سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :34

 

يادگيريون

ممتاز مرزا

حميد سنڌي

 

ممتاز مرزا

 رڻ جو راهي: حفيظ شيخ

         ڪن يارن سان جيءَ جون جڙيون ۽ محبت جون ميخون لڳل، تن جا مذڪور اهڙا جو ڪي سلڻ جهڙا ته ڪي وري بنهه در گذر ڪرڻ جهڙا. سنڌ ۾ هر ماڻهو موتيءَ داڻو، ڪن جو بها بي مثال ته ڪي وري ڪو اگهه ئي نه لهن. ڪي اهڙا جن جا روڙيل رنڍا به صرافن اڻ توريا اگهايا ته ڪي وري اهڙاجن جي سنهي ڪتيل سُٽ جو دُڪو ئي داخل نه ٿيو. اها محبت جي ڳوڙهي مام آهي، جنهن کي پروڙڻ پڻ هڪ وڏو ڏاکڙو آهي، ڄڻ جيءَ جو جوکو هجي_ پوءِ يارن جون پچارون ڪجن ته ڪيئن ڪجن، ڪي، ڪن ڳالهين سان ڪوسا ٿين ته ڪي وري ٻين قصن سان سرها ٿي مجرائي ڏين، ڪي وري اهڙا جيڪي وقت سر، بنا ڪنهن ريا ۽ مصلحت جي، مُنهن تي، پنهنجي خو ۽ خيال سان، جيڪي آين سي چئي وڃي پار پوندا آهن، سونٽي جي سڌي راند. ان ميدان جو شهسوار، معصوم ابهمڙي جهڙو يار ”حفيظ شيخ“ به هو.

        حفيظ جون ڳالهيون ڳڻي به ڪهڙيون ڳڻجن_ زمانن جي دز هن يار جي زندگيءَ تي گهڻا تهه چاڙهي ڇڏيا آهن. شايد اسان جي نئين ٽهي وارن دوستن کي حفيظ جي حيثيت ۽ ادبي ڪارنامن جي ايتري گهڻي سار ۽ ڄاڻ به نه هجي. حفيظ يارن جو يار، دوستن جو سچو غمخوار، هر ڏکي مهل ۾ دوستن جو قربدار، شل ڪڏهن ڪنهن تي ڪو ڏکيو وقت نه اچي ۽ حفيظ کي خبر ملي، ته هردم هڪيو ۽ تيار، نه جهل نه پل، اصل سر اڏيءَ تي. ستايل يار جون ٻه وکون ته حفيظ وڌيڪ چار وکون پيو کڻندو هو. مٺيون، ساديون ۽ سچيون دلداريون پيو ڏيندو هو ته، ”ڀولو ڪونهي، مڙس ٿي، ملهون مڙسن تي اينديون آهن، هلي وڃي پار پونداسين. بس تون سُرت ۾ رهه، ۽ ڪو اُلڪو نه ڪر، سڀ سڻائي ٿيندي.“ حفيظ جون اهي دلداريون يار جي هانوَ تي ڇنڊو وجهنديون ۽ جهڙوڪر ان جا ڏکيا ڏينهن ڪٽجي ويا. اهڙي معصوميت ۽ سچائيءَ ۾، حفيظ سان ڪن يارن اُرهه زورايون ڪيون، جن جي کيس ڄاڻ به هوندي هئي پر ڪڏهن يار کي ورائي ڪو ويڻ به نه ڏيندو هو. اڳلي کي اهو لکاءُ نه ڏيندو هو ته هن يار ساڻس ڪا چڱائي نه ڪئي، هو اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن به دل سان نه لائيندو هو. يارن جا ڏنل اوڀالا ۽ سُهمان سدائين پٺيءَ پاند ڪيائين ۽ بيپرواهه رهيو.

        منهنجي حفيظ سان اول ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻي ۾ ٿي. اها ڪچهري ڪراچي ۾ ٿي هئي، تڏهن محترم اياز قادري ڪراچي سنگت جو سيڪريٽريءَ هو. ۽ هڪ رات آرام باغ وٽ ڌني رام بلڊنگ واري سندس فليٽ تي رات رهيو هئس. قادري صاحب نهايت لائق انسان آهي، نهايت فراخدليءَ سان اسان جون مهمانيون جهليائين، هر ڪنهن آئي وئي جون پئي خدمتون ڪيائين. حفيظ به اُتي دوستن سان ملڻ آيو ۽ مون کي ڏسي چيائين، ”تون ڪير؟“ نالو ٻڌايو مانس، وڌي اچي ٻکين پيو ۽ کلندي چيائين. ”اڙي تون آهين منتاز (حفيظ ڪڏهن مون کي پنهنجي نالي ممتاز سان نه سڏيو) اُن زماني ۾ منهنجون ٻه چار ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون، جيڪي شايد حفيظ جي نظرن مان گذريون هيون. هو مون کان اڳ جو مڃيل افسانه نگار هو، ان لحاظ سان سندس لاءِ احترام ۽ خيال هو، سو ساڻس محجوبيت واري انداز سان ڳالهائيندو رهيس، پر هن جو رنگ اهو ڄڻ سالن کان مون کي سڃاڻندو هجي. اها ئي حفيظ جي سڀ کان وڏي خاصيت هئي ته ڪڏهن به ڪنهن کي ننڍو يا وڏو نه سمجهيو، سڀني سان ساڳي پيار، پاٻوهه ۽ پريت وارو پنڌ. ان پهرين ملاقات ۾ همراهه اهڙيون رهاڻيون ڪيون جو اصل سندس سنگت جي سڳي ۾ ٻڌجي ويس.

        تڏهن ڪراچي واري ميٺارام هاسٽل ۾، سنڌ جا ڪيترائي اديب ۽ نوجوان رهندا هئا، اهو ڄڻ اُن وقت ڪراچي ۾ سنڌي  علم ۽ ادب جو مکيه مرڪز هو.74 نمبر ڪمري ۾، محترم نور الدين سرڪي جي رهائش هئي. ان ڪمري تي وڏا ادبي بحث مباحثا ٿيندا هئا. جن ۾ مکيه ڳالهائيندڙ هئا، ڪامريڊ پوهو، رشيد آخوند، منصور عباسي، مرغوب بخاري، رباني، حفيظ ۽ خود سرڪي صاحب. جڏهن اها سنگت شام جو اتي اچي گڏ ٿيندي هئي ته سرڪي صاحب ڪو مسئلو وچ تي ڇڏي، همراهن کي ڇيرو ڏئي، ماٺ ڪري ويهي رهندو هو. پوءِ سرڪي سائين ڇٽن گڏ، مامرو هوندو هو انهن يارن ۾. سڀ جديد ادب جي نظرين جا ڄاڻو، مطالعو وسيع، وقتي ملڪي توڙي غير ملڪي سياست تي پوري نظر. ڪامريڊ پوهو، رشيد آخوند ۽ منصور عباسي گهڻو ڪري، ٻي ڪنهن کي گهٽ ڳالهائڻ ڏيندا هئا. باقي ٻيا وقت سر جهٽ هڻي ڳالهه ڪري، ٻي ٿڌي ٿيندڙ بحث کي باهه جون ڄرون ڏئي چپڙي ڪري ويهندا هئا. ڪامريڊ پوهو به پنهنجي وس آهر سڀني سان چڱا نڪا ڏيندو هو، ۽ مارڪس جي نظرين تي ڳالهائيندو هو، ۽ واهه جو دليلن سان ڳالهائيندو هو، ان ۾ سندس خيال هوندو هو ته مارڪس جي ”ڪيپٽل“ جو سنڌي ترجمو ڪري، پرولتاري انقلاب جي راهه روشن ڪرڻ گهرجي. حفيظ سندس عزت ڪندو هو ۽ اڪثر سندس ڳالهين تي سهمت ٿيندو هو، پر رشيد آخوند ۽ منصور عباسي کي چڱا خاصا ٽوٽا چٻرائيندو هو. سو مٿس اوچتا، محض چرچي خاطر، شخصي حملا ڪندا هئا، جنهن ۾ هنن جي نيت فقط کيس ماٺ ڪرائڻ جي هوندي نڪي دل آزاري جي. اهڙن موقعن تي حفيظ ڪاوڙجي ڪمري مان هليو ويندو هو، پٺيان رشيد ۽ منصور يا سرڪي صاحب کيس موٽائڻ جي ڪندا هئا. هو هيڪر ته هليو ويندو هو، پر سندس اها ڪاوڙ پل پهر جي هوندي هئي. ٻي شام وري اُتي موجود، اُهي ئي ٺاشا ماشا ۽ بحث مباحثا، ڄڻ اڳئين شام ڪجهه ٿيو ئي نه هو.

        ميٺارام هاسٽل جي پهرين منزل تي، رباني ۽ مقبول سومرو به رهندا هئا. رباني صاحب تن ڏينهن ۾، رباني سنڌي جي نالي سان لکندو هو، ۽ مقبول سومرو بعد ۾ ڪنهن وڏي بئنڪ جو صدر ٿي رٽائر ٿيو. رباني جي ڪمري ۾ منهنجي رهائش جو وسيلو تنوير عباسي ٿيو، جو اُن زماني ۾ تنوير ۽ رباني جي هڪٻئي کانسواءِ بنهه ڪا نه سرندي هئي. ڪڏهن تنوير ڪراچي ۾ ته ڪڏهن رباني حيدرآباد ۾. هفتي ۾ هڪ ڀيرو نه ملڻ ته ڄڻ سج اُڀريو ئي ڪونه. حفيظ جي صحبت ۾ رباني افسانه لکڻ شروع ڪيا، ۽ حفيظ ئي رباني جو پهريون ادبي سونهون هو، جنهن هن کي لکڻ تي آماده ڪيو ۽ رباني کي سندس پهرين افساني تي ڪنهن اداري طرفان پهريون انعام به مليو. رباني سان منهنجي ملاقات به تنوير جي ڪري ٿي. هڪ ڀري آئون ۽ تنوير ڪراچي ۾ رباني جا مهمان هئاسين. رباني تن ڏينهن ۾ پڙهندو هو ۽ ڪنهن سنڌي اخبار ۾ شام جو ڪم به ڪندو هو. نئين زندگيءَ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پوءِ ٿيو هو. هڪ شام جو حفيظ، رباني جي ڪمري تي آيو. تنوير، رباني، مقبول سومرو ۽ آئون موجود هئاسين. مقبول سومرو تن ڏينهن جو مشهور سگريٽ گولڊ فليڪ پيئندو هو، ۽ هڪڙو سگريٽ ڪڍي دُکائي، باقي ڀريل پاڪيٽ پنهنجي پلنگ هيٺان اُڇلائي ڇڏيندو ته جيئن اسان جهڙا ننڌڻڪا سندس سگريٽ تي بار نه ٿين. حفيط اچڻ سان مقبول کي چيو: ”مقبول، اڄ ته شگريٽ شڪائي (ڇڪائي).“ مقبول وراڻيس، ”بس آخري سگريٽ هو، پيتم.“ حفيظ چيس، ”تو کان جا شئي گهربي آهي، سا تو وٽ آخري هوندي آهي! ائين چئي جهٽ هڻي تنوير کان سگريٽ وٺي، وڏا وڏا سوٽا هڻي سامت ۾ آيو. خوش طبع ماڻهو هو، سو اوچتو ٽپا ڏئي، ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، اسين سڀ حيران ته اسان مان ڪهڙو همراهه ڪارٽون آهي، جنهن تي حفيظ کلي پيو. تنوير پڇيس، ”ڇا ٿيو، ڇو پيو چرين وانگرن ٽهڪ ڏيئن؟“ کلندي کلندي چيائين، ”جهلجهي پيو، جهلجي پيو.“ مقبول پڇيس، ”ڪير جهلجي پيو؟“ ٺهه پهه وراڻيائين، ”تون .... تون ..... ٻيو ڪير.“ سڀ وائڙا ٿي هن کي ڏسندا رهياسين، ايتري ۾ وڏو ٽپ ڏيئي، مقبول سومري جي کٽ نما پلنگ هيٺان گهڙي، سندس هيٺ اُڇلايل گولڊ فليڪ جو هڪڙو پاڪيٽ کڻي سوگهو ڪيائين، ۽ پوءِ بادشاهه بڻجي تنوير وارو ڪنگ اسٽارڪ ڦٽو ڪري، گولڊ فليڪ جو هڪڙو سگريٽ پاڻ دکايائين، ۽ هڪڙو هڪڙو اسان کي ورهائي ڏنائين، ۽ مقبول کي چيائين، ”تون شڪيندين (ڇڪيندين)؟“ هن به پلنگ تان اُٿي باقي بچيل سگريٽن جو پيڪيٽ جهٽ هڻي کانئس کسيو ۽ ڪاوڙجي ڪمري مان نڪري هليو ويو. هي همراهه خوش، چي، ”سڃائي ۾ ايئن ڪبو آهي، پر اڄ واهه جو پلئه ٿيس.“ انهيءَ رات ڳالهين ڪندي، ميس ۾ ماني کائيندي، سندس اها ئي تات. نيٺ تنوير ڪاوڙجي چيس، ”ماٺ ڪر ڙي گدري، گهڻيون ئي هنڀوڇيون هنيئه.“ مون کي خبر نه هئي ته ”گدري“ ڪا حفيظ جي چڙ هئي. بس اُنهي پڙ تي تپي ٽامڻي ٿي ويو. چي، ”آئون گدري...... ها ..... تون ميهو، ڀينڊي، موري توري.“ ايئن چئي ميز تي ٻه ٽي مُڪون هڻي، ماني مان هٿ ڪڍي، مُنهن ڦوڪي ويهي رهيو. گهڙي کن ته ماٺ رهي، سڀ ماني ۾ مشغول، ائين لڳم ته سڀ کيس نظرانداز پيا ڪن، مون تنوير کي ڏانهس ڏسڻ لاءِ چيو، تنهن زور سان ٽهڪ ڏئي چيس ته، ”اڙي حفيظ، ماني ڇو نٿو کائين؟“ همراهه هٿن مان پيو وڃي، ٻه ٻه هٿ پيو اُڏامي، ”چپ ڪر ڙي لوسي، نٿو کانوان ماني، تون ڪير ٿيندو آهين صلاح ڪرڻ وارو. مون کي ٿو چئي گدري.“ ايئن چئي ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ پنهنجون ننڍڙيون ننڍڙيون وکون کڻندو، کلئي آسمان واري ميس جي ميدان مان ٻاهر هليو ويو. مون ڏٺو ته يارن سندس انهيءَ روش تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، ۽ ماني ۾ مشغول رهيا. سواءِ تنوير جي ٻي ڪنهن يار سان منهنجي گهڻي ڊيگهه ڪانه هئي. سو کيس ‎ٺونٺ هڻي چيم ”حفيظ ڪاوڙيو پيو وڃي.“ تنوير ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”ماٺ ڪري ماني کاءُ، اهي حفيظ جا ماڻا آهن. اجهو ٿو موٽي.“ تن ڏينهن ۾ ميٺارام هاسٽل لڳ حفيظ جا ڪي ويجها مائٽ رهندا هئا، هن جو گهڻو تڻو وقت ته هاسٽل ۾ ئي گذرندو هو، پر جڏهن گهڻو خفي ٿيندو هو ته مائٽن جي فليٽ تي هليو ويندوهو. پر اُتي ڪو سک نه ايندو هئس، جو ڇڙو ڇانڊ هو. گهر جي هنبس کان ونءُ ويندو هو. سندس راتيون ميٺارام هاسٽل جي جدا جدا ڪمرن ۾ گذرنديون هيون، اُتي يارن جا ٺاشا ماشا کيس اصلي ڪٿي به ويهڻ ئي ڪونه ڏيندا هئا. گهمي ڦري موٽي اچي هاسٽل ۾ يارن سان ڀيڙو ٿيندوهو. ڪاوڙ واري معاملي ۾ به ائين ٿيو. اسين موٽي رباني واري ڪمري ۾ پهتاسين ته حفيظ به کلندي مرڪندي اچي منهن ڪڍيو. سڀئي کيس ڀُون ڀُون ڪري چهٽي ويا، پر هيءُ کلڻ ۾ پورو. جهٽ کان پوءِ پاڻ چيائين، ”مڙس آهيو نه، آئون ڀڄان ٿو، توهان مون کي جهليو.“ سڀني دوستن کي رونشو لڳو، لهي هيٺ ٿياسين، اڳيان هيءُ پٺيان اسين، تنوير جي وات اهائي وائي، ”جهليو گدريءَ کي.“  هيءُ يار پنهنجي مستي ۾ مست، مڙني کي پريان ڀونڊا ڏئي، سهڪائيندو رهيو. ايتري ۾ ڪنهن يار هاسٽل وارو ٻاهريون لوهي دروازو بند ڪري ڇڏيو، جيئن هو ٻاهر وڃي نه سگهي. ڳچ دير تائين مڙني ڊوڙائي ساڻو ڪري، هاسٽل  جي وڏي ڀت تي ٽپ ڏئي چڙهي ويٺو. اُتان مڙني کي مُڪون بُجا اُلاري ٻي پاسي لهي ويو، ۽ اسين سڀ هن کي ڏسندا ئي رهجي وياسين.

        حفيظ، ڪاوڙبو گهٽ هو، پر جڏهن به ڪنهن ڳالهه تي چڙ آيس ته اُها به گهڙي کن لاءِ. هو اندر ۾ هڪ معصوم ٻار جهڙي دل رکڻ وارو ساٿي هو. ماڻڪن کان مٿي سندس دل هئي. يار ويس اهڙو جو هر ڪنهن سان ڳراٽڙي پائي دوستي جي دعويٰ ڪندو هو، جنهن سان ياري وارو پلئه پاتائين، تنهن سان توڙ نڀايائين، اُن ۾ ڪنهن نفعي نقصان جو خيال نه ڪيائين، سندس انهيءَ روش ڪري ڪڏهن دوستن طرفان دک به ملندو هئس، پر هو، ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، سڙي سارو ڏينهن“ مثال هو. ڪڏهن ڪنهن کي منهن پائي ڪيل اُرهه زورائي جي ميار نه ڏنائين، باقي دل جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ. يارن کي جيڪي چوڻو هوندو هئس سو چئي ڏيندو هو. ان ڪري ڪي دوست کيس ”گامون سچار“ به چوندا هئا.

        ميٺارام هاسٽل کانسواءِ، حفيظ جون ٻه پسنديده بيٺڪون هيون، هڪ ڪيفي سن رائيز ۽ ٻي نيٽي جيٽي واري لورس برج. جڏهن آئون ڪراچي ويندو هئس، تڏهن انهن ٻن جاين جو ديدار ضرور ڪرائيندو هو ڪيفي سن رائيز ميٺارام هاسٽل ۾ رهندڙ سڀني دوستن جي من پسند جاءِ هوندي هئي ايراني جي هوٽل هئي، هاڻي ته اُجڙي ڀانڊو بنجي وئي آهي، پر اُن وقت تمام گهڻي آباد هوندي هئي. مڙني يارن جي رات اُتي گذرندي هئي، چانهه جو دور پيو هلندو هو. ۽ ادبي بحث مباحثه به پيا ٿيندا هئا. حفيظ اُنهن ۾ برک هو، پر اوچتو ڪا جوجڪي ايندي هيس ته ڀڙڪو کائي اُٿندو هو ۽ مون کي وٺي ڪڏهن سائيڪل رڪشا تي، ته ڪڏهن پيرين پنڌ، لورس برج تي وٺي ويندو هو، ۽ ڪلاڪن جا منهن ويٺو مقالون ڪندو هو. افسانن جا پلاٽ ٻڌائيندو هو. ٻولي ۽ اسلوب تي ڳالهائيندو هو. اُتي جي چانڊوڪي رات هوندي هئي ته هو نثر نويس مان شاعر بڻجي ويندو هو. ننڍڙا ننڍڙا پر اثرائتا جملا پنهنجي ٻاتڙي نموني ۾ ائين اوريندو هو جو دل ۾ گهر ڪري ويندا هئا ۽ جي وري اُماوس جون راتيون هونديون هيون ته ماٺ ڪيو ويٺو تارن کي تڪيندو هو، ڪا ڳالهه نه ڪندو هو، ائين ئي ويڳاڻو ۽ ملول ويٺو ستارا جانچيندو ۽ پاڻي جا رنگ ڏسندو هو. انهن ٻنهي ڪيفيتن جو ڪهڙو پس منظر هو، تنهن جي مون کي ڪڏهن ڪا خبر نه پئجي سگهي. البت ايترو سو محسوس ٿيم ته هو ازل کان اڪيلو هڪ رڻ جو راهي هو، ڪو سندس اهڙو ساٿي ڪونه  هو جيڪو هن جي اندر ۾ جهاتي پائي، سندس سورن جو بار پنهنجي ڪلهن تي ڪري.

        جڏهن حيدرآباد ايندو هو ته بنا اطلاع جي ٽنڊي آغا ۾ مون سان ملڻ ضرور ايندو هو، ۽ ڪوٽ ڪلهي ڪري چوندو هو، ”هل ساٿي منتاز، هلي ڪو افسانو لکون.“ اُنهيءَ وقت حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول جي رستي تي ڪيفي شيرازين ۽ صدر ۾ ڪراچي هوٽل ۽ ڪيفي مهربان، حيدرآباد جي اديبن جي ويهڪ جا مکيه ماڳ هئا. حفيظ اڪثر شيرازين کي ترجيح ڏيندو هو، جو اتي گهڻو گوڙ شور هوندو هو ۽ اڪثر دوست، جيڪي سنڌي ادبي سنگت سان وابسته هوندا هئا، اُتي اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي گذاريندا هئا. سندن ڊگهي ويهڪ کان هوٽل جا مالڪ به ارها ڪين ٿيندا هئا.  وقتي اوڌر تي به چانهه پياريندا هئا. اُتي ويهي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر ايتري ۾ جي ڪي ٻيا دوست آيا ته ڪاڳر ويڙهي ڪندو هو ڪڇ ۾، وٺڻ لڳندو هو ٻين يارن جا حال احوال_ اتان پوءِ شروع ٿيندا هئا ادبي بحث. پوءِ سائين ”ٻج کٽي يا سج کٽي“، وقت گذرڻ جي ڪل ئي نه رهندي هئي.

        سچ ته حفيظ شيخ پنهنجو دور جو اُهو منصور هو، جنهن پنهنجا سور پاڻ سان سانڍيا، اُنهيءَ دنيا ۾ ڪنهن کي پير پائڻ نه ڏنائين. سندس دل ۾ دردن جا ڪهڙا دور هئا، اُهو نه ڪنهن سان سليائين نه ئي ڪنهن کي پنهنجو حال ڀائي ڀانيائين. سچو مڙس، بي ريا، نه ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ وارو نه، ڪنهن جي پرواه ڪرڻ وارو، جيڪو سندس خيال هوندو هو، سو چئي وڃي يار پوندو هو. نه رڳو زباني ڪلامي پر تحرير ۾ به اهو اهڙو ئي هو، جنهن جا مثال ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپيل سندس ادبي خط آهن، جنهن ۾ هن اسلوب، زبان ۽ جذبن جي سچائي اڄ به نوان نڪور محسوس ٿيندا آهن.

        حفيظ جيئن اُڀريو، تيئن سنڌ جي ادبي اُفق تان لهي ويو. اسان مان ڪيترا دوستي جي دعويٰ ڪرڻ وارا سندس ڪلهي ڪانڌي به نه ٿياسين. مڙس پنهنجو وارو وڄائي ويو. پر جن هن کي ڏٺو ٻڌو، تن جي دلين ۾ اڄ به مٺن ٽهڪڙن، ننڍڙي رُسامن ۽ پيارن انگلن سان آباد آهي، ۽ آباد ئي رهندو.

 

جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري،

ٻري تن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ري.

 

 

حميد سنڌي

جيل جي هڪ رات حفيظ جي ياد ۾

        جيل جون يادگيريون به عجيب آهن، ڪي وسريل ياد اچيو وڃن، ڪن دل اُڪريلن کي به ميسارڻو پوي. ٿو حفيظ اُنهن ماڻهن مان هو، جنهن کي مون جيل وڃڻ کان اڳ دل تان ميسارڻ جي ڪئي هئي، پر جيل وڃڻ کانپوءِ، هو چٽي نقش وانگر دل تي اُڪرجي بيٺو. مون هن کي تڪليف ۾ ياد ڪيو ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس عادت هئي ته تڪليف ۾ کلندو ۽ ٽڙندو هو، خوشيءَ جي گهڙين ۾ خاموش هوندو هو. سندس ڪي ڳالهيون دل تي جڏهن چڙهي اينديون هيون، تڏهن مان ڪن يارن کي حفيظ جي باري ۾ ٻڌائيندو هوس. اُن جو اثر انهن ايترو نه ورتو. جڏهن مان سنڌ ۾ هلايل ادبي هلچل تي ڪجهه لکڻ ويٺس ۽ اُن ۾ نمايان شخصيتن کي ورقن تي آڻڻ شروع ڪيم، تڏهن هنن ڏٺو ته حفيظ تي لکڻ مهل منهنجو قلم نهايت ئي پرخلوص ۽ اثرائتو هو. اُن تي ڪنهن يار چيو، ”حفيظ ايڏو ته اهم ڪونهي، جيڏي تون کيس اهميت ڏين ٿو.“

        ان تي مون کيس وراڻيو هو ”حفيظ نه رڳو مون لاءِ اهم آهي، پر هو سڄي سنڌ لاءِ اهم آهي. جڏهن هو نه هوندو ته، سنڌ هن لاءِ واجهائيندي.“

        اڄ اسين سڀ حفيظ لاءِ واجهائي رهيا آهيون. حفيظ اڄ سنڌ ۾ ڪونهي، پر سندس قلم جي تکائي، ڪڙائي، رواني سنڌي ادب جو نَڪ آهي. سندس ڪهڙيون ڪهاڻيون ياد ڪجن، ڪهڙا ادبي خط ياد ڪجن، ڪهڙيون صلاحون، ڪهڙا رايا، ڪهڙيون ڪوششون ياد ڪجن _ هو نسورو ”يادگيري“ آهي، جيڪا اسان جي سيني ۾ ور هنيو ويٺي آهي. سندس وفات کانپوءِ ساڻس هر لاپرواهي ضمير کي جڪڙيو وجهي.

        مون کيس جنهن نموني ۾ به ياد ڪيو، اُهو منهنجو ذاتي سرمايو آهي، اڄ مان ان سرمايي جي سپ کي اوهان آڏو کوليان ٿو.

        هي ٻه اکر حفيظ جي حياتي ۾ جيل ۾ هڪ رات جو، جهڪي روشنيءَ ۾ لکيل آهن، پر سندس ياد جو ڏيئو ان وقت به مون وٽ روشن هو ۽ اڄ به روشن آهي.

        حفيظ شيخ جيترو قد جو ننڍو، رنگ جو جهڪو، اوترو ئي ذهني طور بلند ۽ من جو روشن ماڻهو. سندس ملاقات جيجي وٽ ٿي. کيس مون اتي ڊاڙون هڻندي ڏٺو. سندس بعد ۾ ٿيل ملاقاتون مون تي اهو ظاهر ڪيو ته، سندس انهن ڊاڙن ۾ به معنيٰ ۽ ڪا حقيقت آهي.

        هڪ تيز ۽ تکو ڪهاڻيڪار، سندس قلم ۾ تکائي، ڪڙائي، مس جي جاءِ تي ڀريل آهي. سندس لکيل ڪهاڻيون ۽ Confessions سندس ڪردار جو آئينو آهن. رک رکاءُ جو اصل ڪونه. ياريءَ جو جيترو سولو، اوترو ڏکيو، ٻئي کي ايترو ستائيندو، ايترو ستائيندو جو جيڪر ٻيو ياري ڇڏي ڀڄي وڃي. پر اوترو ئي تڪليف ۽ ڏکائيون برداشت ڪرڻ لاءِ_ وقت پيو ته جيڪي هوندس، حاضر ڪندو، سِر کپيوَ ته سِر به حاضر.    

        سندس ياريءَ مان يار خوش نه آهن، پر آءُ سندس ذهن ۽ ڪردار سان پيار ڪيان ٿو. هو لاجواب ۽ لازوال انسان آهي. کيس سمجهڻ لاءِ انساني اک کپي. منجهس اوڻايون به جام آهن، پر پنهنجي اوڻياين جي ڪَل پريان پيئي وانگر اڳيئي اوڻايون ڳائيندو وڄائيندو ايندو. سندس گهاٽا يار سندس منهن تي هڪڙا، پرپٺ ٻيا _ خبر هوندي به خوش ۽ انهن سان اُهڙو ئي اهڙو.

        مون سان سندس ياري آهي، پر پري جي، قرُب آهي، پر پري جو. پر مون لاءِ پروڙ ۽ پرک ايتري ته ويجهي اٿس، جو آءُ به پاڻ کي ايترو نه سڃاڻان، جيتر هيءُ جيوُ منهنجي جيون جو جيءُ ۽ وِت ڄاڻي.

        وقت پٽاندڙ سندس هلت کيس ڀائيندڙن کي مايوس ڪيو، پر مون کي اميد آهي ته هو ضرور موٽي ايندو، جو سندس ماڳ هي جيجل ڌرتي آهي ۽ ان سان هن جو پيار آهي، جذباتي نه، ظاهري نه، شاعرانه نه، پر Most Realistic _جنهن ۾ مون کي سورنهن آنا يقين آهي ۽ سندس تحريڪ لاءِ، تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ ظاهر ڪيل حقيقت پسندانه نظرين اڳتي هلي پنهنجو پاڻ سچ ۽ نسورو سچ ثابت ڪيو آهي.

        هو جيترو مقبول افسانه نگار آهي، اوترو ادبي حلقن جي غير پسنديده شخصيت به آهي. اُن لاءِ ذميوار سندس ويجها حلقا ئي آهن، جن ڪنهن وقت کيس ياريءَ ۾ جڪڙيو، هاڻي کيس بدنام ڪرڻ جو سوٺو کنيو آهي. منهنجي نظر ۾ هُو Group Rivalry جو شڪار آهي، جيڪا ادبي حلقن ۾ عام آهي.

        تنهن هوندي  به سندس چهري تي بشاشت، دوست ۽ دشمن سان هڪ جهڙو ملڻ، سندس عظيم انسان هجڻ جي علامت آهي. هن وقت فئملي پلاننگ جو ضلعي آفيسر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com