حفيظ
شيخ
ارپنا
ارپيان
ٿو
ان
همعصر
نقاد
کي
جنهن
مون
بابت
لکيو: ”محترم
شيخ
حفيظ
جا
افسانا
هڪ
خاص
نظريي
جا
مظهر
هوندا
آهن
۽
سندس
نظريو
ڪو
صحتمند
ڪونهي.
ان
جو
مثال
هن
جا
افسانا
”مبارڪون“
۽
”شاگر
جي
لهرن
تي“
آهن،
جيڪي
رڳو
غلط
اندازِ
فڪر
سب
ناڪام
ٿي
وڃن
ٿا.
معاشري
جي
برائين
کي
رڳو
برائين
خاطر
چٽڻو
ناهي.
جيڪڏهن
افسانه
نگار
ڪنهن
حقيقت
جو
حسين
۽
قبيح
رخ
اجاگر
ڪرڻ
جو
مقصد
سامهون
رکڻ
بجاءِ
”قباحت“
کي
پنهنجي
زاويه
نگاهه
سان
”حسين“
بنائي
ڏيکاري
ته
اهڙيءَ
حالت
۾
ان
اديب
جي
حقيقت
نگاريءَ
کي
غلط
قسم
جو
پرچار
۽
ڪوڙ
سمجهڻ
کانسواءِ
ٻيو
ڇا
ٿو
چئي
سگهجي.
جيڪڏهن
واقعي
”ادب“
عوام
جي
ذهن
جي
تربيت
ڪري
ٿو
۽
جيڪڏهن
اها
مڃيل
حقيقت
آهي
ته”ادب“
عوام
جي
ذهن
جي
تربيت
ڪري
ٿو
۽
جيڪڏهن
اها
مڃيل
حقيقت
آهي
ته
”ادب“
ماحول
کان
متاثر
ٿيڻ
سان
گڏ
ماحول
کي
پڻ
متاثر
ڪري
ٿو
ته
پوءِ
اديب
تي
جيڪي
فرض
عائد
ٿين
ٿا،
انهن
کي
ڌيان
۾
نه
رکي
پنهنجي
غلط
اندازِ
فڪر
ظاهر
ڪندڙ
اديب
جي
تخليقات
کي
تخريبي
چئجي
يا
تعميري؟
اديب
لاءِ
سونهن
۽
سچائيءَ
سان
وفاداريءَ
کان
مٿي
ڇا
ڪو
ٻيو
اصول
به
ٿي
سگهي
ٿو؟
اهوئي
سبب
آهي
ته
”مبارڪون“
افسانو
ٽيڪنڪ
۽
اسلوب
بيان
جي
لحاظ
کان
ڪامياب
هجڻ
جي
باوجود
”مقصد“
سبب
ننديو
ويو
آهي.
محترم
شيخ
حفيظ
جو
اسلوب
بيان
وڻندڙ
۽
منفرد
آهي،
هن
جي
لکڻيءَ
۾
ڪافي
ڪشش
۽
ميٺاج
آهي.
ان
ڪري
سندس
افسانا
پڙهندڙ
جو
ذهن
جلد
گرفت
۾ڪيو
وجهن.
سندس
افسانو
”پَن
ٻوڙين
پاتال
۾“
ڪردار
نگاري
مختصر
لفظن
۾
سٺي
طرح
بيان
ڪيل
آهي.
مجموعي
طور
افسانو
سٺو
آهي.
هن
افساني
تي
وڌيڪ
لکڻ
جي
گنجائش
انڪري
ڪونهي،
جو
افسانه
نگار
زيرِ
بيان
افساني
جي
پهرئين
سڄي
پئراگراف
۾
خود
پنهنجي
فن
تي
ڪافي
”روشني“
وڌي
آهي.
2__
ٻيو
ارپيان
ٿو
ان
نقاد
کي
جنهن
جي
کيسي
۾
ٺٽي
کان
ڪراچيءَ
تائين
اچڻ
جو
ڀاڙو
به
ڪونه
هو.
پر
منهنجو
افسانو
”مبارڪون“
پڙهي
پنهنجي
ڪنهن
دوست
کان
پنج
رپيا
اڌارا
وٺي
ڪراچيءَ
اچي
سهڙيو_
مون
کي
ڳولي
لڌائين
۽
هڪٻئي
سامهون
ٿياسين
ته
چيائين : ”ماءُ
جا
..........
ڀيڻ
....
ٿئي.
اهڙي
سٺي
افساني
جو
منهن
ڪارو
ڪري
ڇڏيو
ٿئي.
پِڻهي
جو
افسانو
هوجو ائين ٻيڙو
ٻوڙي
ڇڏيسي؟“
”ايڏو
ڇو
ڪاوڙيو
آهين
ويهه
ڳالهيون
ٿا
ڪريون__
ممڪن
آهي
تون
درست
هجين
۽
ممڪن آهي
آءُ
درست
هجان“،
مون
چيو
۽
ايراني
هوٽل
جي
ڇهين
پئسي،
هاڻوڪا
ڏهه
پئسا
واري
چانهه
تي
محفل
مچائي
سين__
ٻن
ڪلاڪن
کانپوءِ
جڏهن
اسان
چانهه
جا
ٽي
دور
ختم
ڪري
اٿياسين
ته
مون
پنهنجي
دوست
کي
چيو
”تون
ٺيڪ
ٿو
چوين،
مبارڪون
وري
ڇپبو
ته
پڄاڻي
بدلائي
ڇڏيندو
سانس.“
اردوءَ
۾
جڏهن
مبارڪون
ڇپيو
ته
پڄاڻي
بدلجي
چڪي
هئي
۽
نالو
به
”۽
گاڏيون
گڙڪنديون
رهيون“
ٿي
ڇپيو_
تنقيد
جو
هيءُ
انداز
هڪ
آزمائش
هئي_
حفيظ
جي
انا
۽
ليکڪ
جي
محبت
۾
چٽاڀيٽي
هئي_
حفيظ
جي
انا
ڪنڌ
هيٺ
ڪيو.
3__
ٽيون
ارپيان
ٿو
ان
ڪانواٺ
جوان
کي_
جنهن
منهنجي
پهرئين
پهرئين
افساني
تي
تنقيد
ڪندي
ڪندي
اوچتو
پنهنجو
هٿ
کڻي
منهنجي
پٺيءَ
تي
رکيو
۽
چيو : ”حفيظ!
ڏس
جيڪڏهن
سڀ
ڪو
تنهنجي
ڪهاڻي
واري
سورهيه
(هيرو)
جيان
پاڻ
تي
ٿيل
ظلم
جو
بدلو
وٺڻ
لاءِ
پنهنجي
دشمن
جي
ڀيڻ
ماءُ
جي
بيعزتي
ڪندو
رهي
ته
ان
مان
ڪهڙو
کڙ
تيل
نڪرندو؟
انهيءَ
کان
سواءِ
سندس
دشمن
جي
ڀيڻ
۽
ماءُ،
جن
جي
ناحق
بيعزتي
ٿئي
ٿي،
انهن
ڪهڙو
ڏوهه
ڪيو؟
منهنجن
۽
تنهنجن
لڇڻن
لاءِ
تنهنجيون
۽
منهنجيون
مائر
۽
ڀينر
ڇو
ظلم
ڀوڳين؟“
ٺڪاءَ
نڪري
ويا
منهنجي
دماغ
مان
اهو
سوچي
ته
منهنجي
امڙ
۽
منهنجي
ڀينرن
کي
منهنجي
لڇڻ
کنڌي
ڪجهه
ڀوڳڻو
پوندو،
ايتري
۾
منهنجي
يار
چيو:
”ڪجهه
اونهائيءَ
۾
پيهي
سوچ،
تنهنجو
سورهيه
توڙي
ان
جو
دشمن
پُتلين
جي
کيل
جا
ٻه
گڏا
آهن،
جن
کي
بازيگر
جون
آڱريون
نچائينديون
ٿيون
رهن_
هنن
گڏن
سان
وير
پارڻ،
پاڻيو
لوڙڻ
آهي_
بازيگر
جي
هٿ
تي
نظر
رک
۽
ٿي
سگهيئي
ته
بازي
پلٽائي
راند
مٽائي
ڇڏ_
تون
ليکڪ
آهين
لکندو
رهه“_
اهو
ڏينهن
اڄوڪو
ڏينهن.
آءُ
پاڻ
کي
پنهنجي
سڄي
سماج
کان
الڳ
سمجهندو
آهيان__
سماج
به
منهنجو
حقو
پاڻي
بند
ڪري
ڇڏيو
آهي
۽
مون
ان
عنايت
کي
اکين
تي
رکيو
آهي_
شادي
ڪئي
اٿم.
پر
اهو
انهيءَ
ڪري
جو
منهنجي
ونيءَ
کي
زماني
کان
وڌيڪ
منهنجو
خيال
رهندو
آهي.
هوءَ
هڪ
غريب
هاريءَ
جي
ڌيءُ
آهي
۽
اها
ڳالهه
سٺي
آهي_
نيون
راهون
نوان
قدر،
نيون
منزلون،
سوچڻ
سمجهڻ،
انهن
لاءِ
هٿ
هڻڻ
هڪ
راند
آهي.
جيڪا
زندگيءَ
جو
تاڃي
پيٽو
بڻجي
پئي
آهي_
اسان
زال
مڙس
ٻڪرين
جو
ڌڻ
پاليو
آهي_
پنهوارن
سان
پريت
پاري
اٿئون.
ها!
آءُ
خديجه
(منهنجي
ننڍي
۾
ننڍي
ڀيڻ)
کي
ڪڏهن
به
وساري
ڪين
سگهيو
آهيان_
”ساگر
جي
لهرن
تي“
”(نئين
زندگي1965)
لکندي
منهنجي
تصور
۾
خديجه
هئي،
جنهن
کي
مان
صلاح
ڏئي
رهيو
هوس
ته
خودڪشي
ڪرڻ
کان
بهتر
آهي
ته
سماج
جي
منهن
۾
موچڙو
وهائي
ڪنهن
سان
ڀڄي
وڃي،
مون
پنهنجي
ڀيڻ
کي
سوريءَ
سزا
وار
ٿيڻ
جي
صلاح
به
نه
ڏني،
مون
پنهجي
ڀيڻ
کي
هو
حق
ان
وقت
ڏنو
جنهن
وقت
هوءَ
اڃا
ڪنواري
هئي_
اها
ڳالهه
ان
کان
8-9
سال
پوءِ
1963ع
جي
آهي
ته
ملڪ
راج
آندد ايشيائي
ليکڪن
جي
گڏجاڻي
۾
بيهي
چئي
رهيو
هو : ”منهنجي
ڌيءُ
هاڻي
22-
سالن
جي
آهي_
گهڻائي
جيڏا
هُن
جي
تانگهه
۾
سندس
چؤڌاري
پيا
ڦرن.
آءُ
ڏسان
ويٺو_
اهو
ضروري
نه
آهي
ته
هوءَ
پنهنجي
زندگيءَ
جو
جيڪو
فيصلو
ڪري.
سو
درست
هجي_
اهو
به
ممڪن
آهي
ته هن
واٽ
هلندي
هوءَ
ٿاٻو
کائي
ويهي_
پر
انهيءَ
ڪري
آءُ
مٿس
ڪا
پابندي
نٿو
چاهيان.
آءُ
نه
ٿو
چاهيان
ته
آءُ
کانئس
جيئڻ
جو
حق
کسي
وٺان.
آءُ
چاهيان
ٿو
ته
هوءَ
پنهنجي
زندگي
جيئي،
پنهنجي
سوچ
کي
سونهون
بنائي.“
ملڪ
راج
آنند
مون
کي
ڪين
سڃاڻي.
سرڪاري
خرچ
تي
گهرايل
هن
محفل
۾،
سنڌ
مان
شايد
جي
الانا
کانسواءِ
ڪنهن
به
شرڪت
ڪانه
ڪئي
هئي
۽
آءُ
اتي
رڳو
هڪ
صحافيءَ
جي
حيثيت
۾
بين
الاقوامي
سياست
جا
جوڙ
توڙ
تورڻ
تڪڻ
ويو
هوس
۽
رپورٽ
اسان
رڳو
اهي
۾ ڳالهئو
لکيا،
جيڪي
ملڪ
راڄ
آنند
جي
ڀارت
جي
حڪومت
جي
نندا
۾
چيا_
ان
شام
ان
ڪانفرنس
مان
موٽندي
مون
سوچيو : ”آءُ
اڪيلو
ته
نه
آهيان_
يار پيا آهن، ڪڻو ڪڻو ٿي سهي_ سرحد پار ئي سهين.“
ارپنا اڳ ۾ ڏئي ڇڏي اٿم_
ملڪ
راج
آنند
کي.
پنهنجي
ان
ساٿيءَ
کي
جنهن
منهنجي
سڏ
جي
وراڻي
ڏني.
ان
کي
ڇا
ڏيان؟
ڏهه
سال
ٿيا
آهن
ملڪ
راج
آنند
کي
ڏٺي_
منهنجو
خيال
آهي
هن
جي
ڌيءُ
پنهنجو
فيصلو
ڪري
چڪي
هوندي
۽
منهنجو
ايمان
آهي
ته
اهو
فيصلو
جي
غلط
به
هوندو
ته
اهڙو
پيارو
هوندو.
جو
جيڪر
ڇوڪريءَ
کي
ڏهه
جنم
ٻيا
ملن،
ته
ور
ور
ڪندي
اها
غلطي
ورجائڻ
پسند
ڪندي.
محلات
جي
بيڊمنٽن،
ميوزڪ
ٿلهن
تي
يا
بند
ڪوٽن
۾
وڦلندڙ
فرزانه،
بيگم
بازيد،
فريده
ناز،
غزاله،
ثمينه،
رضيه،
خيران،
فوزيه،
بانو،
امينه،
رابي،
سڀ
منهجي
دنيا
۾
اهڙا
ڪردار
آهن،
جهڙي
فرخ
لاءِ
عثمان
ڀائيءَ
جي
ماني،
جيڪا_
جيان
(زيان)
ٿيڻ
جي
ڌيان
مان
ٻاهر
نه
نڪري
سگهندي
آهي.
آڻيون
۽
چاڙهيون
ڏٿ
ڏهاڙي
سومرا!
جُهونگاريندڙ
منهجي
ملڪ
جي
منڌ،
سيٺ
ٽيوب
جي
ٽجوڙي،
پائيءَ
جا
ليکا
ڪڏهن
ڪانه
سکي_
هوءَ
ته
چئي
ڄاڻي : ”مٺي
پيار
نه
ڪيئي
ته
تو
ماڻيو
ڇا؟“
۽
ڪرٽ
ڪرٽ
ڪندي
ڪهاڙي
ڪنڌ
ڪيريندي
رهي.
پر
هيءَ
ويرون
وير
وڌ،
جيئي
شال_
جوانيون
ماڻي_
سر
ڌڙ
ڌار_
ڌڌڙ
جاکوڙ_
هو
هو_
هو
جمالو.
درسني
نالو:
محمد
حفيظ شيخ
پيءُ جو
نالو:
شيخ غلام
رسول
(وفات
2
فيبروري1946ع
مدفن خيرپور)
ماءُ
جو
نالو:
شاهه بيگم
(وفات
21اپريل1995ع
حيدرآباد)
ڄم
جو سال:
10ڊسمبر
1913ع
ڀائرن
جا
نالا:
عبدالحميد
شيخ ۽ بشير
شيخ
ڀيڻن
جا
نالا:
خورشيد،
عائشه، رشيده،
عبيده خديجه
۽
(حاجره
مرحومه)
زال
جو
نالو:
ڪلثوم.
(جنوري71ع
۾ حفيظ
ساڻس شادي
ڪئي
۽
نومبر71ع ۾ گذاري
ويو)
اولاد:
پٽ
احمد
شهباز
(مرحوم)
ڊسمبر71ع ۾ ڄائو ۽1988ع ۾ وفات
ڪيائين.
حفيظ جي
تعليم:
ايم اي
صحافت پنجاب
يونيورسٽي
صحافتي ڪم:
مرتب
”شاگرد“
(ٻه
پرچا)
هڪ
روشن مغل
نمبر
۽
ٻيو
عام
پرچو.
نيوز ايڊيٽر
”نواءِ سنڌ“
1956ع
کان1975ع
تائين.
ڌنڌو:
بوٽ
پالش ڪيائين،
کٽمٺڙن جو
دڪان
کوليائين، فوج
۾
ڀرتي
ٿيو،
اخبار
۾ نيوز
ايڊيٽر
طور ڪم ڪيائين، محمد
ايوب
کهڙي جو
پي
اي
ٿيو، اي
پي پيءَ
جو
نمائندو
ٿيو، وفات
وقت فيملي
پلاننگ ۾
ڊويزنل انچارج
هو.
وفات:
9نومبر 1971ع
وفات
جو
هنڌ: خيرپور ميرس
مدفن:
اُميدن
ڀرئي
وارو قبرستان،
ڪينٽومينٽ
ايريا
حيدرآباد.
ڇپيل
ڪتاب:
ڪهاڻين
جو مجموعي
”ساگر
جي لهرن
تي،1976ع
(ٻه
ڇاپا
ڇپيل) ۽ اڇو
پکي واءَ
۾
(هٿن
۾)
وابستگي:
1951ع
۾
جڏهن
ميٺارام، هاسٽل
ڪراچيءَ
جي 30_
هين
نمبر
ڪمري
۾،
سنڌي ادبي
سنگت جو
بنياد
پيو
ته هو
ان جي
بنيادي ميمبرن
مان
هڪ
هو.
هڪ اهم
حوالو:
سنڌ
جي مشهور
تعليمي ماهر
دادي ليلا
هرچنداڻي،
حفيظ
صاحب
جي
والد شيخ
غلام
رسول
(نو
مسلم) جي
سڳي
سؤٽ
آهي.
|