سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :40

 

تاثر

عبدالحق عالماڻي

عبدالقادر صديقي

۽ مدد علي سنڌي

 

 

عبدالحق عالماڻي

 

پن ٻوڙين پاتال ۾، پاهڻ تارين تو

 

        اڄ کان ڏهاڪو کن سال اڳ، مون حفيظ شيخ جي مٿئين عنوان سان لکيل ڪهاڻي پڙهي هئي. الاجي ڇو انهيءَ وقت سندس ڪهاڻيءَ جي پڇاڙيءَ واريون سٽون منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويون هيون. هو لکي ٿو: ”آئون آهستي آهستي انهيءَ قطار جي پويان وڃي رهيو آهيان، پري تمام پري، ڪنهن نوران جي تلاش ۾؛ شايد وري ٻين پنن کي ٻڏندو ڏسڻ ۽ ٻين پهڻن کي ترندو ڏسڻ لاءِ!

        ماضي جي جهروڪن مان اڄ وري سندس لکيل اهي سٽون جيءَ ۾ جهاتيون پائي رهيون اٿم. ائين پيولڳيم، ڄڻ سندس لکيل لفظ حياتيءَ جي ماڻ ۾ ڀرجي، ڪنهن اڻ ڏني اجهاڳ ساگر ۾ اوتجي ويا آهن. شايد ڪنهن ڪهاڻي جي  تلاش ۾، شايد وري پنن کي ٻڏندو ڏسڻ ۽ پهڻن کي ترندو ڏسڻ لاءِ، هو هاڻي حياتي جي مومل کان رسي ويو آهي. هو سڀني رشتن جون حدون اورانگي اهڙي پار هليو ويو آهي، جتي وقت کي ڪائي معنيٰ نه آهي، جتي زندگي جو ڪو به واسطو ڪونهي. هو هڪ اهڙي ماڳ ڀيڙو وڃي ٿيو آهي، جتي نه مُرڪون آهن، نه ماڻان. نه خوشي آهي، نه غم. جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ ارمانن کان خالي هڪ اهڙو پولار، جنهن لاءِ سوچ جو هر روپ ڪائي معنيٰ نه ٿو رکي. ليڪن لڳي ٿو ته انهيءَ  اڻ ڏٺي ڏيهه کي به، حفيظ ڪائي معنيٰ ضرور ڏيندو، هو ٽٽل رشتن کي ڳنڍي ڄاڻي. هو جذبن ۽ احساسن کي جنم ڏيئي ڄاڻي. هو فنڪار هو ۽ تخليق سندس عمل هو، تنهنڪري موت سندس لاءِ ڪائي معنيٰ نٿو رکي.

        جڏهن هو زندگي جي لهرن تي تڙڳندڙ هو، جڏهن هو وقت جي پاڇولن ۾ مانجهاندي جا ماڳ ڪندو هو، تڏهن آءُ به سندس ڄاتل سڃاتل مهانڊن مان هوس. حفيظ مائٽي ۾ مون کي ويجهو هو. تنهنڪري سندس جيون کي قريب ڏسڻ جو گهڻو موقعو مليو اٿم. سندس شخصيت مختلف نفسياتي اثرن هيٺ آيل هئي. حقيقت ۾ هو انساني روپ ۾ هڪ اهڙو پيوند هو، جنهن کي هڪ سماج مان ٿڏاري ٻئي سماج ۾ ڳنڍيو ويو هو. سندس والد هندو عالم خاندان مان هو. جنهن پنهنجي سوچ ۽ فڪر، جذبن ۽ احساسن کي هڪ نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو هو. نتيجي ۾ هو پنهنجي ڪٽنب ۽ برادري کان ڪٽجي، لڳ لاڳاپن کان ڇڄي، مٽن مائٽن کان ڌار ٿي اهڙي شخصيت ۾ تبديل ٿي چڪو هو، جنهن کي پڇاڙي ۾ رڳو محروميون ۽ مايوسيون ئي نصيب ٿيون هيون. حفيظ انهيءَ ماحول ۾ جنم ورتو، جتي اردو ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. جتي رسمون ۽ رواج حديثن جي شرح ۾ ٺهندا هئا. جتي فرض ۽ سنت، نفل ۽ واجب جي اصولن تي ڪچڙن ذهنن جي پرورش ٿيندي هئي. هو اهڙو ماحول هو، جتي صرف پابنديون ئي پابنديون هيون. زندگي سڏيو ٿي ويو، چند انهن اصولن کي، جيڪي مڙهيل هئا ٿاڦيل هئا انسانن مٿان. ننڍي هوندي ئي حفيظ جي ذهن زندگي جي انهي جڙتو ڍانچي کي قبول نه ڪيو. هن جو ذهن ته ڪنهن به پابندي جو قائل نه هو. سندس طبيعت انهيءَ واچوڙي جيان هئي، جنهن ۾ آسپاس جون شيون، ڇڪجي جذب ٿي لاٽ وانگر فضائن ۾ اڏامن. هن جڏهن انهن حدبندين کي ٽوڙڻ چاهيو، هن جڏهن زندگي جي انهيءَ محدود ڍانچي مان نڪرڻ چاهيو ته کيس محرومي جو احساس ٿيڻ لڳو. شايد سندس پهرين محرومي اها هئي، جو سندس پيءَ جي محبت وارو حصو ونڊجي ٻين ڀائرن کي ملڻ شروع ٿيو هو. هن جڏهن پنهنجي ماءُ پيءَ کان اهڙو عمل ٿيندي ڏٺو ته سندس حساس ذهن اهڙي ڳري سزا کان ڏنڀجي پيو هو. اهو محرومي جو احساس هن جي من ۾ مانڌاڻ وجهي ولوڙيندو رهيو. پوءِ هن پنهنجي شخصيت جي چوڌاري اهڙو ڄار اڻڻ شروع ڪيو هو، جنهن ۾ پناهه وٺي هو پنهنجي تعمير ڪري سگهي. ڪچو ذهن حالتن جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ شروع ٿي ويو هو. هو گهر جي ماحول کان ڇرڪڻ لڳو. جنهن جي ذهن ۾ سونهن جا سپنا هئا، جنهن جي من ۾ محبت جو مهراڻ هو، اتي هن محسوس ڪيو ته سندس روح جا ريلا سڪندا پيا وڃن. سندس ذهن جون آرسيون ڌنڌليون ٿينديون پيون وڃن. تڏهن هن پهريون ڀيرو پنهنجي ماحول ۾ گهور ڪري نهاريو هو. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو اجنبي آهي.، ڌاريو آهي، رشتا ۽ ناتا، سيڻ ۽ سڄڻ سڀ ٽٽي چڪا آهن. هو ويڳاڻو ٿي ويو هو، ويچارو ٿي پيو هو. انهيءَ وقت سندس ذهن آويءَ ۾ پيل زمين وانگر سيڪاٽجي چڪو هو. ڪا تئونس هئي، ڪا اڃ هئي، ڪا لوڇ هئي، جنهن سبب انهيءَ آويءَ ۾ پيل زمين جهڙي ذهن تي خيالن جون برساتون اوريڪون بنجي ٽٽي پيون، ويچار وسي وسي جهڪا ٿيا، پور پچي جڏهن راس ٿيا؛ تڏهن حفيظ پنهنجي پاڻ کي پائي ورتو هو. پوءِ هو رولاڪ ٿي ويو هو، اجنبي ٿي ويو هو، ڌاريو ٿي ويو هو، پنهنجي ماحول کان. هن کي پڪ هئي ته انهيءَ جڙتو ماحول ۾، جنهن ۾ هن جنم ورتو هو، اتي زندگي گهٽيل هوندي، جذبن ۽ احساسن کي شريعت جي سائميءَ ۾ توريو ويندو، جنهن ڪري انسان فرشتو ته بنجي سگهي ٿو، پر انسان نه! هن ته انسان بنجڻ ٿي چاهيو، صرف انسان؛ جذبن ۽ احساسن، ويچارن ۽ خيالن وارو گوشت پوشت جو انسان. هن کي زندگي سان محبت هئي، هُن ڌرتي کي پنهنجي سپنن سان سجائڻ ٿي گهريو؛ هُن آسمان جي هن پار، انهيءَ دنيا جي تمنا نه ڪئي، جنهن ۾ ساهن جي سڳنڌ ڪانهي، جنهن ۾ احساسن جي اٿل پٿل ڪانهي، جنهن ۾ غم ۽ خوشي جو تصور ڪونهي.

        پوءِ هو منزل جي تلاش ۾ اڳتي نڪري آيو هو. واٽون ويهه ٿي ويون. زندگي حالتن جي رولڙن ۾ ورهائجي ويئي. اڻ سونهان پنڌ. وک، وک تي پراسرار پيچرا؛ ڪٿي ته ڀربو من جو ماڻ! انهيءَ بيوسي ۽ لاچاري واري دور ۾ حفيظ سنڌڙي جي سيني ۾ منهن لڪائي، پنهنجي نسل کي پرکي ورتو هو. اها عظيم تهذيب ۽ تمدن، جنهن جون پاڙون هن جي ابن ڏاڏن جي جيءَ ۾ جڙيل هيون، هو وقت جون واڳون موڙي اوڏاهن موٽي ويو. تڏهن حفيظ سنڌڙي جي سرزمين ۾ پنهنجي سپنن کي سچو ٿيندي محسوس ڪيو. هو وري انهيءَ تهذيب جو اوڇڻ ڍڪي هن ڌرتيءَ جي وسندين ۾ ڪاهي پيو. ڪئين اڻٽيهون اونداهيون هن مهراڻ جي ڪنڌيءَ تي گذاري ڇڏيون. ڪنڌيءَ جهلي ڪانهن لهرن سان لائون لهندو رهيو، چانڊوڪين جا ڇونولا ڇولين تان ڇلڪي هن جي منهن تي پوندا رهيا ساوڻ جا اوهيرا مهراڻ مٿان بالوٽجي، هن جي آويءَ پيل ذهن کي ڪنهن پوک پوکڻ لاءِ تيار ڪندا رهيا. آخر هن جي اندر ۾ ستل فنڪار آرس ڀڃي اٿيو ۽ وري هڪ ڀيرو ڌرتي ماءُ جو رشتو، انهن مڙيل ۽ ٿاڦيل رشتن کي ريٽي ويو، جن ۾ حفيظ جنم ورتو هو. ڌرتي، ماءُ جي محبت حفيظ کي زندگي سان پيار ڪرڻ سيکاريو. هو حالتن جي وهڪ ۾ لڙهندو رهيو، پر ساڳئي وقت پنهنجي شخصيت جي تعمير به ڪندو رهيو. هو وڏي جرئت ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ هو. هن ڪجهه بنجڻ لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪئي. بوٽ پالش ڪيائين، موٽر گئراجن ۾ ڪم ڪيائين، ريڙهن تي نارنگيون ۽ ناسپاتيون وڪيائين، فٽ پاٿن تي راتيون گذاريائين، ۽ پڙهندو رهيو. هو جڏهن ڪاليجي دور ۾ اچي پهتو هو، ته هن ۾ ايتري جرئت پيدا ٿي سگهي هئي جو، هن نام نهاد سماج کان پنهنجي جيئڻ جو حق ڦري سگهي. انهيءَ زماني ۾ هو پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کان بلڪل پري ٿي چڪو هو؛ جيڪڏهن ملندو به هو ته هڪ اجنبي ٿي سندن گهر ويندو هو اجنبي ٿي موٽي ايندو هو. هاڻي هن کي ڪنهن جي به پرواهه ڪانه هئي. هن جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو هو. حفيظ جي زندگي جو ادبي دور اتان ئي شروع ٿيو. هو ڪراچي جهڙي اجهاڳ شهر ۾ رهندي به سنڌ جي وسندين ۽ واهڻن ڏانهن نڪري ايندو هو. پوءِ ڪنهن يار دوست جي سانگي سان ڪنهن ڳوٺ ۾ رهي پوندو هو. هو پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار انهن ننڍڙن ڳوٺن ۽ واهڻن مان ڳوليندوهو. ائين ئي هو زندگي جي تاڃي پيٽي کي اڻندو رهيو. حياتي جي جانڊهه کي ڦيريندي، حالتن جي گهاڻي ۾ وهندي، هو اڳڀرو ٿيندو رهيو. سال 53-52   جو زمانو هو. آئون 12 سالن جي عمر ۾ ڪراچي پنهنجي ڀاءُ وٽ اچي رهيو هوس. ميٺارام هاسٽل جي سامهون گهر هو. حفيظ تڏهن هاسٽل ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري گهر آيو، رسالن جو بنڊل هٿ ۾ هوس. مون کي چيائين: ”تون شاگرد آهين نه! هان هي وٺ رسالو ۽ پڙهه.“ مون سندس هٿ مان رسالو ورتو ۽ ڏٺم ته رسالي جي مٿان وڏن اکرن ۾ ”شاگرد“ جو لفظ لکيل هو. آءُ ائين ئي رسالي ۾ ڇپيل تصويرن کي جاچڻ لڳي ويو هوس. هڪڙي تصوير تي منهنجون نظرون ڄمي ويون هيون. تصوير ڪنهن مائي جي هئي. ڏاڍي خوبصورت پئي لڳي. ساڙي اوڍيل، پوري پني هاٺي، چيرايون هانءُ ۾ پيهندڙ اکيون ۽ مڻيادار مهانڊو. مون کي تصوير ۾ گهوريندو ڏسي چيائين: ”اڙي ٻهراڙي جا ڄٽوڙا سڃاڻين ٿو اها ڪير آهي؟“ مون تصوير جي هيٺان نالو پڙهندي چيو: ”روشن مغل“ حفيظ جو منهن ٽامڻي هڻي ويو هو. مون ڏانهس نهاريو، ته ائين لڳو ڄڻ هو پنهنجي من جو ڀيد لڪائڻ لاءِ چپن تي اڻڀي مرڪ آڻي ويٺو هو. ڀيڻس ڀر ۾ بيٺي هئي. تنهن ائين وياڪل ڏسي اردوءَ ۾ چيو؛ ”تون چريو آهين، مئلن سان به ڪي رشتا ٿيندا آهن.“ مون نهاريو پئي. حفيظ جي اکين ۾ آلاڻ اچي ويئي هئي. ڀيڻس سندس منهن ۾ نهاري چيو: ”اڙي تون ته سچ پچ بيوقوف آهين؛ حديث ۾ آهي ته مئل لاءِ ڏک ڪبو ته انهيءَ جي روح کي تڪليف پهچندي.“ حفيظ گونگو بنجي ويو هو، ڄڻ زبان تارونءَ سان چهٽي پيئي هئس. چپن تو ڏکويل مُرڪ وري آئي هيس. ڀيڻ کي نهاريندي روئڻهار ڪو ٿيندي چيو هئائين: ”مئلن کي نٿو ساري سگهجي؟ جيئرن سان ڪو سانگو نٿو رکي سگهي؛ پوءِ پيار ڇو آهي، اُڪير ڇو آهي، سڪ ڇو آهي، اوسيئڙو ڇو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڦرجي ڇو نٿو وڃي، لٽجي ڇو نٿو وڃي؛ پابنديون، حد بنديون ........ آخر ......... آخر ......... توهين ماڻهو ميرا من ۽ اجرا چهرا کڻي، ڪيستائين مذهب جو ڪوڙهه پکيڙيندا رهندا! ڀيڻس جي چڙ لڳ ويئي هئي، تنهن خار کائيندي اردو ۾ چيو، ”سالا ڪميونسٽ توهين وڏا حرامي آهيو، محشر ڏينهن تو جهڙا دوزخ جو ڀارڻ ٿيندا، تون اچين ٿو ته اسان جي گهر ۾ رحمت جا فرشتا به پير ڪونه ٿا رکن.“ مون ڏٺو پئي ته حفيظ جي منهن تي هاڻي ڪو به تاثر ڪونه هو. هو اٿيو ۽ مرڪندي چوندي ويو: ”فرشتا ضرور ايند؛ پر ڀاءُ بنجي ڀيڻ وٽ ڪونه ايندا.“ ڪيڏي اجنبيت هئي، ڪيڏي ڌاريائپ هئي انهن رشتن ۾. مون انهيءَ وقت ڄاتو هو حفيظ واقعي نرالي فطرت جو مالڪ آهي. اڪيلو پنهنجي من ۾، ذهن ۾ ۽ هن جڳ ۾. انهيءَ دور ۾ ئي آءُ کانئس متاثر ٿيو هوس. سندس ڪهاڻيون پڙهندوهوس ۽ چاهيندو هوس ته آءُ به ائين لفظ ميڙي چونڊي لکڻ لڳان. پوءِ وقت جي واري تي امنگن ۽ ارمانن جا پيرا کڻندي؛ اسان پنهنجي منهن ٿي وياسين. ائين ئي ڪک پن جيان حالتن جي لهرن ۾ لڙهندي هڪ اهڙي روپ ۾ ملياسين، جتي هو به ٽٽل هو، پنهنجي پاڻ کان ۽ آءُ به لُڪ جي لوساٽيل پن جيان حالتن جي هوائن ۾ ٿڏجي رهيو هوس. سندس ڀيڻ جي شادي هئي. هو اتي آيو هو. هيمشہ وانگر اجنبي ٿي، فرشتو نه پر هڪ ڀاءُ بنجي. نڪاح مهل جڏهن ڇوڪريءَ طرفان وارثي وارڻ جو وقت آيو ته حفيظ جو نالو ورتائون. ڪافي ماڻهو ويٺا هئا. جڏهن هُن کي سڏ ڪيائون، ته هن اتان ئي جواب ڏنو: ”مان اها ذميداري نٿو کڻي سگهان، منهنجو ڪو به واسطو ڪونهي.“ مولوي جي منهن ۾ مڪروح گهنج پئجي يويا هئا، ويٺلن ۾ حيرت وڌي ويئي هئي. مون ڏٺو پئي ته حفيظ جي منهن تي اها ئي معصوميت ڇانيل هئي، اها ئي مرڪ، جنهن ۾ هزارين زخم پوشيده هئا. اتي ويٺلن مان ڪنهن چيو: ”بابا! مڙيئي رسم آهي، نڪاح جي فارم جو خانو ڀرڻو آهي.“

        مون محسوس ڪيو ته انهيءَ وير حفيظ جي من ۾ جذبن جو مانڌاڻ متل هو. هو وڌيڪ جذباتي ٿي ويو هو، هٻڪندي چيو هئائين: ”مون ڪڏهن ڀيڻن جي سار ئي ڪانه لڌي آهي، مون هنن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي، جو آءُ سندن وارث بنجان.“ مون ڏٺو پئي ته حفيظ جون اکيون آليون ٿي پيون هيون. ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو سٽ ڏيئي سندس هانو ۾ لهي ويو هو. هن چاهيو ٿي ته ڀيڻ کي ڳراٽڙي ڏيئي روئي پوي؛ انهيءَ مقدس رشتي جي اوٽ ۾، جيڪو ٻنهي جي وچ ۾ قائم هو، پر هو انهن ڪوڙين ريتن ۽ رسمن کي نڀائي نٿي سگهيو. هن انهن رواجن سان بغاوت ڪئي هئي، تنهن ڪري من جي سچائي کي ماڻهن سامهون آڻي ڇڏيائين. جيءَ ۾ جهري پيو، اندر اڌ ٿي پيس، پر سماج جي انهيءَ نام نهاد ۽ هٿ ٺوڪي ذميداري کي قبول ڪونه ڪيائين. پوءِ انهيءَ رسم کي سندس مامي پورو ڪيو ۽ هو اٿي ٻاهر هليو ويو هو، شايد لڙڪن کي لڪائڻ لاءِ، زخمي مُرڪ کي چهڪ ڏيڻ لاءِ ......

        مون کي ياد آهي جڏهن پاڻ پرڻيو هو ته ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. نه ڀيڻن کي ٻڌايائين ۽ نه وري سنگت ساٿ کي. سندس شادي تي نه شرنايون وڳيون، نه ڪوئي ڳيچ ڳاتا ويا. پنهنجي ارمانن جا موڙ پاڻ سينگاريا هئائين، پنهنجي تمنائن جو ڪاڄ پاڻ ڪيو هئائين. پنهنجي آٿت پاڻ بنيو هو. ڀيڻن کي لکيائين ته، ”مون شادي ڪئي آهي.“ کين اعتبار ئي نه پيو اچي. آخر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اڌ رات جو ڀيڻن جي گهر اچي پڌاريو هو. سڀئي حيران ٿي ويا هئا. ايتري قدر جو چيائونس ته: ”تون غير عورت سان  گڏ آڌيءَ جو هتي ڇو آيو آهين.“ زندگي جون اهي ڄاتل سڃاتل حقيقتون هن کان لڪل ڪونه هيون، تنهن ڪري انهن ڳالهين تي کيس ڪو به عجب نه لڳو هو. شادي کانپوءِ هو هيڪاري حياتي سان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي ويو هو. پوءِ آءُ جڏهن به ساڻس مليس ته هن کي حياتي سان ايڏو پيار ڪندي ڏٺم، جو مون کي پاڻ تي جک ايندا هئا. سوچيندو هوس ته: ”ڪيڏو نه حوصلي ۽ همت وارو آهي هي انسان؛ جو حياتي جو وهه پي به هن جندڙي سان ڀرپور پيار ٿو ڪري.“ پر چوڻي آهي ته موت ۽ ملاقات اوچتي ٿيندي آهي. سو شايد حفيظ جي خوشي به خدا کي راس نه آئي هئي، هن اڃا لڙڪن کي مرڪن سان ڌوئڻ ئي مس شروع ڪيو هو ته سندس زندگي جي ڏيئي جي وٽ اجهمڻ تي  اچي  بيٺي هئي. انهيءَ ڏينهن آءُ شام جو ڪاليج ۾ هوس. مون کي ياد آهي اها شام ڏاڍي ويڳاڻي ٿي ويئي هئي مون لاءِ. ڇوڪرن کي به ڪونه پاڙهيو هوم. ائين اسٽاف روم ۾ ويٺو هوس، ذهن ۾ ماضي ۽ حال جون سرحدون ٽڪرنديون ٽٽنديون پئي ويون، پوءِ ويڳاڻو ٿي گهر موٽي ويو هوس. گهر اچڻ سان امان ٻڌايو ته“ ”نياز همايوني نياپو ڏيئي ويو آهي ته حفيظ گذاري ويو آهي، تنهن ڪري لطيف آباد سندس ڀيڻ جي گهر پهچي وڃ.“ اهو ٻڌڻ سان منهنجي خالي ذهن کي ڀنواٽيون اچي ويون هيون. اعتبار ئي نه اچيم ته حفيظ ائين اوچتو، بي مندائتو منهن موڙي ويندو. آئون گهر جي در کان ئي موٽي پيس .وکن ۾ ونگ پئجي ويا هئا. ”حفيظ مري ويو آهي؟“ ذهن ۾ ڪو به جواب ڪونه هو. ”هميشه وانگر اجنبي ٿي هليو ويو؟....“ ائين سوچڻ سان به من ۾ ڪي جذبا نٿا اڀرن. ”ها! هن کي ائين ئي مرڻ کپندو هو اوچتو، بي وقتو، اڻ مندائتو“ مونکي من جي مونجهه جو جواب ملي يويو هو. حفيظ سان ڪنهن رهائي، جو هو ڪنهن کان موڪلائي ها. هو واقعي ٿڪجي پيو هو. اندر جا گهاءُ لڪائي سالن تائين مرڪندو رهيو ۽ جڏهن وري جندڙي جي جوڀن ۾ آيو ته سڀ ڪجهه کانئس ڦرجي ويو؛ آئون اهي پُور پچائيندو ڪانڌين ڀيڙو اچي ٿيو هوس. اتي نياز همايوني حميد سنڌي ۽ غلام رباني مليا. اڃان حفيظ جو مڙهه خيرپور مان کڄي ڪونه آيو هو، تنهن ڪري حميد ۽ رباني صبح جو جنازي سان شريڪ ٿيڻ لاءِ چئي گهر هليا ويا. نياز ۽ مون پاٿاري تي رات گذارڻ جو ارادو ڪيو. نياز سان حفيظ گهڻو گهاريو هو. نياز به ائين ئي پنهنجي پر ۾ الڳ ٿلڳ آهي، پنهنجن کان، سيڻن کان سڄڻن کان، هن مولائي به حالتن سان چڱا ڏورڻا ڏنا آهن، حفيظ جيان سندس من ۾ به سچائي جي جوت آهي، مونکي لڳي ٿو ته حفيظ جي ساٿارين ۾ نياز ئي فقط اهڙو آهي جنهن جي سڪ، اڪير ۽ تانگهه ۾ حفيظ لاءِ ڪا به بناوٽ نه هئي. آڌي تائين آئون ۽ نياز ڳالهيون ڪندا رهياسين. حفيظ متعلق؛ اسان کي چيائون ته قرآن آڻي ڏيئون، ته ختمو ويهي ڪڍو. نياز جواب موڪليو ته: ”اسان لاءِ ته اسانجي يار جون يادون ئي مقدس آهن، اسان لاءِ اهو دور ئي گهڻو آهي“ پوءِ حفيظ جون يادون هيون ۽ اسين هئاسين. وڳر ۾ ڪونج ڪانه هئي. رُليءَ روهه ساري ڪڻڪ به ڪاني ڪئي هئي. اڌ رات ايمبولينس در تي اچي بيٺي هئي، اسين وڌي آياسين. مڙهه هٿن سان سيري ٻاهر ڪيوسين. ڪفن ۾ ويڙهيل حفيظ اگهور ننڊ ۾ ستل هو، سندس سيراندي کان قرآن رکيل هو. مونکي ائين محسوس ٿيو ته، جن حد بندين ۽ پابندين کي حفيظ جيئري ٽوڙي ڇڏيو ۽ آڻ نه مڃي، سي اڄ سندس سيرانديءَ هيون ۽ هو اڄ ڪڇي به نٿي سگهيو، لڇي به نٿي سگهيو ڪيڏي بي معنيٰ آهي حياتي جي اها روايت، جو مرڻ کانپوءِ مڙهي ٿي وڃي. نياز چيو ته لاش وٽ سڄي رات پاڻ ويهنداسين. جڏهن سڀ هليا ويا ۽ باقي اسين ٻه وڃي بچياسين. اهو منظر ڪيڏو نه عجيب هو، جو حفيظ اسان ٻنهي جي موجودگيءَ ۾ خاموش ستو پيو هو. انهيءَ واردات کي لفظن ۾ نٿو آڻي سگهان. پوءِ نياز اٿيو ۽ آهستي ڪري ڪفن کوليائين. حفيظ جو مهانڊو اسان اڳيان هو، اکيون پوريل منهن تي معصوميت ڇانيل؛ چپن تي اها ئي اڻ پوري يمرڪ، گهڙيون، گذري ويون ائين ڏسندي، پوريل اکيون ائين بند رهيون، اڻ پوري مرڪ اتي ئي ڄمي ويئي، مون ۽ نياز بي وسيءَ مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ اسان جا لڙڪ حفيظ جي ڪفن ۾ ڳڙي پيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com