سينيئر
پارٽنر وري
ڳالهائڻ
شروع ڪيو:
”تون
سمجهي ئي
نٿو
سگهين، تون
شادي نٿو
ڪرين،
ڇو
ته توکي
خبر
ئي نه
آهي
ته عورت
ڇا
آهي.
آءُ
چوان
ٿو ته
ڪانٽ
جو فلسفو
هڪ
طرف ۽ عورت
جي
اوگهڙ هڪ
طرف،
ته به
عورت
اوگهڙ سرس
بيهندي ۽ هڪ
دفعو
توکي خبر
پئجي
وڃي
ته
هوند تون
هزار
ڪانٽ
انهيءَ
تان
قربان ڪري ڇڏين.“
ڪار
اچي شهر
کان
ٻاهر
هڪ
کلئي ميدان
تي بيٺي
هئي.
اونهاري جي
رات
هجڻ
جي باوجود
هت
ڪجهه فرحت
هئي. بيئر
جون
بوتلون
کليون. هڪ
منهنجي حصي
۾
آئي. ٽي سينئر
پارٽنر پيتيون
۽
ٻه
جونيئر پارٽنر.
نشا
وري
ڪجهه
تيز ٿيا.
مني
ڪلاڪ جي
اندر
اندر،
اسان
موٽ کاڌي ۽ سينيئر
پارٽنر چوڻ
شروع
ڪيو،
”او
ڊيئر، اوڊيئر،
توکي
ڪهڙي خبر!
آءُ
دنيا
جو
بدنصيب ترين
انسان
آهيان.
الائجي ڇو، مون
کي
توسان
پيار آهي.
مون
کي
خبر آهي
تون
مون کي پيار
نٿو
ڪرين. مون
کي
خبر
آهي ته،
تون
مون کي چڱو
ماڻهو نٿو
سمجهين. ليڪن
آءُ
توسان
پيار ٿو
ڪريان. تون
ابليس
آهين.
مون
کي
خبر آهي
الائجي
ڪيئن
تون انهن
تائين پهچيو
وڃين. جن
تائين آءُ
پهچي
ئي نه
سگهيو آهيان.
ڊئم
اٽ
(Damuit)
توکي عورت
جي
اوگهڙ جو
قدر
ڪونهي.
يو راسڪل
(You rascal)
تون
تصوراتي دنيا
۾
رهڻ ٿو چاهين.
تصورات
۾
ڪجهه به
ڪونهي.
عورت
جي اوگهڙ
هڪ ماده
حقيقت آهي.
آءُ
ان
کي ڇهي سگهان
ٿو
۽
محسوس ڪري سگهان
ٿو.
هيلو
(Hello)
جونيئر
مون
کي
عورت
کپي. اڄ
مون کي اهڙي
عورت
کپي، جيڪا
مون
اڳ
ڪڏهن به
ڪانه
ڏٺي
هجي. حياتيءَ
۾
ڪجهه
ڪونهي
جونيئر!
عورت
جي
اوگهڙ سڀ
ڪجهه
آهي.“
ڪار
هوريان
هوريان حسن
جي بازار ڏانهن وڌي
رهي
هئي ۽ منهنجي
دماغ
۾ ٽي عورتون
ٽلي
رهيون هيون.
هڪ
اها
جنهن
مون کي جنم
ڏنو
هو
۽
اڃان
تازو وفات
ڪئي
هئائين، ٻي اها
جنهن
سينئر
کي
جنم ڏنو هو
۽
مون
تازو کيس بيماريءَ
جي
حالت
۾
بستري داخل
ڏٺو
هو ۽ ٽين اه،ا
جنهن
کي
مون
ڪڏهن
به ڪين ڏٺو
هو
۽ هوءَ
جونيئر کي جنم
ڏئي
هن
جهان
مان هلي
وئي
هئي. سينئر
جو
سڄو فلسفو
انهن
ٽن
عورتن
کي
ڪٿي
به
ٺهڪائي نه
پيو
سگهي ۽ ور
ور
ڪري
منهنجي دماغ
۾
خيال
پئي
آيو ته
سينئر جي
منهن
تي هڪ
اهڙي
چماٽ
هڻي
ڪڍان جو
هو
وري نه
ڳالهائي
سگهي.
جونيئر اڃان
منهنجي پاسي
۾
ويٺو
هو
۽ ”پيس
سر، رائيٽ
رائيٽ جي
رڙ
مچائي ڏني هئائين.
اهي ٻه لفظ
چئي
ڄڻ
هو اها
ڳالهه ورجائي
پيو وٺي
جا
سينئر
چئي
پئي.
ٻنهي جي
وچ
۾
ويٺو، آءُ
ائين
محسوس ڪري رهيو
هوس،
ڄڻ
آءُ دنيا
جو
ڪميڻو ترين
انسان
آهيان.
پر پوءِ
الائجي
ڪيئن
مون کي پرون
پيو
ته شڪار
ويجهو آهي
۽
مون
کي
ياد
آيو
ته آءُ
شڪاري آهيان
خبرن جو
شڪاري.
هورڙيان
هلندي
ڪار اچي
حسن جي
بازار
جي
در تي
بيٺي. چوڌاري
سانت لڳي
پيئي
هئي. جونيئر
لهي
هيٺ ٿيو ۽ مون
کي
به
هيٺ لاٿائين.
چيائين ”اچ
هلون“
آءُ چپ
چاپ
هلڻ
لڳس. حسن
جي بازار رات
جو
ڏهين بجي
بند
ٿي
ويندي آهي.
هيٺ
مٿي
ڪمرا
بند
هئا.
ڪمرن جي
دورازن آڏو
ڀڙوا
باسن
جي
کٽولن
تي ائين
ستا
پيا
هئا
ڄن
سانده سالن
تائين
ڪوڏر هڻي،
مس
ساهه پٽڻ
کي
مليو
هون. اسان
ٻنهي جي
کڙين
جي
کڙڪي
تي ڪتا
سجاڳ
ٿي
ڀونڪڻ لڳا.
جونيئر تي
بيئر
جو چوکو
اثر
هو ۽ هو
ٿيڙ
کائيندو
تيز تيز
هلي
رهيو هو.
هڪ
رنڊيءَ جي
ڪوٺيءَ
جي
در تي
پهچي
هن درکڙڪايو.
اندران
ڪو به
آواز
ڪين آيو.
هن ڪنهن مرد جو نالو وٺي ٻه چار دفعا سڏ ڪيو. اڃان
به ڪو آواز ڪونه آيو.
پاسي ۾ وڇيل
کٽولن
تان
هڪ
ڀڙوو
اٿي اسان وٽ
آيو.
”ڇا
ڳالهه
آ سائين“
هن اهڙي
نوع ۾ پڇيو،
جيئن ڪو نهايت
ئي شريف
ماڻهو
ڪنهن شريف
صورت
پرديسيءَ کي در
تي
آيل ڏسي چوندو
آهي.
جونيئر هن
کان
انهيءَ
ڀڙوي بابت
پڇيو جنهن
کي
سڏ
ڪيا
هئائين.
”اهو
ته ڇڏي ويو
آهي
سائين“ هو
ڀڻڪيو.
”ڀلا
ڪو
مال
ٻال
آهي“
جونيئر
کڙڪائيءَ سان
چيو ۽ محسوس
ڪيو
ته جونيئر
ڪيئن
پنهنجي وت
کان
به ٻاهر نڪري
کڙڪو
رکڻ
جي
ڪوشش ڪري رهيو
هو“
سائين هن
وقت!
آهي
ته
ڏکيو پر
آءُ
ڏسان ٿو توهان
اچو!“
ائين چئي
هو
اڳيان
هلڻ
لڳو ۽ اسان پٺيان.
چوڌاري
کٽولن تي
چرپر
ٿيڻ
شروع ٿي ۽ انهن
تي آهليل
ڀڙون
ائين
کنگهڪر ڪري ۽ ڪنڌ کڻي اسان ڏانهن نهاريو
ڄڻ
هڪ شڪار
هٿ مان
نڪري وڃڻ
ڪري
جيڪو دک
ٿيو
هون
تنهن ننڊ
ڦٽائي
ڇڏي
هئن. هن
ڀڙوي
جونيئر کان
ٽارج وٺي
پنهنجي هٿ
۾
ڪئي
۽
هلندي هلندي
هڪ
اڌ
منجي
تي وڌائين.
ٽارچ
جي روشني
۾
مون
محسوس ڪيو ته
منجين تي
سمهڻ
وارن مان
ننڊ
ڪنهن کي به
ڪانه
هئي ۽ منجن
تي
رڳو
ڀڙوا
نه
بلڪه رنڊيون
به آهليل
هيون. سڀ
جاڳي رهيا
هئا.
سڀ
تاڙيون ويٺا
هئا.
هڪ
ٻن
سان
ڀڙوي ڳالهايو
پر
جونيئر
”ردي مال
آ“ چئي
ڳالهه
ختم ڪري ڇڏي. اڳتي
وڌياسين ۽
ڪجهه بهتر
مال
ڏٺوسين. پئسن
بابت
ٿوري ڳالهه
ٻولهه ٿي. پوءِ
سينئر کي وٺي
اچڻ
لاءِ
موٽ
کاڌي
سين. سينئر
اسان کي دير
ڪندو
ڏسي
اڳ ۾ ئي
ڪار
تان
اٿي
آيو هو
۽
بند
بازار
۾ ٿاٻا
کائي رهيو
هو.
اسان
کي ڏٺائين ته
نالا
وٺي
سڏ ڪيائين. ويجهو
پهتاسين ته
چيائين:
”ويئر
آر يو
باسٽرڊس“ جونيئر
کليو
ڄڻ
شايد
خطاب
مليو
هجيس. مان
سور پي
ويس.
نشن ۾ سينئر
تمام
ڏاڍ
مان ڳالهائي رهيو
هو.
جونيئر ويچاري
جو
آواز
آهي
ته
ڪونه پر
ان ويل
نشن
۾
چڱي پئي
پاڻ
موکايائين.
هن
ٻنهي جو
هڪ
ٻئي
کي
واڪي حال
احوال
ڏيڻ شروع
ڪيا
ته
پريان بيٺل
پوليس
وارن
جو
ڊنبلو
اچي منهن
پيو
”ڪير
آهيو“ جمعدار
ائين
ڪڙڪي سان
چيو ڄڻ رنڊيءَ
سوڌا
چور
ڏٺا
هجنس.
منهنجو ته
هانءُ کاڄي ويو.
ڀانيم
ته اجها
ٿي
ٽوپي لهيم
۽
بجاءِ
خبر
لهڻ جي
پاڻ
ٿو خبر
بڻجان. سائين
ڳالهه
به اهڙي
هئي بيگاهه
وقت تي
اهڙي
هنڌ ۽ سو
به
وات
مان بيئر
جي
بوءِ پئي
اچي.
جهلي پوليس
وارا
لاڪپ ۾ وجهي
ڇڏين
ته صبح
جو
يار
منهنجا
ضامن
ٿي
ڇٽا
وڃن.
پر آءُ
سيخن
پويان
ڪارٽون بڻيو
ويٺو
رهان. حالت
اها
ٿئي
جو
ٻين
اخبارن جا
رپورٽر
۽
فوٽو
گرافر اچي
درجهلين ۽ ٻي
ڏينهن ٽن چئن
ڪالمن
۾
اها
خبر
ڇپجي
ته فلاڻي
اخبار
جو
نمائندو شراب
پي چڪلي
۾
گهمندو پڪڙجي
پيو.
ويتر جو
فوٽو
ڇپجي
ته منهنجي
اها
سس
به
منهنجي لڇڻن
کان آگاهه
ٿي
وڃي، جنهن
مون
کي
نياڻو بنائڻ
لاءِ
الائجي
ڌيءَ
ڄڻي
به آهي
ڪي
ڪانه.
ڀلا
سائين
هاڻي
ٿورو
ڪجوم، هن
بيئر
جي هڪ
بوتل
بابت منهنجي
سس
سان
ڳالهه نه
ڪجو
۽
آءُ
لکي ٿو ڏيان
ساڻ رضا
خوشي
وغيره ته
ٻيهر
جي
مون کي مفت
به
ملي ته
آءُ
اصل
ڪونه
پيئندس. هئي
به
ڀيڻسان
ڪوڙي جهڙي
وهه.
پر مفت
جي
هئي نه!
۽
وري
انهيءَ پيئڻ
ڪري
جونيئر مون
کي
ٻه
روپيه
اڌارا
به
ڏنا
هئا.
الله ٿو ڄاڻي
اهي
ٻه
رپيا
نهايت ئي
بي
برڪتا
هئا.
ڇو
ته
هونئن ته
آءُ
هوٽل تي
تيرهن آنن
جي
ماني کائيندو آهيان
پر انهيءَ
ڏينهن
هڪ رپئي
تيرهن آنن
جي
کائي
ويو هوس.
خير
اهي احوال پاڻت
جا
آهن
۽
انهيءَ لاءِ
ضروري آهي
ته
اوهان
خيال رکو
ته
منهنجي سس
تائين نه
پهچن.
هائو، سو
ڳالهه
پئي ڪيم ته
جمعدار
اچي
هڪل ڪئي آءُ
ته
دهلجي ويو
هوس.
پر جونيئر
به
ڪجهه
هٽڪي بيٺو
هو.
سينئر مڙسي
ڪئي،
چيائين:
”ڪير
آن هيڏي
آءُ.
جمعدار
وڌي
آيو. سينئر
سگريٽ ڪڍي وات
۾
وڌو ۽ تيلي
ٻاري
سگريٽ
دکائڻ
لڳو.
تيليءَ جي
روشني پنهنجي
منهن
تي وجهي
هو
ڪجهه
دير جهلي
بيٺو
۽
پوءِ وسائي
پري اڇلائي
ڇڏيائين.
”مون کي سڃاڻين
ٿو؟
ڪڏهن
ڪورٽ
۾
ڏٺو
اٿيئي؟“ سينئر
جمعدار
کان
پڇيو،
جمعدار
سڃاتو،
ڪي
ائين ئي
کڻي
اندازو لڳايائين
ته ضرور
ڪو
وڪيل
هوندو. چوڻ
لڳو:
”پوءِ
سائين
ڪيئن آيا
آهيو“؟
سينئر تنهن
تي
اهڙو ٽهڪ ڏنو جو
ذڪر
جاسوسي ناولن
۾
گهڻو ڪيل هوندو
آهي،
جمعدار
ڪجهه به
نه
سمجهيو_
مختصر
ڪيان ڳالهه
کي.
هو
ڀڙوو جو
اسان سان
گڏ هو
الائجي
ڪاڏي
گم ٿي ويو
۽
ان جي
جاءِ
جمعدار
پاڻ کڻي والاري.
پنجن ڇهن جاين
تي ٽارج جي
روشني وجهڻ
بعد
سينئر مطالبو
ڪيو
ته مٿي
کڏ
وارن مالن
مان
ڪو
ڏيکاريو وڃي.
دراصل
مٿي
کڏن
تي ڪسب ڪمائڻ واريون
رنڊيو
نه
وهنديون
آهن، بلڪ
ڳائڻيون
۽
نچڻيون رهنديون
آهن.
پر پوءِ
مهراڻ
جي
موج ۾ سڀ
پسيو
آلا
ٿي
پون.
ٻه
ڪوٺا
ڇڏي جمعدار
ٽئين
ڪوٺي
تي ٽارچ جي
روشني وجهي
سڏ
ڪيو.
ٺهه
پهه ورندي
ملي،
ڄڻ
جنهن کي سڏ
ڪيو
ويو
هو سو
اسان لاءِ
اکيون پائي
ويٺو هو
”توهان
انهي کي ڏسو ته
مان
ٻيون هٿ
ڪيان.
ٽي
کپن
ني توهان
کي“
جمعدار
چوندو
چوندو پري
هليو
ويو. آءُ
اعتراض
وارڻ
تي هوس
پر
جمعدار
پري
نڪري ويو
هو
۽
مٿان
واري
رنڊيءَ هيٺ
اچي
در
کولي ڇڏيو هو.
چڙهي هڪ ٻئي ۾ ڳاهه تي بيهي رهياسين. رنڊيءَ ور
مان ڪنجين جو ڇڳو ڪڍيو
يا
شايد
اڱڻ ۾ پيل
کٽ
جي
سرانديءَ تان
کڻي
آئي ۽ اچي
در
کوليائين.
ڪمري ۾ اندر
پئٽرومئڪس جو
گولو
ٻري
رهيو هو.
اسان لنگهي
وڃي
اندر
ويٺاسين. آءٌ
۽
سينئر کٽ تي
ويٺاسين، جونيئر
هڪ
ڪرسي
تي ويهي
رهيو
۽
رنڊي ٻي
ڪرسي تي.
ڪاري
ڪولتار جهڙي
پنجابي عورت
هئي
جنهن کي جوانيءَ
کان موڪلائي
ڪي
سال
ٿيا
هئا
”تون آن“
سينئر پڇيو
”هان سائين“
هوءَ پنجابي
مليل سنڌيءَ
۾
جواب
ڏيڻ
لڳي.
”ڇا
ڪيان، مان
ته رڳو
ڳائيندي
هئس پر
پوءِ
زماني جي
گردش
آ_
هاڻي
هي
به
ڪرڻو ٿو پوي“
سينئر هڪ
ٻيو
پشاچي ٽهڪ ڏنو ۽ آءُ
ڏڪي
ويس.
”انڌيءَ“
جيءَ کي ڪوڙ به
هڻڻ
نٿو اچي.“
مون سوچيو،
هاڻي هڻندس
موچڙا،
ٿيندو گوڙ
۽
“وري“_
وري
اخبارن جون
سرخيون ۽ پنهنجو
فوٽو
منهنجي نگاهن
۾
نچڻ لڳو_
”ٻيا
مال
به
ته
ڏيکار“، سينئر
اسان
ٻنهي ڏانهن اشارو
ڪندي
چيو.”نه
سائين اهو
ڪم
پاڻ
جيڪو
ڪيون
سون
ڪيون، ٻئي کي هن
ڌنڌي
لايون يا
انهيءَ
۾
مدد
ڏيون
سو اصل
نه
ڪيون“ رن
اصل واعظ
ڪرڻ
بيهي رهي.
”چڱو
وڃ
جمعدار
کي
سڏي اچ“
سينئر ڄڻ نااميد
ٿي
چيو. حالانڪه
حقيقت اها
هئي
ته
هو رنڊيءَ
جي
ڳالهين
کي
چڱي طرح
سمجهي
رهيو
هو ۽ رنڊي
هن
جي ڳالهين کي. رڳو
هڪ
ٻئي
کي
ڳالهين
دوران
پئي
تڪيائون توريائون.
سينئر اڙي
هنئين ته
رنڊيءَ چيو.
”چڱو
هڪ
اڌ
ڀڙوي کي اٿاريان
ٿي“ هوءَ
هيٺ
لهي وئي
ته
سينئر ليڪچر
ڏيڻ
شروع
ڪيو_
چي:
”ڏس
هاڻي ڪيئن
وئي وٺڻ_
اصلي
مال
هاڻي
ايندا.
ڪو اناڙي
هجي ها
ته
مات کائي وڃي
ها.“ هن
بازار
جي
اصولن رازن
۽
رمزن تي
ليڪچر
ڏنو. انهيءَ
سڄيءَ ليڪچر
کي
جونيئر نهايت
توجهه سان
باقاعدي هونڪي
ڀريندو
آيو.
مون کي رڳو
ايتري
ڳالهه
سمجهه ۾ آئي
ته
حسن جي
اصلي
۽
وڏي بازار رات
جو 12
بجي
کان
پوءِ ئي
کلندي
آهي.
ڏهين
بجي تائين
سڙيل مال
لالٽين ٻاري ويهندو
آهي
۽
رات
جو
ٻاهرين
کان پوءِ
بازار
جا
چونڊ
ڊاڻا
پڙ
۾
ايندا
آهن
پر
اهي
ڪنهن اهڙي
جهڙي ماڻهوءَ
کي
نصيب ڪين
ٿيندا
آهن.
ڪوشش
اهائي
ٿيندي آهي
ته
وڌ کان
وڌ
قيمت تي
گهٽ
کان گهٽ
جنس
ڏني
وڃي. خواهشمند
جي هوشياريءَ
۽
تجربي تي
قيمت
جو دارومدار هوندو
آهي.
رنڊي
موٽي ته
پاڻ
سان گڏ
ڇهه
ڇوريون
وٺي آئي.
ٿوري
دير
لاءِ
آءُ
به چڪر
۾
اچي
ويس. ائين
پئي محسوس
ٿئي
ڄڻ
ڪنن
بت تراش
جي دڪان
تي چڙهي
آيو
آهيان
۽ ڇهه
نفيس
بت
آڏو بيٺا
اٿم.
سڀني
ڳائڻي
هجڻ جي
دعويٰ ڪئي جا
پوءِ
سينئر ٻڌايو ته
اڌ تي
ڪوڙ
هئي.
قيمتون ڳالهائڻ شروع
ٿيون.
سو
رپئي داڻي
کان معاملو
شروع ٿيو ۽ لهي
لهي
ٽيهن
رپين تي
آيو.
سينئر پڪائي
ڪئي
ته هڪڙي
داڻي ڳالهه جوکولي
ٻڌائي_
چي:
سائين!
اسان
گهڻو ته
ڪين
ٿا
وٺون.
ٽيهن
مان
پنج
رپيا
ويندا
پوليس وارن
ڏانهن،
پنج رپيا
ڀڙوو__
باقي
بچندا
پندرهن،
تنهن
مان
جاءِ جي
مسواڙ، اويل
سويل لاءِ
بندوبست، لٽا
ڪپڙا
۽ پيٽ
قوت_
توهان
۽
چئو
ڪو
وڌيڪ
آهي؟“
سينئر کي اها
جدول
سمجهه ۾ اچي
وئي. يڪدم
ها
ڪيائين ۽ هڪڙيءَ
کي
چيائين هاڻي
سوال
اٿيو
ته
باقي پنج
جو
ننڊ ڦٽائي آڌيءَ
جون
اٿي آيون
هيون، سي
بنا
ڪجهه وٺڻ
جي
ڪيئن
وڃن. اڳيان سينئر
به
پنهنجي زماني
جو شائلاڪ آهي،
سو
پڙ ڪڍي بيهي
رهيو.
نيٺ اهي
پنج ئي
ڀڻ
ڀڻ
ڪنديون
هليون ويون.
ڪمري
جو
دروازو بند
ٿي
ويو.
آءُ ۽ جونيئر
اڱڻ
۾
پيل کٽ تي
آهلي
پياسين،
ڪولٽار
جهڙي
رنڊي کٽ جي
آڏو
وڇايل گلم
تي
ويهي رهي
۽
جونيئر فلسفو
ڇانڻڻ
شروع ڪيو_
آءُ
الائجي
ڇو لفظ
ڀڙوت
جي
معنيٰ
ڳولڻ ۾ مگن
ٿي
ويس.
منهنجي خيالن
جي سلسلي
جون
ڪڙيون
ڪجهه
هن ريت
هيو:
سڀ
کان پهريائين
هيءَ
ڪولٽار
جهڙي
رنڊي هئي،
جنهن
سينئر کي مال
آڻي ڏنو هو.
ان کانپوءِ پوليس
جو
اهو جمعدار
هو، جيڪو
چڪلي
۾
ڊيوٽي
تي هو
۽
اسان کي هن
ڪاري
ڪولٽار جي
ڪوٺي
تي
پهچائي ويو
هو.
ان
کانپوءِ اهو
ڀڙوو
هو جنهن
اسان کي سڀ
کان
اڳ
۾
کيڪاريو هو
ان کانپوءِ جونيئر
هو
جنهن ابتدائي
ڪوشش
ڪئي
هئي،
ان
کانپوءِ
سينئر جي
ڪار
جو ڊرائيور هو
جيڪو
سالهاسال
کان
انهن
رستن تي
ڪار
ڊوڙائيندو
رهيو آهي
۽
آخر
۾
آءُ هوس.
جو
هي سڀ
ڪجهه
ڏسي
خاموش هوس_
ڀڙون
جي
هڪ
ڊگهي زنجير
جون
ڪڙيون_
عجيب
عجيب
مون کي انهيءَ
لفظ جي
هڪ
تشريح
جي
ضرورت هئي
جنهن
۾
هي سڀ
ڪجهه
ڪڙيون
سمائجي وڃن.
الائجي ڇو،
ڪيتري دير
سوچڻ
کانپوءِ
مون اهي
سڀ
ڪڙيون لفظ
ڀڙوت
۾
سمائي ڇڏيون ۽ ان
لفظ کي هڪ
بنيادي لفظ
تصور ڪري ڇڏيم_
هڪ
اهڙو
لفظ،
جنهن
جو
ڪو
ڇيد
ڪين
ٿي
سگهي.
گهڻي
گهڻي
دير
کان
پوءِ سينئر
ٻاهر
نڪتو. اچڻ
سان
سگريٽ
گهريائين آءُ
هميشه هڪ
مخصوص
مارڪي وارو
سگريٽ ڇڪيندو آهيان
ان
رات سگريٽ
اوچتو
کپي
ويا
هئم.
تڏهن چلڪي
جي
ٻاهران
هڪ
کليل
پڙيءَ تان
جنهن مارڪي
جا
سگريٽ ملي
سگهيم سي
کڻي
خريد
ڪيم.
سگريٽن جو
پاڪيٽ ڪڍي سينئر
کي
ڏنم
ته
چوڻ لڳو:
”تون
سگريٽن جا
مارڪا
بدلائيندو
ٿو
رهي.
آءُ عورتن
جا
جسم
مٽائيندو
ٿورهان. عورت
جي
اوگهڙ ۽ تماڪ
۾
ڪو
به فرق
ڪين
آهي.
تون هي
بدلائين، آءُ
هو
بدلايان.“
رات
جا
ٽي لڳا
هئا،
جڏهن
جونيئر ۽ آءُ،
سينئر کي سندس
گهر
جي در
تي
ڇڏي
موٽڻ لڳاسين.
مٿي
سينئر جي
گهر
جي ماڙيءَ
تي اڃان
به روشني
هئي.
سينئر سڏ
به
ڪين
ڪيو،
پر اسان سان
جو ڳالهايائين
پئي
ته ان
ڳالهه
جي آواز
تي
ڪنهن اچي
در
کولي ڇڏيو. مون
کي
ياد
آيو!
سينئر مون
کي
هڪ
دفعو ٻڌايو هو
ته
سندس
گهر واري
ڪلاسيڪل
هندو عورتن
جيان
سانجهيءَ کان
مان ڪري پنهنجي
پتيءَ جي
اوسيڙي
۾
ويهي رهندي
آهي،
تيسين ڪانه سمهندي
آهي
جيسين هي
گهر
پهچي ٻه گرهه
وات
۾ وجهي.
موٽ
تي جونيئر
۽
آءُ
سڏ پنڌ
گڏ
هئاسين ۽ جونيئر
چئي
رهيو هو:
”جڏهن
سينئر مون
کي
ڪم
سيکاري ڇڏيندو ته
هن
شهر ۾ منهنجي
مقابلي جو
ڪو
وڪيل
ڪين
هوندو. تون
هن
کي
سمجهي
ڪونه ٿو سگهين.
هي
تمام
قابل
ماڻهو آهي.
دراصل
هن
جون گهڻيون
ڳالهيون
مون کي سمجهه
۾
نٿيون اچن،
پر هو
اٿاهه
سمنڊ آهي.
هو
دنيا
جي
عظيم شخصيت
آهي. تون
هن
کي
ڇا
سمجهي سگهندين؟
ڪانٽ
جو فلسفو
.......
هزار
ڪانٽ
......“
هلندي هلندي
جونيئر سگريٽ
دکائڻ لاءِ
ماچيس
ڪڍيو هو،
ماچيس سندس
هٿ
مان
ڇڏائجي ڪري پيو.
جونيئر ماچيس
کڻڻ
لاءِ
نوڙيو ۽ ائين
رڪوع ۾ ونڙيل
جونيئر کي ڏسي مون
کي
هز
ماسٽرس وائيس
فوني جي
اها
پيتي
ياد
اچي
وئي. جنهن
تي
اسين صبح
سانجهي
ڪوئٽا
جي
زلزلي بابت
ڀريل
رڪارڊ وڄائيندا
رهندا
هئاسين.
|