زرينه!
سڃاڻندو ته
آءُ
کيس
گهڻي وقت
کان
وٺي
هيس، پر
جوانيءَ جي
آمد
سان اسان
جي
محبت جي
ابتدا ٿي. آءُ
سندس
گهر ڪم ڪار سانگي
پيو
ايندو ويندو
هيس
۽
اهڙي ئي
هڪ
موقعي تي
مون
کانئس
پاڻي گهريو. هوءَ
پاڻي
کڻي
آئي ۽ پوءِ
ٿوريءَ
دير
کانپوءِ
چانهه جو
هڪ
ڪوپ
به. آءُ
چانهه پيئڻ
لاءِ
منجي سوري
ويهي
رهيس ۽ هو
هيٺ
صندليءَ تي
ويهي
نيرن ڪرڻ لڳي.
سندس
پيءُ خواهه
ڀاءُ
نيرن
ڪري
وڃي چڪا
هئا
۽
باقي رڳو
سندس
حصو رهيل
هو.
هن
ڪڏهن
ڪڏهن
اکيون کڻي مون
ڏانهن
نهاري ٿي ورتو
۽
وري
نيرن
کائڻ ۾ لڳي
ٿي
ويئي. آءُ
آهستي آهستي
چانهه جا
ڍڪ
ڀري
رهيو
هيس. هن
نيرن
کان
پوري
ڪئي. دسترخوان
سهيڙي پري
ڪيائين.
دلي
مان پاڻيءَ
جو
گلاس ڀري گرڙي
ڪيائين
۽
باقي
بچيل پاڻيءَ
کي
ڳيت
ڏئي
پي
وئي. پاڻي
پي
هوءَ
ٿانون ٿپن کي درست
ڪرڻ
۾
جنبجي ويئي
ته
مون کي احساس
ٿيو
ته
هن جيڪا
چانهه مون
کي
پيئڻ
لاءِ ڏني هئي،
سا
سندس حصي
جي
هئي.
مون
کي
ڪجهه
تعجب
ٿيو، مگر
آءُ
خاموش رهيس
۽
ڏانهنس
نهاريندو رهيس.
”حسين
هئي“
سو چوڻ
سندس
حسن کي بيان
نٿو
ڪري
سگهي.
”نهايت حسين
هئي.“ پوري
وضاحت نه
ڪندو
۽
اهڙيءَ طرح
سندس
شڪل شبيهه
بيان
ڪرڻ
منهنجي وس
کان
ٻاهر
آهي
۽
وري هن
پنهنجي حصي
جي
چانهه مون
کي
ڏئي
ڇڏي
هئي.
هن ائين
ڇو
ڪيو؟
اهوئي سوال
منهنجي دل
۾
هلچل
مچايو ويٺو
هو،
پر آءُ
ڪو
جواب
سوچي ڪين سگهيس.
آءُ
اتي
ڪيتري دير
ائين
خاموش ويٺو
هئس
۽
پوءِ اٿي
آيس.
انهيءَ
ڏينهن آءُ
سندس
گهر ٽي چار
دفعا
ويس يا
شايد
انهيءَ کان به
وڌيڪ، مگر
جيترا دفعا
به
ويس، منهنجي
آرزو
انتهائي وڌندي
ويئي. دل
پئي
چوي ته
ڪنهن
پر
اسين ٻئي گڏ
ئي
گڏ هجون
۽
ٻي
سڄي
دنيا اسان
کي
ڏسي
نه
سگهي. ان
ڏينهن
پڄاڻان اسان
جون
ملاقاتون شروع
ٿيون،
سندس
گهر وڃڻ
لاءِ
مون تي
ڪا
بندش
ڪانه
هئي. سندس
پيءُ
خواه چاچو
خواهه
ڀاءُ منهنجي
طرفان مطمئن
هئا.
آءُ سندس
روبرو به
ويندو هئس
۽
غير
حاضريءَ ۾ به،
البته غير
حاضريءَ ۾
ڪيترو وقت
ويٺو
هوندو هئس
۽
سندن
موجودگيءَ ۾ جلد
موڪلائي اٿندو
هئس.
چوندا آهن
ته
عشق ۽ مشڪ لڪائي
نه
لڪن، سو
اسان
بابت به
چوپچار شروع
ٿي.
پاڙي
وارن پاڻ
۾
ڳالهيون
ڪرڻ
شروع
ڪيون
۽
نيٺ سندس
پيءُ
کي
به انهيءَ
جو
علم ٿي ويو
۽
نتيجي ۾ هن
اسان
ٻنهي
جي ملاقاتن
تي
پابنديون وڌيون.
مون
کي
سندن گهر
وڃڻ
کان
منع ڪيو ويو
۽
هن
کي
مون سان
ڳالهائڻ
کان
منع
ڪيو
ويو. مگر
معاملو انهيءَ
وچ
۾
گهڻو اڳتي
نڪري
چڪو هو.
اسان
جي انسيت
محبت
۾
تبديل ٿي ويئي
هئي.
هڪ ٻئي سان
نباهڻ جا
قسم
کڄي
چڪا هئا
۽
هاڻي
انهن ملاقاتن
جو
يڪ قلم
بند
ٿيڻ
هڪ ناممڪن
ڳالهه
هئي.
اسان
ٻنهي جا
گهر،
گهرن ۾ گڏيا
پيا
هئا، تنهن
ڪري
هن
جي خواه
منهنجي والدين
جي
مداخلت مان
ڪو
کڙتيل
ڪين
نڪري
سگهيو. اسين
ملندا رهياسين،
جيتوڻيڪ
ڪڏهن
ڪڏهن ٻه ٻه ٽي ٽي
ڏينهن هڪ
ٻئي
جو
منهن ڏسڻ کان ترسندا
رهندا هئاسين.
مگر
موقعي ملڻ
شرط
ملاقات
ٿيندي هئي
۽
سڀ
شڪايتون دور
ٿي
وينديون هيون.
اهڙين ملاقاتن
مان
هڪڙي لاءِ
مان
هڪ اونداهيءَ
رات
۾
مٿي کُڏ تي
چڙهيس. رات
ڪاري
ٻاٽ
لڳي
پيئي هئي.
هٿ
کي
هٿ ڪين پئي
سجهيو.
ڏاڪڻ چڙهندي
هنياءُ پئي
لڏيو. دل
جهلي
پير پير
۾
پائي
مٿي چڙهڻ
شروع
ڪيم.
اڄ پهريون
موقعو هو
جو
هن بيگاهه
وقت
آءُ هن
سان
ملڻ وڃي
رهيو
هيس. اوندهه
۾
ٿاڦوڙا
هڻندو. آءُ
ڏاڪڻ
چڙهي
کُڏ
تي پهتس.
کڏ
تي
پهچندي پگهر
وٺي
ويا هئم.
مٿي
پهتس ته
سياٽو وٺي
ويم،
نومبر جا
ڏينهن
هئا،
ٿڌي
هوا سوساٽ
ڪيو
پئي
گهلي. کٿو
کنيون آيو
هئس.
سوگهو ڪري پاڻ
ويڙهيم. ”ڀر واري
کڏ
تي
هوءَ منهنجي
انتظار ۾ هوندي“
آءُ
سوچڻ لڳس
...
منهنجي دل
تمام
تڪڙو
ڌڙڪي رهي
هئي.
الائي ڇو!
آهستي
آهستي قدم
وڌائيندو ڀت وٽ
پهتس. هن
جي
کُڏ
تي نظر
ڪيم،
هوءَ
ڪانه
هئي. منهنجي
دل
کي
ڌڌڪو
آيو، پر
آس
ڪين
لاٿم. پنهنجي
کُڏ
تي
ڀت
کي
ٽيڪ
ڏئي
بيهي رهيس.
دل
۾
هزارن قسمن
جا
خيال پئي
وسوسا بنجي
اٿيا.... ۽ پوءِ
هوءَ
آئي.... هن
ڀت
تان
ليئو پاتو...
مون
کي
ڏٺائين...
سڏ
ڪيائين...”عزيز“...
آءُ
خاموش بيٺو
رهيس... خيالات
جي
عجيب طوفان
۾
گهريل... ڄڻ اسين
ٻئي
هڪٻئي کان ڪي
ڪوهه پري
بيٺا
هئاسين.... هن
جو
ڊپ
ڀريو
هلڪو آواز
منهنجي ڪن ۾ هڪ
سيريلي آواز
مثل
وڄي رهيو
هو
آءُ انهيءَ
۾
ئي
مست ٿي رهجي
ويو
هئس.
ڪيتري دير
ائين
بيٺو هئس،
سو
خوف منجهان
هن
وري پڪاريو
....
”عزيز“......
مون
ڪنڌ
ورائي
ڏانهنس
ڏٺو؟ ۽ چيو:
”زرينه“....
مون
وراڻي ڏني ۽ پوءِ
هوءَ
ڀت
ٽپي
اچي منهنجي
پاسي
۾
بيٺي ۽
....
ملاقاتن جو
اهو
سلسلو زنجير
جي
لاانتها ڪڙين مثل
هڪٻئي سان
جڙيل
هو. اسين
ملندا رهياسين
۽
محبت
اسان کي اسير
ڪندي
رهي.
ءِ
پوءِ اوچتو
ئي
اوچتو هن
جي
در تي
دهل
وڄڻ لڳو.
قيدي
پکيئڙي مثل
هن
گهڻا ئي
پر
هنيا. مون
به
سندس
ڪوشش ۾ ساٿ
ڏنو،
مگر
ظالم سماج
اسان
جي محبت
کي
برداشت نه
ڪري
سگهيو. هن
کي
هڪ
ٻئي
شخص سان
وابسته ڪيو ويو.
آءُ
دل تي
پٿر
رکي ويهي
رهيس
۽
وري پنهنجي
پڙهائيءَ ۾ مشغول
ٿي
ويس.
هن
جي محبت
صدقي
پڙهائي جو
هڪ
سال خراب
ڪري
چڪو
هئس
.
هوءَ
پنهنجي مڙس
جي
گهر وڃڻ
بعد
به مون
کي
ياد
ڪندي
رهندي هئي
۽
ڪنهن
ڪنڊ
۾
ويهي
گونگيون هنجون
هاريندي هئي.
مون
کي
سندس احوال
ملندا هئا.
جيتوڻيڪ هوءَ
پاڻ
مون کي ڪو به
نياپو وغيره
ڪين
موڪليندي هئي.
اڄ
ٽن
سالن بعد
زرينه وري
منهنجي پاڙي
۾
اچي
سڪونت اختيار
ڪئي
آهي.
سندس مڙس
کيس
چوسيل هڏي
مثل
پري اڇلائي
ڇڏيوآهي
۽
پنهنجو ڪرڻ کان انڪار
آهي
۽
آءُ
.....
آءُ
سوچيان ٿو ته
ڇا
ڪيان....!
سوچيان ٿو ته
سماج
آئينده
ڪهڙو قدم
کڻندو!....
سوچيان
ٿو
ته زرينه
جي
حالت ڇا
ٿيندي.... ۽ سوچيان
ٿو
ته
مون
کي زرينه
سان
محبت آهي؟
خاندان
جي
عزت
قادر
يونيورسٽيءَ ۾ داخل
ٿيو
ته
هُل هلاچو
مچي
ويو... هڪ
شڪل
جو سهڻو
ٻيو
الله
جو اجوڳ.
سو
سنگت ساٿ
ايتري ٿي ويس
جو،
جيڏانهن پيو
نڪري، اڪير
وارا
اکيون وڇايو
ويٺا
هوندا هوس.
يارن
دوستن جي
ته
ڳالهه
ٺهي،
هن يار
ته
گرلس
ڪامن روم
۾
به
ٿرٿلو
وجهي
ڇڏيو هو.
گرلس
ڪامن
روم جي
هڪ
ميٽنگ ۾ ئي
کيس
پرنس
آف يونيورسٽيءَ
جو
خطاب مليو
هو.
اهڙي
ڪهڙي ندوري
هوندي جيڪا
شهزاديءَ بڻجن
جا
سپنا نه
پسندي هجي.
اکين
۾
لک حياءِ
جهلڪون
ڏيئي. ڳلن تي
لک
ڳاڙهاڻ
کنوين.
اندر ۾ آنڌ
مانڌ
هر
ڪنهن کي هئي.
ڪنهن
دل
جي
ڳالهه زبان
تي
آندي ڪا دل
جو
سور دل
۾
پي
ويئي.
۽
ڪافي
هائوس جا
فيملي
ڪيبن قادر
جو
ٽهڪڙن
سان گونجي
اٿيا. هلڪو
زنانو آواز
هن
جي
کليل آواز
سان
ائين وچڙندو
کڻڪندو
هو
جيئن ستار
جي
مختلف تارن
جو
آواز هڪ
ٻئي
سان
تار تي
ترندو سرسرائيندو
گونجندو ويندو
آهي.
هڪ ته
ڪانه
هئي.
ناز هئي،
پروين هئي،
روبي
هئي، شاهينه
هئي،
ڪنهن
ڪنهن
جا نالا
ڳڻايان.
يونيورسٽيءَ جي
ننڍڙي دنيا
۾
قادر
هڪ انقلاب
آڻي
ڇڏيو
هو. ڪي ساڙ
سڙيا
ڪن
پت ڪري
ڪنڊون جهلي
بيهي
رهيا هئا
۽
آئي
وئي سان
قادر
جي ارهه
زوراين جا
ويڻ
ويهي
ڪڍندا هئا.
ڪن
مصلحت کي مناسب
سمجهي، جيڪو
سو
ڊُڪي
اچي قادر
سان
سنگت رکي
هئي.
پهريون سال
انت
تي به
نه
پهتو هو،
جڏهن
قادر ۽ روبيءَ
جي
معاشقي جو
هُل
هلاچو پئجي
ويو.
صبح جو
سويل
قادر پنهنجي
نئين
شيور ليٽ
ڪاهي
اچي
يونيورسٽيءَ ۾ وارد
ٿيندو
هو
۽
اچي
ڏسندو هو
ته
روبي اڳ
۾
ئي
هن لاءِ
اکيون وڇايون
ويٺي
هئي. هر
هڪ
کي
هنن ٻن جي
عشق
جي وائي
وات
هئي.
بهار
جون موڪلون
ٿيون
۽
يونيورسٽي 5 1
ڏينهن
لاءِ
بند ٿي. موڪلون
ختم
ٿيون
ته رنگ
بدليل هو.
قادر
۽
روبي هڪ
ٻئي
کان
ايترو پري
ٿي
چڪا
هئا، ڄڻ ته
هڪ
ٻئي
جي واٽ
به
ڪانه
اورانگهي هئائون.
بهار
جي موڪلن
پڄاڻا قادر
سان
نئون معاشقو
منسوب ڪيو ويو.
هينئر ناز
جي
ناز برادريءَ
جي
موسم هئي.
جڏهن
ڏس
ناز يا
ته
نئين شيورليٽ
مان
لهي پئي
يا
هاڻي چڙهيو
پئي
وڃي ۽ ڪار جو
ڇا
هي_
ماڻهو جتي
گهريس، جيترو
پري
وڻيس ان
کي
ڪاهي
وڃي،
ڪاهڻ
وارو قادر
۽
سفر
ڪرڻ
واري ناز
هجي
ته پوءِ
ڀلا
ڇو
نه
ڪار
اهڙا پنڌ
ڪڇي
جتي
ڪوئي
نه هجي.
اوجهڙ اهڙي
اوجهڙ جتي
ٻه
پيار
ڪرڻ
وارا جهٽ
پل
لاءِ دنيا
جهان
کي
وساري هڪ
ٻئي
۾
سمائجي وڃن.
قادر
۽
ناز انهن
ئي
منزلن جا
پاندي هئا.
زماني جي
گردش
جو چڪر
چون
ٿا
ته
ڪڏهن هڪ
ڪرو
نه
وهي، ناز
جي
ناز برادريءَ
اسهي، جڏهين
ڪاپار
آئي
۽
موٽ
کائي وئي_
ٻن
مهينن جو
کيل
بڻي
ناز اهڙي
ششدر
ٿي
جو يونيورسٽي
اچڻ
ئي ڇڏي
ڏنائين.
ناز
پڄاڻان شاهينه
جو
وارو آهي_
گاهي
گاهي ان
کي
يارن
شيورليٽ مان
لهندي يا
ان
۾
چڙهندي
ڏٺو. عاشق
مزاجن ٿڌو ساهه
ڀريو،
ڄڻ
پنهنجي شڪست
جو
اعتراف پئي
ڪيائون.
ڪير
اهڙي
وٿ هو
جو
قادر جي
سهڻي
شڪل ۽ دولت
جي
مقابلي ۾ بيهي
عشق
ڪري_ سال
پورو
ٿيو، امتحان
آيا،
سڀني ڏنا قادر
به
ڏنو_
يونيورسٽي اونهاري
جي
موڪلن لاءِ
بند
ٿي
ويئي، تڏهن
وڃي
انهيءَ طوفان
۾
ٺاپر
آئي.
اڙيو
ٿڙيو
ڪو
شهري
ڇوڪري پنهنجي
ڪنهن
يار
کي
وٺي اچي
يونيورسٽيءَ جي
لان
۾
ئي وهندو
هو
ته قادر
۽
ان
جي معاشقن
جي
ڳالهه
ڇِڙي
ويندي هئي.
نه
ته يونيورسٽيءَ
۾
خاموش هئي.
نئون
سال آيو.
نوان
شاگرد آيا
۽
نيون، نينگريون
انهن
۾
ئي شميم
هئي.
قادر جي
ڀيڻ،
ڀاءُ
جهڙي
ته سهڻي
ڪانه
هئي
پر انهيءَ
هوندي به
يونيورسٽي جو
نڪ
ليکجڻ لڳي.
يونيورسٽي جي
منچلن يڪراءِ
ٿي
هن
کي
سال جَي
راڻيءَ جو
لقب
ڏنو.
اڃان
نئون سال
شروع
ٿئي
ڏيڍ
مهينو ئي
مس
گذريو ته
قادر
۽
شميم اوچتو
غائب
ٿي
ويا ۽ سڄا
سارا
چاليهه
ڏينهن غير
حاضر
هيا. آيا
ته
ٻنهي
جا
”منهن لٿل
هئا“
ٻئي
اداس هئا.
يارن
پڇيو ”ڇا
ڳالهه آهي؟“
وراڻيائيون:
”ابو
گذاري ويو.“
قادر
۽
شميم پيءُ
ماءُ
کي
هڪڙوئي جوڙو
هئا.
ماءُ اڳي
ئي
الله کي پياري
ٿي
وئي
هين. هاڻي
پيءُ
به راهه
رباني ورتي
هئن.
ڀيڻ
۽
ڀاءُ
اڪيلا دنيا
۾
رهجي
ويا هئا.
ٻئي
تعليم وٺي
رهيا
هئا. خرچ
پکي
جو سو
ڳڻتي
ڪانه
هئن.
پڻهن ايترو
ڪجهه
ڇڏي
ويو
هون جو
ويهي
کائن
ته ستن
پيڙهن کي پورو
پئجي
اچي. ٻيو ڪو والي
وارث
سو هن
جهان
۾
ڪونه
هين.
ٽي
مهينا کن
ڪجهه
ٺاپر رهي،
ان
بعد وري
رنگ
نکرڻ لڳا.
قادر
۽
ريحانه جو
معاشقو هلڻ
لڳو
۽
يونيورسٽيءَ جا
نوجوان
ڪئمپن ۾ وراهجي
ويا.
هڪڙا قادر
جي
دلي جذبن
۽
تمنائن جي
وڪالت ڪرڻ لڳا
۽
ٻيا
انهيءَ کي هوس
۽
ذلالت جا
نالا
ڏئي
ان تي
اعتراض وارڻ
لڳا.
انهيءَ ۽ زماني
۾
شميم
۽
لطيف جي
وڌندڙ ميل
ميلاپ جو
چؤ
پچار شروع
ٿي.
ڀڻڪون
هليون وڌي
ڳالهيون
ٿيون
۽
ڳالهيون
وڌي
انهيءَ منزل
تي
پهتيون جو
يونيورسٽيءَ جا
چونڊ
ڊبيٽر
انهيءَ عنوان
جي
موافقت ۽ مخالفت
۾
تقريرون ڪرڻ لڳي
ويا.
لطيف
صبح جو
يونيورسٽي ايندو
هو ته شميم جي ڪار ۾ ايندو هو
۽ شام
جو
ويندو هو
۽
شميم
جي ڪار کيس ڇڏڻ ويندي
هئي.
وچ وچ
۾
به
جيڪڏهن ڪو پيرڊ
خالي
هوندو هون
ته
ٻئي
ڄڻا
ڪار
۾
ويهي
ڪيڏانهن گهمڻ
هليا
ويندا هئا
۽
لطيف
هيو
ڪير؟ هو
ته
معمولي
ڊاڪٽر جو
پٽ
هو. گهر
۾
ڀاتي
ايترا هئن
جو
پڻس يونيورسٽي
جو
خرچ به
مس
مس ڪري ڀري سگهندو
هو.
انهيءَ هوندي
به
هو شميم
کي
وڻي
ويو هو
۽
هوءَ
پاڻ
سان
گڏ کڻي پئي
هلندي هئس.
نيٺ
اهي
ڳالهيون قادر
جي
ڪن
تي به
پيون. گهڻوئي
ٿي
نٽائڻ جي
ڪوشش
ڪيائين
پرآخر،
ڪيستائين؟ هر
ڪنهن
کي
وات
تي اهائي
وائي
هئي، ساڙ
سڙين
کي
مس مس
ڪري
موقعو مليو هو
سو
اٿندي وهندي
قادر
کي
ٽوڪون،
هڻڻ لڳا.
۽
پوءِ
هڪ
ڏينهن جڏهن شميم
جي
ڪار
اچي جهلي
۽
لطيف
ان مان
هيٺ
لهي بيٺو
ته
پريان بيٺل قادر
وڌي
اچي ڀيڻ کي سامهون
ٿيو.
”شميم،
هي
ڪير
آهي؟“ قادر
ڪاوڙ
مان
ڏند
ڀڪوڙي
پڇيو.
”تون
ڪونه
سڃاڻيس ڇا، هن
جو
نالو لطيف
آهي.
منهنجو
ڪلاس فيلو
آهي. ملينس.
ڏاڍو سٺو
ماڻهو اٿيئي.“
”مون
کي
ڪنهن
سان
ملڻ جي
ضرورت
ڪانه آهي.
تون
مهرباني ڪري اڄ
کان
هن
سان نه
ڳالهائيندي
ڪري.
اسان
جي بدنامي
ٿي
ٿئي.“
قادر
بدستور
ڪاوڙ مان
چيو
۽
لطيف ٻئي طرف
منهن
ڦيري
ڇڏيو_
ڄڻ
هنن ڀيڻ
ڀاءُ سان
ڪو
واسطو ئي
ڪين
هوس.
”ڇا
ٿي
ڪاڙويو
آهين. گهٽ
۾
گهٽ
نئين واقفيت
ٿيڻ
تي
هٿ ملائڻ
جي
دستور کي ته
نه
وسار.“ شميم
بدستور مرڪندي
چيو.
”ٻڌنين
ڪين
ٿي،
اڄ
کان
پوءِ تنهنجو
يونيورسٽي اچڻ
بند_
تو اسان
جي
خاندان جو
نڪ
ڀڃي
ڇڏيو
آهي؟“ قادر
ڪاوڙ
مان
ڏڪندي
چيو_
او
آءِ سي
(Oh, I See)
منهنجو خيال
آهي،
حضور جن
جي
ڪاوڙ
سڀ ليڪا
لنگهي وئي
آهي_
تون ڪير
ٿيندو آهين
مسٽر، منهنجي
يونيورسٽي اچڻ
تي
بندش وجهڻ
وارو؟ وڏو
آيو
آهي ويچارو
خاندان جي
ناموس جو روڊن
روئڻ
وارو_ سڏ
ڪيان
روبي، ناز
۽
شاهينه کي يا
ٻين
ڏيڍ
ڊزن
ڇوڪرين
کي
جن
سان گڏ توهان
خاندان جي
ناموس جو
جنازو ڪڍڻ جو
کيل
کيڏيو
آهي.“ شميم
ڪاوڙجندي
چيو.
”بڪواس
بند
ڪر!“
چوندي قادر
ڀيڻ
کي
چماٽ
وهائي ڪڍڻ لاءِ
اڳتي
وڌيو
۽هوءَ
ڊوڙي وڃي
لطيف
جي پويان
بيهي
رهي.
ڪاوڙ
۾
قادر
پاڻ نه
جهلي
سگهيو ۽ لطيف
سان
الجهي پيو_
نه
ڪيائين
هم نه
تم،
ٽي
چار
ٺونشا لطيف
جي
منهن تي
وهائي
ڪڍيائين ۽ لطيف
اهي
ٺونشا
ائين
کائيندو رهيو
ڄڻ
ڪو
انگلي ٻار تيسو
ڪري
پنهنجي وڏڙي
کي
ڌڪ
هڻندو هجي
۽
هو
وڏڙو در
گذر
ڪندو
هجي.
”مسٽر
قادر
ايڏي
ڪاوڙ ڪرڻ جي
ضرورت نه
آهي.
اچو ڪار ۾ ويهو.
گهر
هلي پنهنجي
منهن
ڳالهيون
ڪنداسين؟“
لطيف ڪار جو
در
کوليندي
چيو.
قادر
ٻڌي
اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ هڪ
دفعو
وري وڃي
لطيف
مٿان پيو.
”هن
ٻيهر
به
پنج ڇهه
ٺونشا
لطيف
کي
وهائي
ڪڍيا ۽ شميم
رڙ
ڪري
ڇيو:
”لطيف
ڏسين
بيٺون_ هن
گڏهه
کي
باٺي کان
سواءِ ڪا
ڳالهه سمجهه
۾
نه
ايندي.“
لطيف
مرڪي شميم
ڏانهن
نهاريو. پنهنجو
ڪوٽ
لاهي
ڪار
۾
اڇلايائين ۽ پوءِ
قادر
ڏانهن
وڌيو.
”مسٽر قادر
توکي
شايد خبر
ڪانه
آهي
ته آءُ
تو
وانگر در
در
دوستي لائڻ
جو
قائل نه
آهيان. منهنجي
پيءُ
به
ڪڏهن
ڪنهن غير
عورت
ڏانهن
اک کڻي نه
ڏٺو
هو
۽
منهنجي رڳن
۾
انهيءَ ئي
شريف
ماڻهو جو
رت
آهي. شميم
۽
آءُ
شادي ڪري چڪا
آهيون. جيڪڏهن
نڪاح
نامو ڏسڻ گهرين
ته
هڪڙو نقل
تنهنجي
ڊرائنگ روم
۾
به
فريم ۾ جڙيو
ٽنگيو
پيو
آهي. توکي
فرصت
ڪانه
هئي جو
تون
انهيءَ
ڏانهن ڏسي سگهين.“
قادر
ڳالهه
ٻڌي
ته ڄڻ چُوچڙي
لڳي
ويس. پڙ
ڪري
اچي
لطيف سان
ٻکين
پيو.
لطيف کان به
رهيو
نه ٿيو ۽ قادر
جي
گريبان کان وٺي
کيس
ٺونشا
هڻڻ
شروع ڪري
ڇڏيائين. پوءِ
ته
ڌم
لڳي وئي.
جيڪو
آيو سو
هڪ
نه هڪ
جو
پاسو وٺي
جيهڙي ۾ شريڪ
ٿي
ويو.
ڪا
مهل پئي
ٺونشا
بازي
هلندي رهي
۽
جڳ
جهان
ڏسندو رهيو.
ڳالهه
وڌي
وئي. قادر
لطيف
کي
قتل ڪرڻ جون
ڌمڪيون
ڏيڻ
لڳو،.يونيورسٽيءَ جو
وائيس چانسلر
۽
رجسٽرار اچي
وچ
۾
پيا پر
قادر
جي
ڪاوڙ جهڪي
نه
ٿي
۽
هو
ڌمڪيون
ڏيندو هليو
ويو.
لطيف
کي
ڳالهه
ڪانه
وڻي پر
ڪري
ڪجهه
به
ڪين
پئي سگهيو.
دوستن يارن
صلاح
ڏنس
۽
مس مس
ڪري
ڳالهه
سمجهه ۾ آيس،
تڏهن
وڃي
ٿاڻي تي
قادر
جي
ڌمڪين بابت
فرياد داخل
ڪرايائين.
رات
جا ٻه لڳا
هئا_
قادر
ٿاڻي جي
لاڪپ
۾
بند هو_
مٿس
نقص امن
جي
خطري جو
ڪيس
داخل
ٿيل
هو. سندس
پيءُ
جو هڪ
دوست، لاڪپ
جي
ٻاهران
بيٺو کيس سمجهائي
رهيو
هو. لطيف
۽
شميم
ٿورڙو
پريان اداس
۽
غمگين بيٺان
هئا
۽
اخبار جو
هڪ
رپورٽر
ٿاڻي جي
محرر
کان
موڪلائيندي چئي
رهيو
هو:
”واهه
جو، خاندان
جي
عزت ڪئي اٿس.“
ٻه
پاڇا
تڏهن
آءُ ارڙهن
سالن
جو هيس
۽
هوءَ؟ هوءَ...
سورهن
سترهن جو
سن ...
ڦوهه جواني،
ڪٽورين
جهڙيون اکيون،
انار
جهڙيون
ڇاتيون، تنهن تي
جڙيءَ وهڙيءَ
وارا ڇال ...
ڳالهائيندي هئي
ته
ڄڻ
ڪنهن
رباب جي
تارن
کي
ڇيڙي
ڇڏي
ڏنو
هجي ۽ کل_ تکي ...
چڀندڙ ڄڻ
ڪنهن جلترنگ
تي
ڪا
مڌار راڳڻي
ڇيڙي
هجي.
آءُ تڏهن
ڏاڍو
ارڏو
هوندو هيس.
هن
کان
به وڌيڪ ..
پاڙي
۾
سڀن کان وڌيڪ_
ڀائو
مون
کان
عمر ۾ ٻه سال
وڏو
آهي پر
تڏهن
به ائين
ڪن
هڻندو هيم
جو
ڳالهه
ئي نه
ڪجي!
۽ هوءَ؟
....
هوءَ
سڀ اسان
سينو
سهائي وير
پرائي مون
ڀر
ائين
اچي بيهندي
هئي،
ڄڻ
ڪا
جهنگلي هرڻي
ولر
جي سردار
سان
هجي. هن
جي
سنهڙن لبن
تي
سدائين هڪ
هلڪي
مرڪ هوندي
هئي
۽
اکين ۾ ”ها ۽ نه“
جومليو جليو
اظهار..... هڪ
سنگيت
.......
هڪ
راڳ
.......
هڪ جواب.
آءُ
ڪڏهن
ڪرونڍيون
اکيون ڪري سندس
اکين
۾
نهاريندو هيس
ته
ائين محسوس
ٿيندو
هو
ڄڻ
دور حقيقي
دنيا
کان
گهڻو پري
....
ڪا
پري.... ڪا حور.....
ڪا
اپسرا ڪو مست
ڪندڙ
راڳ
ڳائيندي
هجي!
هڪ
سرور
هڪ مستي،
هڪ
نشو منهنجي
دل
۽
دماغ تي
ڇانئجي
ويندو رهيو
۽
آءُ
کيس
ڳراٽڙي
پائيندي
ڪنهن گهڙي
مٺي
وٺندو هيس
ته
هوءَ شرمائجي،
ڪنڌ
هيٺ
ڪري
ڇال
هڻندي پري
ڀڄي
ويندي هئي.
اسان
جنهن شهر
۾
رهندا هئاسين،
سو
ڪو
وڏو شهر
ڪين
هيو،
نڪي وري
اڄ
جيئن ماڻهن
۾
پيهه
هوندي هئي.
سندن
گهر پويان
پڌر
پيو هوندو
هو
نويڪلو، ات
کجيون
اسريل هيون
۽
لڪ
ڇپ
راند
ڪندي لڪڻ
لاءِ
ڏاڍيون
ڪارائتيون
ثابت
ٿينديون هيون.
انهيءَ کان سواءِ
هاڙ
۾
جڏهن
کجيون رسنديون
هيون
۽
ڏنگ
پچندا هئا
ته
راند ۾ رس
وڌي
ويندو هو
۽
هوءَ
هر
ڳالهه ۾ مون
سان
شامل هوندي
هئي.
شرارتن ۾_ کجيون پٽي
کائڻ
۾
۽
کجين
جي
جهڳٽن منجهه
لڪڻ
۾
به!
قادر
ڄڻ
اسان
ٻنهي
کي
گڏ رهڻ
لاءِ
جوڙيو هيو_
ڄڻ
اسان
هڪٻئي لاءِ
خلقيا ويا
هياسين. ڄڻ اسان
هڪ
جان ۽ ٻه جسم
هياسين. هيءَ
قادر
جي جوڙ
هئي.
عادتون، خصلتون،
خواهشون، طبيعتون
سڀئي
هڪ جهڙيون
هيون.
پوءِ
آءُ گهران
رسي
ملٽريءَ ۾
ڀرتي ٿي ويس.
ائين
جيئن ڪو هنجن
جو
جوڙو ڪن
مجبورين سبب
ڌار
ٿيندو
هجي
۽
ٻيئي
دک کان
ڪيڪڙاٽ
ڪندا هجن.
اسين
ان شام
جو
روئي موڪلائيندا
رهياسين. دلين
۾
وڍ
پئي پيا.
اکين
مان پاڻي
پئي
اٺو ۽ اسين
موڪلائي هلياسين.
مون
کي
پرديس وئي
گهڻا
ڏينهن
ڪين
ٿيا
هئا. جڏهن
مون
کي
سندس احوال
پهتو، سندس
مائٽ
کيس
پرڻائي رهيا
هئا.
ڪنهن
ٻئي
سان_ جو
مون
جهڙو نه
هيو.
جو قادر
هن
لاءِ نه
خلقيو هو،
ڇو
ته
سندس خصلتون،
عادتون، خواهشون
۽
طبيعت، سڀ
ڪجهه
ته
جدا هيو.
مون
کي
اطلاع مليو
ته
مون ڳوٺ ورڻ
لاءِ
موڪل طلبي
پر
ملٽري جي
نوڪري ڪو مذاق
ته
ڪين
ٿيندي
آهي. موڪل
ڪين
ملي
۽
آءُ ات
ائين
ڦٿڪندو
رهيس، جيئن
ڪو
قيدي
پکيئڙو پڃري
۾
ڦڙ.
ڪندو
هجي_ ۽ پوءِ
مون
کي
اطلاع مليو
ته
سندس شادي
ٿي
وئي.
سندس در
تي
شرنايون وڳيون،
دهل
وڳا_ زالن
لاڏا
ڳايا_
۽
هوءَ هلي
وئي.
انهيءَ وٽ، جو قادر سندس لاءِ نه خلقيو هو، جنهن چند ڏوڪڙن تي کيس خريد
ڪيو هو.
جنهن
مايا جي
ٻل
تي
منهنجي محبت
جو
مذاق اڏايو
هو.
منهنجي خوابن
جي
دنيا کي ويران
ڪيو
هو
۽
هن جي
روح
کي
فنا ڪري
ڇڏيو هو...
هوءَ
هلي وئي....
منهنجي خيالن
جي
راڻي.... منهنجي
جند.... جان.....
تمنا..... آرزو....
هلي
وئي.
ساوڻ
جي رت هئي،
منهنجي نوڪريءَ
جو
سال پورو
ٿيو
۽
آءُ
موڪل تي
ڳوٺ
وريس، سڄو
سارو
مهينو ڳوٺ رهيس
پر
اداس اداس
....
هوءَ
ڪانه
هئي... ساهري
ويل
هئي.... ان
ديو
جهڙي ماڻهوءَ
وٽ_
جنهن کيس
ڪوٽن ۾ قيد
ڪري
رکيو
هو!
گهر
۾
پينگهه اڳ
جيئن
ٽنگيل
هئي. منهنجون
ڀينر
۽
پاڙي
جون
ٻيون نينگريون
اڳ
جيئن پينگهه
لڏنديون هيون....
اڳ
جيئن هوا
گيتن
سان
ڀرجي ويندي
هئي
۽
وچ وچ
۾
تيز
چڀندڙ
ٽهڪڙا دلين
کي
نغازي جي
طرح
ڏونڪي
مثل وڄندا
هيا.... مگر
آءُ
اداس هيس.
ڪيترا
ڀيرا
ڀيڻم
ٻانهن
کان
وٺي
گهلي پينگهه
تي
وهاريو..... پينگهه
وڌائيندي ۽ گيت
ڳائيندي
هوءَ
سهڪي سهڪي
پيئي
پر آءُ
دور
خلا ۾
ڏسندو رهيس
۽
پنهنجي آس
پاس
ڇانيل
بهارن تي
نظر
به ڪين ڪري سگهيس!
ڀينر
تنگ
ٿي
پيون. پاڙي
واريون به
اداس
ٿي
ويون ۽ پوري
ماحول تي
اداسي
ڇانئجي وئي ....
آءُ
اداس هيس ....
ڪائنات
اداس
هئي ..... ۽ موڪل
ختم
ٿي
وئي_ آءُ
موٽي
آيس_ اهڙي
طرح
هر سال
ساوڻ
سانگي موڪل
تي
ايندو رهيس
۽
هڪٻئي پٺيان
چار
اداس موڪلون
ختم
ٿي
ويون. جنگ
ختم
ٿي
ته مون
به
نوڪري مان
جند
ڇڏائڻ
جي
ڪوشش ڪئي ۽ استعيفيٰ
ڏئي
گهر
ويس.
ڊسمبر
جو
مهينو هيو
آءُ
اسر
ڌاري گهر
رسيس.. ادين
امڙ
سان احوال
اوريندي صبح
ٿي
ويو.
تڙڪو نڪتو
ته
مٿي کڏ تي
وڃي
ويٺاسين. ادي
نيرن
به اتي
کڻي
آئي
۽
چانهه به
اتي
پيتم، پهر
سج
چڙهيو ته
هيٺ
لٿس. هيٺ
لٿس
ته هن
نل
تي پاڻي
بيٺي
ڀريو_ هوءَ
جا منهنجي
خوابن جي
راڻي
هئي. هوءَ ...
جنهن
کي
مون سڄي
عمر
چاهيو هيو.
هوءَ
....
جنهن
جي وڇوڙي
۾
مون
سڄا سارا
چار
ساوڻ اداس
گهاريا هئا....
هوءَ
آڏو بيٺي
هئي.... منهنجي
خوابن جي
دنيا.... منهنجي
ساٿڻ.... جنهن
کي
قادر
منهنجي لاءِ
خليقيو هو....
جا
منهنجي هئي....
جنهن
مون سان
سدا
گڏ رهڻ
جا
عهد پيمان
ٻڌا
هيا.... مون
ڏانهنس
نهاريو.... هن
مون
ڏانهن
.....
اکيون مليون.....
جهڪي
ويون..... مون
وري
ڏانهنس
نهاريو..... هوءَ
بدستور ڪنڌ هيٺ
ڪيون
بيٺي
هئي_ ڄڻ چوندي
هجي:
”ڏس
ته
سهين، باد..
خزان
حال ڇا ڪيو!“
۽
آءُ
ڏانهنس
ڏسندو
رهيس. هن
جي
نيڻن ۾، جيڪي
ڪالهه
ڪٽورن
مثل
ڪشادا
هيا، پر
اڄ
اونهين
کوهين مثال
پيهيل ۽ اڌيارا
هيا.
هن جي
لبن
ڏانهن،
جيڪي گذريل
ڏهاڙن
۾
گلن
مثل نازڪ،
ننڍڙا ۽ سنهڙا
هيا،
پر اڄ
سڄي
پونءَ
ڀريل
ڳڙيءَ مثل ڪراهت پيدا ڪري رهيا هيا ۽ سندس ڇاتين ڏانهن جيڪي ڪنهن وقت
انارن مثل
گول
۽
سخت هيون.
پر
اڄ سي
مينهن جي
ارهه
مثل لڙڪي
رهيون هيون_
۽
آءُ
ڏانهنس
ڏسندو
رهيس.
ڏانهنس جا
منهنجي
ڪائنات هئي.
منهنجي آرزو
هئي،
منهنجي محبت
هئي.
...
منهنجي ڪائنات هئي...... منهنجي آرزو هئي.......
منهنجي محبت هئي......
منهنجي هئي
۽
پوءِ
هن جا
ٻار
اچي
نل تي
سهڙيا.... ڪتي جي
گلرن
وانگر جهجها
هيا
۽
سڀني گڏجي
مٿس
ائين حملو
ڪيو،
ڄڻ
سندس
جسم جي
ٻوٽي
ٻوٽي
کائي
ويندا_ هوءَ
مُنهنجي پئي.
هڪ
طرف
ٻارن جي
هن
ڌڻ
اچي کيس ورايو
هيو
۽
ٻئي
طرف آءُ
هيس_
آءُ جنهن
سان
ماضيءَ جو
حسين
دور وابسته
هيو..... جنهن
سان
ماضيءَ جون
حسين
يادون وابسته
هيون
۽
هو ڪم بخت
ٻار
سندس
چوڌاري چيٽون
ڪري
رهيا
هئا. سندس
جسم
پٽي رهيا
هئا.
۽
پوءِ
انهيءَ مونجهاري
۾ هوءَ
ٻارن
کي
اورانگهيندي، لتاڙيندي،
منهن
ورائي وڃڻ
لڳي،
ڄڻ
ڪنهن
اوچتي ڌڪ لڳڻ
ڪري،
هوءَ
پنهنجي گلرن
جي
وات مان
کير
ڇڏائيندي
ڊوڙندي
هجي. |