سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :29

 

       ”اڪيلائي، هيڻائي ۽ نراسائيءَ جي جذبن سان جهڙيءَ ريت مون کي الجهڻو اٽڪڻو ٿو پوي، اهڙي ريت اوهان گهر ويٺلن کي نه پوندو هوندو: پر مون پنهنجي ماحول کي پنهنجي پورهئي سان خوشگوار بڻائڻ لاءِ پنهنجي هن ڪمري مان به هر شيءِ کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو آهي، جيڪا ڪنهن به ريت اداسيءَ ۽ نراسائيءَ جو باعث بڻجي.“

        ”ته ڀلا تو ڪنهن عورت جي تصوير ڇو ڪمري ۾ لڳائي آهي؟“

        ”هن مون ڏانهن مون ڦيرايو .. .. ”بتي ٻار ۽ وري ان تصوير کي چتائي ڏس.“

        مون وڌي وڃي بتي ٻاري ۽ ڀت تي لڳل تصوير ڏانهن ڏٺم، ”ڪنهن ڪلاڪار عورت جي تصوير آهي، مون ڪنهن ٻئي هنڌ اها تصوير ڪانه ڏٺي آهي، ڇا منهنجو خيال درست آهي؟“

        هن مون ڏانهن نهاريندي چيو“ ”تنهنجو خيال درست آهي.“ هو وڌي اچي صوفي تي ويٺو ۽ اتان ان تصوير کي ڏسندي چوڻ لڳو: ”ڀاءُ اسان جا ڪلاڪار پنهنجي ڪلا جي موٽ ۾ سر جا سوالي ٿيندا هئا. سنڌ انهن ڪلاڪارن جا گيت ڳائيندي هئي. انهن سرويچ، سوڍن ۽ راڻن جا گيت ڳائيندي هئي، ڀَلئي ڀٽڪي اڄ به ڳائيندي آهي، پر پوءِ صديون ٿيون انهيءَ ڳالهه کي گذري. هاڻي ته ريڊيو تان سُر مارئيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ورلي ٻڌندا آهيون. لٿي پٿي پنهنجي شيخياڻي سسئيءَ جا پار ٻڌندا آهيون. راڳ جي ديوتا ٻيجل کي ۽ ان جي ٻانهي راءِ ڏياچ کي ڪوئي ڪين ڳائي. الائجي گهڻيون صديون ٿيون، سنڌ ۾ اهڙو ڪارو واءُ لڳو جو ڪلا ۽ آرٿ جون پاڙون پٽجي ويون. ڪٿي ڪو منصور لاهوتي لال يا سرمست ٿي آيو ته ٻه گيت ڳائي ويو، نه ته ٿيو ڀلو. هت عاشقن لاءِ عزازيل هجڻ جومهڻو ٺهيو ٺڪيو رکيو آهي. ڪير دم هڻي؟ ڪير سر سهسائي؟ سر جو سر سان ساٿ آهي ڀائو. راءُ سر ڏيندو هو ته هر طرف گيت هوندا هئا. ٻيجل جو سر ٿو کڄي ته هر طرف مانُ ٿيو وڃي، ڳائڻا مڱڻا ٿيو پون يا ڪوٺن تي ڪسب ڪمائڻ لڳيو وڃن. ڪلا سان هيءَ ڪار دلو راءِ جي نگريءَ ۾ نه ٿئي ته ٻيو ڪٿي ٿئي؟ گيت سنگيت جو ذڪر ان ڪري ڪري ويس جو مان توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اها تصوير مون پنهنجي ڪمري ۾ ڇا لاءِ لڳائي آهي.“

        ”منهنجو مطلب هو ته هن تصوير کي ڏسي، هن جا گيت يا هن جو آواز ٻڌي، تون اُداس ٿي ويندو هوندين؟“

        ”مان جذباتيت جو قائل ناهيان پيارا، پر سنڌ ۽ سنڌ وارن جي اڪير ۾ الاجئ ڪيئن روئڻ به سکي ويو آهيان. اڪير هڪ ڪنڊي بڻي ڪاڪڙ جهليو بٺي آهي. نيڻن کي نير ڇلڪائڻ کانسواءِ اچي ڇا ٿو؟ ساري رات جاڳڻ کان پوءِ .. باک ڦٽيءَ ويل هن محيط عمارت جي پوئتان اُسرندڙن سج جو پهريون ڪرڻو منهنجي دريءَ مان ليئو پائي، منهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪندو آهي، ڄڻ چوندو آهي ”اُٿ، گهڻو سُتين، صبح ٿيو اٿئي، اُٿ _ ۽ پوءِ آءُ اکيون پٽي دريءَ مان انهيءَ عظيم عمارت طرف نظر ڪندو آهيان، منهنجي من ۾ انهيءَ تروري جي هڪلي سرگوشي هلڪي ڪتڪتاڙي ڪندي آهي ۽ جهيڻي جهيڻي مرڪ منهنجي چپن تي ٽلڻ لڳندي آهي، انهيءَ وچ ۾ سج جا ڳچ جيترا تروار منهنجي دريءَ مان اندر لنگهي ايندا آهن ۽ مون کي وڪوڙي ويندا آهن، انهيءَ ننڍڙيءَ تروري کي آءُ هوند ڪنهن سهاڳڻ جي پهريئي پٽ سان تشبيهه ڏيان، جنهن جي ڏٺي، سهاڳڻ جو سينو زندگيءَ جي امرت رس سان ڀرجي ايندو آهي ۽ هو ڳچ جيترا ترورا آءُ هوند انهيءَ سهاڳڻ جا ٻيا ٻار چوان، جن کي حاصل ڪري هو پنهنجي زندگي سڦل سمجهندي آهي ۽ جن تي ناز ڪري هو ڳاٽ مٿي ڪير هلندي آهي! ۽ پوءِ جڏن هي ڍڳ سارا ترورا مون کي وڪوڙ ويندا آهن. ته آءُ ڪر موڙي، هنڌ ڇڏي، اُٿي ويهندو آهيان. ان بعد ڏينهن پنهنجي مشغولين سان وڪوڙي ويندو آهي. آءُ زندگيءَ جي جدوجهد لاءِ جنبي ويندو آهيان، تان جو شام جي جهيڻي جهيڻي اوندهڙي منهنجي ڪمري کي ڪنوار جي اجرڪ جيان ويڙهي ويندي آهي ۽ آءُ بتي ٻاري پروانن سان گڏ نيڻ ساڙڻ لڳي ويندو آهيان .. تڏهن هيءَ چانڊڪا ...... جنهن کي مان اڃا وساري نه سگهيو آهيان. ڇو ته هوءَ مون کي ڏاڍا سهڻا مٺڙا سُر ڇيڙي هميشه يادن جي ايوانن ۾ وٺي ويندي آهي.“

        ”هيءَ تصوير انهيءَ چانڊڪا جي ته ناهي، جنهن سان تو پيار ڪيو هو، جنهن جي بيوفائيءَ تي تو ڪهاڻي به لکي هئي؟“   

”ها .. .. هيءَ اها چاندڪا آهي پيارا .. جنهن وقت گذرڻ سان پنهنجي اندر ۾ عورت کي ڪر موڙيندي محسوس ڪيو. جنهن زندگي سنوارڻ لاءِ، مون کي ڇڏي. ڪنهن ٻئي ساٿيءَ کي چونڊي ورتو. جنهن منهنجي خطن کي رڳو عقيدت جي گلن سان سينگاري سانڍي رکي ڇڏيو. جنهن منهنجي اندر جي اُڌمن کي هڪ عظيم آرٽسٽ جي اونهي ويچار جو ئي نتيجو سمجهيو ۽ نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن چاندڪا جي محبت جي سهاري ٺاهيل ادب جو بت ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي پٽ تي پيو، هن ڪنهن ٻئي  سان شادي ڪري ڇڏي ..... ۽ مان ...... هو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو هن جي آواز مان ئي لڳو ٿي ته هو وري يادن کي وساري جذباتي ٿيندو ٿي ويو.

        ”جيترو سوچين ٿورو ۽ محسوس ڪرين ٿو، ان کي لکين ڇو نٿو؟“ هن کي ٿورو موڊ ۾ ڏسي پڇيم.

        ”آءُ خمارن غبارن جو رهواسي آهيان، مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اندر ۾ بخار ڀرجي آيا اٿم ۽ آءُ ڪنهن ڪبوتر جيان فضا ۾ ڇولين تي ڇُلي رهيو آهيان.“ هن مون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”تو آڪاس ۾ ڪنهن ڪبوتر کي هوا جي ڇولين تي ڇلندي ڏٺو آهي؟ ڏٺو به آهي الائجي ڪين؟ پر آءُ ڏسي چڪو آهيان، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته آءُ هٿين خالي، پينو فقير آهيان. مون وٽ دنيا جو ڌن دولت ڪين آهي؛ پر تڏهن به پنهنجي دنيا ۾ آءُ پاڻ کي تونگر سمجهندو آهيان، ڪڏهن ڪنهن افساني جو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پڙ ڪڍي بيهندو آهي، ته آءُ ائين جهرڻ ڳرڻ لڳندو آهيان، جيئن چيڪي مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ .. ۽ پوءِ منهنجي روح جي انهيءَ رل مل مان منهنجي افساني جو ڪردار ڪر موڙي، آرس ڀڃي ائين اٿندو آهي، جيئن ڪو سلو ڪنهن ڀلي زمين مان اسرندو هجي يا ڪا نرتڪي نينهن مان اٿي جهومڻ ۽ ڳَائڻ لڳي وڃي ۽ جڏهن منهنجي افساني جو ڪردار اهڙو روپ ڌارڻ ڪندو آهي، ته آءُ سمجهندوآهيان ته خالق آهيان پنهنجي ڪردار جو ...... هو گهڙي لاءِ چپ ٿي ويو. اجايو سجايو ڪارين ڪاپين کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو، پر جلد ئي ڪو خيال اچي ويس. ڊيولپر ۽ فڪسر ۾ وڌل تصويرون ڪڍي، ان کي صاف پاڻيءَ جي پاٽ مان ڌوئڻ لڳو. ڌوئي انهن کي سڪائڻ لاءِ هٿ جي ٺاهيل هيٽر جي مٿان لسي پليٽ  تي فوٽو اُبتا ڪري رکيائين ۽ هيٽر جو سئچ آن ڪري ڇڏيائين: ”پهرن جا پهر ڪنهن دلبر جي چاهه چکيا ٿي چڙهي، کامندو پڄرندو رهيوآهيان، پر انهيءَ جهوري جهُرڻ جي لطف تي لال، هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان. چانڊوڪي رات ۾ ساگر جي ڪناري ڪنهن پرينءَ سان پرت ڀرين ڳالهين جو تصور ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پوري فضا تي بهار ڇانيل آهي ۽ ڪو ديوانو پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾ گيت پيو پوکي، مڌر مٺڙيو راڳڻيون...“ هيٽر جي مٿان رکيل پليٽ تي ٽوال وجهڻ کانپوءِ چوڻ لڳو: ”مون گهڻي عرصي کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن. هونءَ ته مون ڏٺو، ته منهنجا سڀئي ساٿي هٿ تي هٿ رکيو چپ ڪري ويهي رهيا آهن، تڏهن ئي مون قلم کنيو هو، مون ان وچ ۾ سنڌ کان پري ٿي به گذاري ڏٺو ۽ ان پري هئڻ جا مون کي اُڪير ۽ اُڪنڊ عطا ڪئي، تنهن جو نتيجو هيون ٻه چارڪهاڻيون ۽ يادگيريون، مُٺ جيترين ساعتن جي مهلت، جيڪا ڏاتار مون کي ڏني، تنهن ۾ مون کي پنهنجي نقشن کي سينگارڻو هو، منجهن رنگ ڀرڻا هئا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته منجهن بقا جو الڀ رنگ ڀرڻو هو.“

        ”تو چيو پئي ته هڪ اڌ ناول لکيو ٿي؟“

        ”ها يار، شايد اهو شيام وٽ آهي. مون جيڪب آباد واري دور  ۾ ڪنهن ڪلارڪ دوست تي پنهنجي لکڻين اتارڻ جو ڪم رکيو هو، اهو دوست به هاڻي الائي ڪٿي آهي؟ اهو بوڪ، به الائي ڪٿي رهجي ويو!

        ”تو پنهنجن دوستن کي به ته سٺا سٺا خط لکيا آهن؟“

        ”پر اهي ادب ۾ ته شمار ڪري نٿا سگهجن لال، هونئن مون حميد سنڌيءَ کي به خط لکيا هئا، جنهن وري ”روح رهاڻ“ ۾ ڇاپي پڙهندڙن تائين به پهچائي ڇڏيا.“

        ”اهو ته هن پاڻ چڱو ڪم ڪيو، ڀلا ادب متعلق تنهنجو رايو ڇا آهي؟“

        ”منهنجي نظر کان ته ادب جي واکاڻ اها آهي ته ادب انهن سمورين تحريرن جو نانءُ آهي، جي ڪنهن قوم جي جذبن، امنگن، اڌمن، خيالن، ويچارن، انديشن، پريشانين، ڳڻتين ۽ ڏولائن تي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کان روشني وجهن.“ هن هيٽر مٿان رکيل ٽوال کي ٿورو مٿي ڪري ڏٺو ۽ وري ساڳي طرح ٽوال کي ٺاهيو: ”اسان جا خيال ۽ ويچار، ارمان ۽ اڌما، انديشا ۽ پريشانيون پيدا ٿين ٿيون، ان موجودات سببان، جيڪي اسانجي ماحول ۾ هر طرف پکڙيل آهن. انهيءَ ڪري انهن جذبن ۽ ارمانن بابت ڳالهه ڪرڻ ويل ضروري آهي، ته اسان پنهنجي ماحول جي موجودات بابت به ڳالهه ڪريون.“

 

        ”۽ ڀلاڪهاڻيءَ بابت تنهنجو ڇا خيال آ؟“

        ”لکندڙ جي دل ۾ بکندڙ باهه جو تجلو. ڪير آهي جو اهو نه چاهيندو، ته پنهنجي من جي پيڙا ڪنهن پرين کي به ڏيکاري، انهن کي به احساس ڏياري، ته هن مچ ۾ پڄرڻ ڇا هي؟ عام انسان کي ٿورڙي چهنڊڙي ٿي پائجي ته دانهن ڪري ملڪ کي کڻي ٿو ڪٺو ڪري، جن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ جا طوفان هجن، جيڪي پل پل هئمليٽ جيان وجود ۽ فنا هڪ سوال آ پيارا، جو ورد ويٺاڪن، سي ماٺ ڪري ويهن، سا ته نهايت ڏکي ڳالهه آهي.“

        ”انهيءَ هوندي به تون نٿو لکين؟“

        ”تصوير جو ٻيو رخ به ٿيندو آ ڀاءُ ۽ اهو اهڙو انوکو آهي جو آءُ نٿو ڀانيان ته ڪو توکي چڱيءَ طرح ڏيکاري سگهندس. جڏهن دوست گهڻو زور ڀريندا آهن ۽ نه لکڻ لاءِ، مهڻا ڏيندا آهن، ته دل ۾ جهير پوندا آهن ۽ پوءِ مان روئي ويهندو آهيان. احساسن جي شدت وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ آءُ جيئن پوءِ تيئن وڃان پيو نهوڙيو، اهڙيءَ حالت ۾ دردن جو داستان کولي ويهڻ اڻ ٿيڻي پئي لڳي. اکر ڪڇڻ ڪين ٿو پڄي، دوستن سان ياري پاڙڻ، هم سخنن سان رهاڻ ۾ رهڻ ۽ قربدارن جا احسان ياد ڪرڻ کان ڌار به زندگيءَ ۾ ڪي باب آهن، انسان انهن بابت به گهڻو ڪجهه ڪري ٿو، البت انهن بابت ڪجهه چوڻ آکڻ جو معاملو ٻيو آهي، ”ڪڇان ته ڪافر ٿيان، ماٺ ڪيان ته مشرڪ“ واري ڳالهه پئي لڳيم، ان ڪري ”مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“ ڪري، چپن چُنو لائي ڇڏيو اٿم.“

        ۽ جي سڀني ان مصحلت کان ڪم وٺي، خاموش رهڻ ئي مناسب ڄاتو ته نتيجي ۾....“

        وچ ۾ منهنجي جملي کي ڪاٽي چوڻ لڳو: ”حالتون پلٽو ضرور کائينديون. هڪ تروري مان ٻيا به تروار پيدا ٿيندا ۽ پوءِ جيجل سنڌڙي سدا سهاڳڻ جيان اوچو ڳاٽ کڻي، انهن جي وچ ۾ جهومندي. اسان هونداسين يا نه هونداسين، ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، سوال اهو آهي ته سڀاڳو سمو اچڻو آهي ۽ ضرور ايندو، خوشين ڀريو اهو سج اڀرڻو آهي ۽ ضرور اڀرندو، انهيءَ وچ ۾ رات جي ٻاٽ ۾ سوجهرو ڪرڻ لاءِ اسان جيءُ جلائي جوت ڪنداسين ۽ انهيءَ جهيڻي وشنيءَ جي آڌار تي ڪاڪ جون منزلون لتاڙي هلنداسين. وڌندا هلنداسين. وڌندا هلنداسين سونهري سهائن ڏينهن طرف. حالتون ضرور پلٽو کائينديون، وري مون جهڙو ڌڻ کان ڏتڙيل ساٿي اچي ڌڻ ۾ شامل ٿيندو، ته انسانن جي سبيل ضرور هلندي. مٽ مٽي ڪشڪول ڀري پيئنداسين، پيارينداسين، پاڻ جيئڻ جا ڍنگ اختيار ڪنداسين، جڳ کي جاڳ ڏينداسين.“ هن هٿ وڌائي ٽوال هيٽر تان لاٿو. تصويرون سڪي ويون هيون، جن مان هڪ هڪ ڪري لاهي، گڏ ڪري لفافي ۾ رکڻ لڳو.

        ”ها سچ، حفيظ، تو لاءِ گلڻ ڏاڍو پڇندو آهي؟“

        ”ڪهڙو گلڻ؟“

        ”اهو جيڪو ننڍي هوندي اسڪول جي ماستر جي ڀو کان بيمار ٿي پيوهو.“

        ”هُو ڇا جنهن تي مون ڪهاڻي به لکي هئي ”امان، مان اسڪول نه ويندس.“

        هن مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو. ”يار، هاڻي ته وڏو ٿي ويو هوندو؟“

        پر ويچارو اڻ پڙهيل ئي رهجي ويو. تازو ڪنهن اسڪول ۾ پڙهندڙ دوست کان پنهنجي ننڍي هوندي واري آکاڻي ٻڌي اٿس، تڏهن کان تو لاءِ ڏاڍيون پڇائون ڪندو آهي.“

        ”اسڪول جي ڪنهن دوست کان ڪيئن ٻڌي اٿس؟“

        ”تو واري ڪهاڻي اسڪول جي ڪورس واري ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿن!

        ”ڪمال آ يار، مون اها ڪهاڻي تعليم کاتي تي تنقيد ڪندي لکي آهي، اهڙن ظالم ماسترن جي خلاف لکي آهي، سا ڪهاڻي وري تعليم کاتي وارن پنهنجي شاگردن تي لازمي قرار ڏني آهي، ڇا ڪا تعليمي ميدان ۾ ايڏي وڏي تبديلي آئي آهي؟“

        ”نه ڪو، ساڳيو ئي ٻهراڙيءَ جو ماستر، ٻار تي آلي لڪڻ جو وسڪارو.“

        ”۽ سبق پڙهائن ٿا ”امان، مان اسڪول نه ويندس“ جهڙا!

        هو وڏي ٽيبل ڏانهن ويو، جتان ڇڙي (Stick) کنيائين، ”هل پيارا ته تنوير جي شعر وانگر چانڊوڪيءَ ۾ هلي وهنجون.“

        ”اسان اٿي ٻاهر آياسين. ٻاهر پٽ تي چاندي پلٽي پئي هئي. ٿڌڙي هوا ۾ اسان ٿورو اڳتي نڪري وياسين، وڻن جي جهڳٽي ۾ هڪ ڪريل وڻ جو ٿڙ پيو هو، حفيظ وڌي وڃي ان ٿُڙ تي ويٺو.

        ”پهرن جا پهر ڪنهن دلبر جي چاهه چکيا تي چڙهي آءُ کامندو پڄرندو آهيان، پر انهيءَ جهوريءَ جهڄڻ جي لطف تي لال، آءُ هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان .. .. چانڊوڪيءَ رات ۾ ساگر جي ڪناري، ڪنهن پرينءَ سان پرت ڀرين ڳالهڙين جو تصور ائين محسوس ٿيندو اٿم، جيئن پوري فضا تي بهار ڇانيل آهي ۽ ڪو ديوانو پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾ گيت پيو پوکي.“ هن Stick کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڪلهن تي رکيو، جيئن ڪو ڳوٺاڻو ڳڀرو مال چاريندو هجي.

        ”اسين ٻئي جدا ٿي وياسين .. ..  جيئن مينهوڙيءَ تي، ان شام، شفق جي سهائيءَ۾، ٻه ڀورا پکيئڙا ڌار ٿي ويا، وري نه مليا. ڪٽورين جهڙيون اکيون، انار جهڙيون ڇاتيون، تنهن تي جڙيءَ وهڙيءَ وارا ڇال، ڳالهائيندي هئي ته ڄڻ ڪنهن رباب جي تارن کي ڇيڙي ڇڏي ڏنو هجي. آءُ به تڏهن ڏاڍو ارڏو هوندو هوس ۽ هوءَ سڀ سان سينو ساهي، وير پرائي، مون ڀر ائين اچي بيهندي هئي، ڄڻ ڪا جهنگلي هرڻي ولر جي سردار سان هجي. تڏهن هڪ سرور، هڪ مستي، هڪ نشو منهنجي  چت تي چڙهي ويندو هو ۽ آءُ کيس ڳراٽڙي پائيندي ڪنهن گهڙيءَ مِٺي وٺندو هئس، ته هوءَ شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇال هڻندي پري ڀڄي ويندي هئي. قادر ڄڻ اسان ٻنهي کي گڏ رهڻ لاءِ جوڙيو هو، ڄڻ اسان هڪٻئي لاءِ خلقيا هئاسين، پوءِ هڪ ڏينهن گهران رُسي ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿي ويس، ائين جيئن ڪو هنجهن جو جوڙو ڪن مجبورين سبب ڌار ٿيندو هجي ۽ ٻئي ڏک کان ڪيهون ڪندا هجن. ان شام روئي موڪلايوسين، مون کي پرديس وئي گهڻا ڏينهن ڪونه ٿيا هئا، جڏهن مون کي سندس احوال پهتو ته مائٽ کيس پرڻائي رهيا هئا ڪنهن ٻئي سان.“ پل آ پل جي مان ... ”مون موڪل طلبي، پر موڪل جلد نه ملي. مان ڦٿڪندو رهيس ۽ پوءِ مون کي اطلاع مليو ته سندس شادي ٿي وئي، سندس در تي شرنائيون وڳيون، دهل وڳا، لاڏا ڳايا ويا، هوءَ هلي وئي ان وٽ، جنهن کي قادر سندس لاءِ نه خلقيو هو، جنهن چند ڏوڪڙن تي کيس خريد ڪيو هو، جنهن مايا جي ٻل تي منهنجي محبت جو مذاق اُڏايو هو. نوڪريءَ جو سال پورو ٿيو ته مان ڳوٺ آيس، سانوڻ جي رت هئي، پر هوءَ ساهري ويل هئي، تڏهن بادل نه برسيا هئا، منهنجو من برسيو هو. موڪل پوري ٿي ۽ مان واپس ويس. اهڙيءَ طرح هر سال سانوڻ سانگي موڪل تي ڳوٺ ايندو هوس. هڪ ٻئي پٺيان چار اداس موڪلون اچي لنگهي ويون. جنگ ختم ٿي ته مان به استعيفيٰ ڏئي گهر وريس. ڊسمبر جو مهينو هو، پهر سج جو لهي چڪو هو، مان کُڏ تان هيٺ لٿس، ته هُن کي نل تي پاڻي ڀريندي ڏٺم، هن مون ڏانهن نهاريو، اکيون مليون جهڪي ويون. مون هن جي نيڻن ۾ ڏٺو، ته مون کي لڳو، جيڪي نيڻ ڪالهه ڪٽورن مثل ڪشادا هئا، اڄ اونهين کوهين مثل پيهيل ۽ اڌيارا هئا. هُن جا لب، جيڪي گذريل ڏهاڙن گلن مثل نازڪ ۽ ننڍڙا ۽ سنهڙا هئا سي اڄ سُڄي پونءِ ڀريل ڳڙيءَ مثل ڪراهت پيدا ڪري ريا هئا ۽ سندس ڇاتيون، جيڪي ڪنهن وقت انار مثل گول ۽ سخت هيون، پر اڄ ڪنهن سُئا مينهن جي اوهه مثل لڙڪي رهيون هيون. آءُ ڏانهن ڏسندو رهيس. منهنجي ڪائنات منهنجي آرزو، منهنجي محبت منهنجي سامهون هئي. اوچتو هُن جا ٻار به اچي نل تي سهڙيا: هوءَ مُنهنجي پيئي، هڪ طرف ٻارن جي ڌڻ اچي کيس ورايو هو، ۽ ٻئي طرف آءُ هئس. آءُ جنهن  سان هُن جي ماضيءَ جو حسين دور سلهاڙيل هو .. .. ۽ پوءِ انهيءَ مونجهاري ۾ هوءَ ٻارن کي اورانگهيندي، لتاڙيندي، منهن ورائي وڃڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن اوچتي ڌڪ لڳڻ ڪري هوءَ پنهنجي گلرن جي وات مان کير ڇڏائي ڊوڙندي هجي.“

        ”هو ٿڙ تان اٿيو ۽ اڳتي هلڻ لڳو، ڪجه دير اسان چپ چاپ هلندا رهياسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com