي
ڀينرن لاءِ
چوندي هئي:
”لال
وڏو
ٿيندو،
ته
ڪليڪٽر
ٿيندو“ پوءِ،
پوءِ
هُن جي
هوائي قلعن
جو
ڊگهو
زنجير جڙي
ويندو هو.
بنگلا، محل،
ماڙيون،
ڪارون، نوڪر
۽
ٻانهيون،
سڀ
انهيءَ زنجير
۾
ڪڙن
مثل
جڙي ويندا
هئا
۽
امڙ انهيءَ
زنجير کي پاڻ
کان
به
پيارو سمجهندي
هئي
۽
پڪ اڄ
به
سمجهندي هوندي
...
سوچيم ته
صوبيدار
ٿيان، پوليس
جي
نوڪري ملندم
ته
ماڻهن تي
رعب
ٿيندو،
دشمنن کي دهشت
ٿيندي،
پگهار سٺي،
اُپت
جهجهي
ٿيندم. شادي
ڪندس،
گهر
ٺاهينديس
۽
سکيو ستابو
رهندس. مگر
وري
خيال آيو،
انهيءَ
ڏينهن جو،
جڏهن
پوليس وارن
چاچي
خان محمد
جي
تلاشي ورتي
هئي،
چاچيءَ زينب
کي
دڙڪا
ڏنا
هئائون ۽ چاچا
کي
ٻڌي
ويا
هئا.
ڪهڙو
ڏوهه ڪيو هئائين؟
اهو
ئي نه،
ته
مختيارڪار جي
اڍنگي هلت
جي
ڳالهه
ٿي
ڪيائين.
پوءِ انهيءَ
۾
ڪوڙ
ته
ڪين
هو. مختيارڪار
هيو
به ته
رشوتخور، ظالم
۽
ڊوهي.
انهن
ڳالهين
کي
ويچاريندي، آئون
نيٺ
انهيءَ نتيجي
تي
پهتس، ته
آئون
انهن مان
ڪو
به
هڪ بڻيس،
ته
مون کي به
ائين
ئي
ڪرڻو پوندو،
جيئن
هو پيا
ڪن.
رشوت
۽
رساڪاريءَ جي
انهيءَ لنبي
ڏور
کي
هزار
وڪڙ آهن،
اعتبار ڪر. سچ
ٿو
چوان، انهن
نوڪرين سان
رشوت
جو اصل
ناتو
آهي، نه
ته
پوءِ نوڪريءَ
جي
سلامتي اصل
ڪين
آهي.
هروڀرو جيڪو
ايمانداريءَ تي
لهي،
پيريءَ ويل
پينشن وٺڻ
تي اهو
ڏوڪڙ ڪين جڙيس،
جو
ٻچا
سکيا ڪري سگهي.
سندم
هڪ دوست
آهي
”رند“،
هو پڻ
ان
کاتي
۾
نوڪري
ڪندو آهي،
جنهن
۾
مختيارڪار ڪم
ڪندا آهن،
چوندو آهي:
”جيڪو
ماڻهو اسان
جي
کاتي
۾
رهي، رشوت نه ٿو
وٺي،
تنهن کي
ڦاسيءَ تي
چاڙهڻ گهرجي،
ڇو
ته
رشوت اسان
جي
کاتي
جو دستور
آهي،
۽
جيڪو دستور
کي
ڀڃندو،
سو
باغي چئبو
۽
جنهن
لاءِ سڀني
ملڪن
۾
ساڳي سزا
آهي،
يعني موت.“
سو
اتان خيال
هٽيو
ته
ڊاڪٽري
۽انجنيئري دماغ
۾
ڦرڻ
لڳيون، پر
پوءِ
نيٺ انهيءَ
لاءِ
به ساڳي
فيصلي تي
پهتس، اتي
به
ساڳي رشوتخوريءَ
جي
ڌُم
لڳي پئي
آهي،
ان ڪري منهنجو
وڃڻ
عبث هو
.. ..
“
ڳالهائيندي
هوسانت ٿي ويو.
رستي
۾
پٿرن جو
ڍير
پيو
هو. تنهن
ڏانهن
وڃي
ويٺو
..
وري
پنهنجي
ڳالهه جاري
رکندي، چوڻ
لڳو:
”تنگ
ٿي
مون
سوچيو، ته
وڃي
ٿو
ڪو
چور
ڌاڙيل بڻجان.
ڌاڙا
هڻندس ۽ گذر
ڪندس.
اميرن کان
کسي، غريبن
کي
ڏيندس؛ پر
وري
سوچڻ لڳس،
ته
آخر
ڪيئن خبر
پوي،
ته
ڪنهن وٽ
ڪيتري
ناحق
جي مايا
آهي.
ڌاڙا
هڻندي، ته
اصل
خبر
ڪانه پوندي
۽
تنهن
کانسواءِ
پنهنجي جيئڻ
جي
سامان ڪرڻ لاءِ
ڪنهن
کي
مارڻ
....
ڪهڙو
نه
خراب ڪم آهي
۽
اهڙيءَ طرح
ٻيون انيڪ
اوڻايون پسي،
انهيءَ
ڌنڌيءَ کان به
دل
ڌڌڪو
کاڌو.“
هو وري
ماٺ
ٿي
ويو. لڪڻ
کي
پٿرن
تي هڻڻ
لڳو.
مان به
وڌي
وڃي سندس
ڀرسان
پٿرن
تي ويٺس.
”رهي
فقيري، سا
گهڻو
دماغ ۾ گهر
ڪري
ويٺي. فقيريءَ
تي
ڪيترا
ڀيرا
ڪتاب
پڙهيم، مگر
هر
حالت ۾ لاڳاپا
لاهڻ
ضروري هئا.
سوچڻ
ويٺس ته
جيڪڏهن لاڳاپا
لاهڻا ئي
آهن،
ته پوءِ
ڇو
نه
اهڙو ڪم
ڪجي، جو
هي
لکن جا
لک
ماڻهو مصيبتن
۾
پيا
ڳاهه
ٿين،
تن کي آجي
ڪرڻ
جو
ڪو
سامان
ٿئي. پنهنجي
ڳوٺ
توڙي
هتانجي ماڻهن
جي
رهڻي
ڪرڻي انهن
جي
سماجڪ جوڙجڪ
۽
انهيءَ اندر
رکيل
اوڻاين تي
غور
ڪيم
۽
نيٺ آئون
ان
فيصلي تي
پهتس، ته
مون
کي
هن سماج
کي
ڌارڻ
گهرجي. تون
پڇندين
ڇو؟“ هو
پٿرن
تان ٽپ ڏئي اٿيو
۽
اڳٺي
هلڻ لڳو.
”ته
ٻُڌ،
اسانجي هن
موجوده سماج
۾،
جا
غريب ۽ امير
جي
ورڇ رکي
ويئي
آهي، اوچ
۽
نيچ
۾
فرق رکيو
ويو
آهي، سو
دراصل اسانجي
سڀني
مصيبتن جو
ڪارڻ
آهي.
اسانجا
ڊاڪٽر توڙي
فوجدار،
ڪلاڪ توڙي
ڪاراوا،
سڀ
مجبور آهن
ته
رشوت وٺن،
ظلم
ڪن
۽
بيداد نگري
مچائن، ڇو ته
سندن
مٿان هردم
غربت
جي ٻه مُنهين
ترار
لڙڪيل رهي
ٿي،
هو
هميشه انهيءَ
کان
پاڻ
بچائڻ جي
ڪوشش
ڪن
ٿا.
لک
نه پر
ڪروڙ
ميڙي
به هنن
جو
ڀڀ
نٿو
ڀرجي، ڇو ته
غربت
جو ڀوت سندن پويان ايترو ته تکو ٿي ٿو لڳو اچي جيترو تکو هو انهيءَ کان
ڀڄڻ جي ڪوشش ٿا
ڪن.
هو
ڄاڻن
ٿا
ته
ڪروڙ
کُٽڻ جي
شيءِ
آهن ۽ کٽي ويندا.
ويچارا هاريل
جواري
ڄاڻن ٿا ته
هيءَ
جُوا آهي،
ڄاڻن
ٿا
ته
انهيءَ ميڙ
مڙيان مان
ڪجهه
ڪين
ورندو، تنهن
هوندي به
ميڙ
ميڙان کان مُڙن
ڪين
ٿا.
ظلم
ڪري
ميڙن ٿا، ناحق
ڪري
ميڙن
ٿا
۽
ميڙيندا رهن
ٿا،
جيئن
ڪو
هاريل جواري،
جوا
مان اٿڻ
جي
سَڌ ئي
نه
ڪندو
هجي. هجڻ
ته
ائين
کپندو هو،
ته
اسان انهيءَ
ميڙ
ميڙاڻ کي ڇڏي ڪا اهڙي
روش
اختيار
ڪريون، جو
اسان
کي
ميڙڻ جي
ضرورت ئي
نه
پوي، جيئن
اسان
انهيءَ مايا
کانسواءِ
به
پاڻ سکيا
ستابا، سلامت
۽
آسودا سمجهون،
مگر
ائين نه
آهي
..
البت
ائين
..
ٿي ضرور
سگهي
ٿو
..
رڳو
جيڪڏهن اسين
سڀ
گڏجي هر
ٻار
جي
پالنا ۽ پوڙهي
جي
سار سنڀال
جي
ذميواري پاڻ
تي
کڻون
ته ائين
ٿي
پوندو. پوءِ
ڪنهن
کي
رشوتخوريءَ جي
ضرورت
ڪانه پوندي،
پوءِ
ڪنهن
کي
ڦر
ڪرڻ
جي ضرورت
ڪانه
پوندي. ڇو ته
کيس
پڪ
هوندي ته
سندس
ٻارن
جي سار
لهڻ
لاءِ هيڏو
سارو
سماج ويٺو
آهي
۽
سندس پيريءَ
جي
لٺ بڻجڻ
لاءِ
پوري قوم
تيار
آهي، پوءِ
هن
کي
لٽ مچائي،
مايا
ميڙڻ جي
ضرورت
ڪانه رهندي،
ڇو
ته
آخر به
ته
مايا اسين
انهيءَ لاءِ
طلبيندا آهيون
ته
انهيءَ سان
سک،
سهنجائي ۽ سلامتي
خريد
ڪري
سگهون. پر
اهو
ڪير
ڪري؟
هيڏن
سارن
ٻارن جي
سار
جو ذمو
ڪير
کڻي؟
ڪير
هيترن پوڙهن
جي
پيريءَ جوسهارو
بڻجي؟
”موجوده
سماج
ته انهيءَ
لائق
آهي ئي
ڪين.“
وچ
۾
سوال ڪيم:
”ته
پوءِ نيٺ
ڇا
ٿيڻ
گهرجي؟“
”مون
چيو
ته پيارا،
ته
انهيءَ سماج
کي
بدلائڻو پوندو.
ان
جي رواجن،
دستورن ۽ خيالن
۾
ڦيرو
آڻڻو
پوندو، انهيءَ
لاءِ
ته گهٽ
۾
گهٽ
آئيندي جو
انسان، انسان
بڻجي
سگهي.“ هو
ماٺ
ڪري
هلڻ لڳو.
گهڻي
دير اسان
ٻنهي
جي
وچ ۾ ماٺ
هئي.
پريان
ڪٿان
ڪنهن ڪڪڙ جي
ٻانگ
جو
آواز
ٻڌي، مون
حفيظ
ڏانهن
نهاريون. اتفاق
سان
حفيظ به
مون
ڏانهن
ڏسڻ
لڳو.
”اهي سڀ
سوچون امڙ
کان
ان
ڪارڊ
جي اچڻ
تي
پيدا
ٿيون هيون،
جنهن
جو هن
جواب
به گهريو
هو.
سو خط
منهنجي لاءِ
ڏاڍو
اهم
هو، جنهن
جو
جواب لکندي،
امڙ
جون انيڪ
اميدون اکين
آڏو
اڀري آيون
هيون. پر
ڇو
ته
مان پڪو
ارادو ڪري چڪو
هوس،
تنهن ڪري امڙ
کي
اهي
سڀ
ڳالهيون لکيون
هيم،
جيڪي ان
وقت
منهنجي ذهن
۾
هيون. آخر
۾
کيس
اهو
لکيو هيم
ته:
جيجل
_
مون
ارادو ڪيو آهي،
ته
آئون انهيءَ
لاءِ
جيئندس، انهيءَ
لا
مرندس، پوءِ
کڻي
مون
کي
تنهنجي تمنائن
جي
قرباني ڇو نه
ڏيڻي
پوي
..
کڻي
مون
کي
معصوم زيبو
۽
حسنا
کي
بُک وگهي
مرندو
ڏسڻو پوي
۽
کڻي
مون
کي
سموري
ڄمار دک،
درد،
مصيبت، تڪليف،
غم
۽
غربت ۾ گهارڻو
پوي.
منهنجي امڙ،
جي
پڄئي ته
هن
نيڪ ڪم
ڪارڻ مون
کي
ٿڃ
بخشج، نه
ته
پوءِ، آئون
ڳاٽ
کڻي
چئي
نه سگهندس،
ته
مون جيجل
ماءُ
جي تمنائن
جي
ڀيٽا
هن سماج
جي
قدمن ۾ رکي
هئي
.. .. .. ..
پر
..........
”پر
ڇا؟“
مون
کانئس
سوال
ڪيو.
هن
ڪو
به جواب
نه
ڏنو.
بس اڳتي
وڌندو هليو. |